سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-12

صفحو : 14

 

باب ٻارهون

 

اسان جي ڪٽنب ۽ پنهنجي نسبت ۾ ٻين صاحبن جي راءِ

هن بابت ۾ مرحوم مرزا صاحب اول ڪن انگريزي اخبارن ۽ رسالن اندر ڇپيل مضمونن ۽ پنهنجي ذاتي  خطن، جيڪي انگريزي، فارسي ۽ سنڌي ۾ هئا، منجهان اقتباس  ڏنا هئا ۽ پوءِ اڳتي هلي غير سنڌي اقتباس جو سنڌي ۾ ترجمو ڏنو هو، هتي اصل انگريزي ۽ فارسي اقتباس ڏيڻ غير ضروري سمجهي، فقط انهن جو سنڌي ترجمو ۽ اصل سنڌي خطن مان اقتباس ڏنا ويا آهن، جيڪي خط انگريزي ۾ لکيل هئا، تن جي خاتمي واري هنڌ تي نشاني مان پڙهندڙن کي پتو پوندو ته ڪهڙا خط اصل ڪهڙين ٻولين ۾ لکيل هئا، سنڌي خطن جي پٺيان ڪو به نشان نه ڏنل آهي- ناشر.

 

                ---------------------

 

مخزن ”غنچه اميد“ مان سنڌي ۾ انتخاب

 

رساله ”صراط المستقيم“

فيبروري 1927ع

        نهايت مسرف جي ڳالهه آهي ته جناب مرزا قليچ بيگ صاحب کي سرڪار نئين سال جي خوشي ۾ ”شمس العلماءَ“ جو لقب عطا ڪري جيڪا هن صاحب خدمت ادا ڪئي آهي، تنهن جي اعتراف جو ثبوت ڏنو آهي، سنڌ ۾ شايد هي ٻيو بزرگ آهي جنهن کي هيلتائين اهو لقب مليو آهي، جناب مرزا صاحب جو وجود ذيجود حقيقت ڪري نه رڳو شيعن لاءِ بلڪه سنڌ جي سڀني مسلمانن لاءِ غنيمت آهي، پاڻ سنڌ جي پرڳڻي لاءِ جيڪا علمي خدمت ڪئي اٿن ۽ اڃا ڪري رهيا آهن، سا ڪنهن کان به ڳجهي ڪين آهي، اسين هن خوشي جي موقعي تي جملي شيعان سنڌ جي طرفان عموما ۽ ڪارڪنان رساله ” صراط المستقيم“ جي پاران خصوصا هديه مبارڪ پيش ٿا ڪريون.

 

”سنڌ گزيٽيئر“ واليوم ”ب“ مان انتخاب

        حيدرآباد ضلعي جي ماڻهن مان تعداد ۾ ٿورا مگر باوقعت ڪي گرجي آهن، جي انهن ٽن گرجيئن جو اولاد آهن، جن کي گذريل صدر جي شروعات ۾ قسمت سنڌ ۾ آڻي رسايو، اهي هئا مرزا خسرو بيگ، مرزا محمد باقر بيگ ۽ مرزا فريدون بيگ اهي سڀ اصل ”ٽفلس“ جا رهاڪو هئا، جي ايران ۽ روس جي جنگ ۾ ننڍي هوندي ڪن رحمدل ايرانين کي هٿ لڳي ويا ۽ هنن جا پيءَ مارجي ويا، پوءِ اهي سنڌ جي ميرن جي وڪيلن کي هٿ آيا، جن آڻي هتي پهچايا ۽ ميرن وٽانهن جو مان ٿيو، مرزا خسرو بيگ  ته اوائل ۾ ميرن جي طرفان انگريز سرڪار وٽ وڪيل ٿي ويو هو ۽ مرزا محمد باقر بابت ڊاڪٽر برنس چوي ٿو ته هو مير مراد علي جو خاص ماڻهو هو، پهرئين  مرزا سن 1820ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ وفات ڪئي، ۽ ميرن جي قبن وٽ دفن ڪيل آهي هن جو وڏو پٽ انگريز سرڪار جي نوڪري ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي داخل ٿيو ۽انهي جو پٽ به ساڳئي عهدي تي هو، مرزا فريدون بيگ جو اصل عيسائي هو ۽ سندس نالو ”سڊني“ هو تنهن مرزا خسرو بيگ جي نياڻي سان شادي ڪئي ۽ ست پٽ ٿيس، انهن مان هڪڙو  مرزا قليچ بيگ آهي، جو ”تاريخ سنڌ“ ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن جو مشهور منصف آهي، اهو سارو خاندان سنڌ جي سڀني خاندانن ۾ علميت ۽ فضيلت جي ڪري گهڻي وقت کان ناليرو آهي.*

