سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(ٻيو حصو)

باب-

صفحو :2

 

شيخ عبدالمجيد سنڌي

 

غالباً سنه 1936ع ۾، جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي هئي، تڏهن ”الوحيد“ اخبار جو ”سنڌ آزاد نمبر“ شايع ٿيو هو. منهنجي والد بزرگوار کي علمي ادبي ڪتابن ۽ رسالن جو شوق هوندو هو. اهو نمبر به خريد ڪيو هئائين ۽ سالن جا سال سندس ڪتابن جي ذخيري ۾ موجود هو. جڏهن مان ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جو ٿيس ته اهو نمبر پڙهيم. گهڻو حصو مضمون سنڌيءَ ۾ هئا ۽ ٿورو حصو انگريزيءَ ۾ . انگريزي مضمونن ۾ هڪ جو عنوان هو

Shaikh Abdul Majid Sindhi, a Soldier of Islam.

انساني حافظو ضعيف آهي، پر مان ڀايان ٿو ته عنوان اهو ئي هو، ۽ مضمون علي برادران يعني مولانا شوڪت عليءَ ۽ مولانا محمد عليءَ ٻنهي مان ڪنهن هڪ جو لکيل هو. ان زماني ۾، منهنجو انگريزي زبان جو مطالعو نه هئڻ برابر هو. جڏهن وڏو ٿيس ته اهو مضمون پڙهيم. ان زماني تائين شيخ صاحب جي عظمت جا پاڇا منهنجي ذهن تي پئجي چڪا هئا. چنانچ، جڏهن مون خود ادبي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن شروعاتي زماني ۾ پاڻ کي غلامي رباني ”سنڌي“ لکندو هوس. سنڌي لفظ جو اضافو شيخ صاحب جي شخصيت کان متاثر ٿي ڪيو هوم، جو پاڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي نالي سان لکندو هو.

شيخ صاحب جو ديدار مون کي گهڻو گهڻو پوءِ نصيب ٿيو. تڏهن مان ڦوهه جوانيءَ ۾ هوس ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازم مقرر ٿيو هوس. شاهه صاحب جي ايم سيد بورڊ جو نائب صدر هو ۽ سندس بنگلي تي روز شام جو ڪچهري ٿيندي هئي. شيخ صاحب به روز ان ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. سندس امتيازي ڳالهه اها هوندي هئي، ته فقط کيس گهران کڻڻ لاءِ شاهه صاحب جي ڪاري ”بيوڪ“ موٽر ويندي هئي. موٽ تي ان موٽر ۾ مان به شيخ صاحب سان گڏ ويندو هوس. شيخ صاحب تن ڏينهن ۾ سول اسپتال جي سامهون، هڪ هندڪي مندر ۾ رهندو هو، جو هندن جي لڏي وڃڻ بعد ” متروڪه جائداد“ ۾ شمار هئو. مان ان جي ويجهو پاڪستان چوڪ وٽ ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هوس، ان مندر ۾،  مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي اڳ  ڄائي. غالباً عزيز الله نالو هوس. کي به رهائش لاءِ عارضي طرح اجهو ڏنو هئائين. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي مون ڪو نه ڏٺو. اڳ ۾ ئي فوت  ٿي ويو هو. پر سندس عظمت جي ڌاڪ ذهن تي ڇانيل هئي، انڪري ڪنهن علم دوست، مولانا سنڌيءَ سان منهنجيءَ محبت کي خيال ۾ رکي، عزيز الله کي مون سان ملايو. عزيز الله ميٺا رام هاسٽل ۾ مون وٽ ايندو رهندو هو. اتي سندس مان ۾ ٻه ٽي دفعا دعوت ڪيم ۽ ساڻس ڪچهريون ڪيم. ننڍپڻ مولانا سنڌيءَ سان گڏ گذاريو هئائين. اهي احوال ڏيندو هو ۽ مولانا سنڌيءَ تي ولايت جي اخبارن ۾ جيڪي مضمون شايع ٿيا هئا، سي پڙهائيندو هو. پنهنجن دوستن سان منهنجي گهڻي تعريف ڪندو هو.

اڳتي هلي شيخ صاحب ۽ انهيءَ عزيز الله مرحوم جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. اختلاف جو مسئلو دنيا جي دستور موجب، جائداد يا ائين چئجي ته ”متروڪه جائداد“ هو. عزيز الله جاءِ خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. شيخ صاحب اچي ڦاٿو، شريف انسان، چڱائي ڪري اڙجي ويو. بهرحال اڳتي هلي، ڪنهن طرح اهو مسئلو حل ٿي ويو.

غالباً سنه 1957ع يا 1958ع هو. اڃا ايوب خان جو مارشل لا ڪو نه لڳو هو. اڃا سڪندر مرزا حڪومت ڪري رهيو هو. حڪومت جي مخالف اڳواڻن، جي ايم سيد، عبدالغفار خان ۽ عبدالحميد ڀاشانيءَ گڏجي نيشنل عوامي پارٽي ٺاهي. ان پارٽيءَ طرفان هوٽل ميٽروپول ۾ دعوت استقباليه ڏني ويئي. ان ۾ مرحبائي تقرير لکي ته الائي ڪنهن، پر  ان کي ٽائيپ ڪرائڻ جو ڪم جويي صاحب تي رکيو ويو، جنهن جي مون کي خبر ڪانه هئي. هڪ ڏينهن شام جي مهل هئي، ادبي بورڊ ۾ پنهنجيءَ آفيس ۾ ويٺي ڪم ڪيم، جو شيخ صاحب جو ڪڙاڪيدار آواز ٻڌم. هونئن هميشه ڌيمي نماڻي آواز ۾ ڳالهائيندو هو. پر ان ڏينهن جوش ۾ هو. تقرير جي ٽائيپ ٿيڻ ۾ شايد دير ٿي وئي هئي. ”ڪٿي آ جويو“ ائين چوندو، سندس آفيس جي ڪمري ڏانهن ڇو هو ڇو هو ويو. شام جو ان دعوت استقباليه ۾، جيڪو ڄڻ ته چڱو موچارو عوامي جلسو هو، شيخ صاحب اها مرحبائي تقرير، اردو محاوي موجب، ”گهن گرج“ سان پڙهي. مون سندس تقرير بازيءَ ۾ شعله بيانيءَ جا اڳي قصا ٻڌا هئا، ان ڏينهن پاڻ مشاهدو ڪيم. ٻيو مشاهدو ڪراچيءَ جي جهانگير پارڪ ۾ ڪيم، اتي ڪو عوامي جلسو هو، جنهن ۾ شيخ صاحب ڏاڍي زوردار تقرير ڪئي. ڏسڻ ۾ سنهڙو، سڪل، هلڪو ڦلڪو، گلن جي مٺ ۾ توڙڻ جيترو مڙس، پر جڏهن اهڙن جلسن ۾ دل سان تقرير ڪندو هو، ته ائين ڀانئبو هو ته ڄڻ شينهن گجي رهيو آهي. ان ئي زماني ۾، يا ٿورو اڳتي هلي، عطا الله مينگل ۽ ٻين بلوچ اڳواڻن سان گڏ ڪنهن جلسي ۾ تقرير ڪيائين، جا مون ڪانه ٻڌي.  ان تقرير گهڻيءَ تڪليف ۾ وڌس. سالن جا سال مٿس ۽ ٻين اڳواڻن تي مقدمو هلندو رهيو.

