سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :9

 

آفتاب ادب عرف ساهت جو سج

ڀاڱو ٻيو

مواد ۽ موضوع:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب جو هي حصو 85 صفحن تي مشتمل آهي. هن حصي ۾ حڪيم صاحب هيٺين موضوعن جي اپٽار ڪئي آهي:

علم بديع، علم بيان ۽ علم معافي

صنايع بدايع

صنايع بدايع لفظيءَ جا ڪي نمونا

تجنيس تام جا مثال

تجنيس ناقص جو مثال

صنايع و بدايع معنويءَ جا ڪي نمونا

علم بيان

تشبيهه جا جزا يا ارڪان

تشبيهه جا ڪي نمونا

حقيقت

مجاز ۽ ان جا قسم

استعاري جا جزا يا ارڪان

استعاري جا ڪي  نمونا

مجاز مرسل جا ڪي نمونا

ڪنايه جا ڪي نمونا

تعريض

پهاڪا

حقيقت ۽ مجاز ۾ فرق

استعاري، مجاز مرسل ۽ ڪنايي ۾ تفاوت

استعاري ۽ تشبيهه ۾ فرق

طبع صحيح ۽ ذوق سليم

اديبن ۽ مصنفن جا ڪتاب ڏسڻ گهرجن

مضمون جي بيهڪ

مسند، مسنداليه ۽ اسناد

مجاز لغوي ۽ مجاز عقلي

علم معانيءَ  جي ڪن نڪتن جا نمونا

ايجاز

اطناب

ڪلام مهمل

ڪتاب ۾ ڪم آندل شعر

صنايع و بدايع جا شعر

تجنيس تام

تجنيس ناقص

ايهام

تناسب

مشاڪلت

عڪس

لف و نشر

مبالغو

مدح مشابه ذمه

ذمه مشابه مدح

حشو

علم بيان جا شعر

دلالت التزامي

مجاز

ڪنايو

علم معانيءَ جا شعر

ڪلام فصيح ۽ ڪلام بليغ

قصر

فصل ۽ وصل

اسباب زوال

حالات ليڊران قوم

اي مسلم!

سنڌي زبان تي ڪيترن ئي اديبن وقت بوقت ڪتاب پئي لکيا آهن پر حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي هيءَ تصنيف بلا مبالغي تاريخي شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر توڙي نظم جي هر صنف تي مڪمل روشني وڌي ويئي آهي.

انشا پردازي ۽ اعلى مضمون نويسيءَ لاءِ علم بديع، علم بيان ۽ علم معانيءَ جو ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي. انهن ٽنهي علمن جي حڪيم صاحب هيٺين لفظن ۾ سمجهاڻي ڏني آهي:

”علم بديع“

علم بديع جا ٻه قسم آهن: پهريون صنايع لفظي ٻيو صنايع معنوي.

صنايع لفظي جي معنى آهي ادبي ڪاريگريون جي لفظن ۾ رکليون هجن. (صنايع-جمع، صنعت-واحد) ”صنايع لفظي“ سان لفظن ۽ جملن ۾ سونهن ۽ سوڀيا پيدا ٿيندي آهي. ”صنايع معنوي“ سان معنائن ۾ خوبي ۽ محبوبي پيدا ٿيندي آهي(1).

”علم بيان“

”علم بيان“ اهڙن قاعدن جو نالو آهي، جن جي سمجهڻ سان هڪڙي ئي معنى کي ڪيترن نمونن سان ڪم آڻي سگهجي. انهيءَ علم جو مدار آهي ”دلالت“ تي. دلالت جا ڪيترائي قسم آهن، ان جي ذريعي تشبيهه، استعارو، ڪــنــايــو، حـقيقت، مجاز ۽ ٻيون اهڙيون حالتون ٻوليءَ ۾ پيدا ٿي سگهن ٿيون(2).

 

”علم معاني“

علم معاني اهڙن قاعدن جي مجموعي کي چئبو آهي، جن جي ذريعي لفظن جي حالتن کان واقف ٿجي ۽ ڳالهائيندڙ يا لکندڙ پنهنجي مراد بيان ڪرڻ ۾ معنوي غلطي نه ڪري. هن علم ۾ فقط ٻن ڳالهين جو بيان هوندو آهي پهريون فصاحت ٻيو بالاغت.