                ---------------------------------

 

 

ساليانو رسالو ”گلدسته“ ڪراچي

سن 1921ع

        مرزا بيگ، مرزا فريدون بيگ جي ستن پٽن مان هڪڙو آهي جو حيات آهي، مرزا فريدون بيگ ننڍي هوندي سنڌ ۾ آيو، قسمت هن کي سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي وٽ آندو، جنهن جي پناهه هيٺ هو پلجي وڏو ٿيو ۽ مسلمان ٿي، حيدرآباد جي هاءِ اسڪول ۾ بمبئي جي ايلفنسٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ کانپوءِ مرزا قليچ بيگ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ۽ عام اسڪولي ماستري مان چڙهي ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو، جنهن عهدي تان آخر سن 1910ع ۾ هن پينشن ورتي، هن کي ”قيصر هن“ جو ٻلو ۽ وائسراءِ جو سرٽيفڪيٽ سندس حسن خدمتي جي لاءِ مليو، هن جي سخت محنت ڪرڻ جي عادت، علم ۽ هنر جو شوق ۽ پنهنجي ديس سنڌ جي لاءِ سچي خدمتگاري، هن ڳالهه جي ثابتي ٿي ڏئي ته هن اٽڪل سٺ ورهين جي عرصي ۾ اٽڪل ٻه سئو عمدا ۽ ڪمائت ڪتاب لکيا آهن، اهو امڙو مشڪل ۽ وڏو ڪم آهي، جو ڪنهن ٻئي مصنف کي جيڪر انهي جي ڪرڻ ۾ ڪهڙي پيڙهي لڳي وڃي، سڀڪو خواهش ڪري ٿو ته هندستان جي سڀڪنهن ڀاڳي ۾ اهڙو قابل ۽ محني ماڻهو هجي، جو هند جي زبانن جو ماڍو وڌائي، مرزا قليچ بيگ هينئر 68 ورهين جو آهي، هن کي ست پٽ آهن، جن مان وڏو نادر بيگ آهي، جو ڪراچي ۾ باريسٽر ٿي ڪم ڪري ٿو.*

 

        --------------------------

 

 

ڪلڪتو

5- اپريل 1866ع

مشفق، مهربان من، مرزا فريدون بيگ، سلامت!

مون کي اوهان جا ٽي خط مليا، ٻه بمبئي ۾ ۽ هڪ مدراس ۾، جيتوڻيڪ مون انهن جا هڪدم جواب نه ڏنا، ته به جيڪي اوهان لکيو هو تنهن بابت واسطيدار عملدارن کي هڪدم لکيم، آءُ يقين ٿو ڪريان ته سر اليگزينڊر گرانٽ انهي بابت سنڌ جي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ڏي لکيو آهي ۽ منهنجي سچي خواهش آهي ته اوهان جا پٽ بمبئي ۾ وڃي تعليم حاصل ڪن، آءُ فارسي ۾ جواب نٿو لکان، مگر اوهين  هميشه مون ڏي فارسي ۾ پيا لکجو، ڇا لاءِ جو اوهان جا اکر اهڙا چڱا آهن جو اوهان جا خط آءُ ڪنهن به مشڪلات کانسواءِ پڙهي سگهندو آهيان، اميد آهي ته آءُ آگبوٽ ۾ سنڌوندي جي رستي ملتان مان هن مهيني جي 51- تاريخ ايڏاهن ايندس، هينئر آءُ دهلي ۽ سملا ڏي وڃان ٿو.*

 

                                        اوهان جو دوست

                                        جي- ايف- گولڊ سمٿ.

