سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 17

 

 

سنيتي ڪمار چٽر جي

 

ننڍي کنڊ جو مشھور ۽ معروف لسانيات جو ماھر سنيتي ڪمار چٽر جي بنگالي ٻوليءَ تي ڪيل پنهنجي تحقيق جي حوالي سان سڃاتو ويندو آھي. سموري ننڍي کنڊ ۾ ھن جي ھاڪ آھي. ھندستان ۽ ان کان ٻاھر ننڍي کنڊ جي ٻولين جي باري ۾ ھن جي راين کي احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آھي. ھن نه صرف بنگالي ٻوليءَ تي تحقيق ڪئي آھي، پر ننڍي کنڊ جي ٻين مکيھ آريائي ٻولين جي باري ۾ پڻ ڪافي ڪجهه لکيو آھي. دراصل ھن پنهنجي لاثاني ڪتاب ’بنگالي ٻوليءَ جو اصل نسل ۽ اوسر‘ The origin and Development of Bengali لکندي، ننڍي کنڊ ۾ ھند يورپي زبانن جي خاندان جي آريائي شاخن جي تاريخي طور تي کوجنا ڪري پنهنجو نظريو پيش ڪيو آھي. سنيتي ڪمار چٽرجي جا ھن ڪتاب کان علاوه انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ھن ريت آھن:

(1) Bengali Self taught

(2) A Bengali Phonetic Reader

(3) Indo-Aryan and Hindi

(4) Languages and Literature’s of Modern India

(5) Africanism

(6) Batts and Aryans in their Indo-European Back-ground

(7) India and Ethiopia from Seventh century BC

(8) Jay deva

مذڪوره ڪتابن کان علاوه مقالن ۽ مضمونن جو به وڏو تعداد، لکيل اٿس. سنيتي ڪمار چٽرجي ٢٦ نومبر ١٨٨٩ع تي ڄائو. ھن ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪئي. ١٩٢١ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز، جيڪو ھاڻ اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز آھي، اتي اسڪالرشپ تي پڙھڻ ويو ۽ ڊي لٽ جي ڊگريءَ لاءِ مقالو لکيائين. ’بنگالي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ اوسر‘، برٽش ميوزم جي اورينٽل بوڪس اينڊ مينسڪرپٽ جي ڊاڪٽر بارنيٽ جي رھبريءَ ۾ تحقيق جو ڪم ڪيائين. کيس لنڊن يونيورسٽيءَ مان ٢٠ جولاءِ ١٩٢١ع تي ڊي لٽ D.Lit جي ڊگري عطا ڪئي وئي. سندس ھن ڪتاب جو پھريون ايڊيشن ١٩٦٢ع ۾ ڪلڪتي يونيورسٽي پريس ۾ ڇپيو. جنهن کي ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاھر به پذيرائي حاصل ٿي. ھن ڪتاب لاءِ جڳ مشھور ماھر لسانيات جارج ابراھام گريئرسن لکيو آھي:

مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي رھي آھي ته مان پروفيسر چٽرجيءَ جي ھن بي بها ڪتاب لاءِ جديد ھندستان جي ٻولين جي شاگردن کي صلاح ڏيندس ته ضرور پڙھن. ھن ڪتاب ۾ سالھا سالن جي پورھئي جو ثمر موجود آھي، جيڪو پروفيسر چٽر جي جي محنتن جو نتيجو آھي(١).

