سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 22

 

ڊاڪٽر حيدر سنڌي

 

ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙو عرف حيدر سنڌي، سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ ھڪ خاموش ۽ مخلص ڪارڪن سنڌ وطن کان ڏور اسلام آباد جي فضائن ۾ نهايت سڪون سان رھائش پذير آھي، جتي قائداعظم يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽڊيز ۾ پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر جي عھدي تي فائز آھي. حيدر، سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ آھي. ھن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا ۽ ڪتاب لکيا آھن. سنڌي ٻوليءَ تي به ڪم نهايت عمده ڪيل آھي. سندس پي ايڇ. ڊيءَ جي مقالي جو عنوان آھي: ’پاڪستان جي صوبائي ۽ علاقائي زبانن ۾ سنڌيءَ جي علمي ادبي ۽ لساني حيثيت‘، جيڪو ١٩٨٥ع ۾ ڇپيو. سندس ھڪ اھم مضمون پڻ منهنجي سامھون آھي، جيڪو حيدر صاحب ١٩٨٨ع ۾ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لسانيات واري سيشن ۾ پڙھيو ھو. جنهن جو عنوان آھي ’ھندڪو- سنڌو ماٿريءَ جي قديم ٻولي‘.

غلام حيدر ٻرڙو عرف حيدر سنڌي ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو تعلقو موري ۾ تاريخ ١٥ سيپٽمبر ١٩٤٥ع تي ڄائو، سندس والد جو نالو حاجي علي مراد ٻرڙو آھي. حيدر صاحب جي تعليم بي ايڊ، ايم اي ۽ پي ايڇ. ڊي آھي. غلام حيدر ٻرڙي ڊي جي ھاءِ اسڪول نواب شاهه ۽ نيو جتوئيءَ ۾ انگلش ٽيچر ١٩٤٩ع کان ١٩٧٤ع تائين رھيو ۽ ١٩٧٤ع ۾ پاڪستان اسٽڊيز سينٽر اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جنهن کي بعد ۾ قائداعظم يونيورسٽيءَ جو نالو ڏنو ويو. حيدر سنڌي پھريائين ليڪچرار، پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ايسوسئيٽ پروفيسر ھاڻي پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر آھي.

حيدر سنڌيءَ جا ڪيترائي مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپيا آھن. حيدر ترجما به ڪيا آھن، جن ۾ خاص طور اينميري شمل جو ڪتاب ’سنڌي ادب جي ارتقا‘ قابل ذڪر آھي. ھيءُ ڪتاب ١٩٨٢ع ۾ ڇپيو.

حيدر سنڌيءَ پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ جنهن عنوان جو انتخاب ڪيو سو آھي، ’پاڪستان جي صوبائي ۽ علاقائي زبانن ۾ سنڌي زبان جي علمي، ادبي ۽ لساني حيثيت‘. ھيءُ مقالو ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رھبري ھيٺ لکيائين. باب پھرين ۾ ٻوليءَ جي وصف ۽ اھميت، سماج ۽ ٻوليءَ جو سٻنڌ وغيره تي روشني وڌي وئي آھي. ٻوليءَ جي وصف، لسانيات جي دنيا ۾ ھڪ چڱو موچارو چوٻول پيدا ڪيو آھي. سلسلو ته خير سان ھلندڙ آھي. مختلف مڪتبه فڪر پنهنجي نقطئھ نظر کان ٻوليءَ جي وصف ڪندا رھيا آھن. ڊاڪٽر حيدر سنڌي صاحب قرآن مان به ڪجهه حوالا ڏنا آھن. جڏھن ته ٻين مشھور ماھرن جا رايا پڻ شامل ڪيا آھن، جھڙوڪ: بلومفيلڊ، بلاخ ۽ ٽرئگر ۽ ھمبولٽ وغيره. سندس نظريي کي سماجي لسانيات جي وصف قرار ڏئي سگھجي ٿو.