شاهه صاحب جي ايم سيد جي بنگلي تي جيڪي ڪچهريون هلنديون هيو تن جي ڪري مون سان چڱو حجائتو ٿي ويو هو. انهن ڏينهن ۾ مان ڏاڍيون انگريزي فلمون ڏسندو هوس. سو، مغربي Cow Boys ۽ ٽيڊي جوانن جا ڪي دلچسپ گفتا ياد ٿي ويا هئا.

ڪڏهن ڪڏهن شيخ صاحب مزي وٺڻ ڪاڻ مون تي زور ڀريندو هو ته ”اهي گفتا ته ٻڌاءِ.“ جڏهن مان کيس اهي گفتا ٻڌائيندو هوس ته اچي کل ۾ ڇٽڪندو هو. انهن ۾ هڪ گفتو هوندو هو:

“oh! You son of a gun. Do you dick me? Hang on.”

شيخ صاحب اهو جملو ٻڌي اصل ڪو وقت ته ٽهڪن ۾ اچي پوندو هو. آخر انهن گفتن کيس اهڙو ته مزو ڏنو، جو پاڻ، شاهه صاحب ۽ پير حسام الدين راشديءَ کي ساڻ ڪري، ڪراچيءَ جي پئليس سينيما ۾، مون سان گڏجي، انگريزي فلم ڏسڻ هليو.

هڪ دفعي پير صاحب ۽ رئيس ڀرڳڙيءَ مون تي زور رکيو ته تون شيخ صاحب جي زندگيءَ جو احوال لک. ڪي مهينا ته ڳالهيون ٿينديون رهيون. آخرڪار ڳالهه پڪي ٿي. طئي ٿيو ته مان روز شام جو، هڪ ٻه ڪلاڪ، ميٺا رام هاسٽل مان، شيخ صاحب جي رهائشگاهه تي ويندس، جتي هو مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو احوال لکائيندو. ٻه چار نوٽبڪ خريد ڪيم. شيخ صاحب کي ذهن ۾ ڪو خاڪو ڪونه هو. هڪ ڪمري ۾ ٻئي ڄڻا گڏ ويهندا هئاسون. اتي هو ناس به ڏيندو هو ۽ سوچيندو به رهندو هو. آخرڪار سوچي سوچي، سکر ۾ ”الحق“ اخبار جي زماني کان وٺي  پنهنجيءَ حياتي جي احوال لکائڻ شروع ڪيائين. ان ڪم ڪندي، ماڻهو ٿڪجي پوندو هو ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ چاءِ، بسڪوٽ وغيره جو ڪوبه انتظام ڪونه هوندو هو. پاڻ غريب ماڻهو هو. هونئن دل جو سخي هو. ڪنهن زماني ۾ خلافت تحريڪ ۾ رهيو هو. ان دور جا ڪي ٻه ترڪ ساٿي، ايامن کان پوءِ، الائي ڪيئن ڪراچيءَ آيا ۽ ساڻس اچي مليا. انهن جي اعزاز ۾ نهايت شاندار دعوت ڪيائين. ان ۾ شايد فقط چار ڄڻا سڏيائين، تن ۾ ٻه ته اهي ترڪ هئا، ٽيون مان هئس ۽ جي مان ڀلجان نٿو ته چوٿون ماڻهو رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي هو.

مون شيخ صاحب جي حياتيءَ جي احوال جا ايڪانوي صفحا لکيا. اسڪول نوٽبڪن تي لکندو هوس. پوءِ ڪنهن سبب ڪري، ان ڪم ۾ رڪاوٽ پئي. چنانچ، ڪم اڳتي هلي ڪونه سگهيو، شيخ صاحب مالي طرح تمام غريب ماڻهو هو. رئيس ڀرڳڙيءَ جي مشوري ۽ مدد سان هڪ ٽرڪ خريد ڪئي هئائين. ان لاءِ بئنڪ کان غالباً منو لک رپيا قرض ورتو هئائين. اها ٽرڪ روزانو ٻه ٽي سئو ڪمائيندي هئي. پر ڊرائيور هوندا هئا شيطان، سي ڪنهن وقت ٽاير جو بهانو، ڪنهن مهل بئٽريءَ جو چڪر ڪري، شيخ صاحب کي ستائيندا رهندا هئا. غريب ان سبب سان اڪثر ڪري ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايندو ويندو رهندو هو. بئنڪ جي قرض جي به ڳڻتي هوندي هئس. غالباً اهو وڏو سبب هو، جو سندس حياتيءَ جي احوال لکڻ جو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو. ٻيو سبب اهو هو ته سندس ٻولي تمام سادي هئي. ان ۾ نمڪ مرچ هئو ئي ڪونه، ان ڪري لکڻ ۾ مزو ڪونه ايندو هو. شيخ صاحب جي ننڍپڻ ۽ مسلمان ٿي، گهران نڪري وڃڻ ۽ آنربل غلام محمد ڀرڳڙيءَ سان ملڻ جا واقعا تمام دلچسپ هئا. هو اهي تفصيل سان لکائي ها، ته لکڻ ۽ پڙهڻ واري کي ڏاڍو مزو اچي ها،  ۽ ادور جي سماجي حالتن جي به ڪجهه معلومات ملي ها، پر هن ائين ڪونه ڪيو. بهرحال، اڳتي هلي اهي ايڪانوي صفحا، مون کان پير صاحب يا ڪنهن ٻئي ورتا ۽ پوءِ ڪاڏي ويا، تنهن جو وري پتو ڪونه پيو.

جڏهن سنه 1962ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي آيون ته شيخ صاحب مولانا غلام محمد گراميءَ جي آفيس ۾، جيڪا ”امين منزل“ تي پٽ تي هوندي هئي، گهڻو ايندو ويندو هو. اتي اسلامي تصوف تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث هلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڪڻ چڙهي، مٿي مون وٽ به ايندو هو. خبر ناهي ته ڇو ٻن چئن سالن ۾ ئي ڄڻ ته ڏاڍو ٻڍو ٿي ويو. ٽيڪ لاءِ لڪڻ ته شروع کان ئي کڻندو هو. پر مان ڀايان ٿو ته ملڪ ۾ مارشل لا ۽ ون يونٽ جي مصيبن کيس ٿڪائي وڌو. اصل خوشي ذهن جي آهي. هالن جي مخدوم صاحب هڪ دفعي مون کي چيو ته ”رباني، ٿڪبو آهي ماڻهوءَ جو خيال.“ شيخ صاحب جو ذهن ٿڪجي پيو هو. ان زماني ۾ اسان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سنڌي اديب هوندا هئاسين، جيڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندا هئاسين نه ته گهر خير، يونيورسٽيءَ ۽ ڪاليجن جا شاگردن گهڻو گهڻو پوءِ پيدا ٿيا.