ھن ڪتاب ۾ چٽر جيءَ سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکيو آھي:

سنڌي ٻولي سنڌو ماٿر جي ھيٺاھين علائقي ۽ ڪڇ ۾ ڳالھائي ويندي آھي. سنڌي ڳالھائڻ وارا ٣٥ لکن کان ٿورو مٿي آھن. ان جا پنج لھجا آھن. وچولي، سرائيڪي، لاڙي، ٿاريلي ۽ ڪڇي. سنڌي ٻولي عربي- فارسيءَ جي وڌايل الف بي واري رسم الخط ۾ لکي پئي وڃي ۽ واپاري ماڻھو (واڻيا) لنڊا اکر به استعمال ڪن ٿا، ته گرمکي به اڪثر ڪم ايندي آھي. سنڌي قديم خصوصيتون برقرار رکيون آھن. خاص طور سندس صوتياتي سرشتي ۾ شامل چار خاص آواز ته ھندستان جي ڪنهن به دراوڙي، آريائي، ڪول ۽ سائنو تبتين ٻولين مان ڪنهن ۾ به ڪونهن. سي آھن (ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ) ھي آواز (ب، د ج ۽ گ) جا جوڙيوال آھن. جن جي ادائگيءَ مھل نڙگھٽ بند رھي ٿو. سنڌي ۽ پنجابيءَ ۾ ڪيتريون ھڪجھڙايون موجود آھن. سنڌي ٻوليءَ ۾ چڱو ئي ادب به موجود آھي، جو بيتن توڙي نثري داستانن جي صورت ۾ آھي، جنهن جو اسلوب فارسيءَ جھڙو آھي(٢).

سنيتي ڪمار چٽر جي ھندستان جي آريائي ٻولين جو ھڪ خاڪو تيار ڪيو ھو، ان ۾ قديم ھند آرين ٻولين جي گروهه کي ٽن درجن ۾ ورھايو آھي: (١) داردڪ، (٢) ايراني، (٣) انڊڪ يا ھند آريائي. داردڪ ٻولين مان ڪشميري، شتا، ڪوھستاني، چترالي ۽ ڪافر ٻوليون ٺھيون ۽ انڊڪ گروهه مان سنڌي لھندا، پنجابي، سنهالي، راجستاني، ھندي، بهاري اوريا، بنگالي، آسامي، مٿيالي ۽ سنسڪرت ٻولين جنم ورتو(٣).

سنڌو تهذيب جي باري ۾ چٽرجيءَ لکيو آھي:

”آرين جي اچڻ کان اڳ ھندستان ۾ جيڪي لوڪ رھندا ھئا، تن مان سڀ کان پھريائين دراوڙي لوڪ سجھن ٿا. ائين ممڪن آھي ته سنڌو سڀيتا ۽ موھن جو دڙو ۽ ھڙاپا جا شھر به دراوڙين جا اڏيل ھجن.“

سنڌو لکيت جي باري ۾ چٽرجي جو خيال آھي ته:

”سنڌو ماٿر جي قديم لکيت کي پڙھڻ لاءِ بين الاقوامي سطح تي ڪوششون ٿي رھيون آھن. بلاشڪ ھاڻ ھي ھڪ انڊولاجي جو ھڪ اھم موضوع بڻجي چڪو آھي. روس ۾ ھڪ ٽيم ڪمپيوٽر جي وسيلي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه قدر ڪامياب ٿي آھي، جنهن کي فنلينڊ جا اسڪالر آسڪو پار پولا وارا ۽ ھندستاني اسڪالر مھاديوان پڻ تسليم ڪري چڪا آھن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھيءَ ھڪ دراوڙي قوم ھئي.“(٥)

سنيتي ڪمار چٽرجي ھندستان جي ٻولين ۽ ادب جي بيحد گھڻي خدمت ڪئي. ھو سموري ھندستان ۾ ھڪ مھان ڀاشا وگياني طور ڄاتو سڃاتو ويندو ھو. ھو ھندستان جي مرڪزي لئنگويج ڪميشن جو ميمبر رھيو، جيڪا ١٩٥٥ع ۾ قائم ڪئي وئي ھئي. چٽرجي سن ١٩٥٦ع ۾ ھند سرڪار جي سنسڪرت ڪميشن جو چيئرمئن پڻ مقرر ٿيو. چٽر جي ساھتيھ اڪيڊميءَ جو چيئرمئن پڻ رھيو. ڪلڪتي جي مشھور ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو صدر به ٿي رھيو. انٽرنيشنل فونيٽڪ ايسوسيئيشن لنڊن جو صدر پڻ ڪجهه عرصي لاءِ بڻيو. سنيتي ڪمار چٽرجيءَ جي ڪتاب ‘The origin Development of Bengali’ جي باري ۾ ايشياٽڪ جرنل ۾ پروفيسر جوليس بلاخ لکيو آھي:

