سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(ٻيو حصو)

 

صفحو :6

 

 

مولانا عبدالواحد سنڌي

 

مولوي صاحب ذات جو انڊهڙ هو ۽ غريب گهر جو ٻار هو. پني عاقل جي پاسي جو ويٺل هو.  پر الائي ڪيئن ننڍي هوندي ڌڪي ڌوڻي دهليءَ وڃي پهتو. ”هنوز دهلي دور است“ وارو محاورو، سندس  معاملي ۾ بي معنيٰ ثابت ٿيو. بخت ڀلو هئس سو دهليءَ ۾ ٺڳن  جي ور چڙهڻ بدران ڊاڪٽر ذڪر حسين جهڙي نيڪ انسان جو پاڇو پيس. سڄي عمر سندس ٿڌيءَ ڇانو هيٺ گذاريائين.

چون ٿا ته ڪنهن سنگتراش کان پڇائون ته پٿر مان تو هئڙو سهڻو صنم ڪيئن پيدا ڪيو؟

جواب ڏنائين ته اهو ته اڳيئي منجهس موجود هو. مون رڳو مترڪي سان غير ضروري پٿر هٽايا ته اندران ازخود نڪري نروار ٿيو.

ڊاڪٽر ذاڪر حسين به مولوي صاحب جي مٿي تي ٻاجهه جو هٿ رکي، تهذيب ۽ تاديب وسيلي، سون کان سچو انسان سندس اندر مان ڪڍي ٻاهر آندو. پوءِ زماني جون ٿڌيون ڪوسيون هوائون، جهڪون ۽ جهولا ۽ زماني جا لوڏا توڙي ملڪن جا ورهاڱا، مولوي صاحب جي قلب تي ڪس چاڙهي ڪونه سگهيا. مرڻ گهڙي تائين ابهم ٻار وانگر معصوم رهيو.

مون کي پاڻ ئي ڳولي لڌائين. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ منهنجي افساني کي پهريون نمبر انعام ڏنو. اهو ٻڌي مولوي صاحب مون کي ميٺا رام هاسٽل ۾ ڳولي لڌو ۽ نئين زندگيءَ لاءِ افسانو گهريائين. اول ته ساڻس ملي اعتبار ئي ڪونه آيو ته عبدالواحد ”سنڌي“ هن شخصي جو نالو آهي. ڪاڏي سنڌي ۽ ڪاڏي شيرواني ۽ پاجامو! پوءِ پتو پيم ته سندس اندر ۾ جيڪو سنڌي هو، سو گهڻن انهن اڪابرن ۽ دانشورن کان وڌيڪ ايمان وارو انسان هو، جيڪي فئشن خاطر يا فوٽو ڪڍائڻ مهل اجرڪ ويڙهيندا آهن.

مولوي صاحب مون کان رڳو نئين زندگيءَ لاءِ افسانا ڪونه ورتا، پر سنڌ سرڪار جي نوڪري ڇڏرائي، پاڻ وٽ نئين زندگيءَ جي آفيس ۾  ملازمت وٺي ڏني. پوڻا ٻه سال گڏجي ڪم ڪيوسون. جڏهن سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇڪيو ۽ کانئس موڪل گهريم ته اجازت ته ڏنائين، پر دل مان ڪونه ڪڍيائين، بلڪ دل ۾ منهنجي لاءِ هڪ مستقل گهرڙو ٺاهي ان کي ٻاهران منهنجي نالي جي تختي هڻي ڇڏيائين. ٻين سان اديبانه تعلق رکيائين، مون کي پنهنجو محرم راز منتخب ڪيائين.

سندس دل تي هڪ بار اِهو هو ته سندس نياڻيون سنڌي گهرن ۾ وڃن. ڊاڪٽر ذاڪر حسين کيس دهليءَ ۾ رڳو پڙهائي روزگار سان ڪونه لاتو هو. سندس شادي ڪرائي، گهرڙو به آباد ڪري ڏنو هئائينس. ڊاڪٽر ذاڪر حسين جهڙن انسانن جو ڪيميا اثر نظرون، جڏهن ڪنهن خوشنصيب تي پونديون هيون ته ڄڻ مٿس هماء پکيءَ جو پاڇو پيو.