 

 

        عزت ۽ آبروءَ وارو، مرزا فريدون بيگ، خوش هجي!

اوهان جي خط لکيل تاريخ 19 سيپٽمبر، 1870ع جي حوالي سان لکجي ٿو ته برابر آءُ ٻن سالن جي رخصت تي ولايت وڃڻ وارو آهيان، اميد آهي ته جيڪو به صاحب تعليم کاتي جو ڪم هلائيندڙ ٿيندو، اهو اوهان جي پٽن جي لياقت ۽ شرافت جي نظر ڪندو، انهي بابت اوهين خاطر تسلي ڪجو.**

                               

                                صحيح هيد منشي

                                  پاران- جي، مور،

اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر.

                ------------------------------

 

 

تعليم کاتو

نمبر .7

11- فيبروري 1864ع

وڏيءَ قابليت ۽ عزت وار، مرزا فريدون بيگ.

        هاڻي حضور کي مسٽر وشنوم گهنشام، انگريزي اسڪول ماسٽر حيدرآباد، جي رپورٽ منجهان معلوم ٿيو ته اوهان مهربان ڪرنل گولڊ سمٿ صاحب بهادر جي رٿ ۽ صلاح موجب، پنهنجي ٻنهي پٽن کي پڙهڻ واسطي بمبئي ڏانهن موڪلڻ قبول ڪيو آهي، ان ڳالهه جي خبر ٻڌندي ئي حضور گهڻو خوش ٿيو آهي، ڇا لاءِ ته اها صلاح ۽ رٿ موجب ٿوري عرصي ۾ اوهان کي فائدو پهچندو، هي خط اوهان جي اطلاع واسطي لکيو وڃي ٿو.

 

                            اوهان جي خدمت ۾.

                                خداداد منشي.

                           پاران اسسٽنٽ ڪمشنر.

                                        ۽

                           ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر.

 

 

سائوٿ ويلس.

تاريخ 17- اپريل.

        آءُ هي ٻه ٽي  سٽون مبارڪبادي جون اوهان ڏي لکان ٿو، جو اوهان بمبئي يونيورسٽي مان اي امتحان پاس ڪيو آهي، اوهين پهريان سنڌي مسلمان آهيو جنهن اها عزت حاصل ڪئي آهي، اوهان جي وڌيڪ تعريف انهي ڪري آهي جو هڪ دفعي ناپاس ٿي به اورچائي ڪري، نيٺ فتحياب ٿيو، اميد آهي ته حياتي جي هي پهرين فتحيابي آهي، جنهن جي پٺيان ٻيون به اينديون، آءُ اها به اميد ڪريان ٿو ته ڊگري وٺڻ سان اوهان هڪ وڏي ڦير گهير، جو بنياد وڌو آهي، جنهن جي مثال تي ٻيا هلندا ۽ ٻيا مسلمان به اوهان جي پيروي ڪندا، اوهان جو ڀاءُ به محنت جي ڪري تعريف جو لائق آهي، انهي کي منهنجا سلام ڏجو، اميد آهي ته ايندڙ سياري ۾ اوهان کي اچي ڏسندس.*

                                       

                                                جي، مور.

        -------------------------------

11- جولاءِ 1867ع

                                مرزا فريدون بيگ صاحب، زاد لطفه!

        خدمت فيضدرجت، مهربان، عاليشان، بنلد مڪان، سلامن ۽ نيازن کانپوءِ لکجي ٿو ته هلندڙ مهيني جي 13 تاريخ اسڪول ۾ ڇوڪرن کي انعامن ڏيڻ جي هڪ مجلس ٿيندي، جنهن ۾ ڪليڪٽر صاحب ۽ جج صاحب جن به ايندا، مهرباني ڪري اوهين به انهي ڏينهن چئين بجي تشريف فرما ٿي انهي مجلس ۾ شامل ٿيندو.*

                                وامن آبا جي، موڊڪ

                        ----------------------------

چهار باغ، بمبئي

2- سيپٽمبر 1874ع

                                پيارا مرزا قليچ بيگ.