شيخ صاحب هڪ ڏينهن بورڊ جي آفيس ۾ ون يونٽ ۽ ان دور جي تاريڪ حالتن جو ذڪر ڪندي، مون کي چيو ته اسان کي جيڪي ڪرڻو هو، سو ڪري چڪاسين. هاڻي اسان جون سڀ اميدون اوهان نوجوانن جي نسل سان وابسته آهن. بس، شيخ صاحب جو ائين چوڻ ۽ منهنجو بتال کائڻ. مون نهايت سختيءَ سان ساڻس ڳالهايو ۽ چيو ته اوهان اسان کي ورثي ۾ ڏنو ڇا آهي؟ ون يونٽ جي لعنت، فلاڻي مصيبت، فلاڻي بلا؟ مان ٻرندڙ جبل وانگر باهه ۽ لاوا وسائيندو رهيس. شيخ صاحب جهڙو وڏو اڳواڻ نهايت انڪساريءَ ۽ نهايت اشرافت سان سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ سهندو رهيو. موڪلائڻ مهل ڀاڪر پائي، وري به مون کي ائين ئي چيائين ته ”، ابا، مان نااميد ناهيان. منهنجون سڀ اميدون اوهان نوجوانن سان وابسته آهن“.

هاڻي جڏهن مان ماضيءَ ڏي موٽي ڏسان ٿو ته سندس قول جي سياڻپ جو احساس ٿئي ٿو. في الحقيقت، سندس اهي اکر به مون جهڙن ضعيف انسانن کي حوصلو ڏيارڻ لاءِ هئا. هونئن هو ته پنهنجيءَ جاءِ تي پيريءَ ۾ به پهاڙ وانگر پختو بيٺو هو. ان جو ثبوت ستت ئي مون کي مليو.

ڇا ٿيو ته ايوب خان جي فوجي حڪومت هڪ اونڌو ڪم اهو به ڪيو هو ته سندس تعليمي سيڪريٽري، شريف خان جي ”تعليمي ڪميشن“ اها سفارش ڪئي هئي ته سنڌي زبان آئيندي فقط پرائمري ٽن درجن تائين پڙهائي وڃي. پوءِ اڳتي اها اختياري مضمون ٿئي، يعني چوٿين درجي کان وٺي جنهن کي وڻي سو سنڌيءَ ۾ پڙهي ۽ جنهن کي وڻي، سو اردوءَ ۾ پڙهي. ڇهين درجي کانپوءِ پڙهائڻ جو سڄو ڪم اردوءَ ۾ ٿئي.

انهيءَ فيصلي جي روشنيءَ ۾ سنڌي زبان جو مستقبل ڄڻ ته ختم ٿي پئي ويو، ڇو ته جيڪڏهن ٽئين يا ڇهين درجي کانپوءِ ٻار کي اردو پڙهائڻي آهي، ته پوءِ والدين شروع کان ئي ڇو نه ٻار کي اردو پڙهائين.

ان فيصلي تي عمل ڪرڻ ۾ خاص رنڊڪ اها هئي ته انگريزن سنڌي زبان کي سو ورهين تائين پڙهائڻ جو ذريعو بنايو هو، عدالت جي زبان قرار ڏنو هو ۽ سرڪاري لکپڙهه به انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ئي ٿيندي هئي. سو، سنڌي ٻوليء گهڻي ترقي ڪري چڪي هئي. چنانچ، اهو فيصلو ڄڻ ته بگيءَ کي گهوڙي جي اڳيان ٻڌي هلائڻو هو. اهڙي ابتي ڪم جو نتيجو ظاهر هو. سڄيءَ سنڌ ۾ ان فيصلي خلاف نفرت جي لهر ڊوڙي ويئي. ايوب خان جي حڪومت جيڪا ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ مارشل لا هڻڻ ڪري، سنڌ ۾ اڳيئي بدنام هئي، سا هيڪاري بدنام ٿي ويئي. هوڏانهن اسان سرڪاري طرح هڪ اهڙِ اداري سان وابسته هئاسين، جنهن جو ڪم ئي سنڌي زبان جي ترقي هو. چنانچ، بورڊ جي تڏهوڪي اعزازي سيڪريٽريءَ مرحوم ميران محمد شاهه، ايوب خان جي وزارت ۾ تڏهوڪي سنڌي وزير (مرحوم) ذوالفقار علي ڀٽي کي احتجاج جو خط موڪليو ۽ کانئس مدد گهري. اڳتي هلي، بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري دوباره جويو صاحب مقرر ٿيو. هن هڪ پريس بيان تيار ڪيو. چيائين ته هاڻي ڪي دوست همت ڪن، جو ان بيان تي سنڌ جي نامور شخصيتن کان صحيحون وٺن. بيان ۾ گهر ڪيل هئي ته ”سنڌي زبان جي اصلوڪي حيثيت بحال ڪئي وڃي.“ حيدرآباد جي شخصيتن کان صحيحن وٺڻ جو ڪم منهنجي دوست تنوير عباسيءَ پنهنجي مٿي تي کنيو ۽ ڪراچيءَ جي اڳواڻن کان صحيحن وٺڻ جو بار مون کنيو.