ڊاڪٽر حيدر سنڌي لکيو آھي: ”دراصل ٻوليءَ جو خالق سماج آھي، ساڳي ملڪ ۾ رھي، ھڪ زبان ڳالھائڻ ۾ ھڪٻئي سان ميل ميلاپ رکڻ ۾ ماڻھن جو ھڪٻئي سان قرب ۽ ھم آھنگي پيدا ٿئي ٿي، جيڪا اڳتي ھلي ثقافت کي جنم ڏئي قوم جو وجود رکي ٿي.“(١)

ٻئي ھنڌ لکي ٿو: ”دراصل ڪنهن سماج کي سڌريل ۽ سندس ثقافت کي مھذب تڏھن ڪوٺي سگھبو آھي، جڏھن اھا ٻولي شائسته ۽ مھذب ھوندي آھي. سماج ۽ ثقافت جي تاريخ کي ٻوليءَ جي تاريخ کان ڌار نٿو ڪري سگھجي.(٢)

سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جي باري ۾ لکندي، حيدر سنڌيءَ گريئرسن، شرف الدين اصلاحي ۽ جان بيمس جا حوالا ڏنا آھن. ھو لکي ٿو:

”بهرحال جن به ماھرن دنيا جي لساني گروهه بنديءَ تي قلم کنيو آھي، انهن سڀني پاڪستاني زبانن جي اڪثريت کي لساني گروه جي ھڪ خاندان ھند آريائي سان منسوب ڪيو آھي. ھنن زبانن ۾ ھن خطي جون ٻھ وڏيون زبانون سنڌي ۽ پنجابي اچي وڃن ٿيون... لسانيات جي جديد عالمن ماريو پي، جان بيمس وغيره جي تحقيق کي سامھون رکندي، اھو چئي سگھجي ٿو ته سنڌيءَ جو تعلق انهيءَ قديم زبان سان آھي، جيڪا سنڌي واديءَ جي پنهنجي ۽ اصلوڪي زبان آھي، جنن کي گليسن ۽ بيمس انڊڪ ڪلاس ڪوٺيو آھي ۽ ڊاڪٽر الانا لاءِ سينڌو Sandhav جو اصطلاح پيش ڪيو آھي.“(٣)

سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد ڄاڻائڻ کان پوءِ حيدر صاحب پشتو، بلوچي، ڪشميري، پنجابي، ملتاني ۽ ھندڪو ٻولين تي لکيو آھي. ٻولين جي مختصر تاريخ، قومون جيڪي اھي ٻوليون ڳالھائين ۽ انهن ٻولين جي لھجن جي ڄاڻ پڻ ڏني اٿائين، سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس رايو آھي ته:

”ھن وقت سنڌي زبان جي سڀني آوازن لاءِ جيڪا آئيويٽا موجود آھي، تنهن سنڌي زبان کي وڌيڪ وسعت ۽ ڪشادگي عطا ڪئي آھي. اڄ دنيا جي ڪنهن به زبان جو ڪوبه حرف سواءِ ڪنهن اچار جي تبديل جي لکي ۽ پڙھي سگھجي ٿو. اھڙيءَ طرح سنڌي زبان پنهنجيون ارتقائي منزلون طئي ڪري، اڄ دنيا جي برک، مھذب ۽ معياري زبانن جي قطار ۾ بيٺل آھي. منجھس گرامر، لغت، علم مخارج وغيره متعلق تحقيقي ڪم ٿي رھيو آھي.“(٤)

سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي برک، مھذب ۽ معياري زبان ته بيشڪ سڏي سگھجي ٿو، پر موجوده سنڌي آئيوٽا ۾ دنيا جي ڪنهن به زبان جو ڪوبه آواز (جنهن کي حرف لکيو اٿائون) لکي پڙھي سگھڻ جي دعويٰ بلڪل غلط آھي. انٽرنيشنل فونيٽڪ الفابيٽ جو چارٽ کڻي ڏسو. ڪيترا آواز آھن، جن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ جو ڪوبه اکر موجود نه آھي. اھڙي دعويٰ ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪابه آئيوٽا نه ٿي ڪري سگھي. خود انٽرنيشنل فونيٽڪ الفابيٽ ۾ ٽيون ڀيرو ترميم آڻي اوڻاين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.