        مون هينئر اچي تنهنجو خط ڏٺو آهي، افسوس آهي ته توکي اڃا تپ نه ڇڏيو آهي، منهنجي مرضي آهي ته تون مون وٽ اچين ته من آءُ توکي ڪا صلاح ڏئي سگهان، نه ته سڀاڻي صبح جو آءُ تو کي پاڻيهي ڪاليج ۾ اچي ڏسندس.*

 

                                                مرزا حيرت.

                ----------------------------

بمبئي

23- جون 1880ع

                                منهنجا پيارا مرزا قليچ بيگ

        تنهنجي 51 تاريخ واري خط جي آءُ گهڻو شڪر گذار آهيان، آءُ اهو ٻڌي گهڻو خوش ٿيو آهيان، ته تون مئجسٽيريل امتحان ۾ پاس ٿيو آهين ۽ روينيو کاتي ۾ گهڙڻ جي توکي اميد آهي، پرنسپال هاٿارن ٿوپٽ کي مون تنهنجا سلام ڏنا، هن به تو کي سلام ڏنا آهن، تون ٻڌي خوش ٿيندين ته تازو هن تنهنجي نسبت ۾ ڊئريڪٽر ڏس سفارش لکي آهي، اميد آهي ته اها اثر واري ٿيندي، آءُ هميشه تنهنجي خوشي ۽ فتحيابي جو ٻڌي خوش ٿيندس.*

                                                مرزا حيرت

                --------------------------------------

بمبئي

18- اپريل 1887ع

                                منهنجا پيارا مرزا قليچ بيگ.

        مون کي تنهنجو پهرين تاريخ وارو خط مليو، پر گهڻي ڪم ۽ بيماري جي ڪري اڳڀرو جواب لکي نه سگهيس، ستار هاڻي مون کي پنهنجي لاءِ گهرجي، انهي بابت جيڪا تو تڪليف ورتي آهي تنهن لاءِ آءُ گهڻو احسان مند آهيان، مون تنهنجا سلام پروفيسر هاٿارن ٿوپٽ ۽ آغا خان جن کي ڏنا، انهي به مون کي توڏي سندن لکڻ لاءَ چيو، شايد تو کي ٻڌي ڏک ٿيندو ته انهي ڏينهن هزهائينس آغا خان وفات ڪئي، آءُ زياده ٻئي خط ۾ لکندس، جيڪي اسان جا دوست توکي ملن انهن کي سلام ڏج.*

 

                                                مرزا حيرت.

                -------------------------------------------

بمبي

7- مارچ 1885ع

                                         پيارا، مرزا قليچ بيگ

        تنهنجو خط مليو، مهرباني، اسسٽنٽ پروفيسر جي جاءِ لاءِ مون کي سرڪاري خبر ڪا به ڪانهي، پر انهي باب تون پرنسپال ورڊ سورٿ ڏي يا سڌو ڊئريڪٽر ڏي لکي سگهين ٿو، انهي کان تونکي ساري حقيقت معلوم ٿيندي، جي مون کان پڇا ٿي ته آءُ خوشي سان تو کي مدد ڪندس.*

                       

                                                مرزا حيرت.

                ---------------------------------------

ايلفنسٽن ڪاليج، بمبئي

20- مارچ 1885ع

                                پيارا مهربان، مرزا قليچ بيگ.

        هن ڪاليج ۾ فارسي جي اسسٽنٽ پروفيسر جي مقرر ٿيڻ جو گهڻو امڪان ڪونهي، نڪي مون ئي ڪا اهڙي ضرورت ڏيکاري آهي، پر هاڻ تازو موم ٻه فيلو رکايا آهن، انهن مان هڪڙو ضرور فارسي ۾ بي اي هوندو هو پروفيسر حيرت کي مدد ڪري سگهندو.*

               

                                        ڊبليو، ورڊ سورٿ.