مان ڪراچي ويس، شيخ صاحب سان صلاح ڪيم. سڀ کان اڳ امير حيدر شاهه بيان تي صحيح ڪئي. ان وقت قومي اسيمبليءَ جو ميمبر هو. پوءِ رئيس ڀرڳڙيءَ ۽ شيخ صاحب صحيحون ڪيون. شيخ صاحب چيو ته هاڻي سڀاڻي صٻح جو ٻئي ڄڻا پيرزادي عبدالستار صاحب کان صحيحون وٺڻ هلنداسون. ان سان گڏ رئيس ڀرڳڙيءَ کي چيائين ته اسان کي هن ڪم لاءِ پير پاڳاري صاحب کان به وقت وٺي ڏي. رئيس اها مهرباني ڪئي. ٻئي ڏينهن اسان پيرزادي عبدالستار صاحب کان صحيح ورتي. هن نهايت خوشيءَ سان صحيح ڏني. ٽئين ڏينهن رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ سان گڏ، شيخ صاحب ۽ مان، پير پاڳاڙي صاحب  جي ڪراچيءَ واري بنگلي تي وياسين. پير صاحب جن نهايت خوش اخلاقيءَ سان مليا ۽ ڪافي پياريائون. شيخ صاحب اچڻ جو مقصد بيان ڪيو. پير صاحب جن بيان وٺي پڙهيو ته ايتري ۾ (مرحوم) قاضي محمد اڪبر، ڄام صادق علي ۽ (مرحوم) الله بچايو آخوند اندر آيا. پير صاحب جن ساڻن خوش مرحبا ڪئي. شيخ صاحب، پير صاحب جن کي چيو ته، ”سائين اسان لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“ مرحوم قاضي اڪبر پڇيو ته ”ڳالهه ڇا هي؟“ شيخ صاحب مختصر لفظن ۾ ڳالهه بيان ڪئي. قاضيء صاحب فرمايو ته، ”هائو، مون وٽ به ڪالهه هڪ نوجوان صحيح وٺڻ آيو هو، پر مون ته انڪار ڪيو.“ پير صاحب جن صحيح ڪن ها يا نه، سا ته خدا کي خبر، پر مرحوم قاضي صاحب جي انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ شيخ صاحب کي چيائون ته ”اسان دعا ٿا ڏيون. صحيح نادر شاهه صاحب ڏيندو.“ ڀرڳڙي صاحب ۽ مان سمورو وقت خاموش رهياسون. ڪجهه دير کانپوءِ پير صاحب جن کان اجازت طلب ڪئيسون. پاڻ وري به نهايت خوش اخلاقيءَ سان اسان کان موڪلايائون. ٻئي ڏينهن سندن ارشاد موجب شيخ صاحب پير نادر شاهه صاحب سان فون تي ڳالهه ڪئي. ان وقت اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو. فرمايائين ته اسان به دعا ٿا ڏيون.

ٽئين ڏينهن تي شيخ صاحب ۽ مان (مرحوم) اي ڪي بروهيءَ کان صحيح وٺڻ وياسون. بروهيءَ صاحب پهريائين ته آنا ڪاني ڪئي. چيائين ته مون کان صحيح نه وٺو. اهو صحيح وارو ڪاغذ مون کي ڏيو ته مان ايوب خان سان ان مسئلي تي گفتگو ڪريان. پر علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي ڪري، مان ساڻس حجائتو هوس، سو شيخ صاحب سان هم آواز ٿي، کيس چيم ته اوهان صحيح به ڏيو ۽ ايوب خان سان به ڳالهه ڪجو. بروهي صاحب نيٺ صحيح ڏني.

ٻئي ڏينهن تنوير جيڪي صحيحون وٺي سگهيو هو، تن سميت اهو گڏيل پريس بيان سنڌي اخبار وارن کي ڏنوسون. ڪن اخبارن ان کي پيج هيڊنگ بنايو ۽ ڪن ٻيو نمبر هيڊنگ. بس ان بيان جو ڇپجڻ ۽ ڀنڀور کي باهه لڳڻ. ايوب خان شريف خان کي گهرائي سخت دٻ ڪڍي ۽ پڇيو ته هي هيترا سارا مختلف خيالن جا سڀ سنڌي اڳواڻ پاڻ گڏ ڪيئن ٿيا ۽ ڇا تي احتجاج ڪري رهيا آهن؟  شريف خان کي اچي پگهر ورتو. هڪدم سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي ڪوئيٽا مان گهرايائين، جو اتي تعليم جو ڊائريڪٽر هو. لاهور مان پير حسام الدين راشديءَ کي گهرايائين، جو اتي مرڪزي اردو بورڊ جو ايڊيٽر هو. ٻئي ڄڻا هوائي جهاز ۾ ڪراچيءَ پهتا، ۽ اتان موٽر ۾ حيدرآباد آيا. حال احوال ڪياسون. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس ۾، بند ڪمري ۾، ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ پير حسام الدين راشدي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، جويو صاحب، مرحوم حنيف صديقي، مرحوم محمد ابراهيم خليل، محمد حسين ترڪ، تنوير ۽ مان شريڪ ٿياسون. سنڌي ٻوليءَ جي گذريل تدريسي حيثيت جي تاريخ بيان ڪري، هڪ جامع نوٽ تيار ڪيوسون. ان تي سمورن حاضرين صحيحون ڪيون. پير صاحب ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه اهو نوٽ کڻي اسلام آباد ويا ۽ شريف خان کي ڏنائون. هالن جو مخدوم صاحب به پنڊيءَ پهتو. سنڌي بورڊ جو چيئرمن هو. مرحوم ڀٽي صاحب کي سنڌيءَ ٻوليءَ جي حمايت لاءِ زور وڌائين. ٻئي ڏينهن مرڪزي وزارت جي ميٽنگ ٿي ۽ وڏي بحث مباحثي کانپوءِآرڊيننس نڪتو ته ”سرڪار سنڌي ٻوليءَ جو مطالبو قبول ڪري ٿي. آئينده سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي حيثيت بحال رهندي.“

سنڌ جي گهر گهر ۾ شادمانا ٿي ويا، پر ڪنهن کي به اها خبر ڪانه پئي ته ان تاريخي ڪارنامي جي ڪاميابيءَ ۾ شيخ صاحب نهايت خاموشيءَ سان ڪيڏو نه اهم رول ادا ڪيو هو.

ان ڳالهه کي چڱو عرصو گذري ويو. ون يونٽ خلاف جاٿي ڪاٿي، جيئن پوءِ تيئن، نفرت وڌندي ويئي. سنڌ ۾ مختلف هنڌن  تي ”يوم لطيف“ وغيره جي نموني تي جلسا ٿيڻ لڳا. انهن مان ڪن ۾ شيخ صاحب ۽ اسان گڏجي ويندا هئاسون. اهڙو هڪ جلسو سکر ۾ ٿيو. رستي تي ريل گاڏيءَ ۾ حميد سنڌي، پروانو ڀٽي، امداد حسيني، مان ۽ ڪي ٻيا اديب دوست ريل گاڏيءَ ۾ گرامي صاحب سان حجت ۽ پيار سان کل ڀوڳ ڪندا وياسين. شيخ صاحب لطف اندوز ٿيندو رهيو. جڏهن واپس موٽياسين، ته شيخ صاحب پنهنجيءَ سموريءَ بزرگيءَ، عمر ۽ سنجيدگيءَ جي باوجود، اسان کي اشارو ڏيندو رهيو ته ”خاموش ڇو آهيو؟ کل ڀوڳ شروع ڪري.“ اسان حسب دستور حميد سنڌيءَ کي اڳتي ڪيو. گرامي صاحب گهڻائي کيس بجا ۽ گاريو ڏنيون. پر حميد سنڌي وري وري وڃي گراميءَ صاحب جي پيرن تي هٿ رکي ۽ چوي ته ،”اوماتا ڪنتي، اسان تي کميا ڪر.“ پوءِ ٻين ڏي نهاري چوي، ”اڙي يڌشٽر، ڀيم، ارجن ڪاٿي آهيو؟ اچو، اچي ماتا ڪنتيءَ جي چرنن ۾ وهو ۽ کميا حاصل ڪيو.“ شيخ صاحب اهو لقاءُ ڏسي اصل کل ۾ ويڙهجي وڃي. ٽنڊي آدم تائين اهو ناٽڪ هلندو رهيو. گراميءَ صاحب به کلندو رهيو. نيٺ شيخ صاحب کي منٿ ڪيائين ته،”اوهان هنن حرامي ڦرن مان منهنجي جند ڪو نه ڇڏئيندا؟“ شيخ صاحب جي چوڻ تي وڃي گرامي صاحب جي جند ڇٽي.

