سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :15

سندس روضي جي تعمير سلطان فيروز شاه طرفان، اُن وقت جي سيوهاڻي حاڪم، ملڪ اختيار الدين 757هه مطابق 1261ع ۾ ڪرائي. ڪجهه وقت بعد جهانگير جي دؤر ۾، مرزا غازي بيگ روضي جي آڏو خانقاه پڻ جوڙائي ۽ روضي جي عمارت کي مٿڀرو ڪرايو. سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي؛ جنهن ڪري باقي رهيل ڪم کي نواب سيد بهوه بخاري عرف ديندار خان 1039هه (1643ع) ۾ مڪمل ڪرايو. آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاه به روضي جي مرمت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. تربت جي چوڌاري نفيس گلڪاريءَ سان چانديءَ جو ڪٽهڙو، لاڙڪاڻي جي مشهور زميندار، محبوب خان وڳڻ ٺهرايو آهي ڪٽهڙي جي هيٺان سنگ مرمر جو ڏيڍ فوٽو ٿلهو به جڙيل آهي؛ جنهن کي ”قلندري لغت“ موجب ”شهنشاه جو تخت“ چئجي ٿو. روضي جو ٻاهريون دروازو به چانديءَ جي پٽن سان ڪاٺ مٿان اُڪريل آهي. عوامي حڪومت منجهس هڪ سونو دروازو به نصب ڪرايو آهي؛ جنهن جو افتتاح پاڪستان جي تڏوهڪي وزيراعظم جناب شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب (1905ع – 1979ع) ڪيو هو. هي دروازو رات جو 9 بجه نقارن جي ڌمال سان قائم ٿيندو آهي ۽ وري فجر جي نماز سان کلندو آهي.

جن جاين تي قلندر سائينءَ چـِلا ڪڍيا آهن، اُتي تاريخي يادگار اڄ به قائم آهن؛ اُنهن مان لعل باغ، يڪ ٿنڀي، چوٿنڀي، لعل جو لئو ۽ قلندر جي ڪشتي (منگهوپير، ڪراچي) وغيره قابلِ ذڪر آهن. پاڻ صاحب- ولايت ۽ بلند پايي جي عالم هجڻ سان گڏوگڏ فارسي زبان جو عمدو شاعر به هو. سندس تخلص ”عثمان“ هو. سندس سمورو ڪلام عقيدتمند هئا، جن مان بودلو بهار، جمن جتي ستي، شاه گودڙئو، سيد ابراهيم جتي ستي ۽ مخدوم علي سيوستانيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. سندس همعصر ۽ خاص صحبتين ۾ حضرت غوث بهاؤ الدين زڪريا ملتاني رح (566هه – 666هه)، سيد جلال سرخ بخاري رح (601هه – 695هه)، بابا فريدالدين گنج شڪر (569هه – 664هه)، حضرت شيخ نوح بکري، شاه صدر ۽ حاجي منگهو جا نالا سر- فهرست آهن، جن سان اڪثر سندس رهاڻيون رهيون آهن.

قائد اعظم محمد علي جناح

[ 1876ع – 1948ع ]

باني پاڪستان، قائداعظم محمد علي جناح ولد سيٺ پونجا، آچر جي ڏينهن 1293هه مطابق 25 ڊسمبر 1867ع تي ”کارادر“ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والده جو نالو ”سڪينه“ هو. سندس وڏا ڪاٺياواڙ جي شهر ”راجڪوٽ“ جا رهواسي هئا، جتي واپار ڪندا هئا، سندس والد ڪراچيءَ ۾ چمڙي جي کلن جا تجارت ڪندڙ هڪ مشهور ڪمپنيءَ ۾ حصيدار جي حيثيت سان ڪاروبار ڪندو هو.

محمد عليءَ تعليم جو آغاز ڪراچيءَ ۾ کارادر جي هڪ ننڍڙي اسڪول کان ڪيو. ڪجهه وقت گوڪلداس تيج گجراتي اسڪول ۾ به پڙهيو. آخر سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. پوءِ سندس والد، پنهنجي هڪ واپاري دوست جي صلاح سان کيس اعليٰ تعليم لاءِ ولايت اُماڻيو؛ جنهن لاءِ نور محمد لالن واري کان ٽي هزار روپيه قرض به ورتائين. سورهن ورهين جي ڄمار ۾، 1892ع ڌاري، محمد علي بئريسٽريءَ جي تعليم لاءِ لنڊن جي ”لنڪن اِن اسڪول“ ۾ داخل ٿيو.

لنڊن ۾ فضول گوئي ۽ عيش عشرتن کي ترڪ ڪري، هن نينگر اَخلاقي حدن اندر رهندي، پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ سان چئن سالن اندر مڪمل تعليم حاصل ڪئي. انهيءَ مختصر عرصي ۾ ڪيترن ئي هندستاني ۽ انگريز مدبرن سان سندس واقفيت به ٿي؛ اُنهن مان مشهور پارسي سياستدان دادا ڀائي نوروزجيءَ جو نالو سر- فهرست آهي. کانئس سياسي لهه وچڙ مان ڪافي ڪجهه پرايائين. نتيجي طور محمد علي هڪ ڪامياب شاگرد هجڻ سان گڏوگڏ، ناليرو مدبر به بڻجي پيو.

1896ع ۾ تعليم مڪمل ڪري محمد علي واپس ورتو. ڪجهه وقت بمبئيءَ ۾ وڪالت ڪيائين؛ جتان نالو ڪڍي، سياسي ميدان ۾ ڪڏي پيو؛ جنهن ڪري پهريائين ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪيائين. پوءِ کيس معلوم ٿيو، ته ”هندو سچا نه آهن ۽ هو مسلمانن کي هميشہ مٺ گهرو سمجهندا آهن، انهيءَ خيال کان ڪانگريس کان علحدگي اختيار ڪندي، مسلم ليگ جو بنياد وڌائين؛ جنهن ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ 1878ع – 1931ع) جهڙا مرد - مجاهد به شامل ٿيا.