ٽئين باب ۾، ڊاڪٽر حيدر سنڌي صاحب، برصغير جي تحريڪن جو سنڌي ۽ ٻين ٻولين تي اثر جھڙي موضوع تي لکيو آھي. منهنجي خيال ۾ ھي موضوع لسانيات جي زمري ۾ ڪونه ٿو اچي. بهرحال جيئن ته حيدر صاحب پشتو، پنجابي ۽ بلوچي ادب جي سنڌي ادب سان ڀيٽ ڪرڻ مقصود آھي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جو پاڪستاني ٻولين جي حيثيت ۽ اھميت کي اجاگر ڪري سگھجي. سندس ڪوشش ڪامياب وئي آھي. ضميمي ۾ روينيو ۽ قانون ۽ ٻين کاتن ۾ ۽ عام رواج ۾ ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جا نمونا، رسيدون، دستاويز، لکپڙهه وغيره شامل ڪيا ويا آھن، جنهن ذريعي ثابت ڪيو آھي ته سنڌي ٻولي گذريل صديءَ کان سنڌ ۾ زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ ڀرپور نموني ۾ استعمال ٿيندي رھي آھي.

حيدر صاحب جي ھيءَ ٿيسز ٦٠١ صفحن تي مشتمل آھي، ۽ ان سان ٧٤ صفحن جو ضميمو به شامل آھي. ھيءَ ٿيسز اڃا تائين ڇپائي نه وئي آھي. ضرور ان امر جي آھي ته ھيءُ قيمتي ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو وڃي ته جيئن عام ماڻھو به ھن ڪتاب مان لاڀ حاصل ڪري سگھن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اھميت ۽ حيثيت کان آگاهه ٿين.

ڊاڪٽر حيدر جو ڪتاب ’ٻولين جا سرچشما‘ ١٩٧٠ع ۾ ڇپيو، جنهن جا ابتدائي باب ساڳئي ٿيسز واري موضوع تي آھن. يعني ٻوليءَ جي وصف، ڪلچر ڇا آھي، ڪلچر، ۽ ٻوليءَ جو سٻنڌ، ھنن بابن ۾ ڪجهه نئون مواد پڻ شامل ڪيو ويو آھي. چوٿون باب ٻوليءَ جي ارتقا آھي، جنهن ۾ چيل آھي ته انساني ٻولي نه رڳو انساني ورثو آھي، جنهن جي ابتدا انسان جي وجود وقت ئي ٿي ۽ ان جي ارتقا تڏھن ٿيڻ شروع ٿي، جڏھن انسان جي مھذب ٿيڻ جو زمانو آيو ۽ سندس خواھش خواه تمنائن ۽ تقاضائن جي تڪميل درڪار ٿي.(٥)

حيدر سنڌيءَ ھن باب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي سلسلي ۾ تاريخي اعتبار کان ٻولين جو جائزو ورتو آھي. مختلف قومن جو پاڻ ۾ تعلق ھجڻ سبب ھڪ ٻئي تي اثرات مرتب ٿين ٿا. ان ڏس ۾ حيدر سنڌي لکيو آھي ته سنڌو ماٿر ۾ سنسڪرت وارد ٿي ته پاڻ ’شڌ‘ بنائڻ لاءِ ۽ پوتر رھڻ لاءِ پراڪرتن (مقامي ٻوليون) سان پيوند کان بچڻ جا ڪيترا جتن ڪيائين. سندس ڪلاسيڪي تاريخن (ويدن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ڪوششن جي باوجود سنسڪرت تي نه رڳو دراوڙي، ڪول، منڊاري ۽ پراڪرتن جا گھرا ۽ گھاٽا اثر ٿيا، پر اھي مٿس ايترو ته حاوي پئجي ويون، جو ويچاري پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺي.... عربيءَ جو اثر نه رڳو سنڌيءَ مٿان آھي، پر جڏھن عربن ايران فتح ڪيو، تڏھن کان وٺي حاڪماڻي ٻوليءَ جي روپ ۾ عربي فارسيءَ مٿان مدامي اثر ڇڏڻ لڳي. وري جڏھن عربن کان ايرانين ملڪ موٽائي ورتو، تڏھن عرب ته موٽي ويا، ليڪن ايراني ٻولي بيشمار عربي اکر ۽ اثر ائين پاڻ ۾ سمائي ڇڏيا جو بعد ۾ ”پارسي پاستان“ تحريڪ دوران رضا شاهه پھلوي شاھي فرمانن مان کرڙي اھي اکر ۽ عربي اثر پاڙئون پٽڻ جا ڪئين جتن ڪيا، ليڪن ناڪامي نصيب ٿيس. ساڳيو حال سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جو به آھي، جيڪو به سنڌ مٿان ايراني نسل حڪمران بنجندو ھو، سو فارسيءَ جي ڍال بڻبو ھو، جنهن ڪري فارسيءَ جا اڻ ڳڻيا اکر ۽ علامتون خواهه اثر اڄ به سنڌيءَ جي سرمائي ۾ شامل آھن.(٦)

