سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :2

مخدوم بهاوُالدين گودڙئو رح:- ٺٽي جو ويٺل هو ۽ ذات جو ميمڻ هو. وڏو عالم فاضل ۽ اهل- دل ٿي گذريو آهي. پهريائين ٺٽي جو درويش موسيٰ جو مريد هو، پوءِ مخدوم نوح جو مريد ٿيو. لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. ڪيئي ڪتاب پنهنجي هٿ سان لکيائين. هڪ عاليشان لائبريري هيس، جيڪا ٺٽي جي مغل گورنر شريف الملڪ يڪ چشم ساڙائي ڇڏي. ان واقعي جي حقيقت هن ريت آهي، ته 1035 هه (1625ع) ۾ شهزادو شاهجهان پيءُ کان ناراض ٿي سنڌ ۾ آيو. شريف خان سندس مخالفت ڪئي ۽ مقابلو ڪيو. انهيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هو دعا پنڻ لاءِ مخدوم گودڙئي وٽ آيو، جنهن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس مهماني ڏني. انهيءَ تي گورنر ڪاوڙجي سندس گهر کي باهه ڏياري ۽ جيل ۾ رکيو.

سندس هٿ اکري ڪتابن مان فقط قرآن مجيد جو فارسيءَ ۾ مخدوم نوح جو ڪيل ترجمو باقي بچيو آهي، جيڪو هن پنهنجي پير ڀائي سيد ابو بڪر لڪياريءَ لاءِ لکيو هو. سندس وفات يارهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سندس مزار مڪليءَ ٽڪريءَ تي ”ميان مٺي“ جي مزار ڀرسان آهي .

جيئن ته ”مهاڳ“ تمام طويل ٿيندو پيو وڃي، انهيءَ ڪري اتي ئي اڪتفا ڪجي ٿي. آءٌ وري به مصنف کي مبارڪ باد ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو، ته هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب ۾ چڱي جاءِ والاريندو.

سکر (سنڌ)   ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

خميس 27 ربيع الثاني 1401 هه

مطابق 5- مارچ 1918ع

ٻــــه اکــــــــــر

”سنڌي ادب جي تاريخ“ ، هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهنجي وسيع دائرهء اختيار ۾ عملي ۽ ادبي پهلوئن جون بيشمار خوبيون سمايل هونديون آهن. سنڌي زبان ۾ سنڌي ادب سان تعلق ۽ توصل رکندڙ هر هڪ پهلو، ادب ۽ فلسفي ۾ جدا جدا باب جي حيثيت رکي ٿو.

هيءَ پڻ حقيقت آهي، ته سنڌي ادب ۾ سوانح جي موضوع تي اهڙو ڪو به جامع ڪتاب موجود ڪونهي؛ جنهن لاءِ گهڻي عرصي کان شدت سان انتظار هو. منهنجي هن تصوير جي تعبير جي ڪنهن حد تائين ترجماني محترم ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب، هن ڪتاب ”عظيم سنڌي انسان“ لکڻ سان ڪئي آهي.

جيتوڻيڪ هيءَ تصنيف نثري ادب جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي دعويدار ته نه آهي، پر ابتدائي ضرورتن جي پورائي لاءِ ادبي ۽ علمي ڪارنامي جي بنسبت هڪ اهم قدم ضرور آهي. انهيءَ لکڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي، ته ”ميمڻ صاحب جي هن تصنيف، ويهين صدي عيسويءَ جي ادبي تاريخ ۾ پنهنجو حقيقي مقام حاصل ڪيو آهي.“ فاضل مصنف، پنهنجي ميڙيل مواد جي سموهڻ ۽ سنوارڻ ۾ علمي استعداد سان گڏ ادبي رجحان به برقرار رکيو آهي. اهو سچ پچ سندن اڻ ٿڪ ڪاوشن جو نتيجو آهي.