وقت گذرندي دير ڪانه ٿي لڳي. ائين محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن آهي، جو اسان ائين کل ڀوڳ ڪندا، سفر ڪري رهيا آهيون، اڄ اسان جا اهي پيارا بزرگ ساٿي قبرن ۾ ابدي آرام ۾ آهن ۽ اسان جا مٿا ڪارن مان اڇا ٿي ويا آهن.

هڪ ڏينهن خان محمد پنوهر ادبي بورڊ جي آفيس ۾ آيو ۽ چيائين. ته ”سائين هڪ ڪم آهي.“ مون چيس ته حڪم ڪر.“ چيائين ته ”اوهان کي خبر آهي الائي ڪانه، ته شيخ صاحب گهڻن ڏينهن کان بيمار آهي“. مون کي خبر ڪانه هئي. خان محمد چيو ته ”اوهان قرب ڪيو ته شيخ صاحب جو هلي انٽرويو وٺون. حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو آهي؟“ مون هائو ڪئي. خان محمد جو ٻيو ساٿي اعجاز سنڌي به اسان سان گڏ هو. اهو انٽرويو ”سنڌي پبلڪيشن جي ”شيخ عبدالمجيد سنڌي نمبر“ ۾ منهنجي نالي سان شايع ٿيو. عنوان هئس: ”رهيا اٿئي رات....“ ان انٽرويو جو مڪمل متن هيٺينءَ ريت آهي:

شيخ عبدالمجيد سنڌي

 

”2 جنوري تي، شام جو، اسان حيدرآباد جي الهندي ڪچي ۾، جناب عبدالجبار شيخ جي جاءِ تي،* شيخ صاحب جن جو انٽرويو رڪارڊ ڪرڻ لاءِ پهتاسين دروازي تي شيخ صاحب جن جي نياڻيءَ خديجه بيگم اسان جي آجيان ڪئي، ۽ اسان کي شيخ صاحب جن جي ڪمري ۾ وٺي وئي. شيخ صاحب جن سخت سرديءَ جي ڪري سوڙ پايو ليٽيا پيا هئا. اسان جي اچڻ جو ٻڌي پاڻ اٿي ويٺا ۽ اسان سڀني سان نهايت محبت ۽ شفقت سان ڳراٽڙي پائي مليا. اسان کانئن اجازت وٺي انٽرويو لاءِ سندن ڪي تصويرون ورتيون ۽ سوال ملاحظي ڪرڻ لاءِ کين ڏنا.

ٻڍاپي ۽ ڪمزور صحت ڪري شيخ صاحب جن جي نظر تي اثر پيو آهي، ان ڪري اسان کي چيائون ته سوال پڙهي ٻڌايو. اسان کين پنهنجا سوال پڙهي ٻڌايا جي ٻڌي مشڪڻ لڳا ۽ چيائون ته، ”ابا! اوهان پراڻيون ڳالهيون کوٽي ڪڍيون آهن، مون کي ته ڪڏهن اها اميد ئي ڪانه هئي، ته اڳتي هلي سنڌ جا نوجوان پنهنجي ملڪي ڳالهين ۾ ڪا ايڏي دلچسپي وٺندا. اوهان جي پنهنجي تاريخ ۽ سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ايڏي دلچسپي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. پر، منهنجو حافظو ڪمزور ٿي ويو آهي. ڪالهه غلام مصطفيٰ شاهه ملڻ آيو. ساڻس ڪي چار چڱا گڏ هئا. هينئر ذهن تي زور ڏئي بيٺو آهيان، پر انهن ٻين همراهن جا نالا ياد نٿا اچن. اها ڪالهه جي ڳالهه آهي. اوهان ته ورهين جون پراڻيون ڳالهيون پڇو ٿا، جي ماضيءَ جي مٽيءَ ۾ دٻجي پورجي ويون آهن. مون کي اهي آهستي آهستي ياد ڪرڻيون پونديون. ان

ڪري اوهان هفتو کن رکي پوءِ اچجو.“

هفتو گذرڻ بعد اسان ساڳئي وقت تي جناب عبدالجبار شيخ جي جاءِ تي پهتاسين. پري کان ئي اهو ڏسي نهايت خوشي ٿي ته شيخ صاحب جن نهايت چاق و چوبند، شيرواني پائي، جاءِ جي دروازي جي پاسي واري اسڪوٽرن جي دوڪان ۾ ڪرسيءَ تي ويٺا هئا. اسان سان ڀاڪر پائي مليا ۽ ٻڌايائون ته ”صحت اڳي کان بهتر آهي.“ شيخ صاحب کان اسان پهريون سوال اهو ڪيو ته، ”اوهان پاڻ کي سنڌي ڪڏهن کان ۽ ڪيئن سڏائڻ شروع ڪيو؟“

شيخ صاحب جن سوال ٻڌي کلڻ لڳا ۽ جواب ۾ چيائون ته، ”مون کي سنڌيءَ جو لقب پنجابين ڏنو. هڪ دفعي لاهور ۾ آل انڊيا مسلم اڳواڻن جي ڪا ميٽنگ هئي. زير بحث مسئلن تي تقريرون ٿي  رهيون هيون. مون به اُٿي پنهنجي نقطئه نظر جي وضاحت ۾ تقرير ڪئي. انهيءَ تي ڪنهن شخص ڪجهه اعتراض واريو. آءٌ ڪجهه ڪڇان ئي ڪڇان، تنهن کان اڳ سر فضل حسين جي فيمليءَ سان تعلق رکندڙ هڪ اڳواڻ ان شخص کي جواب ڏيندي چيو ته : ‘You haven’t understood Mr. Sindhi.’ (تو مسٽر سنڌيءَ کي نه سمجهيو آهي). ان ڏينهن کان وٺي مان سنڌيءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويس.“

”سائين اسان سمجهيو هو ته اوهان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي پيرويءَ ۾ پاڻ کي سنڌي سڏائيندا هوندا؟“ اسان شيخ صاحب کي چيو.