کهين جا بار ڪي اعليٰ شخيصتون کڻنديون آهن. تاريخ جي هر دور ۾، هر ڊاڪٽر ذاڪر حسين، پنهنجي قول کان وڌيڪ پنهنجي فعل سان، ڏکويل انسانذات جي خدمت ڪندو آهي. پر، گاسليٽي ڪامريڊ ته غريب کي مٺن لفظن ۾ موهي، ماڳهين سندس جهڳو ڍيري ڪندا آهن. شاهه ڀٽائيءَ اهڙن ئي ٽپتالي ماڻهن لاءِ چيو آهي:

اندر ڪارو ڪانءُ
ٻاهر ٻولي هنج جي.

سو، مون ڳالهه ٿي ڪئي ته دهليءَ ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين مولوي صاحب جي شادي به ڪرائي هئي. مائي صاحبه مان مولوي صاحب کي پٽڙا به ٿيا ۽ نياڻيون به. پٽ ته دهليءَ ۽ ڪراچيءَ ۾ ڄاوا نپنا، سو سنڌي رنگ ۾ رنڱجي ڪونه سگهيا، پر نياڻين جي وڏي ڳڻتي هئس. پير صاحب (سائين حسام الدين راشدي) ۽ مون سان اهو سور سليائين. سندس صلاح سان مون هڪ سنڌي ترقي پسند اديب سان ڳالهه ڇيڙي. کيس پنهنجي پڦاٽ ماروٽ لاءِ سڱ کپندو هو. مولوي صاحب جون نياڻيون، ايم اي ۽ ايم ايس سي پاس ڪري ويٺيون هيون، شڪل شباهت ۾ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ. مون واري يار ۽ سنڌ جي انهيءَ عظيم ترقي پسند دانشور مولوي صاحب جو نالو ٻڌڻ شرط چيو، ”لوئر مڊل ڪلاس.“

مان ته اهي اکر ٻڌي اصل وسامي ويس. هي اهيئي ماڻهو هئا، جيڪي مساوات ۽ سماجي انصاف جون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ پنهنجن تحريرن وسيلي خدا جي خلق کي وڏا وڏا واعظ ڪندا هئا.

مولوي صاحب سنڌ ۾ مهاجر ٿي موٽيو هو. پاڪستان نئون نئون ٺهيو هو. سرڪار نامدار، مهاجرن ۽ مقامي ماڻهن ۾ مفاهمت پئدا ڪرڻ ۽ خير سگاليءَ جي جذبن کي وڌائڻ لاءِ، هڪ بليٽن جاري ڪئي هئي ۽ ان کي نوزائيده ملڪ جي نسبت سان ”نئين زندگي“ نالو  ڏنو هو. مولوي صاحب کي روزگار کپندو هو. دهليءَ جي ڪنهن واقفڪار کيس ان بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ڪرايو. ظاهر آهي دهليءَ ۾ عمر ڀر مولوي صاحب جو سنڌي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ سان ڪو واسطو ئي ڪونه پيو هو. پر ڀٽائي چيو ته آهي :

”سڪندين کي سيد چوي، ڪين جهليندو جهنگ“

مولوي صاحب رات ڏينهن محنت ڪري ان بليٽن کي سنڌي زبان جو شاهڪار ادبي رسالو بڻائي ڇڏيو.

مون رسالي جي آفيس ۾ ملازمت دوران ان حقيقت جو مشاهدو ڪيو ته اها ڪا سولي ڳالهه ڪانه هئي. پر، اعليٰ آفيسر مولوي صاحب جي اخلاق کان متاثر ٿي، سندس جائز ناجائز مطالبي اڳيان نهڪر ڪونه ڪندا هئا ۽ هيٺئين درجي وارن ملازمن مان ڪم ڪڍڻ لاءِ مولوي صاحب ٻيو طريقو اختيار ڪندو هو. مثلاً رسالو ڇپجي آيو. ٻيو ڪو ايڊيٽر هجي ته چوندو ته”سرڪاري رسالو آهي، اڄ نه ويو ته سڀاڻي خريدارن ڏي ويندو.“ مولوي صاحب کي قرار ڪٿان ٿو اچي! بائينڊنگ سيڪشن ۾ ويندو ۽ سمورن بائينڊرن کي سموسا کارائيندو ۽ چاءِ جا ٻه ٻه ڪوپ پياريندو. نتيجو اهو ته ڊي ايف پي کاتي جا ٻيا اردو، فارسي، انگريزي عربي رسالا اتي ئي ڍير ٿيا پيا هوندا، پر ”نئين زندگي“ رسالو پڇجڻ کان ٽن ڏينهن اندر خريدارن کي پهچي ويندو.