”ھندستان جي مکيھ ٻولين مان ھڪ مکيھ ٻولي، جنهن ۾ شاھوڪار ادب به موجود آھي. دنيا جي چند وڏن شھرن ۾ پڻ ڳالھائي وڃي ٿي ۽ آريائي دنيا جي اوڀر واري حصي ۾ ھڪ اھم ۽ مخصوص جاءِ والاري ٿي. اتان ھڪ سچي ماھر لسانيات جو جنم ٿيو آھي، جھڙا ياسڪا پاڻني ھئا، جن جي علم کان يورپي عالم به متاثر آھن.“(٦)

لسانيات جي دنيا جي ھڪ ٻي ماھر ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ جي سنسڪرت جي پروفيسر آر ايل ٽرنر پڻ ھن ڪتاب لاءِ لکيو:

”ھن ڪتاب جو مون کي تمام گھڻو انتظار ھو. ھاڻ ھي ڪتاب منهنجي اميدن تي پورو لٿو آھي. ھيءُ ھڪ عمدو ڪارنامو آھي ۽ ھند آريائي ٻولين جي اڀياس ۾ ھڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آھي.“

سنيتي ڪمار چٽر جي ١٩٨٥ع ۾ ’انڊو ايشين ڪلچر‘ جرنل ۾ ھڪ مضمون لکيو، جنهن جو عنوان ھو: ‘An early Arabic version of Mahabharte story from Sindh’ ھن مضمون کي ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ’ڪھاڻي‘ رسالي ۾ ڇپرايو. ھن سلسلي ۾ خوبچنداڻي لکي ٿو:

چٽر جي جي چوڻ مطابق ١٠٢٦ع ۾ ابوالحسن مھاڀارت جو عربي مان فارسي ۾ ترجمو ڪيو ھو، جيڪو دراصل ڪنهن قديم ھندستاني ٻوليءَ ۾ ابو صالح جو لکيل ھو. چٽر جي دعويٰ ڪئي آھي ته ان ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۽ ان ۾ ڄاڻايل نالن وغيره مان بخوبي پتو پوي ٿو ته اھا قديم زبان سنڌي ھئي.(٧)

چٽر جي جي ھن تحقيق تي جيرامداس دولترام وڌيڪ روشني وڌي ۽ ظاھر ڪيو ته:

”سنڌيءَ ۾ پراڻي ۾ پراڻو گرنٿ ’راجائن لاءِ سکيا‘ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جو عيسوي سن کان ٽي صديون آڳاٽو راجا راول جي منتري سپر ان زماني جي سنڌي پراڪرت نثر ۾ لکيو ھو. ھن جھوني ۾ جھوني سنڌي پستڪ جي پھرين ڀاڱي ۾ مھاڀارت جي لڙائيءَ جو اختصار ڏنل ھو ۽ ٻئي حصي ۾ راجا جئدرٿ جي پوين، سنڌ ۽ پنجاب جي راجائن جون ڪھاڻيون ڏنل ھيون. سپر جو لکيل ڪتاب ’راجائن لاءِ سکيا‘ ٽين صدي قبل مسيح ۾ لکيو ويو ھوندو. ابو صالح ان ڪتاب جو عربي ترجمو شايد عيسوي سن جي اٺين يا نائين صديءَ ۾ ڪيو ھجي. جو ابوالحسن علي ١٠٢٦ع ۾ پارسي ڪتاب ’مجمل التواريخ والقصص‘ ۾ ھڪ باب جي صورت ۾ وڌي ويو. ڊاڪٽر چٽرجي ھن راءِ جو آھي ته ان ڪتاب جي ٻولي سنسڪرت نه پر پنجاب يا سنڌي پاسي جي مڪاني ٻولي آھي. پڪو انومان سنڌ جي ٻوليءَ جي فائدي ۾ ڪڍيو اٿس. ڇو جو انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ ڏانهن اشارا آھن ۽ ڪي نالا سنڌي ٻوليءَ جي نيمن پٽاندڙ بدليل آھن. سپر جي زماني جي ٻوليءَ کي ڊاڪٽر چٽرجي پراڻي سنڌي ڪري ڪوٺيو آھي.“(٨)

ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چٽر جيءَ جي سنڌي ٻوليءَ سان گھري دلچسپيءَ جو اظھار ڪشنچند جيٽليءَ ڏانهن لکيل ھڪ خط ۾ ڪيو آھي، جيڪو ھن جيٽلي صاحب جي ھنديءَ ۾ لکيل ڪتاب، ”سنڌي ڀاشا ڪاسمپڪشت پريچيھ“ پڙھڻ بعد کيس لکيو ھو، جنهن ۾ ھن سنڌي ٻوليءَ کي ھڪ قديم ۽ ننڍي کنڊ جي ھڪ اھم ٻوليءَ طور تسليم ڪيو آھي.

 

ڪينسا ڪو ماميا

ڪينسا ڪو ماميا سنڌي ٻوليءَ جو گرامر (Outline of Sindhi Grammar) جپاني ٻوليءَ ۾ لکيو ۽ سن ١٩٩٤ع ۾ ٽوڪيو مان ڇپايو. ماميا سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي جپانيءَ ۾ متعارف ڪرائي، ھڪ لائق تحسين ڪم ڪيو آھي.

ڪينسا ڪو ماميا جپان جي شھر ٽوڪيو شيما ۾ ٢٧ جون ١٩٦٥ع تي ڄائو. ھن جي والد جو نالو شوھيئي ماميا آھي. ماميا سن ١٩٨٨ع ۾ ٽوڪيو يونيورسٽي آف فارن اسٽڊيز مان ادب ۾ بي. اي ڪئي ۽ ساڳئي يونيورسٽيءَ مان ١٩٩٠ع ۾ ايم اي اردوءَ ۾ ڪئي.

ماميا ١٩٩٠ع کان ١٩٩٢ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي ۾ ايم فل جو شاگرد ٿي رھيو ۽ ان دوران ’سنڌي ۽ اردوءَ جي انگريزي دخيل لفظن جي پدن جي جوڙجڪ جو تقابلي مطالعو‘ جي عنوان سان مقالو لکيو. ان تي کيس ١٩٩٣ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ايم فل جي ڊگري عطا ڪئي وئي. سندس رھنمائي اردو شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر نجم الاسلام ۽ سنڌي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ڪئي. ماميا ٻھ مضمون ٻيا به لکيا آھن، سي ھي آھن:

١- اردو زبان جي پدن جي جوڙڪ (جپانيءَ ۾) ١٩٩٠ع

٢- سنڌالاجيءَ جو تعارف (جپانيءَ ۾) ١٩٩٢ع

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رھڻ دوران ماميا ٻھ دفعا ھندستان گھمڻ ويو. جولاءِ ١٩٩١ع ۽ جنوري ١٩٩٢ع ۾ ھند جي سفر دوران اردوءَ جي مشھور اديبن کان علاوه سنڌي اديبن سان پڻ مليو، جن ۾ ھيرو ٺڪر، مرليڌر جيٽلي، ھري موٽواڻي ۽ ٻيا شامل آھن.