ازانسواءِ ڪتاب ۾ ڏنل شهادتن مان جيڪا حقيقت شناسيءَ جي تصوير نظر اچي ٿي، اها قابل - داد آهي. منجهس سنڌ جي عالمن، بزرگن، اوليائن، صوفين، فقيرن، فلسفي، دانشورن، مورخن، سياستدانن، سماجي ڪارڪنن، اديبن ۽ شاعرن وغيره جي مختصر مگر جامع سوانح قلمبند ٿيل آهي. اهي عظيم زندگيون، سنڌ جي سرزمين تي، پنهنجي پنهنجي دور ۾ تعليم ۽ تمدن، تهذيب ۽ ثقافت، سماجي ۽ فني وسعت، ڪاروباري ۽ تجارتي لياقت، تاجداري ۽ ملڪي حاڪميت، قومي ۽ تاريخي صلاحيت، ادب، فلسفي ۽ حڪمت جي لياقت ۽ لطافت، توحيد ۽ رسالت جي پيرويءَ ۾ فقر ۽ رياضت جي برتري، تصنيف ۽ تاليف جي عظمت ۽ نثر خواه نظم جي بيمثال خدمت جي سلسلي ۾ بيش بها ڪارنامو آهن.

مذڪوره شخصيتن جي تعارفي احوال سان گڏ سندن ڪردار تي به مختصر روشني وڌي ويئي آهي. قوي اميد آهي، ته هي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ خاص اهميت رکندڙ باب جي حيثيت سان معاونت پيدا ڪندو؛ ۽ بلاشبہ علمي ۽ ادبي تحقيق ۾ حوالن جو ڪم ڏيندو. هر سوانحي خاڪو پوريءَ ريت سند سان ڏنو ويو آهي. ازانسواءِ چند اهڙين برگزيده شخصيتن جو به ذڪر آندو ويو آهي، جن لاءِ اڳ ڪڏهن به نه لکيو ويو آهي.

آخر ۾ آءٌ هن برڪت ڀريي ڪتاب لکڻ تي جناب ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب کي ”مبارڪ باد“ ڏيان ٿو. دعا آهي ته الله تعاليٰ سندس ذوق- سليم ۾ ڪاميابي عطا فرمائي ۽ سدائين شاد ۽ آباد هجي.

ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو          احقر العباد

خانپور (شڪارپور)   (ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو)

15- رمضان المبارڪ 1400هه

مطابق 8- آگسٽ 1980ع.

عبدالڪريم ”تراب“ بروهي

سنڌ جي اُڀ تي جي اُڀريا ماهتاب ۽ آفتاب؛

بي عدد تارا گرهه، گم تن کي ڪيو افق ۽ سحاب؛

پي پيالو موت جو، ڪن آ ڍڪيو خالي نقاب؛

علم کان محبوب- ڪن، جلوه لڪائي ڪيو حجاب.

تن عظيم هستين جو دنيا کي پسايو جنهن آ نور،

سو مصنف ۽ مجاهد، ميمڻ آ عبدالغفور.

سنڌ جي هن سر زمين تي، جي ”عظيم انسان“ ٿيا؛

عالم و عابد، ولي، شعراءَ، سر، سلطان ٿيا؛

خادم و مخدوم، حاڪم، مصلح و ذي شان ٿيا؛

وطن جا پروانه، شهداءِ عاشق- يزدان ٿيا؛

فخر ٿيا، جي ديس ملت- ذات- انسان لءِ سرور،

آشناتن سان ڪيو، دنيا کي آ عبدالغفور.

علم پرور، قلم پرور، سخن پرور هئا منير؛

عاشق و صاحب ڪرامت، در هئا جي دستگير؛

ڪي سخي رهبر، اميري جي ڇڏي، ٿي ويا فقير؛

ڪي سقيميءَ ۽ يتيميءَ جهل مان ٿي ويا امير.

ڪن سياسي انقلابن ۽ ظفر سان ڪيو ظهور،

تن جي عبرت لءِ لکي تاريخ آ عبدالغفور.

پيش ماضي کي ڪيو اُن، آهه ٺاهن حال لاءِ؛

حال کي بيدار ڪيائين، شان استقبال لاءِ؛

اهل- سنڌ، بل- ذات آدم کي، سٺي اعمال لاءِ.

شائق وراغب ڪيئين، هر انس- خوش افعال لاءِ.