آخر 10 مارچ 1941ع تي، محمد عليءَ مسلمانن آڏو ”پاڪستان“ جو نصب العين پيش ڪيو؛ جنهن جي علي ڳڙه جي مسلمان شاگردن دل جي گهراين سان آجيان ڪئي. پوءِ ته پاڻ انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ راتيان ڏينهان رڌل رهيو. هوڏانهن هندن وڏا وس ڪيا، مگر هي بلند خيال ۽ پخته مزاج انسا پنهنجي اڻامٽ اُصولن تي قائم رهيو. انگريزن هينئر پنهنجي ڪمزوري ڏسي، آخر 18 جولاءِ 1947ع تي انگلنڊ مان اعلان ڪرايو، ته 14 آگسٽ 1947ڳ تي پاڪستان ۽ هندستان ٻه جدا آزاد رياستون قائم ٿينديون.

نتيجي طور ستن ورهين جي هن مخصتر جدوجهد سان پاڪستان ۾ سنڌ، بلوچستان، سرحد، اولهه پنجاب ۽ اوڀر بنگال جا صوبا شامل ٿيا؛ جنهن جو گورنر جنرل به پاڻ ئي ٿيو. قيام – پاڪستان بعد، قائداعظم پنهنجو سک ۽ سهنج (آرام) ڦٽو ڪري، راتيان ڏينهان سخت محنت سان ”پاڪستان“ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ، ڪم ڪندو رهيو؛ جنهن ڪري صحت به ساٿ نه ڏنس. حالانڪ ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو به ڏنو، مگر هن مرد مجاهد، مسلم قوم جي فلاح ۽ بهبودي؛ ۽ سر بلنديءَ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي، نيٺ وڃي بستري داخل ٿيو. آخر 1368هه مطابق 11 سيپٽمبر 1948ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. کيس اُتي ئي دفن ڪيو ويو. حڪومت پاڪستان مٿس مقبرو اڏرايو آهي. سندس جنازي ۾ ڇهه لک ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو

[ 1928ع – 1979ع ]

لاڙڪاڻو، سنڌ جو مکيه شهر آهي. سياسي ۽ ادبي اعتبار کان سڄيءَ سنڌي ۾ لاڙڪاڻي کي فوقيت حاصل آهي. سياسي لحاظ کان به سنڌ جي آئينده جو فيصلو ڪنهن زماني کان هن شهر ۾ ئي ٿيندو رهيو آهي؛ ۽ لاڙڪاڻي جي سياستدانن کي سنڌ جي سڀني سياستدانن تي فوقيت حاصل رهندي آئي آهي. سنڌ جا وڏا وزير يا وزير هر دؤر ۾ لاڙڪاڻي مان ئي مڙئي ٿيندا رهيا آهن. ڪوبه اهڙو دؤر نه رهيو آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جو ڪو ماڻهو وزير نه ٿيو آهي.

پاڪستان تي جڏهن آمريت مسلط ٿي هئي، ته اُن کي هٽائڻ لاءِ سڀ راهون بند ٿيل هيون، تڏهن هڪ عظيم سياسي هستي لاڙڪاڻي مان ئي اُٿي کڙي ٿي هئي؛ جنهن آمريت جي خلاف عوامي جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي. اُهو عظيم سياسي رهنماءُ، فخر ايشيا، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت هئي؛ جنهن آمريت جي بت کي ڀڃي پورا ڀورا ڪندي ”عوامي حڪومت“ کي وجود ۾ آندو هو. هيءَ هڪ اُها عظيم شخصيت هئي؛ جنهن 1971ع جي ”پاڪ – هند جنگ“ کانپوءِ ”پاڪستان“ جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائي ورتو هو، نه فقط ايترو، پر پاڪستان جي تباهه حال معيشت کي پڻ پنهنجي ذاتي صلاحيتن وسيلي مستحڪم بڻايو هو. اُن سان گڏوگڏ بين الاقوامي حيثيت سان پاڪستان کي پروقار بڻايائين. لاڙڪاڻي کي سندس ذات تي سدائين فخر رهندو.

جناب ذوالفقار علي ولد شاهنواز خان ڀٽو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رتيديري تعلقي جي ڳوٺ خدا بخش ڀٽي ۾ 14 شعبان 1347هه مطابق 5 جنوري سنه 1928ع تي تولد ٿيو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين هو. ستت ئي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم – اي (سياست) ۾ پاس ڪري، ڪجهه وقت لاءِ اُتي ئي ليڪچراريءَ جي عهدي تي فائز رهيو؛ پوءِ لنڊن مان بئريسٽريءَ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري، 1956ع ۾ پاڪستان واپس وريو. اُن کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ قانون واري ڪاليج اندر ليڪچرار به ٿي ڪم ڪيائين؛ جتان 18 مئي 1958ع تي سياست جي ميدان ۾ ايندي، وزير تجارت بڻيو.

27 آڪٽوبر 1958ع تي، جڏهن ايوب خان ڏاڍائيءَ سان سڪندر مرزا کي زوريءَ لاهي پاڻ صدر بڻيو، تڏهن به ڀٽو صاحب وزير جي عهدي تي فائز رهيو. 1963ع تائين سندس فوليا بدلجندا رهيا. ساڳئي ئي سال جڏهن محمد علي بوگره وفات ڪئي، ته سندس جاءِ تي ڀٽي صاحب کي وزير خارجه مقرر ڪيو ويو؛ جنهن عهدي تي پاڻ جون 1966ع تائين نهايت ديانتداريءَ سان ڪم ڪندو رهيو.

هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪا 1965ع ۾ جنگ لڳي هئي، تنهن لاءِ ڀٽو صاحب آمريڪا ڏانهن ”اقوام متحده“ ۾ هن سوال کي پيش ڪرڻ لاءِ ويو؛ جتي هن مرد مجاهد اهڙي ته جوشيلي تقرير ڪئي، جنهن تمام ملڪن جي ميمبرن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. جنگ بعد ايوب خان کيس حڪومت کان علحده ڪري ڇڏيو. پوءِ جناب ڀٽي صاحب ”پاڪستان پيپلس پارٽي“ جي نالي سان پنهنجي هڪ علحده سياسي جماعت جوڙي؛ جنهن 1970ع ۾ وڏي اڪثري سان اليڪشن کٽي ورتي.

1971ع واري ٻي پاڪ – ڀارت لڙائي ختم ٿيڻ تي، اُن وقت جي صدر يحيٰ خان (وفات 8–8–1980ع) صدارت جون واڳون سندس حوالي ڪيون. پاڻ 4 جولاءِ سنه 1977ع تائين آئيني طرح سان پاڪستان جو وزيراعظم رهيو. سندس دؤر- حڪومت ۾ ”پاڪستان“ ترقيءَ جي راه تي گامزن ٿيندو رهيو – 4 جولاءِ 1979ع تي وفات ڪيائين؛ کيس اَباڻي قبرستان (نئون ديرو) ۾ جاءِ ڏني وئي.

ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي

[ 1886ع – 1953ع ]

سنڌي ساهت جي سچن خدمتگارن ۾، ڪاڪو ڀيرومل پٽ مهر چنڊ آڏاواڻيءَ جو نالو وساري نه ٿو سگجي. سندس جنم حيدرآباد (سنڌ) ۾، 17 اپريل 1886ع تي ٿيو هو. ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ محنتي مڙس هو؛ جنهن ڪري مطالعي ۾ هميشہ منهن هوس. آورچائيءَ کيس سنسڪرت، هندي، انگريزي، فارسي، عربي ۽ سنڌي زبانن تي خاصي ڄاڻ ڏياري – 1896ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ايڪسائيز کاتي ۾ ملازم بڻيو، 1901ع ۾ بي – اي پاس ڪرڻ سان انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ورتائين، جتان 1923ع ۾ رٽائر ڪري لکڻ پڙهڻ کي لڳي ويو. مارچ 1924ع ۾ ڊي – جي – سنڌ ڪاليج ۾ عارضي طرح سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. موقعي ملڻ سان سنڌ جو چپو چپو گهمي، ماڻهن جي حالات – زندگي ۽ ريتن رسمن تي فلم کنيائين. سنڌي ٻوليءَ سان کيس وڏي محبت هئي. خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ تاريخ تي لکڻ سندس خاص مشغلو بڻيو. انهيءَ سلسلي ۾ 45 کن ڪتاب مختلف موضوعات تي سندس زندگيءَ جو سرمايو ڇڏيل آهن؛ جن مان ”قديم سنڌ“، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ”ٽئلسمن عرف غازي صلاح الدين“،  ”سنڌ جو سيلاني“، ”گلقند“ (ٻه ڀاڱا) ”لطيفي سير“ ۽ ”غريب اللغات“ جهڙيون محققانه انداز ۾ لکيل سندس لازوال تصنيفون آهن.

ڪاڪي ڀيرومل، سنڌي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ حياتيءَ جو وڏو حصو وقف ڪيو هو. نثر سان گڏ نظم تي به طبع آزمائي ڪئي هئائين. ”غريب“ تخلص سان سندس نظم ”سرسوتي“ رسالي کان علاوه 1905ع ڌاري درسي ڪتابن ۾ به ڇپيا رهيا. نومبر 1924ع ۾ هندستان لڏي ويو، جتي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پڻ سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. اُتي به سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪيائين. 14 جولاءِ؛ 1953ع تي بمبئيءَ ۾ ڀرلوڪ پڌاريائين. حالانڪ ڪاڪو ڀيرومل اڄ اسان وٽ موجود به آهي، پر سندس ڇڏيل علمي سرمايو سندس دائمي طور محفوظ آهي. خاص ڪري سماجي اوڻاين کان متاثر ٿي لکيل ”ناٽڪ“، سنڌي زبان ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. سندس استعمال ڪيل زبان عام فهم، سپڪ ۽ سوادي آهي.

ڪامريڊ حيدربخش ”حيدر“ جتوئي

[ 1900ع – 1910ع ]

سنڌي زبان جو مشهور انقلاني ۽ عوامي شاعر، ”عاشق-سنڌ“ حيدر بخش ”حيدر“ ولد الهداد خان جتوئي، ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”بکوديرو“ ۾، 19 شوال 1318هه مطابق 12 اپريل 1900ع تي ڄائو هو. سندس والد پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ تر جو نامور زميندار هو. سندس نظر فيض اثر هيٺ ”حيدر“ ابتدائي تعليم پوري ڪري، 1927ع کان روينيو کاتي ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين. جتان ترقي وٺي، 1931ع ۾ مختيارڪار ۽ 1941ع ۾ ڊپٽي ڪيلٽر جي عهدي کي خيرباد چئي، قومي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪيائين.