                -------------------------------------

 

 

نارفوڪ.

27- ڊسمبر 1888ع

                                        منهنجا پيارا، يعقوب.

        مون کي تهنجو 4 ڊسمبر وارو خط مليو پڙهي گهڻو خوش ٿيس ته تنهنجي ننڍڙي ڀيڻ زليخان جي شادي ٿي ٿئي، تو کي خبر آهي ته آءُ هن کي ڏاڍو پيار ڪندو هوس، جو هو ڏاڍي نرم طبيعت جي هوندي هئي، خوشي جي ڳالهه آهي ته هو هڪڙي چڱي درجي واري ماڻهو سان ٿي پرڻجي ۽ خوش رهندي، مون کي اميد آهي ته اهو به چڱو اشراف ۽ نرم دل ماڻهو آهي ۽ هو ٻئي جوڙي ٿي، دنيا ۾ خوش گذاريندا.

        اها به خوشي جي ڳالهه آهي ته مرزا قليچ بيگ نهايت تعليم يافته ماڻهو آهي ۽ پڪ آهي ته هو چڙهي وڏو درجو حاصل ڪندو، باقي هڪڙي ڳالهه آهي ته جنهن هو گهڻو ارمان ٿو ٿئي، منهنجو دوست سندس پيءُ جي هينئر جيئرو هجي ۽ زليخان ي پرڻيل ڏسي ها ته چڱو هو، اڪثر هو مون وٽ اهو انتظار ڪندو هو ته زليخان جو ڪنهن چڱي هنڌ بندوبست ٿئي ۽ هو سکي رهي، شل اوهين سڀ خوش  چڱا ڀلا هجو.*

 

ميجر جنرل، جي، ڊبليو، بيول.

------------------------------

 

صاحب مهربان من، جي ڊبليو، بيول.

        اوهان جيڪو خط مسٽر محمد يعقوب ڏي لکيو هو، تنهن جي لاءَ آءُ پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي زال زليخان جي طرفان جنهن کي هينئر ” خيرالنساءَ“ ٿا سڏيون، شڪر گذاري ٿو ڪريان، منهنجي زال چوي ٿي ته ننڍي هوندي جيڪي مهربانيون اوهين مون تي ڪندا هئو، سي اڃا مون کي ياد آهن ۽ انهن لاءِ آءُ پوري طرح شڪر گذاري ڪري نٿي سگهان، جڏهن ته اوهان هن کي ڏٺو هو، تڏهن هو تمام فرمانبردار ۽ چڱي طبيعت جي آهي ۽ هر طرح منهنجي سنگت جي لائق آهي، مون کي اميد آهي ته جيئن اسين ٻئي عمر ۾ وڏا ٿيندا وينداسين تيئن هڪ ٻئي جي محبت ۽ سنگت ۾ زياده خوش رهنداسين ۽ هن دنيا ۾ چڱي طرح گذاري هليا وينداسين، زليخان انگريزي پڙهي پئي، اميد آهي ته جلد اوهان ڏي انگريزي ۾ خط لکڻ جهڙي ٿيندي.*

 

                                        اوهان جو نياز مند.

                                        قليچ بيگ.

        -----------------------------------------------------

ڪليڪٽر حيدرآباد جو خط ڪمشنر ڏي.

19- جون 1899ع

                آءُ هي درخواست ۽ شامل ڪاغذ موڪليان ٿو، درخواست ڪندڙ جي والد، مرزا فريدون بيگ ٻين مسلمانن جي لاءِ مثال ٿي پنهنجن پٽن کي چڱي تعليم ڏني اهي، ۽ سندس پٽن سرڪار جي چڱي نوڪري ڪئي آهي، تنهن ڪري منهنجي سفارش آهي ته هنن کي سڪرنڊ يا بدين تعلقي ۾ پندرهن سئو ايڪڙ زمين جا مالڪاڻي کانسواءِ ملين، آنربل مسٽر جيمس، جيڪو نواب عرضدارن کي سندن درخواست تي ڏنو آهي، تنهن جي پوئين فقري جي بنياد تي اها سفارش ڪجي ٿي.