شيخ صاحب جن جواب ۾ چيو ، ”مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو سياست ۾ ڪو ايڏو اهم حصو ڪونه هو. هو مولوي هو. آزاديءَ سان به سوچيندو هو. انگريزيدانن جو گهڻو احترام ڪندو هو.“

اسان شيخ صاحب کان ٻيو سوال ڪيو. ”سائين شاهه صاحب جي ايم سيد سان اوهان جي ملاقات ڪڏهن ٿي اوهان جو ساڻس ڪڏهن اختلاف ٿيو آهي؟“

”سيد سان منهنجي ملاقات خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ ٿي. اختلاف ته مون ڪنهن سان رکيو ئي ڪونهي. باقي جنهن کي وڻي، سو مونسان اختلاف رکي.“

اسان شيخ صاحب جن کي چيو ته، ”سائين ڪجهه وقت اڳ اسان ڪنهن رسالي ۾ مسز اندرا گانڌيءَ جو انٽرويو پڙهيو هو. انهيءَ ۾ هڪڙو سوال هو ته ”اوهانجي زندگيءَ جي سڀ کان زياده خوشيءَ واري گهڙي ڪهڙي هئي؟ اندرا گانڌي جواب ۾ چيو هو ته ”جڏهن مون کي پهريون ٻار ڄائو هو.، هيڏي اچڻ مهل اسان رستي تي سوچيو ته شيخ صاحب کان اڄ ساڳيوئي سوال ڪنداسين.“ شيخ صاحب اهو سوال ٻڌي جواب ۾ چيو ته ”ادا، مون الهه آباد ۾ ”موتي محل“ ڏٺو آهي، جنهن ۾ اندرا جو پيءُ جواهر لعل ۽ ڏاڏو موتي لعل رهندا هئا. هنن جو رهڻ سلطاني هو. ڪنهن به قسم جي تنگدستي نه ڏٺائون. غمن کان خالي هئا.

اسان غريب ماڻهو آهيون. اسان وٽ خوشي ۽ غم گڏوگڏ رهن ٿا. اهڙو ڪو خوشيءَ جو وقت ڪونه ٿو سجهي جنهن ۾ ڪونه ڪو غم نه هجي. پر منهنجو خيال آهي ته جڏهن ماڻهو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا پنهنجي من جي مراد حاصل ڪري ٿو، تڏهن کيس سچي پچي خوشي ٿئي ٿي.

الهه آباد ۾ سال 1932ع ۾ يونٽي ڪانفرنس ٿي هئي. اها ڪانفرنس مون ۽ پنڊت مدن موهن مالويا گڏجي ڪوٺائي هئي. ان ۾ ڪانگريس، هندو مهاسڀا، لبرل ائسوسيئيشن، ڪرسچن ليگ، سک ليگ ۽ ٻيون هندستان ليول جون جماعتون، خلافت ڪاميٽي، جميعت العلماءَ وغيره شامل هيون. ڪانفرنس ۾ بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ جي سوال تي گهڻو بحث ٿيو. ڪانفرنس هلندي، هڪ وقت اهڙي صورتحال پيدا ٿي، جو سمجهيوسين ته ڪانفرنس ڄاڻ ٽٽي. وجيه آچاريه ڪانفرنس جي صدارت ڪري رهيو هو. سنڌ جا وڏا هندو اڳواڻ به ڪانفرنس ۾ شريڪ هئا ۽ بمبئيءَ کان سنڌ کي جدا ڪرڻ جي خلاف تقريرون ڪيون هئائون. مون کين جواب ڏيڻ لاءِ پڇاڙيءَ ۾ تقرير ڪئي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ مان بيمار ٿي پيو هوس، ۽ الهه آباد جي ڪنهن وڪيل وٽ رهيل هوس، مولانا شوڪت عليءَ ۽ ٻين سمجهيو ته آءٌ ڊڄي ويو هوس ۽ بيماري جو بهانو بنائي رهيو هوس، حالانڪه ائين نه هو. خير، مون تقرير ڪئي ۽ دل کولي ڳالهايم. منهنجي هڪڙي پاسي ڪو هندستاني برک اڳواڻ ويٺل هو ۽ ٻئي پاسي مولانا ابوالڪلام آزاد، هن مولانا آزاد کي چيو ته ”اوهان، شيخ صاحب جي تقرير ٻڌي؟“ مولانا آزاد چيو، ”هائو، شيخ صاحب شروع کان ان مسئلي ۾ حصو ورتو آهي ۽ پنهنجي تقرير ۾ سڀني جو موثر جواب ڏنو اٿس.“ انهيءَ تي هن شخص مولانا آزاد کي چيو ته، ”مولانا، ائين نه.“ مولانا چيو، ”جيئن چئو“. هن شخص چيو، ”مون پنهنجيءَ سڄيءَ زندگيءَ ۾ اڄ تقرير ٻڌي آهي، جنهن مونکي متاثر ڪيو آهي. اڄ رات مان پنهنجي ڊائريءَ ۾ اها ڳالهه لکندس.“ پنڊت مدن موهن مالويا چيو ته ”هن“، وڏيءَ عمر ۾ آءٌ ٻيو پٽ ڪٿان آڻيندس! مان ڪانفرنس ۾ شموليت جي موڊ ۾ نه هوس، پر هاڻي ائين ڀايان ٿو، ته مونکي الهه آباد اچڻ جو معاوضو شيخ صاحب جي تقرير ٻڌڻ جي صورت ۾  مليو آهي. ۽ آءٌ شيخ صاحب جو شڪر گذار آهيان،“ پنڊت موهن مدن مالويه ٻئي هڪ اڳواڻ کان پڇيو ته ”ٻُڌَوَ شيخ صاحب جي تقرير؟“ هن چيو ته ”جواب ڏيڻ جي ڳالهه ئي نه آهي. ان کان بهتر ڪهڙي تقرير ٿي سگهي ٿي.“

شيخ صاحب ٻڌايو ته ”اها ڪانفرنس ٻئي ڏينهن به هلي. ٻئي ڏينهن لان ۾ ويٺا هئاسين ته اُتي وجيه آچاريه ڪرسي ڇڏي آيو ۽ چيائين ته ”اوهان جي تقرير ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان.“ ان کانپوءِ جدا جدا پارٽين جا ليڊر آيا ۽ تقرير جي ساراهه ڪيائيون. هندن جي روش خراب هئي، پر هندو مهاسڀا جو ليڊر آيو ۽ مبارڪ ڏنائين. مون سندس نالو وٺي چيو ته ”اهان جي طرفان پڻ؟“ هن چيو ته ”جي منهنجي طرفان پڻ،“ مون چيو ”تو غلطي ڪئي آهي.“ چيائين ته مسٽر عبدالمجيد منهنجا مخلصانه خيالات آهن. اهي منهنجا ذاتي جذبات آهن.“

اسان شيخ صاحب کان ٻيو سوال ڪيو ته ”اوهان پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڪهڙي شخصيت کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا ۽ ڇو؟“

