سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :5

 

باب ٽيون

حڪيم صاحب جون سنڌي  علم و ادب ۾ ڪيل خدمتون

(الف) نثر نويسي

فصل پهريون

سنڌي ادب ۽ اديب

دنيا ۾ اهي قومون زنده آهن. جن جو علم و ادب محفوظ آهي. ڇاڪاڻ ته قومون علم جي وسيلي ئي سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ سندن مان ۽ شان ادب ئي وڌائي ٿو. ڪنهن به قوم جو حال ۽ ماضي ادب جي وسيلي ئي معلوم ٿي سگهندو. ادب کي محفوظ ڪرڻ جو وسيلو ڪتاب ۽ رسالا ئي آهن، پوءِ اهي قلمي صورت ۾ هجن يا ڇپيل هجن. انهن جي ذريعي ئي ادب کي عوام تائين پهچائي ۽ محفوظ ڪري سگهجي ٿو. ادب کي قلمي صورت ۾ اديب آڻي ٿو ۽ اهو اديب ئي آهي، جيڪو معاشري جو ڳوڙهو مطالعو ڪري، پنهنجو ذهن ۽ رت ولوڙي، ڪنهن ڪار آمد شيءِ جي تخليق ڪري ٿو. اديب جي ان تخليق ڪيل شين (نظم توڙي نثر ۾ لکڻين) کي ئي ادب چيو ويندو آهي. اديب جنهن سماج، قوم ۽ ڌرتيءَ جي خطي تي رهي ٿو، اتي جي باشندن جي جذبن، امنگن، رسمن رواجن، تاريخ و تمدن ۽ ثقافت جو هوبهو نقشو پنهنجي لکڻين ۾ چٽي ٿو  ۽ جيڪا ٻولي جنهن انداز ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، اديب ان کي اهڙي ئي نوع ۾ عوام جي اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. تنهن ڪري جيئن احساس، جذبا ۽ تجربا ذهن ۾ اچنس ٿا، تيئن انهن کي ڪاغذ تي تحرير ڪري ٿو. اديب جي تخليق ڪيل شيءِ ۾ سندس رت، ست، دل جو درد ۽ اوجاڳو شامل هوندو آهي. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اديب جو ڪم ڪيڏو نه ڪٺن ۽ محنت طلب آهي. (انهيءَ سلسلي جي وضاحت حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ هن ڪتاب صفحي نمبر 77 ۾ ڪري ڇڏيي آهي).

اسان جي سنڌڙي اهڙن اديبن کان خالي ڪا نه آهي. هر دور ۾ لاثاني اديب پيدا ٿيندا رهيا آهن. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به انهن اديبن مان نمايان حيثيت جو حامل آهي. جنهن جي ادب جي سلسلي ۾ ڪيل خدمتن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

 

فصل ٻيو

 

نثر نويسيءَ جي ابتدا

انگريزن جي شروعاتي دور ۾ سنڌ جا عالم سنڌي علم و ادب جي گلستان ۾ بهار قائم ڪندا ٿي آيا ۽ علمي فيض سان نئين نسل کي نوازيندا ٿي آيا. اڳتي هلي اهو نسل ادبي فلڪ تي چمڪڻ لڳو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به انهيءَ نسل جو هڪ چمڪندڙ ستارو ثابت ٿيو.

جيئن ته حڪيم صاحب جي سوانح حيات ۾ اڳي ئي ذڪر اچي چڪو آهي ته کيس مطالعي ڪرڻ جو بيحدد شوق هو ۽ جيڪو به واندڪائيءَ جو وقت ملندو هوس، سو پنهنجي خانداني لئبريريءَ ۾ ڪتابن جي مطالعي ۾ صرف ڪندو هو. انهيءَ ڪري منجهس لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت پيدا ٿي چڪي هئي. ازنسواءِ کيس اوائلي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙيون پاڪيزه صحبتون نصيب ٿيون (جهڙوڪ: مولوي محمد صديق سولنگي سيتائي، شمس الدين بلبل، مولوي عبدالرحيم منگسي ۽ مولوي عبدالله وغيره) جن هن جون صلاحيتون پروڙي ورتيون ۽ سندس لڪل جوهر کي جاڳائي، علم و ادب جي خدمت لاءِ آماده ڪيو.