مولوي صاحب ۽ مان ”ماه نو“ ۽ ”نئين زندگي“ جي جنهن آفيس واري ڪمري ۾ گڏجي ڪم ڪندا هئاسين، اتي ”ماه نو“ جا ٻه ڪاتب به اسان سان گڏ وهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مولوي صاحب کي مضمونن جا عنوان رسالي لاءِ ڪتابت ڪري ڏيندا هئا. پر اڃا مولوي صاحب کين ڪو ڪم مس چوندو هو ته جواب ۾ فوراً چوندا هئس ته، ”حاضر، پر گهراءِ بدايوني پيڙا.“ آفيس جي ڪئنٽين تي کاڌي جي سڀ کان سٺي ۽ مهانگي شي هوندي هئي بدايون جا کير پيڙا. مولوي صاحب ٽهڪ ڏيئي مون کي چوندو هو، ”زوراور، ڏيو آرڊر، آخر هنن چنڊن مان ڪم ته ڪڍڻو آهي.“

انهن ڪاتبن ۾ هڪڙو ڏاڙهيءَ ڪوڙ هوندو هو ۽ ٻيو ڊگهيءَ ڏاڙهي وارو. ڏاڙهيءَ ڪوڙ جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن سرمد جو ابيچند سان عشق جائز هو، ته پوءِ ايران ۽ سنڌ جي انهيءَ تاريخي روايت کي تازو ڪرڻ لاءِ، مولوي صاحب ساڻس عشق ڇو نٿو ڪري سگهي؟“ مولوي صاحب اها ڳالهه ٻڌي کيس بجا ڏيندو هو. ڏاڙهيءَ وارو ڪاتب ترڪي ٽوپي پائيندو هو، ۽ ڪياڙي کنهندي، مون سان پنهنجي منهن، زالن جي ازدواجي حقن جو ذڪر ڪندو هو. جڏهن مون چيس ته مان شادي شده ناهيان، تڏهن ٻئي ڪنهن سان صلاح ڪيائين. ان کانپوءِ پنهنجي بيگم صاحبه جي ازدواجي حقن جي حفاظت جي جذبي هيٺ، ڪراچيءَ جي امپريس مارڪيٽ مان گوشت جي دوڪانن تان ڪڪڙن جون منڍيون ۽ چنبا ميڙي، پنهنجي گهر کڻي ويندو هو. سندس بيگم صاحبه انهن کي ڌوئي، صاف ڪري، پاڻي جي ديڳڙيءَ ۾ وجهي، هلڪيءَ باهه تي چاڙهي ڇڏيندي هئي. صبح تائين سڄو پاڻي کڄي ويندو هو. ڪاتب صاحب ناشتي بدران، ڪڪڙن جي منڍين ۽ چنبن جي مک مان ڀريل پيالو پي، آفيس ايندو هو ۽ اُتي مولوي صاحب کان موقعي ملڻ شرط بدايوني پيڙا ڪڍندو هو. مولوي صاحب جا پيڙا ته هضم ڪري ويو، پر ڪڪڙين جي منڍين ۽ چنبن ڪيرائي وڌس. اسپتال ۾ داخل ٿيو. ٽن مهينن کان پوءِ ٻاهر نڪتو ڳري ڪنڊا ٿي ويو. ڊاڪٽرن لوڻ ۽ گيهه جي استعمال تي بندش وڌس. مون سان رازداريءَ ۾ ڳالهه ڪيائين ته ”اها پرهيز ته ڏکي ڳالهه ڪانهي. اصل مسئلو بيگم جي ازدواجي حقن جي حفاظت“. مون ۽ مولوي صاحب گهڻو ئي سمجهايس. پر نه مڙيو. وري ڪو نسختو آزمايائين. ان مان جيڪا طاقت حاصل ڪيائين، سان پاڻ سان کڻي عدم جي راهه اختيار ڪيائين. شايد کيس پنهنجي پتيءَ جي حورن جي حقن جي به ڳڻتي هئي.

مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ اچڻ کان ستت پوءِ ڪجهه عرصو، مولوي صاحب جي پاڙي ۾، ”شومارڪيٽ“ وٽ ڪرائي جي گهر ۾ ٽڪيس. مولوي صاحب ڀرسان راڻي باغ وٽ رهندو هو. سو، صبح جو مون وٽ ايندو هو ۽ ڪچهري ڪري، پوءِ آفيس ويندو هو. هڪ دفعي ڪچهري ڪندي، مون کان صلاح ورتائين ته ”نئين زندگيءَ کي وڌيڪ مشهور بنائڻ لاءِ سنڌي اديبائن جا ڦوٽو رسالي ۾ ڇاپجن ته ڪيئن ٿيندو؟“ مون چيس ته ”تمام سٺو ڪم ٿيندو.“ پاڻ چيائين ته، ”هونئن ڀلا جيسين سنڌي زالو اڳتي ڪونه وڌنديون، تيسين ڪم ڪيئن هلندو؟“ مون چيوته، ”اصل ڪونه هلندو. آباديءَ جو اڌ حصو مفلوج رهندو. سنڌ کي ترقي وٺائڻي آهي، ته نئين زندگيءَ ۾ اديبائن جا ڦوٽو ضرور شايع ڪجن.“

پير حسام الدين راشدي اسان سڀني جو بزرگ هوندو هو. مولوي صاحب کي ڏاڍو پٽائيندو هو. ملڻ شرط پهريون ڪم اهو ڪندو ته هو مولوي صاحب جي ٿيلهي جي تلاشي وٺندو هو. جيڪو نئون رسالو يا رسالي ۾ تبصري لاءِ ڪو نئون ڪتاب مولوي صاحب وٽ پهچندو هو، سو کڻي وٺندو هو.

حسب عادت هڪ دفعي پير صاحب مولوي صاحب جي ٿيلهي جي تلاشي ورتي ته اندران نوجوان زالن جا ڪيترائي فوٽو نڪتا، پير صاحب دانهن ڪري چيو ته ”اڙي مولوي هي ڇاهي؟“

مولوي صاحب چيس ته، ” ڇا هي وري ڇاهي‘ سرڪار جي پاليسي آهي ته عورتن کي اڳتي ڪيو.“

پير صاحب ڳالهه ٻڌي کل ۾ويڙهجي ويو. مولوي صاحب کي گهڻو ئي ٽوڪيائين، پر مولوي صاحب منهنجي مشوري موجب نئينءَ سرڪاريءَ پاليسيءَ تي ڪاربند رهيو.

هڪ دفعي شو مارڪيٽ واريءَ جاءِ ۾ نئين پاليسيءَ جو جائزو وٺندي، مون کيس عرض ڪيو ته، ”هاڻي ته فلاڻي اديبه جي ڪا تصوير ڇاپيو. مان ته رات ڏينهن بلهي شاهه جي ڪافي ڳائيندو ٿو وتان

”درسن بين اکيان، ترس ڳيان“

چيائين ته،” زوراور، ڇا ڪيان. موڪلي ئي نٿي. ڏاڍا خط لکيا ٿمانس. پر چوي ٿي ته ننڍي لاءِ جي تصوير کڻي ڇاپيو، جڏهن پاڻ اڃا ماءُ جي هنج ۾ هئي.“

ڳالهه ٻڌي مون ٿڌو ساهه ڀريو. مولوي صاحب دم دلاسو ڏنو.  ڏاهن جو چوڻ به ياد آيو ته، ”جيئرن جو جهان“ آخر اميد تي ئي قائم آهي.“

ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:

ماڻهو گهرن مال، آءٌ سڀ ڏينهن گهران سپرين“

مولوي صاحب ۽ مان هميشه انهيءَ اصول تي ڪاربند رهياسين. فرق رڳو اهو هو ته هن پنهنجي زندگي ”نئين زندگي“ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. گهر جي سارسنڀال، ٻارن جي تعليم ۽ ٻي اهڙي کشٽ سندس گهر وري جي ذميواري هئي. پاڻ پهرينءَ تاريخ پگهار وڃي سندس تريءَ تي رکندو هو.