١٩٩٠ع ۾ جڏھن ماميا سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ آيو ته اردو شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر نجم الاسلام کيس ڪو اھڙو موضوع چونڊڻ لاءِ چيو، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي باھم تعلق جو احوال پڻ ھجي. ٽوڪيو يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائيءَ دوران ماميا لسانيات جو ڪورس پڻ ڪري چڪو ھو، ان ڪري کيس سنڌي ٻولي سکڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانه ٿي. سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ ھن کي سنڌي شعبي جي حوالي ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب، جو ان وقت شعبي جو سربراهه ھو، اِھا ذميواري منهنجي مٿان رکي. ڇھن مھينن جي اندر ماميا نه صرف سنڌي ڳالھائڻ پر پڙھڻ ۽ لکڻ به سکي ويو. ھو سنڌ يونيورسٽيءَ جي گيسٽ ھائوس ۾ رھندو ھو ۽ ماني ٽيچرس ھاسٽل ۾ کائيندو ھو. ھتي رھڻ دوران ھو يونيورسٽيءَ جي استادن، شاگردن ۽ ملازمن سان سنڌيءَ ۾ ڳالھائيندو ھو. ھو ڏاڍو نماڻو ۽ سٻاجھڙو شاگرد ھو. پنهنجو ڪم نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيندو ھو. سنڌي شعبي ۾ روزانو ايندو ھو، ۽ سڀني استادن سان دعا سلام ڪندو ھو. سنڌي سکڻ لاءِ ھو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا سنڌي پروگرام غور سان ٻڌندو ھو. ھڪ ڏينهن ريڊيو تان موڪلاڻيءَ ويل ’سدائين گڏ‘ جا لفظ ٻڌائين. ٻي ڏينهن مون کان اچي پڇيائين ته، ’سائين سدائين گڏ‘ جو مطلب ڇا آھي؟ بظاھر ته سدائين معنيٰ ھميشھ ۽ گڏ معنيٰ ساڻ ھجڻ، پوءِ موڪلائڻ مھل ائين ڇو چوندا آھن ته سدا ئين گڏ؟ ھن جو سوال تمام اھم ھو. مون کيس سمجھاڻي ڏني، جنهن تي ھو مطمئن ٿي ويو.

ايم فل لاءِ لکيل مقالي ۾ ھن پھرين باب ۾ اردو ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ لکي آھي. ٻي باب ۾ اردو، سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي صوتين جون فھرستون ڏنيون آھن ۽ ٽنهي ٻولين جي پدن جي جوڙجڪ پڻ بيان ڪئي آھي. باب ٽئين ۾، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ انگريزي دخيل لفظن جي پدن جي ڀيٽ ڪري تفصيل سان ٻڌايو ويو آھي ته سرن توڙي وينجنن ۾ ڪھڙا فرق آھن ۽ انهن ۾ اھڙو فرق ڇو ٿيو آھي. آخر ۾ اردو سنڌيءَ جي انگريزي دخيل لفظن جي فھرست ڏني اٿائين، جنهن ۾ سنڌيءَ جا ٥٥٠ لفظ ۽ اردوءَ جا ١٨٠٠ دخيل لفظ گڏ ڪري ڏنا اٿائين. ڪينسا ڪو ماميا ھن مقالي لکڻ تي تمام گھڻي محنت ۽ جفاڪشي ڪئي. پنهنجا رايا پڪن پختن حوالن ۽ دليلن سان ڏنا اٿس. ھو لکي ٿو:

”پاڪستان، ھندستان ۽ بنگلاديش جي ملڪن تي مشتمل برصغير پاڪ و ھند تي اڻويھين صديءَ جي وچ کان وٺي اٽڪل روءِ ھڪ سؤ سالن تائين انگريزن جي حڪومت رھي. ان عرصي ۾ انگريزن ان خيال سان ته انگريزي ٻوليءَ ذريعي برصغير ۾ تعليم رائج ڪجي. انگريزي ٻوليءَ جو ڦھلاءُ شروع ڪيو. جنهن ۾ جزوي طور ڪاميابي حاصل ڪئي، پر انگريزي ٻوليءَ کي ننڍي کنڊ جي عوامي ٻولي نه بڻائي سگھيا.“(١)