سندس شخصيت سنڌ جي عوام آڏو هڪ محب - وطن شاعر ۽ هڪ دلير سياسي اڳواڻ جي حيثيت ۾ اُڀري. ٻنهي صورتن ۾ سندس شخصيت جي انفراديت پئي بکي، جيئن ته ”حيدر“ هڪ شاعر ۽ ”جتوئي“ هڪ دلير سياستدان انگريزن جي خلاف پڌري پٽ عملي ڪردار ادا ڪيائين. ڪجهه وقت صحافت جي ميدان ۾ ”هاري“ نالي اخبار به جاري ڪيائين. شاعريءَ جي شروعات ڪاليج جي زماني کان ئي ڪيائين. سندس ڪلام قومي نظمن، گيتن، بيتن ۽ غزلن تي ٻڌل آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ سندس فرزندن وٽ محفوظ آهي. سڌي الف – ب وار هڪ ديوان به ترتيب ڏنو هئائين.

هن انقلابي شاعر جي ڪلام ۾ سوز ۽ عشق نالي ماتر آهي. دسته- ناز، تير مزگان ۽ برق جمال وغيره لفظن بجاءِ هاري، هر، ڏاٽو، ڪوڏر ۽ بيل گاڏي وغيره جو جاءِ بجاءِ ذڪر ملي ٿو. محبوب جي وفائيءَ عيوض، قومي ڀائرن جي ڏکن ڏاکڙن ۽ اهنج سهنج جي درديلي داستان لاءِ مالڪ مهربان سان شڪوه ڪري ٿو. مطلب ته ڪامريڊ جي ڪلام ۾ هر هنڌ فراق ۽ ڦوڙائي؛ ۽ حسن ۽ عشق جي برخلاف ملڪي ۽ قومي سوزوگداز ملي ٿو.

غريب هارين جي حقن خاطر 1930ع ۾ ”تحفه سنڌ“ نالي ڪتاب به ڪڍيائين؛ جنهن تي انگريزن کيس قيد جي ڪوٽن ۾ به رکيو. غريبن لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ ”حيدر“ ڪيئي پيرا پاڻ تي جيل جا دروازا به بند ڪرايا سندسن نظمي ڪتاب: ”آزادي قوم“ ۽ ”هاري گيت“ آهن. نثري تحريرن ۾ ”هاري ڪهاڻيون“ ۽ ”هاري انقلاب“ بيحد مقبول ٿيا. ذوالحج 26، 1390هه مطابق 21 مئي 1970ع تي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ وفات ڪيائين. کيس حيدرآباد ۾، ميان غلام شاه ڪلهوڙي (وفات 1186هه) جي قبرستان ۾ آرامي ڪيو ويو. سنڌ سرڪار سندس قومي قربانين عيوض، سندس نالي پٺيان ”حيدر هالٽ ريلوي اسٽيشن“، سندس ڳوٺ جي سامهون قائم ڪئي آهي. هيٺ نمونه - ڪلام ملاحظه فرمايو:-

ڀلي آئين، جي آئين، درياه شاهه!

ٿي راوي اچي تنهنجي ديدار تي،

۽ ستلج ۽ جهلم نمسڪار تي،

ٿين مست ٿيون، تنهنجي للڪار تي،

ٿين توتي قربان، فنا پنهنجي ڪن جان،

ڏين پنهنجو پاڻ، لهن وصل تنهنجو،

جو ميلو سمايل فنا اندر آهه!

ڪشنچند ”بيوس“

ديوان ڪشنچند ”بيوس“ پٽ تيرٿ داس کتري، 7 ڦاڳ سنبت 1941 مطابق 19 مارچ 1885ع تي لاڙڪاڻي شهر جي ”ميمڻ محله“ ۾ ڄائو. سندس پتا حڪيم هو. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي تربيت نهايت ئي سليقي سان ٿي. مگر پاڻ اڃا سنڌي چوٿون درجو پڙهي رهيو هو، ته سندس پتا پرلوڪ پڌرايو؛ جنهن ڪري هندو نظريي مطابق ڪنهن کان بيک مڱڻ بجاءِ، پاڻ تي انحصار ڪري، سنڌي ورنيڪيولر (فائينل) امتحان پاس ڪرڻ بعد ماستر مقرر ٿيو. ملازمت دوران سکر دادو، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جو چپو چپو گهميو. پڇاڙيءَ ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وليد عباسيءَ ۾ رهي، هيڊ ماستر جي عهدي تان 1944ع ۾ رٽاير ڪيائين.

ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي طبيعت موزون هئي؛ جنهن ڪري ”بيوس“ تخلص سان ٺهه پهه شعر جوڙيندو رهيو. سندس شاعري اڻامٽ اُصولن تحت ترتيب ڏنل هئي.

”بيوس“ جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، مگر لاڙڪاڻي جي شاعراڻي اسڪول سان سندس وابستگي نه هئي؛ جنهن سان حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“ جعفري ۽ ٻيا شاعر وابسته هئا. سندس شاعري حالانڪ عروض جي فن ۾ ضرور آهي، پر مضمون ۽ مقصد جي لحاظ کان بالڪل مختلف نوعيت جي نظر اچي ٿي: عروض جي فن کان ”بيوس“ ڪي قدر اڻ واقف هو؛ انهيءَ ڪري سندس شعر ۾ عروضي قاعدن ۽ ضابطن جون اڪثر اوڻايون ڏسجن ٿيون. البته شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ اُن جي مختلف شين جي جاءِ بجاءِ واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري ترجماني ڪئي آهي. اِهوئي سبب آهي جو ”بيوس“ کي ’جديد شاعريءَ‘ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو.