حڪيم صاحب جي شروع واري دور ۾ ان وقت مشهور ادبي رسالا ۽ اخبارون جهڙوڪ: تحفه احباب، بهار اخلاق، ماتا، هندو واسي (ڀارت واسي) الڪاشف، الحافظ، الامين، توحيد، الحقيقت صداقت اسلام، روح رهاڻ، الحذب، جوت، المنار ستاره سنڌ، مرغ فلڪ، طيراً ابابيل، نور الاسلام، الوحيد وغيره شايع ٿينديون هيون ۽ انهن اخبارن مان توحيد، الوحيد ۾ سندس مضمون ۽ شعر ڇپبا رهندا هئا (وڌيڪ تفصيل صحافت واري حصي ۾ ڏنو ويو آهي.) جن ادبي حلقن ۾ سندس سڪو قائم ڪيو. هڪ نوخيز اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ هن پنهنجي فطري ادبي صلاحيتن سان سنڌ جي ڪهنه مشق اديبن ۽ شاعرن کان داد حاصل ڪيو، جا هڪ غير معمولي ڳالهه هئي. ان کان پوءِ قومي صحافت ڏي رجوع ٿيو ۽ سنڌي زبان ۾ عمدا مضمون ۽ ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين. (سندس تصنيفات جو ذڪر هن باب جي آخر ۾ ڏنو ويو آهي) ان کان سواءِ شروع وارن ڏينهن ۾ اسلامي ۽ ديني ڪتاب لکي وقف ڪيائين جن جي آمدني ديني مدرسن کي ملندي رهي. اهي ڪتاب اڳي سنڌ جي مدرسن ۽ ملا مڪتبن ۾ درسي طور پاڙهيا ويندا هئا (1)

 

فصل ٽيون

طرز تحرير ۽ عڪس

حڪيم صاحب جيتوڻيڪ سنڌي مادري زبان اسڪولن يا مڪتبن ۾ باقاعدي ڪا نه پڙهيو (جيئن پاڻ پنهنجي سوانح حيات ۾ لکيو اٿائون ته ”سنڌيءَ جو فقط پهريون ڪتاب اسڪول ۾ پڙهيو هوم) تاهم ڪتابن ۽ مضمونن ۾ عمد و نثر آندو اٿس. سندس نثر ۾ اهڙي ته ڪشش سمايل آهي جو سندس ڪو به ڪتاب پڙهڻ سان دل کي اهڙي ته راحت اچيو وڃي جو جيسين ان ڪتاب کي پڙهي پورو نه ڪبو تيسين ڇڏڻ تي دل ئي نه ٿيندي.

سندس لکڻ جو نمونو هميشه سليس ۽ با محاوره هوندو هو. ڪتابن ۾ اصطلاحي زبان ڪم آندي اٿس صفائي ۽ سادگي سندس خاص طرز هوندي هئي ۽ مختصر لفظن ۾ طويل مفهوم کي بيان ڪري وڃڻ سندس ممتاز خصوصيت هئي. عبارت جي ساختگي ۽ رواني، عنوان بيان جي دلڪشي ۽ شيريني، لفظن جو تراش ۽ خراش، جملن جي جوڙجڪ، بندش جي چستي ۽ فقرن جي هڪ ٻئي سان پيوستگي ڪجهه اهڙي نموني واقع ٿيل آهي جو حڪيم صاحب جو ڪو به ڪتاب مطالع ڪرڻ سان پڙهڻ واري جي طبيعت گهٻرائي نٿي ۽ نه دماغ ٿڪ محسوس ڪري ٿو. جتي ڪٿي رنگينيءَ کان ڪم ورتو اٿس، پر اهڙي اعتدال سان جو عبارت جي خوبي ۽ حسن چمڪي ويو آهي. مناسب هنڌن ٿي اصطلاح، پهاڪا ۽ محاورا ڪم آندا اٿائين. جيتوڻيڪ انگريزي پڙهيل ڪو نه هو. پر سندس تصنيف ۾ جيڪو مواد آهي تنهن مان ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻڪه مغربي زبانن ۾ ڏاڍو وسيع مطالعو ڪيل اٿس. حڪيم صاحب جي لکڻيءَ ۾ اهي سڀيئي وصفون موجود آهن جي هڪ صاحب ڪمال ۽ صاحب طرز ۾ هجڻ ضروري آهن. اهو ئي سبب هو جو سندس لکيل سمورا ڪتاب گهڻو ڪري تعليم کاتي جي مختلف نصابن ۾ داخل هوندا هئا.