                               

                                        ايڇ، ايل، ميولس.

        -----------------------------------------

ڪراچي

13- آڪٽوبر 1909ع

                آءُ مرزا قليچ بيگ جي درخواست پينشن وٺڻ تي زمين ملڻ لاءِ موڪليان ٿو، اوهين پاڻ هن جا ۽ هن جي نوڪري جا بخوبي واقف آهيو، آءُ فقط هيترو چوندس ته آءُ هن جو گهڻ ورهين کان واقف آهيان ۽ هو هميشه محنتي ۽ ايماندار آفيسر ٿي رهيو آهي، هو تمام چڱي چال جو آهي ۽ ”قيصر هن“ جو ٻلو مليل اٿس، مون کي خبر آهي ته هن کي گهڻن قسمن جو خرچ ڪرڻو آهي ۽ هو گهڻي وسعت وارو ناهي، هن تمام چڱي نوڪري ڪئي آهي تنهن ڪري خاص مهرباني ۽ انعام جو لائق آهي.

 

                                        ايڇ، ايل، ميولس.

        -----------------------------------

 

27- آگسٽ 1887ع

                                  منهنجا پيارا قليچ بيگ.

         آءُ لکپڙهه ڍري ڪندو آهيان انهي هوندي به آءُ اوهان جا خط پڙهي خوش ٿيندو آهيان، جو انهي ظرافت آميز هوندا آهن، جهڙي طرح اوهين پنهنجي حياتي گذاريو ٿا، جيئن اوهان جي خطن مان معلوم ٿو ٿئي، تنهن تي ريس ٿي اچي، آءُ به ڀانيان ته اوهان وانگي شهرن جي گوڙ کان پري گوشي ۾ گذاريان ۽ آسپاس جو ملڪ پنهنجهي جاگير ڄاڻان، پر اسان جي مرضي ناهي ته اوهين پنهنجي جواني ۽ طاقت جهنگ ۾ و‎ڃائي ڇڏيو، اوهان جو اهو فلسفو تمام چڱو آهي ته قناعت ۽ توڪل تي ڀروسو رکي، جتي ڪٿي خوش رهجي.

        اوهان جو ڪتاب ”دلارام“ پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس، ڏاڍي درد ۽ اثر واري ڳالهه آهي ۽ عبادت تمام چڱي ۽ صاف آهي، اوهان جو ”ليليٰ ۽ مجنون“ وارو ڪتاب اوهان جي ڀاءُ مرزا علي قلي اسان کي ڳائي ٻڌايو، جي اهو ناٽڪ ڪري ڏيکاربو ته ماڻهن کي گهڻو پسند ايندو، اوهان جو نئون شعر آءُ مرزا جعفر قلي کان وٺي پڙهندس، ”شڪنتلا“ جو ناٽڪ ڇو نه سنڌي ۾ ترجمو ڪريو؟*

                               

                                                        هيرانند.

        -------------------------------

ڪراچي.

27- جولاءِ 1872ع

        مرزا قليچ بيگ کي ٿوري وقت لاءِ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ فارسي، پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪجي ٿو، انهي لاءِ هن کي چاليهه رپيا پگهار ملندو.-

 

                                        اي، ايم، ايڇ، فلٽن.

                        ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ.

        -------------------------------

 

 

ڪراچي،

31 ڊسمبر 1872ع

                                                پيارا قليچ خان.

        ميٽريڪيوليشن امتحان ۾ پاس ٿيڻ ۽ ايليس پرائيز کٽڻ جي آءٌ تون کي مبارڪ ٿو ڏيان، آءُ ٻڌي خوش ٿيو آهيان ته ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو آهين، اميد ٿو ڪريان ته تون به پنهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي وانگي چڱي تعليم حاصل ڪندين، آءُ تنهنجي خير عافيت ٻڌي هميشه خوش ٿيندس، مون سرڪاري طرح تو ڏي لکيو آهي ته توکي هڪڙي سنڌ اسڪالر شپ، ويهين رپين پگهار جي ملندي رهجي.*

 

                                        اي، ايم، ايڇ، فلٽن.