ديوان ”بيوس“، ايراني شاعريءَ جي تقليد گهٽ ڪري ٿو ۽ ان جي بدران پنهنجي وطن جي شين جون تشبيهون آڻي ٿو. سندس نظمن مان ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ علامه اقبال 1877ع – 1938ع) ۽ ڪن ٻين اردو شاعرن جي شعر جا سنڌي زبان ۾ ترجما به ڪيا اٿس. اُن هوندي به سندس شاعري سنڌي شعر جي تاريخ ۾ ”جديد شاعريءَ جو سنگ - ميل“ چئي سگهجي ٿي.

”بيوس“، ڪانگريس ۽ خلافت جي تحريڪن جو به سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ مهاتما موهنداس ڪرمچند گانڌي (1869ع – 1948ع) جو بيحد عقيدتمند ۽ شش هجڻ سان گڏوگڏ ”هندو مسلم ايڪتا“ جو حامي پڻ هو. سندس شاگردن ۾ هوند راج ”دکايل“ ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جا نالا سر- فهرست آهن. ديس جي شين سان پيار هوس. ولايت جون ٺهيل عمديون شيون به تڇ سمان ڄاڻندو هو. پڇاڙيءَ ۾ پيءُ جي ڇڏيل ورثي (حڪمت) کي باقاعده ڪري ورتائين. مارچ 1933ع ۾ ”سنڌي ساهتيه سميلن“ ۾ سندس ڪارائتن خيالن کي خوب اهميت ملي. سندس ڪلام سنڌ خواهه هند مان نڪرندڙ رسالن ۾ ڪثرت سان ڇپجندو رهيو. ”سيرين ڪلام“ (1933ع) ۽ ”هئملٽ“ (ڊرامو) نصاب طور سنڌ ۾ پاڙهيا ويندا هئا. کيس 23 سيپٽمبر 1947ع تي لاڙڪاڻي ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو. ”محبوب طبع“، ”سامونڊي سپون“، ”ڦولداني“، ”بهارستان“، ”انڊلٺ“، ”پرت پوڄارڻ“ ۽ ”گرونانڪ جيون ڪوتا“ ڪتابن کان علاوه نون ڊرامن جو ليکڪ پڻ هو. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:-

رام چئون رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهه،

دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته اُنهيءَ جي راه سان آهه،

عشق چئون يا پريم چئون، اِنڇا ته اُنهيءَ جي چاه سان آهه،

ساڌو بڻون، يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آ گاهه سان آهه،

اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر؛

جان وجهي بي جان- اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر،

قومي گيتن کي جنم ڏيڻ ۽ عوامي جذبات ۽ احساسات جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ ۾ ”بيوس“ پيش پيش رهيو آهي. سندس خاص نظمن ۾ ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي.

ڪلياڻ آڏواڻي

[ جنم 21 نومبر 1932ع ]

مشهور سنڌي نثر نويس ۽ شاهه جو شارح، ڪلياڻ داس پٽ جئرامداس آڏواڻي، حيدرآباد (سنڌ) ۾ 21 نومبر 1932ع جي سج ۾ اک کولي هئي. مئٽرڪ تائين حيدرآباد ۾ پڙهيو هو ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچيءَ کي وڃي وسايائين. ايم – اي پاس ڪرڻ بعد تعليم کاتي ۾ ملازمت ورتائين. جتان پروفيسر جي عهدي تي وڃي رسيو. ورهاڱي بعد هندستان جا وڃي وڻ وسايائين. ڪافي ڪتابن جو مطالعو رکي ٿو – 1958ع ”هندستان ڪتاب گهر“ طرفان سالن جي پورهئي جو نچوڙ ”شاه جو رسالو“، مهاڳ، معنيٰ ۽ شرح وغيره سان شايع ڪرائي، پنهنجو ناماچار وڌايائين.

آڏواڻي صاحب کي سنڌي زبان سان والهانه محبت آهي، حالانڪ سندس لکيل ڪتاب نالي ماتر آهن، پر ”ٿورا ڪڻا ٿا لهيءَ ۾ ڀلا“ – مصداق معياري ۽ اعليٰ شاهڪار جي حيثيت جا حامل آهن. ڪاليداس جو لکيل ناول ”ڪاليداس“ جو سنڌي ترجمو ۽ بمبئيءَ مان ڇپيل ”شاه“ (1951ع)، ”سنامي“ (1953ع) ۽ ”سچل“ (1954ع) تحقيق جي اک سان لکيا اٿس. ازانسواءِ پاڪستان ۾ سندس وقت بوقت ڇپيل مضمون ۽ مقالا ”سنڌو“ ۽ ”لطيف ٻاري“ مخزنن ۾، سندس علمي صلاحيت جي چٽي ساک ڀرين ٿا هن وقت بمبئيءَ ۾ رهي ٿو. ڌڻي سندس مان مٿاهون ڪندو؛ ۽ جڳ جي سنڌي زبان ۾ ادب جو بول بالا ڪندو رهندو.

ڪنور رام ڀڳت

[ 1885ع – 1939ع ]

مشهور صوفي سنت ۽ پريمي ڀڳت، ڪنور رام پٽ تارا چند گدواڻي، 22 آڪٽوبر 1885ع تي وسپت (خميس) جي ڏينهن، سکر ضلعي ۾، تعلقي ميرپور ماٿيلي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”جروار“ ۾ اک کولي. سندس پتا هڪ مسڪين واڻيو هو. سندس مانا (ماءُ) جو نالو شريمتي تيرٿ پائي هو، جيڪا پڻ حليم سڀاءَ ۽ ماٺيڻي طبيعت جي مالڪ هئي. ڪاڪو تاراچند گدواڻي مدت کان اولاد لاءِ آسائتو هو، ڌڻيءَ سندس راه کولي؛ جنهن ڪري اُن وقت جي ساڌو صوفي ڀڳت، ڀائي سترامداس ”سڪايل“ (1831ع – 1899ع) جي دعا سان کيس پٽ ڄائو؛ جنهن جو نالو به سندس ئي منشا موجب ”ڪنور رام“ رکيو ويو.