نوٽ: ڪتاب جو هي حصو شعر سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ ڪري وڌيڪ ذڪر شعر واري حصي ۾ ڏنو ويو آهي(1).

ڪتاب ۾ ڪم آندل ٻولي:

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ئي لکيل آهي، منجهس جيڪي عنوان ڏنا ويا آهن تن مان مصنف جي سنڌي علم و ادب تي مهارت هجڻ جي پروڙ پوي ٿي. ڪتاب ۾ ٻولي نهايت سليس، با محاوره ۽ عمدي ڪم آندل آهي. جتي ڪنهن عنوان جي سمجهاڻيءَ جي ضرورت محسوس ٿي آهي اتي انهيءَ پائنٽ کي مثالن سان سهڻي نموني سمجهايو ويو آهي.

مثال طور صورتخطيءَ کي صحيح طرح پڙهڻ جي باري ۾ حڪيم صاحب لکي ٿو ته:

”ال“ وارن لفظن مٿان جيڪڏهن ”حرف علت“ (واو-الف-ي) مان ڪوبه پڙهڻ مهل ڪري پوندو ۽ لکڻ ۾ قائم رهندو. جهڙو ”ابوالڪلام“ پڙهڻ مهل ابل ڪلام ڪري پڙهبو. مگر لکڻ ۾ ”ابوالڪلام“ ڪري لکبو. ساڳيءَ طرح ”ابي القاسم ۽ ابالحسن“ کي ابل قاسم ۽ ابل حسن“ ڪري پڙهيو، مگر لکبو ”ابي القاسم ۽ ابالحسن“.

اڪثر ڪري ڏسڻا واسڻا ماڻهو اهڙن اچارن کي غلط اچاريندا آهن. ابوالڪلام کي ”ابو-ال-ڪلام“ ۽ ابي الحسن کي ابي-ال-حسن“ ڪري پڙهندا آهن، جو بلڪل غلط آهي. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ عربيءَ جي صورتخطي رواج ۾ آيل آهي، تڏهن اسان کي عربي صورتخطي ۽ عربي اعرابن کان بي پرواهه رهڻ جو ڪيتري قدر حق آهي؟“(2).

 

مقصديت ۽ اهميت:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب مان حڪيم صاحب جي سنڌي ادبي شعور ۽ ڄاڻ جي پروڙ پوي ٿي. فاضل مصنف هن ڪتاب ذريعي سنڌي قوم کي صحيح سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ جي صلاح ذريعي سنڌي قوم کي صحيح سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ جي صلاح ڏني آهي. اهي اصول، قاعدا ۽ قانون ڄاڻايا اٿس جن تي عمل ڪرڻ سان ٻوليءَ ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي. انهن مان ڪي اصول هيٺ ڏجن ٿا:

ٻولي اهڙي ڪم آڻجي جيئن سڀڪو سمجهي سگهي.

ڪتابي ٻوليءَ کي مذهبي رنگ نه ڏجي، جنهن مان ٻين مذهبن وارا اجنبيت محسوس ڪن.

عام ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ فرق آهي. ادبي ٻوليءَ جو درجو عام ٻوليءَ کان مٿانهون آهي. ادبي ٻوليءَ جو اثر ترار کان تيز ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري حڪومتون ادبي ٻوليءَ کان ڪَؤ کائينديون آهن.

سنڌي زبان ۾ ٻين ٻولين جا جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا انهن جو تلفظ صحيح ڪرڻ گهرجي.

سنڌي دان کي اها ڄاڻ رکڻ گهرجي ته ڪهڙا ڌارين ٻولين جا لفظ سنڌيءَ ۾ مروج ٿي ويا آهن.

علم بديع، علم بيان ۽ علم معانيءَ جي ڄاڻ انهن جي قاعدن قانونن جي واقفيت رکڻ گهرجي (1).


(1) ”آفتاب ادب“، ص 130.

(2) ايضاً، ص 143.

(1) ”آفتاب ادب“ ص 165.

(2) ”آفتاب ادب“، ص 80.

(1) ”آفتاب ادب عرف ساهت جو سج“، ص 10-11.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org