جي رهن باقي درخشان جڳ ۾، يوم النشور،

هي مسيحائي ڪئي، نوجوان آ عبدالغفور،

حلف پنهنجي سلف جي ڪردار کان ٿي با خبر؛

ديس ادب ۽ قوم ڄڀ پنهنجي بنائي با وقار؛

نڪي نام ان جو عمل سان، پيش دنيا مشتهر؛

ٿو ڪري: سو ”زندگي جاويد“ لاءِ شام و سحر.

جانبازين، جا نقشانين سان نچوئي ٿو سو نور،

تنهن جو هڪ ”ضرب المثل“ خود پاڻ آ عبدالغفور.

نوجوان هن لاڙڪاڻائيءَ جا پنجاسي ڪتاب؛

شان سان، تا حال شايع ٿيا آهن، با آب و تاب؛

جو ان همت! عزم و جوان !! شيدا علم! صاحب شباب!!

آفرين! توکي مبارڪ ٿو ڏئي، دل سان ”تراب“.

زندگي جاويد ٿيئي، رب بخشيئي سرور صلعم جو حضور،

شاد، زنده باد!! ”مؤمن مراد“ ، ٿئين عبدالغفور.

آخوند عزيز الله ميمڻ

[1746ع – 1824ع]

مٽياري آخوندن جي ڦريءَ مان، آخوند عزيز الله ولد آخوند نورالله ميمڻ به هڪ ناميارو عالم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 22 شوال 1160هه مطابق 14 جون 1746ع تي ٿي. سندس جد- امجد اصل ٺٽي جا رهاڪو هئا، جتان ڪجهه درس و تدريس جي سلسلي ۾ لڏي، مٽيارين ۾ اچي رهيا.

آخوند عزيز الله ابتدائي تعليم ۾ عربيءَ جا ڪتاب مولوي محمد عثمان وٽان پڙهيو. نهايت ئي ذهين هو؛ جنهن ڪري حديث، تفسير، فقہ، تصوف ۽ معقولات ۾ وڏي ڄاڻ حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿي، وڏن جيان درس و تدريس ڏيڻ شروع ڪيائين؛ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي جدا دڻي قائم ڪري، دين جي خدمت ڪندو رهيو.

ميمڻ صاحب، ميراڻو دور پوريءَ طرح پئي سنبريو. هي پهريون خوش نصيب آهي؛ جنهن پراڻي عربي لپيءَ موجب قرآن پاڪ جو تحت الفظ، سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪيو آهي. حالانڪ ميمڻ صاحب جي هيءَ نثري عبارت (جملن جي جوڙ جڪ ۽ اکرن جو ميلاپ وغيره) سنڌي گرامر موجب نه آهي؛ تاهم به سنڌي ٻوليءَ ۾ آخوند صاحب جو هي نثر، بنيادي حيثيت جو حامل آهي- جيڪو اهڙي ته فني سٽاءِ (ڪاريگريءَ) سان پيوند ڪيو اٿس، جو نثر مان نظم جو حظ پيو حاصل ٿئي، گويا موجوده وقت جي لحاظ کان ”نظماڻو نثر“ (Poetic Prose) لکي ويو آهي. ازانسواءِ ترجمي کان علاوه حاشين ۾ آيتن جو شان - نزول به تفصيل سان ڏنو اٿس. نموني طور چند آيتن جو سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

”اي مومنا! همراهي وٺو منجهه مشڪلن ساڻ صبر ۽ نماز تحقيق خدا ساڻ صبر ڪندڙن آهي- ۽ م چوءُ واسطي تن جي ڪسن ٿا منجهه واٽ خدا جي اوءِ مئل نه آهين، بلڪ جيئرا آهن، پر نٿا ڄاڻي آءِ (اوهين) ۽ آزمايو ٿا ان (اوهان) کي ساڻ ٽولن ڪنان خوف ۽ ڏکن ۽ بکن ۽ ٿورو ٿئڻ مالن جي ۽ مرڻ مڙسن جي ۽ نه ٿيڻ ميون جي (نه ڪ ڪريون ٿا ڪ نٿا ڪريون) ۽ بشارت ڏي تن صابرن کي، او صابرين سي آهين، جڏهن رسي ان کي سختي، چئون ”اسين خدا جا آهيون ۽ خدا ڏانہ موٽهون ٿا“ - اوءِ صابر، تن تي آهين رحمتون ڪنان رب ان جي ۽ رحمت خاص ۽ اوءِ هدايت وارا آهن.“

پاڻ لواريءَ وارن بزرگن جو عقيدتمند هو. سندس شاگردن جو تعداد اڻ کٽ هو – 77 ورهين جي ڄمار ۾ 13 رمضان المبارڪ 1240 هه مطابق 7- سيپٽمبر 1824ع تي راهه رباني ورتائين.