حڪيم صاحب جي ڪتابن جي اڀياس مان پڙهندڙن کي معلوم ٿي ويندو ته سندس مطالعو ۽ نظر ڪيتري نه وسيع هئي. سندس جامعيت ۽ همه گيري هن ڳالهه مان ئي واضح ٿي ٿئي ته ساڳئي وقت ۾ مورخ به هئا ته اديب به هئا. شاعر هئا ته عالم به هئا. مشرقي علمن مان واقفيت هوس ته تنقيد جي پروڙ به مغربي مورخن وانگر رکندو هو. سيرت نگاريءَ جي فن مان واقف هو ته علم اخلاق جي به خبر هوس. مطلب ته علم ۽ ادب جي سڀني شعبن ۽ صنفن تي حاوي هو.

سندس بهار اخلاق مان شاعر هجڻ جو ثبوت، ته ميرن جي صاحبي، ابوالفضل فيضي ۽ فتح محمديءَ مان تاريخ داني، جو ثبوت، ته حيات النبي احوال قلندر شهباز ۽ اخلاق محمديءَ مان سيرت نگاري ۽ سوانح عمريءَ جو ثبوت، ته تنوير الايمان ۽ داستان قوم مان اخلاق جو ثبوت اهڙيءَ طرح آفتاب ادب مان نقاد هجڻ جو ثبوت ملي ٿو.

حڪيم صاحب سوانح عمري لکڻ ۾ تحقيق ۽ تلاش، واقعات جي ڳولا، مواد جي ترتيب ۽ تهذيب تي چڱو زور ڏنو آهي. تاريخ، سبب ۽ نتيجي جي هڪ ڪڙي سمجهندو هو. حقيقت ۾ حڪيم صاحب سندس تحقيقات جي سبب پوءِ اها کڻي تاريخ ۾ هجي يا ادب ۽ زبان ۾، ايترو ته اڳتي وڌيل هو جو سندس همعصر ۽ همعمرن مان ڪو به سندس مقابلي ۾ بيهي نٿي سگهيو. موجوده دور جي اديبن ۽ عالمن ۾ ڪي اهڙا کڻي هجن به پر حڪيم صاحب کي هڪ خاص امتياز ۽ فوقيت حاصل هئي جا سندس همعصرن جي ڀاڱي ۾ آيل نه  هئي. سوانح نگاري ۽ تاريخ نويسيءَ ۾ سنڌي ادب تي خاص طرح مغربي اسلوب ۽ تصور جو ڏاڍو گهڻو اثر رهيو آهي، پر عجب جي ڳالهه اها آهي ته باوجود انگريزي دان نه هئڻ جي به حڪيم صاحب جي لکڻ جو طريقو اهڙو ئي هو

 

ڄڻ ته ڪو انگريزي دان لکي رهيو آهي. ان جو خاص سبب اهو هو ته فارسي ۽ عربي زبان تي مڪمل ملڪو حاصل هوس. جنهن ڪري سندس طرز ۽ تصور ۾ به اهو ئي طريقو سمائجي ويو هو. ان مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته سندس عربي ۽ فارسيءَ جي مختلف تذڪرن ۽ تاريخ ڪتابن جو نهايت وسيع مطالعو  ڪيل ٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته خصوصاً عربي ادب تذڪرن جي اهم ڪتابن سان تمام گهڻو مالا مال آهي، انهن جي اهميت، مواد ۽ معلومات جي لحاظ کان به آهي ۽ اسلوب، دل آويزي ۽ عمدگيءَ جي نقطئه نظر کان به آهي. تنهن کان سواءِ قديم سوانح عمرين ۾ سچائي ۽ حقيقت جو به گهڻو خيال رکيو ويندو هو، جا ڳالهه مغربي سوانح نگاري ۽ تاريخ نويسيءَ ۾ ايتري نه ملندي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ گهڻو ڪري جذبات جي اندر مذهبي غلبو هوندو جو سڄي سوانح حيات لاءِ زهر قاتل هوندو آهي. انهيءَ مغربي طرز جو اثر  آنجهاني پر مانند جوت جي ايڊيٽر ۽ پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ تي گهڻو پيل آهي، جو انهن تعصب کان ڪم وٺي ميرن جي صاحبيءَ تي جيڪي ڪجهه لکيو آهي تنهن جي ڀيٽ جيڪڏهن سندن مصنف ساٿي حڪيم صاحب جي ڪتاب ”ميرن جي صاحبي“ سان ڪجي ته معلوم ٿي ويندو ته حڪيم صاحب جيڪي ڪجهه لکيو آهي تنهن ۾ هن تاريخي بيان ۽ معلومات جو حق پورو پورو ادا ڪيو آهي. سندس اها تصنيف جيتوڻيڪ مختصر آهي مگر آهي غير فاني.