صوفي سترامداس، اصل روهڙيءَ لڳ هڪ ننڍڙي واهڻ (ڳوٺ) جو رهواسي هو. عقيدي جي لحاظ کان هندو ڌرم رکندڙ هو، مگر تصوف ۽ ويدانيت جي رنگ ۾ سنڌي شاعري به ڪئي اٿس. خاص ڪري سندس ڪافيون، وائي جي ٽيڪنڪ (يعني هر بند هڪ مصرع جو) تي تربيت ڏنل آهن. سندس خيالن جي وسعت ايتري تائين وڌيل هئي جو مسلمان صوفي فقيرن جي صحبت ۾ رهندي، ڪافي ڌرمي درس ورتو هئائين. اِهوئي سبب هو، جو عام و خاص وٽ سندس لاءِ وڏي مڃتا هئي. هو گرمکي زبان چڱي لکي پڙهي ويندو هو. ازانسواءِ سٺو ڀڳتي پڻ هو.

ننڍڙي نينگر، ڪنور رام به پهريائين ديوان هاسارام آهوجا (1847ع – 1902ع) لاڙڪاڻي واري وتان ڪجهه ڌرمي ڪتاب پرهي، سڌو اچي ڀائي سترامداس وٽ شيوا لاءِ چرنن ۾ گوڏا ڀڃي پاڻ ارپيائين، بس، پوءِ ته ساڌوءَ جي سنگت ۾ رهي ”ڀڳت“ (1) به سکيو. تان ته ساڌوءَ جي سرڳواس بعد پاڻ اڪيلي سر ڀڳت وجهندو هو.

ڪنور رام، ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾، ديوان اوٽو مل منگهرياڻي جي ڌيءُ سان شادي ڪئي، جتان کيس هڪ پٽ پيدا ٿيو؛ جنهن جو نالو ”گوبند رام“ رکيائين. ڀڳت صاحب جي آواز ۾ ايترو ته تاثير هو، جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا. سندس رعب دار چهري مان ڪڙڪيدار آواز لاءِ، ٻڌندڙ پري پري کان ڪهي اچي، محفل مچائيندا هئا. پاڻ خاص ڪري رات جي پوئين حصي ۾ ڳائيندو هو؛ ايتري تائين جو باک ڦٽيءَ تائين سندس آواز جو جادو جٽادار هوندو هو. ٻڌندڙ سندس آواز مان ايترو ته لطف اندوز ٿيندا هئا، جو هڪ پل به پري ٿيڻ، سعادت کان محرومي سمجهندا هئا. سندس واسطو ”نانڪ پنٿي“ سلسلي سان هيو. غالباً 53 ورهين جي عمر ۾، مانجهند جي ميلي تان موٽندي، جيئن ئي سکر واري سواري (ريلي گاڏيءَ) ۾ سوار ٿي رڪ اسٽيشن تي پهتو، ته حافظ محمد صديق پنهور رح (1827ع – 1890ع) جي هڪ جان نثار مريد، جان محمد جلباڻيءَ آرتوار (آچر)، 2 نومبر 1939ع تي انتقامي ڪارروائيءَ دوران، بندوق جو نشانو بڻائي، هميشہ هميشہ لاءِ سندس انت آندو. (1) سندس اَگني سنسڪار، جروار ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس جيون چتر، شري تيرٿ بسنت صاحب 1941ع ۾ ڪتابي صورت ۾ عام ڪيو هو.

شاه، سچل ۽ ساميءَ جي هن سر زمين تي اِنهيءَ ڪلور، مسلمانن ۽ هندن ۾ تعصب جي ويتر باه ڀڙڪائي ڇڏي؛ جنهن ڪري ڪيترائي بي گناه جيو جهان ڇڏي ويا.

لطف الله بدوي

[ 1904ع – 1968ع ]

لطف الله ولد حاجي امام بخش ”خادم“، 17 شوال 1322هه مطابق 4 جولاءِ 1904ع تي شڪارپور (سنڌ) ۾ جنم ورتو هو. سندس خانداني تعلق ”آل احمد“ سان آهي؛ جنهن جي مزار مصر ۾ آهي. سندس ڏاڏو محمد بچل ملتان کان لڏي حيدرآباد ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت بعد باقاعده شڪارپور ۾ رهڻ لڳو. سنڌي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽان ورتائين، جيڪو پرائمري استاد ۽ پڻ بهترين شاعر هو. اڃا گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو، ته سندس والد وفات ڪري ويو؛ جنهن ڪري تعليم کي جاري رکي نه سگهيو. لاچار ٿي 1920ع ۾ ورنيڪيولر فائينل امتحان پس ڪري؛ 1921ع ۾ شڪارپور ٽريننگ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، پوءِ ٺل ۾ انگريزي ماستر مقرر ٿيو – 1949ع ۾ ميونسپل اسڪولن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر بڻيو ۽ 1952ع ۾ بي – اي پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور ۾ عارضي طرح سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. آخر مستقل ملازمت ۾ رهي، پروفيسر جي عهدي تان رٽاير ڪيائين.