شيخ صاحب جواب ۾ ٻڌايو ته ”جڏهن مان ننڍي هوندي مسلمان ٿي پنهنجي گهر مان نڪتو هوس ته مان ڪجهه ڏينهن لڪل هوس. هندن ڪراچيءَ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته، اسان جو ڇوڪرو اغوا ڪيو ويو آهي.“ انهيءَ ڪيس ۾ سڄيءَ سنڌ جو هندو وڪيل شامل هئا. مان مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ وٽ ويس. هن منهنجو ڪيس لڙيو ۽ منهنجو بچاءُ ڪيو. مون پنهنجو ابتدائي سياسي ڪم سندس بزرگانه رفاقت ۾ شروع ڪيو ۽ آخر تائين ساڻس گڏ رهيس. جڏهن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي دم ڏنو، تڏهن جيل ۾ هوس، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي عظيم انسان هو.“

اسان شيخ صاحب کان سوال ڪيو ته ”اوهان ڪانگريس ۽ خلافت ڪاميٽيءَ هوندي مسلم ليگ ۾ ڪيئن آيا، چيو ويندو آهي ته اوهان لاهور واري قرارداد پاڪستان کان به ٻه سال اڳ پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو. اها ڳالهه ڪيتري قدر صحيح آهي؟“

شيخ صاحب جواب ۾ فرمايو ته ”ڪنهن اسٽيج تي ڪانگريس ڇڏي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيس. خواهش هئي ته مسلمان جي مطالبن لاءِ وڌ کان وڌ مسلمانن جي حمايت حاصل ڪجي.

ڪراچيءَ ۾ 12 نومبر 1938ع تي آل انڊيا خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي مون ان ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو هڪ ڪتاب ۾ ڏنل آهي، جيڪو لياقت علي خان ”مسلم ليگ رزوليوشنس“ جي نالي سان ڇپرايو هو. ان ٺهراءَ جو جيڪو Operative Part آهي ان ۾  ”هندو ۽ مسلمان ٻه قومون“ لفظ اچن ٿا. اهو پهريون دفعو هو، جو مسلمانن کي جدا قوم جو تصور ڏنو ويو، مون ڄاڻي واڻي اهي لفظ استعمال ڪيا هئا. منهنجو مطلب اهو هو ته انهن ٻن قومن جا جدا جدا وطن هجن، جن جي پاڻ ۾ ڪنفيڊريشن هجي. جناح صاحب ان وقت اهڙي ٺهراءَ جي فائدي ۾ نه هو. مون انهيءَ ٺهراءَ جي باري ۾ ٻئي ڪنهن سان به صلاح مشورو نه ڪيو هو.“

اسان شيخ صاحب کان پڇيو ته ”سنڌ جي آئيندي بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ اوهان جي خيال موجب سنڌ جي مستقبل جو تحفظ ۽ بهتري ڪهڙين ڳالهين جي ڪري ٿي سگهندي ۽ سنڌ کي خدانخوانسته مستقبل ۾ خطرو ڪٿان ۽ ڇا مان آهي؟“

شيخ صاحب جواب ۾ فرمايو ته ”سنڌ ٻين صوبن کان الڳ جدا رهي نه ٿي سگهي. سنڌ ۾ سنڌين ۽ مهاجرن جي وچ ۾ ويڇو چڱي ڳالهه نه آهي. باقي جيستائين مستقبل جو تعلق آهي، ته اهو سڄيءَ دنيا جو بدلبو رهي ٿو. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو اهو محسوس ڪن ٿا ته ”سنڌ ۾ نووارد مهاجرن ۽ پنجابين جي ذهني ساخت سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي يا هو سنڌ لاءِ اقتصادي مسئلا پيدا ڪن ٿا، ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ جا دروازا اهڙن نووارد ماڻهن تي بند ڪري ڇڏڻ گهرجن.“ شيخ صاحب چيو ته ”مهاجرن کي سنڌي سکڻ لاءِ اڃا تائين ڪو موقعو ڪونه ملي سگهيو آهي.“ تنهن تي اسان شيخ صاحب کي چيو ته ”سائين مهاجرن کي سنڌ ۾ پنجويهه سال گذري چڪا آهن، ڇا هنن کي سنڌي سکڻ لاءِ اهو عرصو ڪافي ڪونه هيو؟“

”مهنجو مطلب آهي ته اسان جي طرفان هنن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ اهڙي ڪا خاص منظم ڪوشش ڪانه ڪئي وئي آهي.“

”سائين اوهان جي خيال موجب سنڌين کي ڪهڙيءَ سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي؟“ اسان شيخ صاحب کان سوال ڪيو.

”سنڌي مسلمان پارٽيون ڪڏهن کان سمجهڻ لڳا آهن؟“ شيخ صاحب سوال جي جواب ۾ سوال ڪندي فرمايو ته ”سنڌ جي سياست تي وڏيري جو اثر رهيو آهي.“

شيخ صاحب سان گفتگو هلي رهي هئي ته سندن نياڻي خديجه بيگم ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ کلي چيائين ”بس، اوهان بابي کي ٿڪائي وڌو آهي.“ شيخ صاحب جن جي نياڻي پنهنجي والد بزرگوار جي صحت ۽ آرام جو تمام گهڻو خيال رکندي آهي. شيخ صاحب کيس پنهنجو ”پرسنل گارڊ“ ڪوٺيندا  آهن. اسان  آپا خديجه کان معافي ورتي ۽ شيخ صاحب کان موڪلائڻ کان اڳ سندن مبارڪ هٿن مان چانهه جو گرم ڪوپ وٺي پيتو جنهن جو وڻندڙ ذائقو اڃا تائين اسانجي زبان تي موجود آهي.“

هن انٽرويوءَ ۾ شيخ صاحب ٻه ٽي تمام اهم ڳالهيون ڪيون آهن. سندس اهي لفظ ڪيڏا نه دل ڀڄائيندڙ آهن ته ”اسان غريب ماڻهو آهيون. اسان وٽ خوشيءَ ۽ غم گڏوگڏ رهن ٿا. اهڙو ڪو خوشيءَ جو وقت ئي ڪونه ٿو سجهي جنهن ۾ ڪونه ڪو غم نه هجي.“

ساڳيءَ ريت، سندس هيءَ ججمينٽ به ويهينءَ صديءَ جي سنڌ جي تاريخ تي مهر آهي، ته ”سنڌي مسلمان پارٽيون ڪڏهن کان سمجهڻ لڳا آهن؟ سنڌ جي سياست تي ته وڏيري جو اثر رهيو آهي.“

شيخ صاحب سنڌ جي وچولي طبقي ۾ پيدا ٿيو. پنهنجن اصولن، ايمان جي قوت ۽ عقيدي جي زور سان اڳتي وڌيو. وڏيرڪي ماحول سان ٽڪر کاڌائين هڪ تاريخي اليڪشن ۾ سوڀ حاصل ڪيائين. سنڌ جي سطح تان اڀري، آل انڊيا قيادت ۾ شمار ٿيڻ لڳو. الهه آباد جو يونٽي ڪانفرنس ۾ پنهنجيءَ شخصيت جي عظمت مڃائين. تازو، سرسيد احمد خان جي قائم ڪيل ايجوڪيشن ڪانفرنس جي جانشين الطاف علي بريلويءَ (مرحوم) جي يادگيرين جو ڪتاب ڇپيو آهي. هڪ هنڌ لکيو اٿس ته ان زماني ۾ راولپنڊي ۾ آل انڊيا ليول جي هڪ ٻي به ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ ابوالڪلام ۽ سيد سليمان ندويءَ جي ليول جا اعليٰ اڳواڻ شريڪ ٿيا هئا، سنڌ جي نمائندگي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪئي هئي.