حڪيم صاحب کان اڳ تاريخي نموني جا ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، پر انهن ڪتابن جي لکڻ ۾ تحقيق کان ايترو ڪم نه ورتو ويو آهي. جنهن ڪري اهي ڪتاب پڙهڻ ۾ خشڪ لڳندا هئا ۽ عام طرح اهڙن ڪتابن پڙهڻ جي ماڻهو تڪليف ئي نه وٺندا هئا. مگر حڪيم صاحب جي ڪتابن جي خصوصيت ئي ٻيءَ طرح جي هئي، جو ماڻهو ڏاڍي چاهه ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندا هئا. حڪيم صاحب اڳين تاريخدانن جي نقصن کي دور ڪري، تاريخ جو هڪ معيار قائم ڪيو آهي ۽ جديد طرز مطابق نون بحثن تي محققانه ۽ عالمانه بحث ڪري مغرب جي تصنيفن جي برابريءَ جي قابل بنائي ڇڏيو اٿس. دلچسپي ۽ شگفتگي اهڙي پيدا ڪئي اٿس جو عام ۽ خاص ٻئي پڙهڻ ۾ ڪنهن به قسم جو بار محسوس نٿا ڪن. سنڌي زبان ۾ هن ڳالهه جو اڳي اصل خيال نه رکيو ويندو هو ته هر فن لاءِ ٻولي طرز ۽ بيان جو نمونو جدا جدا ٿيندو آهي. تاريخ ۽ ناول جي زبان ۾ فصاحت بلاغت ڪم آڻبي ته انهن جي مطلب تي نهايت برو اثر پوندو. حڪيم صاحب پنهنجي تحرير ۾ انهن ڳالهين جو خاص خيال ۽ احتياط رکيو آهي. ميرن جي صاحبي، ابو الفضل ۽ فيضي، آفتاب ادب وغيره جي ٻوليءَ کي ڀيٽي ڏسبو ته حقيقت واضح ٿي ويندي.

آخر ۾ ايترو ضرور چئبو ته هن صاحب جي تصنيفن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي، بلڪه ثابت ڪري ڏيکاريو اٿس ته سنڌي نثر نه رڳو قصن ۽ ڪهاڻين لاءِ موزون آهي، بلڪه ان ۾ اها ئي نزاڪت ۽ نرمي آهي، جا ٻين ترقي يافته ٻولين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ٻوليءَ ۾ به تاريخ ۽ تنقيد، سيرت ۽ سوانح نگاري، ادب ۽ اخبار نويسي وغيره ڪري سگهجن ٿيون. (مثال ۽ حوالا هن باب جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن).

 

فصل چوٿون

حڪيم صاحب جي نثر جون خوبيون

حڪيم صاحب جي تحرير ۾ لفظن جو انتخاب موضوع موافق ٿيل آهي.

هن صاحب جي تحرير اثرائتي آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ جي دل تي يڪدم اثر انداز ٿي وڃي ٿي.

نثر ۾ ٻولي شيرين گفتن سان ڀرپور ۽ وڻندڙ ڪم آندي اٿس، جنهن ڪري پڙهندڙ بيزار نٿو ٿئي.

سندس نثر ۾ فصاحت بلاغت، اصطلاح ۽ پهاڪا موجود آهن. خاص طرح ميرن جي صاحبي، ابو الفضل فيضي ۽ آفتاب ادب ۾ اهڙي قسم جو نثر گهڻو ڪم آندو اٿس.

حڪيم صاحب جي نثر ۾ جدت ۽ جوش آهي، جو پڙهندڙ تي اهڙا جذبا طاري ٿي وڃن ٿا. خاص طرح ”ڪمال ۽ زوال“ ڪتاب ۾ اهڙو نثر ڪم آيل آهي.