------------------------------

 

بمبئي، ايلفنسٽن ڪاليج.

22- اپريل 1872ع

                                پيارا مسٽر صادق علي.

        اوهان کي خبر هجي ته ڪاليج جي پروفيسر جي راءِ موجب اوهان جي ڀاءُ مسٽر قليچ خان جي چال چڱي رهي آهي، ۽ ترقي به چڱي ڪئي اٿس ۽ برابر حاضر رهيو آهي.*

 

                                            ڊبليو، ورڊ سورٿ.

                                                پرنسپال.

---------------------------

ڪتاب بابت ڪاميٽي جي راءَ

حيدرآباد

27- مئي 1879ع

        اسان مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”مقالات الحڪمت“ ”بيڪنس ايسز“ جو ترجمو سڄو چڪاسي ڏٺو آهي، ترجمي ڪندڙ نهايت مشڪل ڪم ڪيو آهي ۽ تعريف جوڳو ترجمو ڪيو اٿس، انهي ۾ شڪ ڪونهي ته اهو ڇاپائڻ جو لائق آهي.*

 

                                        ريو رنڊ- جي، شرٽ.

                                        غلام علي آخوند.

                                        تارا چندر شوقيرام.

          --------------------------------------------

11- آگسٽ 1891ع

                                        پيار قليچ بيگ.

        ”لئمبس ٽيلس“ جو جيڪو اوهان ترجمو ڪيو آهي، سو مون پسند ڪيو آهي، مهرباني ڪري خبر ڏجو ته انهي جو حق اوهين ڇهن سون رپين تي سرڪار کي وڪڻي ڏيندو يا نه؟*

 

                                        ايڇ، پي، جيڪب.

                ----------------------------------------

 

1- سيپٽمبر 1881ع

 

                                                يارا قليچ بيگ.

مون کي اوهان جو ننڍڙو ڪتاب ” سيرورس“ مليو جڏهن اوهين سنڌين ۽ ” سنڌ نيوز“ اخبار ۾ شعر وجهندا هئو، تڏهن آءٌ ڪاليج ۾ تازو داخل ٿيو هوس، مون کي ياد آهي ته هنن شعرن مان ڪي مون انهن اخبارن ۾ پڙهيا هئا، پر تڏهن مون کي خبر نه هئي ته اها اوهان جا آحن، اهي تعريف جوڳا آهن، سنڌ کي اوهان تي فخر ڪرڻ گهرجي، ڪنهن وقت منهنجي دل ۾ به ايندو هو ته انگريزي ۾ شعر لکان، پر ڪنهن دوست مون کي صلاح ڏني ته ماڻهو پنهنجي مادري زبان ۾ شاعر ٿي سگهندو، تنهن ڪري مون انهي مشغولي ۾ وقت نه لڳايو، جيئن اوهان ڪيو آهي، پر اوهان کي انهي ڪم ۾ به دسترس آهي، مون کي ته سنڌي ۾ هڪڙي مصرح لکڻ جو به وقت ڪونهي ۽ سنڌي شعر جي قانونن جي ڪا به خبر ڪا نه اٿم، جي قدرداني ڪندو آهيان، ليڪن چوندو نه آهيان.*

 

                                          ڏيارام گدومل.

                -------------------------------------

 

 

ريورنڊ جارج شرٽ جي مون بابت راءِ

حيدرآباد

16- سيپٽمبر 1880ع

        آءُ مرزا قليچ بيگ ۽ سندس ڪٽنب جو ڏهن ورهين کان بخوبي واقف آهيان ۽ هن جي ۽ هن جي خاندان جي عزت ۽ آبرو بابت خاطري ڏئي سگهان ٿو، آءُ هن جي ترقي جي پوري جاچ رکندو آهيان، سنڌ ۾ مئٽريڪيوليشن ۾ ”ايليس پرائيز“ به کنيائين ۽ بمبمئي ۾ پهريون بي اي به پاس ڪيائين، پر هن جو علمي مايو انهي کان گهڻو وڌيڪ آهي، هو چڱي طبيعت جو، شرافت واور ۽ چڱي چال جو آهي، تنهن کانسواءِ گهڻي سمجهه وارو آهي.*

 

                                                جارج شرٽ.