ايڏو وڏو ماڻهو به سنڌ جي سنگلاخ زمين تي پير کوڙي نه سگهيو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جي پايي وجهندڙن مان هو، پر پاڪستان بنجڻ کانپوءِ وڏيرن کيس ڌڪا ڏيئي پوئتي هٽائي ڇڏيو. پاڻ اڳتي وڌيا ۽ اڳئين کان اڳرا ٿي ويا. پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته انگريزن جي ڏينهن ۾ گوري صاحب بهادر جو پٽيوالو وڏيرن جون جتيون لهرائي، کين پيرن اگهاڙو صاحب جي اڳيان پيش ڪندو هو. پر اڄڪلهه اهي ئي وڏيرا ويهن ويهن هزار رپين جي قيمت جا ولائتي بوٽ پيرن ۾ پائڻ لڳا آهن. هڪ دوست کان پڇيم ته ان بوٽ جي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو ايڏي قيمت اٿس؟ چيائين ته لنڊن جو اهو بوٽ ٺاهيندڙ پهريائين پير جو ايڪس ري ڪرائيندو آهي ته جيئن بوٽ پير جي هڏن جي صحيح ماپ موجب تيار ڪري. ان تي هڪ ڳالهه ياد آيم. پوئين دفعي جڏهن ڳوٺ ويس، ته حيدرآباد مان صوفن جو مربو وٺي ويس. بابا سائينءَ کي وڻندو هو. سدائين برنيون صوفن جي مربي جون گهر ۾ رکيل هونديون هيون. هاڻي مربي جو اهو رواج ختم ٿي ويو آهي. پر مان اڃا تائين ننڍپڻ جي اثر ڪري، صوفن جو مربو ڪڏهن ڪڏهن خريد ڪندو آهيان.

جڏهن ڳوٺ پهتس هڪ غريب مائٽياڻي به ملڻ آئي. مون ڀيڻ کي چيو ته مربي جي برنيءَ مان هڪ صوف ڪڍي هن مائيءَ کي ڏي. مائيءَ مربو وٺي، رئي جو پلو سان ڍڪيو ۽ چيائين ته ابا منهنجو ناٺي ڏاڍو بيمار آهي. ٽن ڏينهن کان ڪجهه ڪونه کاڌو اٿس، سو ان کي وڃي ٿي کارايان ته من وڻيس ۽ وات جو ذائقو مٽجيس. مون پڇيس ته ڇا ڪندو آهي؟ چيائين ته هارپ ڪندو هو. پر گهڻي زماني کان سلهه جي بيماريءَ ڪري بستري داخل آهي. مون چيس ته نوابشاهه جي وڏي اسپتال ۾ وڃي، ڦڦڙن جو ايڪسري ڦوٽو ڪڍائي. چيائين ته اڙي ابا غريبن وٽ نوابشاهه جي سفر، ڦڦڙن جي ڦوٽن ۽ علاج جا پئسا ڪٿان آيا؟

آزادي کانپوءِ سنڌ ۾ تمام سٺو شعر چيو ويو آهي. پر ان ۾ عبدالڪريم گدائيءَ جي هڪ سٽ مون کي سون ۽ چانديءَ جي ڍير ۾ ڪوهه نور هيري وانگر چمڪندي نظر ايندي آهي:

”آزادي آئي پر ماڳ نه موٽي مارئي“

پوين ڏينهن ۾ شيخ صاحب جو ساٿي شيخ صاحب جو لڪڻ هوندو هو. کيس اڪيلو ئي اڪيلو، حيدرآباد جي سڙڪن تي پيادل هلندو ڏسي، منهنجي دل ڀرجي ايندي هئي، هيءُ ساڳيو ئي ماڻهو هو، جنهن جي تعريف ۾ علي برداران جهڙين هستين ”سولجر آف اسلام“ جي عنوان سان مضمون لکيا هئا، ۽ جڏهن  سکر جي جيل ۾ بند هو، ته جيل جو طواف ڪندي، ”شيخ عبدالمجيد سنڌي زنده باد“ جا نعرا هنيا هئائون. سنڌ جيئري ئي کيس وساري چڪي هئي. سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ هر بااصول ۽ ايماندار انسان جو گذران ڏاڍو ڏکيو آهي.

هڪ دفعي اهڙو ته ڏتڙجي ويو، جو رحيم بخش سومري مون سان ڳالهه ڪئي ته پير حسام الدين راشديءَ کيس گهرائي رازداريءَ ۾ چيو ته شيخ صاحب کي وڃي ڪجهه مالي مدد ڏيئي اچو. رحيم بخش چيو ته مان ۽ حاجي مولا بخش سومرو گڏجي شيخ صاحب وٽ وياسون ۽ کيس ادب مان ڪجهه رقم پيش ڪئيسون. اکين ۾ پاڻي اچي ويس. چيائين ته ”اوهان هيءَ تڪليف ڇو ٿا ڪريون.“

چوندا آهن ته اڳياڙي ان جي سرهي، جنهن جي پڇاڙي سرهي، شيخ صاحب ديندار ۽ نيڪ انسان هو. قدرت سندس دعا ٻڌي. سندس اولاد صالح ٿيو ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺو. ڪنهن جي به محتاجي ڪانه ڏٺائين.

شيخ صاحب جن هي جهان ڪڏهن ڇڏيو، سو مون کي ياد ڪونهي. سندس لائق وارثن عقل جو ڪم ڪري __ سندس ابدي آرمگاهه لاءِ مڪليءَ جي ٽڪريءَ کي منتخب ڪيو. اتي سنڌ جي جليل القدر عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پيرانديءَ ۾ شيخ صاحب کي جاءِ ملي.

پوين ڏينهن ۾ پير حسام الدين راشدي پنهنجيءَ تربت لاءِ مڪلي ٽڪريءَ تي مختلف هنڌن جو معائنو ڪندو رهندو هو. آخرڪار سوچ ويچار ڪري، پنهنجي تربت لاءِ به شيخ صاحب جي پاسي جاءِ منتخب ڪيائين. سنڌ جا هي ٻئي جليل القدر فرزند هاڻي هڪٻئي جي پاسي ۾ ابدي آرام ۾ آهن.


*  جناب عبدالجبار شيخ، جناب شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو نياڻو آهي

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org