تحرير ۾ ٻولي سليس ۽ صاف ڪم آيل آهي، جنهن ڪري ٿورو پڙهيل به چڱيءَ طرح پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.

هن جو نثر پاڪيزه ۽ نصيحتن سان ڀرپور آهي. منجهس ڪٿي به ڪو اخلاق کان ڪريل يا واهيات لفظ ڪم آندل نه آهي.

نثر ۾ مختلف قسمن جا (مفرد، مرڪب ۽ مرتب) جملا ڪم آيل آهن، جنهن ڪري حڪيم صاحب جو نثر رنگين نظر اچي ٿو.

حڪيم صاحب پنهنجي تحرير ۾ هم قافيه، تڪ بندي ۽ سيه حرفيءَ وار الفظ به جهجهي انداز ۾ ڪم آندا آهن، جنهن ڪري سندس نثر مقناطيسي ڪشش رکي ٿو.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي نثر مان ڪي مثالي ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا، جن ۾ مذڪوره خوبيون سمايل آهن:

”آسمان ۾ بادل ڀرجي ٿا اچن، ڪارونڀار ڪڪر چڙهي آيا آهن، کنوڻيون، وڄ پئي چمڪي، گجڪارون دلين کي ئي دهلايو ٿيون ڇڏين. مينهن وسڻ جا اسباب سڀ موجود آهن. سڀڪو هڪ ٻئي کي چئي رهيو آهي ته مينهن آيو ڪي آيو، مندائتو هوندو ته انسان ۽ حيوان، ماڻهو ۽ مرون، پوکون ۽ وڻ سڀ وات ڦاڙي سپ وانگي پيا واجهائيندا. بي مندو هوندو ته سڀڪو پيو ڏڪندو ۽ ڪنبندو، چوندو ته جيڪڏهن هي اوريڪ آئي ته ملڪ ويران ڪري ڇڏيندي، هي برساتي طوفان آيو ته پوکون راهون برباد ٿي وينديون.

ايڏين تيارين هوندي به ڏسبو ته اتي جو اتي ڪڪر ڊوڙندا ٻئي پاسي پيا وڃن، ڪارو آسمان اڇو ٿيندو ٿو وڃي، هو جو جهڙ جي ڪري تارائي ڏسڻ ۾ نٿي آيا، سي جهرمر لڳايو بيٺا آهن، چنڊ پنهنجي چمڪندڙ چانڊوڪي ۽ دل کينچيدڙ روشني سان اکين ۾ نور ۽ دلين ۾ سرور پيدا ڪري رهيو آهي. هي جو سج ڪڪرن ۾ لڪو پيو هو، سو اوچتو ظاهر ٿي، ڌوٻين جي ڪپڙن کي سڪائي ۽ پوکن کي پچائي رهيو آهي، ماڻهو ويچارا جو برسات جي خوفناڪ پوڻ سببان جي جتي، سي تتي ويهي ويا هئا، سي چوڌاري پکڙجي ويا آهن. غرض ته آسمان ۽ زمين جو نقشو ئي اهڙو ته بدلجي ٿو وڃي، جو حيرت وٺيو وڃي. اکين آڏو اسباب سڀ موجود. ظاهر سامان سڀ تيار، مگر تنهن هوندي به مالڪ وٺي جو حڪم ڦيرايو، سو ڪاڏي ويا ڪڪر، ڪاڏي ويون وڄون، ڄڻ ته هڪ خواب هو يا خيال جو اتي ئي ڏٺو ويو ۽ اتي ئي گم ٿي ويو. ڇو؟ هن ڪري ته وسڻ ڪڪرن جي وس ۾ نه هو، هڪڙو ڦڙو ڪيرائڻ به ڪنهن جي اختيار ۾ نه هو. سواءِ انهيءَ پاڪ هستيءَ جي، جا هن ساري جڳ جي پيدا ڪندڙ ۽ هلائيندڙ آهي (1).“