سنڌي ۽ اردو صوتين جي ڀيٽ ڪندي ماميا ٻين ٻولين جا مثال به ڏنا آھن. ان مان پتو پوي ٿو ته، ھن کي لسانيات ۾ سٺي مھارت حاصل آھي. ھو لکي ٿو: ”اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڌوڪڻن وينجنن جو تعداد وڌيڪ آھي. مثال طور اردوءَ ۾ ٻچپاوان وينجن پنج آھن/ پ، ڦ، ب، ڀ ۽ م/ جڏھن ته سنڌيءَ ۾ ڇهه آھن/ پ، ڦ، ب، ڀ، ٻ ۽ م/ يعني ته/ پ/ چوسڻو آواز به آھي. ان نقطئھ نظر سان ٻين ٻولين ڏانهن ڏسجي ته انگريزي ۽ جپانيءَ ۾ صرف ٽي وينجن صوتيا آھن. يعني ته /پ، ب ۽ م/ جڏھن ته چيني ٻوليءَ ۾ صف / پ ڦ ۽ م / موجود آھن.“

چئي سگھجي ٿو ته ڌوڪڻا وينجن صوتيا سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ججھا ھئڻ ٻنهي ٻولين جي خصوصيتن مان ھڪ خصوصيت آھي.(٢)

ماميا پنهنجي مقالي ۾ انگريزيءَ جي دخيل لفظن، اردو توڙي سنڌيءَ ۾ اسڪول، اسٽيشن ۽ اسپيشل جي شروع ۾ /اِ/ سر جي اضافي جي باري ۾ تحقيق ڪئي آھي ۽ ان نتيجي تي پھتو آھي ته ڇاڪاڻ ته وينجن جي مجموعي و آوازن جي چِٽائي Sonority سان گھرو تعلق آھي. مثال طور: انگريزي لفظ اسڪول جي منڍ ۾ ٻھ وينجن يعني / س/ / ۽/ / ڪ/ گڏ اچن ٿا. آوازن جي چٽائيءَ جي لحاظ کان ڏسجي ته / س/ جي مقابلي ۾ / ڪ/ گھٽ چٽو آھي، تنهن ڪري اھڙي وينجن جھگٽي جي شروع ۾ / اِ/ سر ملايو ويندو آھي.(٣)

سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ اھم خصوصيت يعني سنڌيءَ جي ھر اسم جي آخر ۾ ڪونه ڪو سر ضرور موجود ھوندو آھي. ان جي باري ۾ پڻ ماميا پنهنجي راءِ پيش ڪئي آھي. ھو لکي ٿو ته سنڌيءَ جي ھر لفظ جي آخر ۾ لازما سر ايندو آھي، چاھي اھو لفظ دخيل ھجي، چاھي غيرملڪي ٻوليءَ جو لفظ. ھيءُ آخر ۾ ايندڙ سر سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. مذڪر ۽ مؤنث جو قاعدو ھن سر تي منحصر آھي. ھر ٻوليءَ جا ڪجهه عناصر تسلسل سان تبديل ٿيندا رھندا آھن، پر ڪي عناصر ڪڏھن به تبديل نه ٿيندا آھن. ٻوليءَ جا آواز تبديل ٿيندا رھن ٿا. پر گرامر ۾ تبديلي مشڪل سان ئي ايندي آھي. تنهن ڪري سمجھڻ گھرجي ته سنڌيءَ ۾ آوازن جي ساخت ۾ تبديلي ڪري پنهنجي گرامر مطابق ھر دخيل لفظ جي آخر ۾ سر کي شامل ڪيو ويندو آھي.(٤)