ادبي حلقن ۾ لطف الله صاحب جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي، پاڻ هڪ بهترين نثر نويس هجڻ سان گڏ قادرالڪلام شاعر به هو. شاعري کيس ورثي ۾ مليل هئي. سندس شاعري مختلف اصناف سخن تي نهايت پڪي پايي جي آهي. اَخلاقيات، تاريخ ۽ تصوف سندس پسنديده موضوع رهيا آهن. ”سنڌو“، ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ جي پرچن ۾ سندس شهپارا ڪثرت سان شايع ٿيندا هئا. سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانن ۾ جملي 86 ڪتاب قلمبند ڪيائين؛ جن مان اٺاويهه ڪتاب مختلف عنوانن سان ڇپيل آهن. باقي اڃا تائين صرف ڪٻٽن جي زينت بڻيل آهن. ڇپيل ڪتابن ۾: تذڪره لطيفي (ٽي حصا)، حيات اقبال، جاويد نامه، ارمغان حجاز، اسرار رموز، چار درويش، ديوان صنعت ۽ احسن القصص سندس لازوال تصنيفون آهن – 17 ربيع الاول 1388هه مطابق 19 نومبر 1968ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪيائين. ضروري آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ، مرحوم جا اڻ ڇپيل ڪتاب : ”سنڌ ۾ تصوف“ ۽ صوفيانه شاعري (ٽي حصا)، سنڌ جي تاريخ (انگريزن جو دؤر)، رسالو نانڪ يوسف، تذڪره الشعراءُ سنڌ (چار جلد)، شاهنامه فردوسي (منظوم)، انساني تمدن جو مطالعو، سنڌي ٻولي، عربي شاعري کان فارسي شاعري پر اثر، تاريخ اديبات سنڌ، تاريخ شڪارپور، تاريخ اندلس، فتح سنڌ، شاه لطيف کي کلام کا منظوم ترجمه ۽ رسالو لطف الله بدوي جلد از جلد شايع ڪري. هيٺ سندس ڪلام مان ”وائيءَ“ جو نمونو ڏجي ٿو:-

سرتيون کائڻ آئي، سوڍي سوا ڪاڪ

ولهيون جايون ان ريءَ، جنهن مير مٺا ڪاڪ.

پاڻي رت گاڏئون، ڪونر رتا ڪاڪ.

روح کي راڻي ريهيو، نه ته سؤ مرد ڏٺا ڪاڪ.

موٽي ايندو مينڌرو، ڪانگ لنوندا ڪاڪ.

”لطف“ آس اها آهه، من پرچن رٺا ڪاڪ.

لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

[ 1885ع – 1954ع ]

سنڌي زبان جو سچو پارکو، خدمتگار، صاف دل صوفي منشي لالچند پٽ امر ڏنل مل جڳتياڻي حيدرآباد سنڌ ۾ 25 جنوري 1885ع تي جنم ورتو هو. سندس پتا سرڪاري ملازم هو؛ جنهن کيس شروعات کان وٺي سنڀالي تعليم ڏياري. ڪنهن ٿي ڀانيو ته هي ڇوڪرو وڏو ٿي سنڌي زبان ۽ ادب جو رکوالو بڻبو! سچ پچ ڌڻيءَ کيس وڏي ڏات ڏني هئي – 1903ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ گهريو، جتان 1918ع تائين فارغ التحصيل ٿي، سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچيءَ ۾ ماستر مقرر ٿيو. آخر ترقي وٺي پروفيسر جي عهدي تي وڃي رسيو. سنڌ جا ڪافي پڙهيل مسلمان سندس شاگرد بڻيا – 1940ع ۾ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ٿيڻ سان اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ ”سنڌي لغت“ جي تياريءَ ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ڪم ڪيائين – 1920ع ۾ خلافت دؤر ۾ ”قطع تعلقات تحريڪ“، 1922ع ۾ ”ڪانگريس واري هلچل“ ۽ 1947ع ۾ آزاديءَ جي جدوجهد“ ۾ پاڻ چڱو موکيائين؛ انهيءَ سلسلي ۾ قيد جا ڪڙا چاڙهائڻ به، عيب نه ڄاتائين.

ديوان لالچند ماٺيڻي طبيعت ۽ ذهانت جو ڀندار هو. مختلف موضوعات تي 23 ڪتاب سندس قلم مان نڪتا هئا، جن مان: حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، سونهارو سچل، سيڻ ڪي ويڻ، سدا گلاب، سون ورنيون دليون، ڏکن ڏڌي زندگي، سر ڏهر ۽ ان جي شرح، ڦلن مٺ، حر مکيءَ جا، سر ڪيڏارو، ماڻڪ موتي لال، بيرنگي باغ جو گل سنڌي، شاهاڻو شاه، ميران ناٽڪ، ساميءَ جا سلوڪ، نقد ڌرم، ڪشتي جا ڪشٽ، لڳ ننڍو جيءُ گهڻو، چوٿ جو چند ۽ سنڌي ٻوليءَ جو نچوڙ وغيره خاص اهميت رکن ٿا – 1946ع کان ڪجهه وقت ”مهراڻ“ رسالي جو ايڊيٽر به ٿي ڪم ڪيائين. ورهاڱي وقت روئي مجبوراً پاڪستان ڇڏي ويو، جتي بمبئي پهچي ڪجهه وقت هٿ جي تنگي ڏٺائين. پر صبر کان ڪم وٺي، ٿوري تي به اڪتفا ڪندو رهيو؛ تان ته سندس داڻي پاڻي پوري ٿيڻ سان، 18 اپريل 1954ع تي پرلوڪ پڌاريائين. سنڌ سان کيس وڏو پيار هو. سندس وصيت موجب سنک 12 ڊسمبر 1955ع تي سنڌ ۾ آڻي، مهراڻ جي حوالي ڪيو ويو.


(1) – اصل نالو ”مني ٻائي هو، جيڪو پوءِ ”سڪينه“ ۾ بدلايو ويو.