”نيڪيءَ جي ڪا حد ڪانهي. جيتري قدر اوهان کان ٿي سگهي، اوتري قدر نيڪي ڪندا رهو. هڪڙي ماڻهوءَ سان اوهان پنج نه پنجاهه ڀيرا نيڪي ڪئي آهي، انهيءَ مان ائين نه سمجهو ته هاڻي بس، انهيءَ سان نيڪي ڪرڻ جو ضرور ڪونهي. اوهان کي گهرجي ته جيسين دنيا ۾ جيئرا رهيو، تيسين همييشه ماڻهن سان نيڪي ڪندا رهو. جنهن اوهان سان هڪ دفعو نيڪي ڪئي هجي، تنهن سان اوهين ڏهه دفعا نيڪي ڪريو. جيڪو اوهان سان نيڪي ڪري، تنهن سان نيڪي ڪرڻ ته اوهان تي واجب آهي، پر جنهن اوهان سان نيڪي نه ڪئي هجي ته ان سان به نيڪر ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن سان نيڪي ڪجي ته هر هر وات تي نه آڻجي، نه ڪي هن کي مهڻا ڏجن. نيڪي ڪري وات تي آڻڻ يا پنهنجي نيڪيءَ جو ٻئي کي مهڻو ڏيڻ، نيڪيءَ جي اثر کي وڃايو ڇڏي. دانائن چيو آهي ته ”نيڪي ڪري پاڻي ءَ ۾ اڇلائڻ گهرجي“. يعني انهي نيڪيءَ کي وري وات تي نه آڻجي، نه ڪي اڳلي کان نيڪيءَ جو عيوض گهرجي. جنهن نيڪيءَ جو عيوض گهريو، سا نيڪي نه چئبي(2).“

اهڙي طرح سنڌي نصاب جي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ بيان آهي ته:

”ادبي ٻوليءَ جو درجو عام ٻوليءَ  کان بالا ۽ برتو آهي. انهيءَ درجي جي ٻوليءَ کي، ادبي ۽ ساهتيه سڏبو آهي. ٻولي انهيءَ درجي ۾ اچي هڪ گلزار ۽ پر بهار بنجيو پوي ٿي. ٻوليءَ جي انهيءَ ادبي گلستان ۾ قسمين قسمين چمن ۽ ٻارا ٻڌجن ٿا، گوناگون گل ۽ گلبن پوکيا وڃن ٿا، طرحين طرحين واس ۽ سڳنڌ ڦهلجن ٿا، ڀانت ڀانت جون رونقون ۽ رنگ پسجن ٿا. پري پري کان ادبي گلن ۽ ڦلن جون چڪيون، ادبي وڻن ۽ ٻوٽن جون جنسون آڻي پوکجن ٿيون. يعني اهو سڀ ڪجهه سامان موجود ڪرڻو پوي ٿو، اهي سڀ مانڊاڻ منڊڻا پون ٿا، جن مان ادب جي گلزار ۾ سدا بهار اچي. عاشقانه امنگ هجن يا مجاهدانه جذبا، عيش پرستيءَ جا اسباب هجن يا محنت ڪشيءِ جا اوزار، سرمائينداريءَ جو سامان هجي يا مزوريءَ جو مانڊاڻ، شاهيءَ جو تخت هجي يا غربت جو تختو، بادشاهي تاج هجي يا گدائيءَ جو پيالو، سڪندر جو تخت هجي يا اڪبري جلال، ابوالفضل جو ڪمال هجي يا علم ۽ ڪمال جو قال، انهيءَ هر هڪ حالت جي پر زور بيان ۽ اثرائتي اظهار لاءِ ادب ۽ ساهت ئي هڪ بهترين وسيلو آهي.

ادب زبان جو زيور آهي ۽ ساهت ٻوليءَ جو سينگار. ادب، ڪلام جو ڪمال آهي ۽ ساهت ٻوليءَ جو ساهه. ادبي رنگ ۾، وويڪ جي واڻي ۽ ضمير جو آواز وڌيڪ زوردار، وڌيڪ اثرائتو ۽ وڌيڪ ڪارگر ٿئي ٿو. ادب ۽ ساهت جو جوهر شمشير جوهر دار کان به وڌيڪ تيز آهي (1)“.