حيدر ھن ڪتاب ۾ رسم الخط جي وجود ۾ اچڻ جي مختصر تاريخ بيان ڪئي آھي. ھن موضوع ھيٺ موھن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا جي ٻين مرڪزن مان مليل مھرن تي لکيل انڊس اسڪرپٽ جو احوال سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان تفصيلي طور ڏيڻ گھربو ھو، جيڪو بلڪل مختصر ڏنو ويو آھي.

ڊاڪٽر حيدر سنڌي پنهنجي مضمون ’ھندڪو- سنڌوماٿر جي قديم ٻوليءَ‘ ذريعي ھندڪو ٻوليءَ کي سنڌوماٿر جي قديم ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان قريبي ناتا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڊاڪٽر حيدر لکي ٿو:

”ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ تاريخي ۽ تحقيقاتي حوالا ۽ علم لسانيات جي روءِ کان عالمن جا اخذ ڪيل نتيجا ۽ تقابل وسيلي مليل مواد جي آڌار تي اھا دعويٰ ڪرڻ بجا ٿيندي ته ھندڪو ڪا ڌارين يا ٻاھران آيلن جي ٻوليءَ جي شاخ نه ٿي سگھي. اھا قديم ٻولي آھي، ان جو اڳوڻو نالو ’سنڌڪو‘ يا ’سينتڌوي‘ آھي. ھيءَ پنجابي نه آھي ۽ نه پنجابيءَ سان ڪا مٽي مائٽي آھي. پنجاب تي اھو نالو پوءِ پيو ۽ ان کان اڳ ھيءَ سڄي پٽي سنڌ جي سرزمين ھئي، جڏھن سرزمين کي ’سنڌ‘ سڏبو ھو. تڏھن ان جي آباد لوڪن ۽ سندن ٻوليءَ کي سنڌي ئي سڏبو ھو.“(٧)

ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ جو ھڪ ڪتاب ’ھمارا لساني و ادبي ورثھ‘ نالي سان ١٩٩٥ع ۾ اردوءَ ۾ اسلام آباد مان ڇپيو آھي. ھن ڪتاب ۾ اردو، براھوي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سرائڪي، سنڌي ۽ ھندڪو ٻولين ۽ ادب تي ھڪ ھڪ باب تحرير ڪيل آھي. ھرھڪ ٻوليءَ جي باري ۾ جامع معلومات مھيا ڪئي وئي آھي. ٻولين جي محاورن ۽ لھجن تي پڻ روشني وڌل آھي. مذڪوره ٻولين جي ادب جو مختصر جائزو به پيش ڪيل آھي. ڪتاب جو حرف آغاز احمد نديم قاسميءَ لکيو آھي، جنهن ۾ ڪتاب جي گھڻي تعريف ڪئي آھي. ڪتاب حيدر سنڌيءَ کي اردو پڙھندڙ حلقي ۾ روشناس ڪرايو آھي ۽ کيس اھم مقام حاصل ٿيو آھي.

ڊاڪٽر حيدر سنڌي، سنڌيءَ جو ھڪ ڀلڙو ماھر لسانيت آھي. محنت ۽ مشقت جاري رکيو اچي، کيس ان جو جس ملڻ گھرجي.

 

حوالا:

١- غلام حيدر ٻرڙو، ’پاڪستان جي صوبائي ۽ علائقائي زبانن ۾ سنڌي زبان جي علمي، ادبي ۽ لساني حيثيت‘، (پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ لکيل مقالو) صفحو ٣٢

٢- ايضا، صفحو ٣٦

٣- ايضا، صفحو ٤٤

٤- ايضا، صفحو ١١٢

٥- حيدر سنڌي، ’ٻولين جا سرچشما‘، ١٩٨٥ع، صفحو ٦٥

٦- ايضا، صفحو ٨١

٧- حيدر سنڌي، مضمون ’ھندڪو- سنڌوماٿر جي ھڪ قديم ٻولي‘، سھ ماھي مھراڻ-٤، ١٩٩٠ع، صفحو ١١١

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org