                ----------------------------------

 

 

ريورنڊ شيلڊن جي مون بابت راءِ

ڪراچي.

17- سيپٽمبر 1880ع

        آءُ  گهڻي خوشي سان چوان ٿو ته آءُ مرزا قليچ بيگ کي ٻن ورهين کان سڃاڻا ۽ هن جي خانداني شرافت ۽ چڱي چال جي شاهدي ڏئي سگهان ٿو، هن جي آئيندي جي فتحيابي جو ٻڌي آءُ گهڻو خوش ٿيندس، ڇا لاءِ جو مون کي يقين آهي ته هو نه  فقط هوشيار آهي پر محنت جهڙيون عادتون اٿس، جي هن کي وڏن عهدن جو لائق ڪنديون.*

 

                                                جي شيلڊن

                ---------------------------------------

 

 

ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر جو خط ڪمشنر ڏي

15- آڪٽوبر 1880ع

        هي درخواست ڪمشنر صاحب ڏي موچاري ويچار لاءِ موڪلجي ٿي، درخواست ڪندڙ چڱو تعليم يافته ۽ شريف ماڻهو آهي ۽  تعيلم کاتي ۾ نو مهينا ڪراچي هاءِ اسڪول جو پرشن ٽيچر ٿي رهيو آهي، هن پنهنجو ڪم تمام چڱي طرح ڪيو آهي ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته روينيو کاتي ۾ هو ڪمائتو ٿيندو. هن مئجسٽريٽي امتحان پاس ڪيو آهي.*

                                        ٽي. هارٽ ڊيويز

                --------------------------------

ڪرنل والس ڪليڪٽر جي مون بابت راءِ

ڪراچي.

17- سيپٽمبر 1880ع

        آءُ هڪ سال کان وڌيڪ مرزا قليچ بيگ جو واقف آهيان هو چڱي ڪٽنب جو آهي ۽آ چڱي تعليم مليل اٿس ۽ شريف خانداني ماڻهو آهي، هن مئجسٽريٽي امتحان پاس ڪيو آهي، ۽ چوڏهن يا پندرهن مهينن کان ڪوٽڙي ۽ ڪراچي جي مختيار ڪارن جي ڪچهرين ۾ ڪم پئي سکيو اٿس.*

 

                                        ڪرنل آر، والس.

                                        ڪليڪٽر ڪراچي.

        -------------------------------------------------

 

 

اسسٽنٽ ڪمشنر جو خط، شڪارپور جي ڪليڪٽر ڏي.

ڪراچي.

2-  نومبر 1880ع

        آءُ مرزا قليچ بيگ جو اوهان سان تعارد ڪرايان ٿو، جنهن بابت ڪمشنر صاحب ڌار اوهان ڏي سرڪاري طرح لکيو آهي، آءُ ڀانيان ٿو ته اوهان هن کي پسند ڪندو ۽ هن کي ٿوري وقت لاءِ هيڊ منشي ٿي ڪم سکڻ جو چڱو وجهه ڏيندو، هو بهتر جاءِ ڇڏي ايڏانهن ٿو اچي ۽ هن سان انجام ڪيو ويو آهي ته جي هو جلد ڪم سکندو ۽ چڱو ڪم ڪندو ته کيس مختيار ڪار ڪيو ويندو آءُ ڀانيان ٿو ته ڪي ٿورا شريف ماڻهو انهي عهدي لاءِ هٿ ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي ۽ هي شخص ۽ هن جا مائٽ بيشڪ شريف ماڻهو آهن ۽ خانداني آهن*

 

                                        ا. س. ڪ. آليونٽ

                ---------------------------------------------

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org