”پاڻ سونهارا وڏن جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ وڏن جي ڳالهه جو گهڻو لحاظ ڪندا هئا، اهي جيڪي چوندا هئا ته پاڻ پورو ڪندا هئا. هڪڙي ڏينهن سندن پيغمبري ۽ فتوحات جي زماني ۾ دائي ”حليمه“ وٽن هيل آئي. پاڻ پنهنجي چادر مبارڪ وڇائي، کيس زور ڪري ان تي وهاريائون، پوءِ فرمايائون ته اي منهنجي مهربان ماءُ اوهان جو خير ۾ اچڻ ٿيو آهي، جيڪو ڪم ۽ حڪم هجي ته آءُ حاضر آهيان. بي بي دائيءَ قيدين بابت سفارش ڪئي، پاڻ ائين ڪيائيون ۽ ٻيو به جيڪي گهريائين، پاڻ سونهارن گهربل شيءِ کان به وڌيڪ پهچائي ڏنس(2).“

 

فصل پنجون

حڪيم صاحب ترجمان جي حيثيت ۾

سنڌي زبان ۾ پهرين نمبر تي ترجمان جي حيثيت مرحوم مرزا قليچ بيگ کي حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته هن صاحب جيترا ترجما ڪيا آهن اوترا ڪتاب سنڌ جي ڪنهن به اديب اڄ ڏينهن تائين ترجمو نه ڪيا آهن. ٻين جن صاحبن ترجما ڪيا آهن تن ۾ حڪيم صاحب ممتاز حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ خاص طرح ٻه ڪتاب ”نورالايمان ۽ ڪمال ۽ زوال“ ترجمو ڪيل اٿس پر انهن جي مطالعي ڪرڻ سان اها ڳالهه خاص طرح واضح ٿئي ٿي ته هن پنهنجي ترجمه کي نهايت خوش اسلوبي سان نباهيو آهي. لفظ ۽ جملن کي اهڙي ته موزون پيرايه ۾ ترتيب ڏني اٿس جو پڙهندڙ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ کيس بي ساخته مترجم جي قابليت جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو. سندس ترجمي ۾ اهڙي ته سادگي ۽ شستگي رکيل آهي جو ڪنهن به ٻيءَ ٻولي جو ترجمو معلوم نٿو ٿئي بلڪه ائين پيو ڀائنجي ته نج مادري زبان ۾ لکيو ويو آهي. جهڙيءَ طرح ”اخلاق محمدي“ ڪتاب جنهن لاءِ حڪيم صاحب ديپاچه ۾ ڄاڻايو آهي ته هن ڪتاب جي تيار ڪرڻ ۾ ڏهه عربي ڪتابن ۽ هڪ اردو ڪتاب تان مدد ورتي ويئي آهي. ان مان ظاهر آهي ته عربي زبان تي مڪمل دسترس حاصل هيس. مثال طور قرآن شريف جي هڪ آيت سڳوريءَ (انما المومنون اخوة ............ ان الله تواب رحيم) جو هيٺينءَ ريت ترجمو ڪيو اٿس:

”مسلمان جيڪي آهن سي ڀائر آهن. پوءِ پنهنجن ڀائن ۾ صلح ڪرايو ۽ الله پاڪ کان ڊڄو ته من اوهان تي رحم ٿئي. اي ايمان وارا ڪا قوم ڪنهن قوم سان مسخري ۽ ٽوڪ نه ڪري متان اها قوم انهيءَ کان (الله وٽ) چڱي هجي ۽ نه ڪي زالون، ڪن زالن تي خندو ڪن، متان اهي انهن کان چڱيون هجن. نه هڪ ٻئي کي عيب وارو بنايو ۽ نه هڪ ٻئي تي بڇڙا لقب رکو. ايمان کان پوءِ گناهه جهڙو بڇڙو ڪم آهي بڇڙو نالو ۽ جي توبهه نٿا ڪن ته پوءِ اهي گنهگار آهن. اي ايمان وارا، گهڻو ڪري گمان کان پاسي رهو. ڪي گمان گناهه آهن ۽ نه هڪٻئي جي عيبن جي تلاش ڪريو ۽ نه هڪٻئي جي گلا ڪريو. ڇا! اوهان مان ڪو گهري ٿو ۽ پسند ڪري ٿو ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ پوءِ اوهان نه پسند ڪيو ۽ خدا کان ڊڄو. تحقيق الله تعالى توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (1).