مولوي صاحب صبح جو گهران تيار ٿي نڪرندو هو ته وري منهن اونداهي مهل گهر ۾ منهن ڏيکاريندو هو. صبح جو ڏاري جي ڀت سان ناشتو ڪندو هو. پوءِ ڌوتل پاجامو ۽ قميص پائي، مٿان شيرواني ڍڪيندو هو. پيرن ۾ انگريزي بوٽ، ڪڏهن جورابن سان، ڪڏهن بنا جورابن جي. مٿي ۾ جناح ڪئپ، مون کيس نئون لباس ڪڏهن ڪونه ڏٺو. يا ته سبائڻ جي طاقت ڪانه هئس يا شوق ڪونه هئس.

مولوي صاحب تي مولوي هجڻ جو محض الزام هو. اصل ۾ اهو رڳو دهليءَ جو مهاورو هو. ”ڏاڙهي مڇون چٽ، ڀرون شاهه بچايا.“ قد جو ڊگهو، بت جو پورو پنو. سندس صحت جو راز پنڌ ڪرڻ ۾ هو. رڪشا ۾ اصل ڪونه چڙهندو هو. پري پنڌ هوندو هو ته بس ۾ وهندو هو. نه ته گهڻو زور کڙين تي. پري کان روڊ تي ڪو ڊگهو ماڻهو لڏندو لمندو نظر ايندو هو، ۽ سندس هٿ ۾ چمڙي جو ٿيلهو به هوندو هو، ته ڀانئبو هو ته پڪ ئي پڪ مولوي صاحب اچي رهيو آهي، ٿيلهو به ٿيلهن جهڙو هوندو هو، مون ان کي هميشه عمر عياز جي زنبيل سان تشبيهه ڏني. هڪ دفعي صدر ۾ هڪ ڪيمسٽ جي دڪان تي اهو ٿيلهو انگريزي ڪانٽي تي تورايو. پورا پنجويهه پائونڊ ٿيو. اهو ٿيلهو هميشه ٿلهو ٿيندو رهندو هو، ڇو ته مولوي صاحب کي نڪ سامهون جيڪو به سنڌي ڳالهائڻ وارو نظر ايندو هو، ان کان نئين زندگيءَ لاءِ مضمون گهرندو هو. اديب مضمون ۽ افسانا ته ساڻ کڻي ڪونه گهمندا هئا، پر شاعر مٿس اها مهرباني ڪندا هئا ته روڊ جي پاسي سان ئي مولوي صاحب کي ڪاڳر وٺي، ٻه ٽي شعر لکي ڏيندا هئس. مولوي صاحب اهو مواد ٿيلهي ۾ جمع ڪندو ويندو هو. خاص خاص اديبن جي رهائش گاهن تي حاضري ڏيڻ ۽ مضمون يا افساني لاءِ ڏهه ڏهه دفعا پنڌ ڪرڻ کانپوءِ يارهون ڀيرو پنڌ ڪري مضمون يا افسانو حاصل ڪرڻ سندس شيوو هوندو هو. پر جيڪڏهن ڪو شخص معذرت ڪندي چوندو هوس ته مان ته اديب ڪونه آهيان ته يڪدم ٿيلهي مان نئين زندگيءَ جو پرچو ڪڍي کيس ڏيندو هو ۽ چوندو هو، ”زور آور، ته پوءِ لکو نه هونئن ڀلا ڪم ڪيئن هلندو.“

مان جنهن دور جو ذڪر ڪري رهيو آهيان سو سنه 1955ع، 1956ع ۽ 1957ع تي مشتمل آهي. ان زماني ۾ سنڌ جي آسمان تي ون يونٽ جي ڪارن ڪڪرن جا ڪارونڀار هئا. قدرت جا عجب رنگ آهن. عين اونداهيءَ ۽ ڪاري ڪارونڀار ۾ بجلي چمڪندي آهي. تڏهن ته شاهه ڀٽائيءَ فرمايو هو:

”نير منهنجو نينهن، اجاري اڇو ڪيو“

اهو ئي دور سنڌي تخليقي ادب لاءِ سڀ کان سڀاڳو ثابت ٿيو. سنڌ ۾ نئين جاڳرتا اچي ويئي. سنڌي اديبن ۽ شاعرن لکڻ سان حد ڪري ڇڏي. سندس تحريرن کي شايع ڪرڻ ۾ ٻن رسالن پاڻ موکيو: هڪ مهراڻ ٻيو نئين زندگي. پهرئين رسالي جو سهرو محترم محمد ابراهيم جويي جي سر تي سونهين ٿو ۽ ٻئي رسالي لاءِ مبارڪباد جو مستحق مولوي صاحب آهي.