(1) – اوڀر بنگال کي ”اوڀر پاڪستان“ به سڏبو هو، جيڪو 1971ع ۾ پاڪ- هند جنگ ۾ اسان کان علحده ٿي، آزاد مملڪت ”بنگله ديش“ بڻجي ويو.

(1) – ”طلسم“ (ٽئلسمن) عرف غازي صلاح الدين اصل، سروالٽراسڪاٽ (1771ع – 1832ع) جو انگريزي زبان ۾ لکيل ناول آهي؛ جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس، ساڌو هيرانند (سرڳواس 1892ع) وٺرايو. اڃا اڌ ۾ ئي هو، ته وفات ڪري ويو. سندس ڇڏيل ڪم کي ڪاڪي ڀيرومل 1927ع ۾ پورو ڪري، منظر عام تي آندو هو.

(1) – ”آڏواڻي“، هندن جي مشهور ذات آهي، جيڪا ”مگهوکتريءَ جي نک“ مان، ديوان آڏو مل جي اولاد چيا وڃن ٿا. هن گوتر (نسل) مان آهوجا ۽ ماکيجا نکون به نڪرن ٿيون. آڏواڻي نسل جا امرتسر ۽ ملتان ۾ به رهن ٿا. سنڌ ۾ حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ ڪثرت سان آباد آهن. سندس وڏو ڏاڏو، ديوان آڏومل پٽ کلومل پٽ جسومل، اصل پنجاب صوبي ۾ ملتان شهر لڳ، ڳوٺ لوه پور جو رهاڪو هو، اُن زماني ۾، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هٿ هيٺ ملتان ۽ اُچ شريف جا علائقا هئا. پاڻ جيئن ئي هڪ ڏينهن ملڪي واءُ سواءُ تي نڪتو، ته سندس ڏيٺ ويٺ ٻين ڀائي بندن سان گڏ، ديوان آڏو مل سان به ٿي. ديوان صاحب تير ۽ ترار هلائڻ جو ڪوڏيو هو؛ جنهن ڪري ميان نور محمد وٽ ”شمشيزن“ مقرر ٿيو. پوءِ پاڻ سان کيس سنڌ ۾ آندائين.

ديوان آڏومل پهريون گهر پنجاب مان ڪيو؛ جنهن مان چندومل، ڏتومل ۽ لکومل ٿيس. گهر واريءَ جي پرلوڪ پڌارڻ بعد ٻيو گهر نواب شاه ضلعي مان، تعلقي نوشهري فيروز جي ديهه ”ٺٽ“ مان ڪيائين. منجهانئس بهارو مل، سندر داس وسايو مل ۽ ٺارو مل ڄاوا هئا. ٺارومل ڄمندي ئي انڌو هو؛ جنهن ڪري سڄي ڄمار ڪنئارو رهيو. انهيءَ ڪري کيس سڏيندا ئي ”ٺارو جتي“ هئا. ديوان آڏومل ۽ پنهنجن ٻن پٽن: سندر داس ۽ وسايو مل سميت مغلن جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. سندس اهي ٻئي پٽ ري اولاد رهيا؛ باقي سندس بچيل چار پٽ ايتري قدر ته وڌيا ۽ ويجهيا جو ”آڏواڻين“ جا ست سؤ گهر ٿي ويا. سندن شاخون : سنڌ واڻي، سيتلاڻي، قنڌراڻي، منشياڻي ۽ شامداساڻي اُڀريون [سنڌي اِنسائيڪلو پيڊيا“ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، (قلمي)، 1980ع؛ صفحو 322].

(1) – پاڪستان ۾ هن رسالي جو انتخاب، مڪتبه اسحاقيه، جهونا مارڪيٽ ڪراچيءَ وارن طرفان 1977ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي.

(1) – هندو ڳائڻا ڪن خاص موقعن تي ”ڀڳت“ وجهندا آهن؛ جنهن ڳائڻ سان گڏ نچندا به آهن. اُنهن جو نچڻ مخصوص قسم جو هوندو آهي؛ ۽ ”هندو ميٿالاجيءَ“ (ديو مالا) سان سندن خاص تعلق هوندو آهي. ڀڳت ڪرڻ (وجهڻ) وارو ”ڀڳتي مرد“ هوندا آهن، جيڪي عورتن جو ويس ويڙهي، ساڙهي پاڻي ۽ پيرن گهنگهرو وجهي (پائي) متل محفلين ۾ اچي ڀڳت وجهندا آهن؛ حاضرين کي خوب خوش ڪندا آهن. ڀڳت (مسخرا)، پنهنجي ڀڳت وجهڻ کان اڳ ”سرڪلياڻ“ مان هڪ ”پرار ٿنا“ (گيت) ڳائي پوءِ ڀڳت وجهندا آهن. ”ناچ“، ڀڳت جو روح آهي. [ ”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا“ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، (قلمي)، 1980ع صفحو 291].

(1) – ڀڳت ڪنور جي موت کان 21 ڏينهن اڳ، سکر ۾ پير صاحب ڀرچنڊي شريف جي ڀائٽي، ميان عبدالله پنهور عرف ”هادي سائينءَ“ کي ڪن ڪٽر هندن سخت تنبيهه ڪئي هئي، آخر وڳوڙ وڌي ويو؛ جنهن ڪري مشهور مهاسڀائي ليڊر، ڊاڪٽر مونجي تلوار ڪڍي، مسلمان ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو.

(1) – ”سيرت طبيه“ تي لکيل سندس هيءَ تصنيف عقيدت جو واضح ثبوت آهي. سندس ڪي دوست مذاق وچان کيس لعلچند مان ”لعل محمد“ به ڪري سڏيندا هئا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org