حڪيم صاحب علامه ابن خلدون جي ڪتاب ڪمال ۽ زوال واري ”مقدمه ابن خلدون“ جي ترجمي ۾ لکي ٿو ته:

”انسان پنهنجي پيدائش ۾ ئي قدرت جي طرفان آزاد ۽ خود مختيار پيدا ٿيل آهي. يعني آزادي ۽ خود مختياري هر ڪنهن انسان جو پيدائشي حق آهي انسان دنيا ۾ خدا پاڪ جو نائب آهي جو ڪنهن جو محتاج ۽ غلام نه آهي. جنهن جي ڪري هن جي قوميت جو جوش ۽ روحانيت جو جذبو به برباد ۽ فنا ٿي وڃي، سو هڪ خودمختيار رئيس جڏهن پنهنجي خود مختياري ۽ رياست کان محروم ٿي پوندو آهي، تڏهن هي قدرتي ڳالهه آهي ته هن جي  طبيعت پريشان ۽ منهجي سست ٿي پوندي آهي (2).“

سنه 1928ع ۾ سابق والي افغانسان امير امان الله خان جڏهن ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيا هئا تڏهن ڪراچيءَ جي شهرين طرفان امير موصوف جي خدمت ۾ هڪ سپاس نامو پيش ڪيو ويو هو. اهو سپاسنامو فارسيءَ ۾ لکايو ويو هو. سپاسنامي لکڻ جو ڪم ڪيترن صاحبن جي سپرد ڪيو ويو هو، مگر انهن حڪيم صاحب جن جو سپاسنامو وڌيڪ پسند ڪيو ويو. حڪيم صاحب پاڻ اهو سپاسنامو پڙهيو ۽ شاهه امان الله کي اهو  نهايت پسند آيو  هو .“ (1)

انهيءَ باري ۾ حڪيم محمد احسن صاحب جو چوڻ آهي ته ”انهيءَ سپاسنامه جي پيش ڪرڻ بعد هز مئجيسٽي غازي امان الله کيس افغانستان جي حڪومت ۾ وڏي عهدي ڏيڻ جي آڇ ڪئي، پر حڪيم صاحب افغانستان وڃڻ کان سنڌ ۾ رهي پنهنــجــي قــوم جــي خــدمت ڪرڻ  کي  وڌيڪ  ترجيح  ڏني“ (2).  مطلب ته حڪيم صاحب انهيءَ دور جو بهترين ترجمان هو.

 

فصل ڇهون

تصنيفات

مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي زندگيءَ ۾ هيٺيان سنڌي ڪتاب لکيا:

قلندر نامه (احوال لعل شهباز قلندر).

سنه 1914ع ۾ ليٿو پريس سکر ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ قلندر شهباز جي زندگيءَ جو تفصيلوار احوال جنهن ۾ قلندر شهباز جي سيوهڻ ۾ آمد، سير و سياحت، عبادت رياضت وغيره جون مفصل حقيقتون نهايت تحقيق سان لکيل آهن.

2. فتح محمدي: صفحا 152، سنه 1914ع ۾ شڪارپور ۾ ڇپيو.

رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي وقت ۾ سندن ڪافرن سان جيڪيي جنگيون ٿيون ۽ انهن ۾ مسلمانن جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا تن جو تفصيل هن ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي.

3.حيات النبي: قيمت 50-2 رپيا، سنه 1914ع ۾ ڪراچي ۾ ڇپيو، جملي 280 صفحا.

حضرت محمد صلعم جن جي سوانح حيات مبارڪ اخلاق و اطوار، رهڻي ڪهڻي وغيره نهايت سهڻي ۽ سليس عبارت ۾ روشني وڌي وئي آهي.

4.سيرت النبي ۽ اخلاق محمدي:  پاڻ ڪريمن جي سيرت مبارڪ تي مثالن سان حقيقتون بيان ڪيل آهن.


(1) هي حقيقتون محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کان معلوم ڪيل آهن.

(1) حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو مضمون ”سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي“ رسالو ”سنڌو“ ڊسمبر 1934ع شڪارپور سنڌ، ص 406-407.

(2) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”اسلامي چوٿون ڪتاب“ الوحيد پريس ڪراچي سنه 1925ع ص 69.

(1) ) ايڊيٽر عثمان علي انصاري سنڌي نصاب (لازمي) يارهين ۽ ٻارهين جماعت لاءِ ڪراچي 1961ع ص 16 حڪيم صاحب جو سنڌي ٻولي بابت مضمون.

(2) مؤلف حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”اخلاق محمدي“ ڪراچي 1914ع ص 78.

(1) اخلاق محمدي ص 17-18.

(2) ”ڪمال ۽ زوال“ ص 80.

(1) ”روزنامه عبرت“ 14 ڊسمبر 1960ع جي ايڊيٽوريل مان ورتل.

(2) حڪيم محمد احسن کان معلوم ڪيل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org