پنهنجي پنهنجي نوع جا ٻيا به رسالا شايع ٿيا. هاڻي نالا وسري ويا آهن، پر ڪي ياد آهن: فردوس، روح ادب، بادل ۽ شاعر. پر مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ انهيءَ ڏکئي دور ۾ جيڪا خدمت ڪئي، سان سنڌي ادبي تاريخ جو ”سونهري باب“ آهي.

مهراڻ ۾ منتخب ادب شآيع ٿيندو هو. ان مان سنڌ جي گهوگهاري وارن سڳداسي چانورن جي خوشبوءِ ايندي هئي.

نئين زندگي فقيراڻي گودڙي هئي. خواجه اجمير جي درگاهه جي ديڳ هئي. چانور آيا ته هڻ ديڳ ۾، دل آئي ته هڻ ديڳ ۾، گوشت آيو ته به هڻ ديڳ ۾. طعام تيار ٿيو، ديڳ لٿي ته لنگر چالو ٿيو. غريب پيٽ ڀرڻ لاءِ کائي، امير ثواب خاطر کائي.

سادگي ۽ ڪسر نفسي مولوي صاحب جي مٿي جو تاج هئي. ننڍي کان ننڍي اديب کي وڏي کان وڏو سمجهندو هو. سندس اڳيان پاڻ کي ننڍو ڪندو هو. پر جنهن عالم ۽ اديب سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ جنهن لاءِ کيس از حد احترام هو، سو هئو شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو.

 

 

 مولانا عبدالواحد سنڌي

وفاقي ۽ صوبائي تعليمي وزير کيس اجرڪ پارائي رهيا آهن

 مولوي صاحب سندس علم ۽ اخلاق جي تعريف ڪندي ڍاپندو ئي ڪو نه هو.

مولوي صاحب کي ڪاوڙ ايندي ئي ڪانه هئي. نه وري بيمار ٿيندو هو يعني جسماني ۽ روحاني طرح فٽ هو. سٺ سالن جو واهه جو هو، پر ٽيهن ورهين وري کان وڌيڪ ڏک ڏيندو هو، اڃا سنڌ ادب جي ڪا خذمت ڪري ها، پر سرڪار جا قانون عمل ۾ آيا. هڪ ڏينهن مولوي صاحب کي عمر جي مقرر حد تي پهچڻ ڪري رٽاير ڪيو ويو. رٽائر ڇا ڪيائين، ڄڻ ته سدنس زندگيءَ جو سج ڪارن ڪڪرن هيٺ اچي ويو، ڇو ته سندس ساهه نئين زندگيءَ  ۾ هو. ان جو وڇوڙو سهي ڪونه سگهيو. پاڻ کي گهر ۾ بند ڪيائين. ڪميڻيءَ دنيا کيس تمام ترت وساري ڇڏيو. پاڻ به دنيا کي پٺي ڏيئي ڇڏيائين. زنگيءَ جا باقي بچل سال، مهينا ۽ ڏينهن گوشي نشينيءَ ۾ گذاريائين.

غالباً 1984ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ سنڌالاجي ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس جي سهڪار سان حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سيمينار ٿيو. مون علي احمد بروهيءَ سان صلاح ڪئي ته مولوي صاحب کي گهران ڪڍي، اسٽيج تي وهارجي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪجي ۽ کيس ڏهاڪو هزارن رپين جي ٿيلهي به پيش ڪجي. بروهيءَ کي ڳالهه وڻي ۽ مون کي همٿايائين. پر سنڌ جهڙي بي قدريءَ سماج ۾ ڏهه هزار رپيا ڪوڙا ڪير ڪري.