ڪينسا ڪو ماميا پنهنجي مقالي جي آخر ۾ اخذ ڪيل نتيجن جي باري ۾ ھڪ باب تحرير ڪيو آھي. ھڪ ھنڌ ھن لکيو آھي: موجوده اردو ۽ سنڌيءَ ۾ انگريزي دخيل لفظن جو چڱو خاصو تعداد موجود آھي، جيڪو ٻنهي ٻولين جي لفظي ذخيري ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري چڪو آھي. يعني ته انهن ٻولين جو حصو ٿي چڪو آھي. ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ روزانه ’جنگ‘ ۽ سنڌي اخبار ’عوامي آواز‘ جي پھرين صفحن ۾ ٨ سيڪڙو ۽ ٧ کان ١٠ سيڪڙو بالترتيب انگريزي دخيل لفط يا نج انگريزي لفظ ملن ٿا. ھيءَ ڳالهه سولائيءَ سان معلوم ٿئي ٿي ته انگريزي دخيل لفظ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪيترو نه اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.(٥)

انگريزيءَ جي دخيل لفظن جي حوالي سان سنڌي ۽ اردوءَ جي پدن جي جوڙجڪ جو تقابلي جائزو نالي واري ھن مقالي تي ماميا تمام گھڻي محنت ڪئي آھي ۽ ھيءُ موضوع بلڪل ئي نئون آھي. لسانيات جي ھن موضوع تي ڪم ڪرڻ جي گھڻي اھميت آھي. ماميا ھن ڏس ۾ پھريون قدم کڻي اڳتي جي لاءِ تحقيق جي واٽ گھڙي آھي. ماميا جا مذڪوره ٻئي ڪم يعني ته سنڌي ٻوليءَ جو گرامر جپاني ٻوليءَ ۾ ۽ سندس ايم فل جو مقالو سنڌي ٻوليءَ جي يادگار خدمت طور ليکيا ويندا. دراصل ھي ٻئي ڪم سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جو اھم حصو بڻجي چڪا آھن.

١٩٩٧ع ۾ ماميا لنڊن ويو، جتي برٽش لئبرري ۽ انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ رکيل سنڌي ڪتابن جي مسودن جي لسٽ ٺاھي آيو، جنهن کي ترتيب ڏئي ھو ھڪ مقالو تيار ڪندو. لنڊن مان موٽندي ماميا سنڌ آيو ۽ پنهنجو ھڪ ڪتاب تحفي ۾ ڏئي ويو. ھيءُ ڪتاب ١٩٩٧ع ۾ ڇپيو آھي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ١٥٠٠ بنيادي لفظ، جپاني معنيٰ سان ۽ انٽرنيشنل الفابيٽ ۾ اچار ڏنل آھن. ھيءُ ھڪ لاجواب خدمت آھي. ھيءُ ڪتاب ترتيب ڏيڻ لاءِ ماميا جن ڪتابن تان مدد ورتي آھي، سي ھن ريت آھن:

١- سنڌي زبان جي بنيادي لغت، سنڌي ادبي بورڊ

٢- سنڌي معلم، ڊاڪٽر غلام علي الانا

٣- روزانه عوامي آواز، ڪراچي

٤- سنڌي- اردو لغت، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ خان

٥- جامع سنڌي لغات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

٦- An Intersive course in Sindhi

٧- Sindhi Language R. P. yegorva

ڪتاب جي منڍ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مختصر تعارف جپانيءَ ۾ لکيو اٿائين. ھيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي جپان ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو.

 

حوالا:

١- ماميا ڪينساڪو، اردو اور سندھي کي ارکان تهجي کا تقابلي جائزه، ايم فل ٿيسز، سنڌ يونيورسٽي ١٩٩٢ع، صفحو-١.

٢- حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٣

٣- حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ٣٣

٤- حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو-٢٧

٥- حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو-٥١

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org