خير، حسين شاهه راشدي مولوي صاحب کي ڪراچيءَ مان بستري مان ڪڍي، موٽر ۾ وهاري حيدرآباد پهتو، نياز همايونيءَ ڳالهين ٻولهين ۾ سندس دل ورتي. اسٽيج تي مرڪزي ۽ صوبائي وزيرن کيس اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا. جڏهن کيس تاثرات بيان ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته طبيعت جي حجاب ۽ جذبات جي شدت ڪري ڳالهائي ڪونه سگهيو. مون ڏي اشارو ڪري چيائين ته ”رسالو مان ٿورئي ڪڍندو هوس. هو ويٺو آهي.“ مون ته پنهنجن اکين جي ڳوڙهن کي ضابطي ۾ رکيو، پر پاڻ پنهنجن اکين جا ڳوڙها روڪي نه سگهيو. اهو پبلڪ ۾ سندس آخري ديدار هو. جڏهن هي جهان ڇڏيائين ته مان اسلام آباد هوس. سندس هڪ عزيز، منظور انڊهڙ، قرب ڪري فون تي مون کي اسلام آباد اهو اطلاع ڏنو. اسلام آباد ڪڪرن ۽ مينهن جو ملڪ آهي. ان مهل به وڏ ڦڙو وسي رهيو هو. اداس اکين ۽ زخمي دل سان ڏکوئيندڙ خبر ٻڌي، گهر ۾ پنهنجي ڪمري جي دريءَ وٽ وڃي بيٺس. سندس پٽ ۽ نياڻيون ڪڏهوڪر اڏامڪ پکين وانگر، پر ڪري پرديس اڏامي ويا هئا. پنهنجي پاڻ ۾ جهاتي پاتم ۽ پاڻ کي ئي مولوي صاحب جي تعزيت ڏنم. هڪ هڪ ٿي، ماضيءَ جا ڪي نظارا اکين اڳيان آيم.

هڪ دفعي مان ۽ مولوي صاحب شاهه ڀٽائيءَ جي ميلي تي وياسين. رات جو دير سان جڏهن واندا ٿياسين ته بسن جي اڏي تي آياسين. خيرپور جي ممتاز ڪاليج جو پرنسپال ۽ اردو زبان جو ممتاز اديب، پروفيسر قرار حسين ۽ انهيءَ ڪاليج جو استاد ۽ سنڌي زبان جو ممتاز اديب عطا محمد حامي به گڏ هجن. سڀ هالن ۾ حامي صاحب جي هڪ ”مٺڙي دوست“ وٽ ٽڪيل هجون. اهو حامي صاحب جو پنهنجن دوستن لاءِ پيارو محاورو هوندو هو. هيڏي هوڏي سواريءَ لاءِ واجهايوسون. گهر خير آخر پنڌ پياسيون. چانڊوڪي هئي. پنڌ ٿڪايو ته ڪونه، ورندو مزو آيو. چار ئي ڄڻا، ڳالهيون ڪندا، کل ڀوڳ ۾ اچي هالين پهتا سين. اڌ رات وارو اهو پيادل سفر سڄي عمر ڪير به وساري نه سگهيو. حامي صاحب ۽ مولوي صاحب ته عمر جو سفر به پورو ڪري وڃي آرامي ٿيا. ڄڻ ته ڪالهوڪو ڏينهن آهي!

ٻئي دفعي مولوي صاحب هالين ويو ته اڪيلو ويو. کيس نئين زندگيءَ لاءِ مخدوم نوح جي درگاهه جون تصويرون ڪڍائڻيون هيون. ماڻ ساڻس گڏ ڪونه ويس. سرڪار فوٽو گرافر ساڻ هيس. موٽيو ته حال احوال ڏيندي کل ۾ ويڙهجي وڃي. چوي ته ”زورآور، مون چنڊي فوٽو گرافر کي جهليو ته اوليائن جي درگاهن مٿان نه چڙهه. پر چيائين ته ڇت تان به ٻه ٽي تصويرون وٺان. اڃا ٿو مٿي چڙهي ۽ ٿي وٺيس ککر ڏينڀن هڻي سڄائي وڌس.“

تازو ڪنهن چنڊي، مخدوم نوح جي درگاهه کي باهه ڏني. ان کي ته ڪنهن به ڏينڀوءَ ڪونه ڏنگيو. سونهن شايد مولوي صاحب جي نگاهه ۾ هئي!

شو مارڪيٽ ۾ رهندو هوس ته ڪنهن دوست ”رم“ جو شيشو تحفي طور ڏنو. ڪمري ۾ لڪائي رکيم. مولوي صاحب جڏهن صبح جو راڻي باغ وٽ پنهنجي گهر کان ايندو هو ته ٻئي ڄڻا، صبح مرداني، گلاس گلاس پي، مست ٿي، آفيس ويندا هئاسين. اٿڻ مهل مولوي صاحب کلي چوندو هو، ”زورآور، متان ڪنهن کي خبر پئي.“

حسين شاهه صلاح ڪئي ته مولوي صاحب کي ”ڪئبري ڊانس“ ڏيکاريون. ٽڪيٽن جو بندوبست پاڻ ڪيائين. ٽئي گڏجي وياسين ايڪسيلشر نائيٽ ڪلب ۾، جيڪا تڏهن ولائتي ڊانسرن لاءِ مشهور هئي. ترڪيءَ جي ڪا ڊانسر هئي. حسين شاهه اک جو اشارو ڪيس. لڏندي لمندي، نچندي آئي ۽ اچي مولوي صاحب جي هنج ۾ وٺي. پوءِ ته مولوي صاحب جا رنگ ڏسڻ وٽان هجن! جڏهن ڊانسر اٿي ويئي، تڏهن حسين شاهه کي کلي چيائين ته ”زورآور، مارائين ٿو مون کي.“ مون چيو، ”سائين ڇا ٿيو؟“ چيائين ته ”ڇا وري ڇا، شيروانيءَ جي کيسي مان سئو جو نوٽ ڪڍي وئي.“

جڏهن مان ڪراچيءَ مان حيدرآباد آيس ته مون وٽ ڏينهن جا ڏينهن اچي ٽڪندو هو. شام جو سول لائنس جي ٽئين نمبر بنگلي ۾ ڇٻر تي ڪرسيون ڪڍي ويهندا هئاسين. ننڍپڻ جا ذڪر ڪڍندو هو. چوندو هو ته ڏاڍا غريب هوندا هئاسين. اسان جي ڳوٺ ۾ اٺن جا وڳ هوندا هئا. جڏهن جهنگ ڏانهن ويندا هئا، ته سندن گورن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هوس. ڏاڍي دل هئم ته مان به ڪو اٺ جو گور وٺان. پر قسمت کي ٻيو ڪجهه منظور هو. دهليءَ وڃي نڪتس.

منظور انڊهڙ فون تي ڳالهه ڪئي ته رحلت کان اڳ به مولوي صاحب ڳوٺ کي گهڻو ساريندو هو. ڪراچيءَ جي ڪُنَ ۾ اٻاڻڪو ٿي پيو هو. چوطرف مانگر مڇ! چوندو هو ته مون کي ڪو وطن وٺي هلي.

منظور انڊهڙ شايد سمجهي ڪونه سگهيو ته مولوي صاحب ڪهڙي وطن وڃڻ لاءِ تانگهي رهيو هو. کيس خبر ڪانه هئي ته جاميءَ چيو آهي ته، ”اي دل، هن مجازي محلات ۾ آخر ڪيستائين؟“

منظور انڊهڙ کان اهي ڳالهيون ٻڌي، ڏکن ۾ ويڙهجي ويس. مولوي صاحب کي ڀنل اکين سان، سڪ مان ساري، ڏاڍا سڏڙا ڪيم. پر، ٻاهر سخت مينهن ۽ طوفان هو. شايد واءُ منهنجن واڪن کي اڏائي ڇڏيو. ڪٿان جواب ڪونه مليو.

سنڌ جي شاعر ڪنهن اهڙيءَ ئي ڏکوئيندڙ ڪيفيت ۾ چيو هو:

ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾
جوڳي جيڪس ويا جبروت.

امي ماڻهن ۾ مفاهمت پئدا ڪرڻ ۽ خير سگاليءَ جي جذبن کي وڌائڻ لاءِ، هڪ بليٽن جاري ڪئي هئي ۽ ان کي نوزائيده ملڪ جون هيون ته ڄڻ مٿس هماء پکيءَ جو پاڇو پيو.

يس ۾  ملازمت ڪرايم

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org