آخوند فقير محمد ”عاجز“

[1846 – 1918ع

آخوند فقير محمد ”عاجز“ ولد آخوند محمد موسيٰ قريشي صديقي جي ولادت 4 شوال 1363 هه مطابق 9 مارچ 1846ع تي حيدرآباد جي ”شيراڻي محلي“ ۾ ٿي. سندس وڏا اصل مسقط (عربستان) کان، عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. هن خاندان کي درس و تدريس ورثي ۾ مليو، اهوئي سبب آهي، جو هي خاندان ”آخوند“ جي لقب سان سڏجي ٿو.

آخوند ”عاجز“ صاحب پنهنجي وڏن وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم وٺي، سنڌي زبان سکڻ لڳو. ان وقت جي رواج مطابق، جيڪو ماڻهو سنڌي لکي پڙهي ڄاڻندو هو، ان کي سرڪاري ملازمت ملندي هئي. آخوند فقير محمد سان به پسڻ ٿي ويو؛ جنهن ڪري هز هائينس مير حسن علي خان، کيس تپيداري وٺي ڏني. حالانڪ آخوند صاحب جي مرضي نوڪري ڪرڻ تي نه هئي. ڇاڪاڻ جو هن، فرنگين (انگريزن) کي غاصبانه نموني سان حڪومت ڪندي ڏٺي هئي. جنهن ڪري سندن ساٿ ڏيڻ بدران، ٽالپرن سان پنهنجي نمڪ حلاليءَ جو ناتو نڀاهيندي، ملازمت کان استعفا ڏنائين.

هينئر آخوند صاحب آزاد زندگي بسر ڪرڻ کي ترجيح ڏني. هوڏانهن مير صاحبان وٽان جيڪو دستوري وظيفو ملندو هوس، ان مان سانگ صرفي سان گذر سفر ڪندو هو. مير عبدالحسين ”سانگي“ جيڪو نيڪ سيرت، درويش صفت، فقيراڻي طبيعت ۽ علمي لياقت سان مشهور هو، تنهن سندن دلجوئي ڪندي، کيس خاصو ساليانو وظيفو وٺي پئي ڏنو. ان کان سواءِ اهل عيال جي پالنا لاءِ زمين جو ٽڪر به حوالي ڪيائينس.

آخوند صاحب جو خاص مشغلو ڪتاب لکڻ، مطالعو ڪرڻ فقيرن ۽ مستن سان محبت ونڊڻ ۾، ۽ عالمن جي صحبت ۾ گذريو. ازانسواءِ خدا تعاليٰ جي ياد به کانئس وسريل نه هئي. سندس خاص محبتن ۾ مير عبدالحسين ”سانگي“ ؛ مرزا قليچ بيگ، سيد غلام محمد ”گدا“ ، حيدري ۽ حافظ حيات شاه جا نالا ورتا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح محمد بخش ”واصف“ ، محمد صديق ”مسافر“ ۽ ميان صلاح الدين ”احقر“ وغيره سندس خاص شاگردن ۾ شمار ٿين ٿا، جيڪي کانئس شعر جي اصلاح وٺندا هئا.

پاڻ نقشبندي طريقي ۾، خواجه عبدالقيوم رح جو معتقد هو. آخري عمر ۾ به حج به ڪيائين. غالبا 72 ورهين جي ڄمار ۾ 28 ربيع الاول 1336 هه مطابق 16 جنوري 1918ع تي حيدرآباد ۾ ئي خدا کي پيارو ٿيو. سنڌي زبان ۾ هونئن ته ڪافي ڪجهه لکيائين، جن مان ”گلشن بهار“ سندس لازوال تصنف آهي؛ جنهن کي 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. سمورو ڪتاب قصصي ادب آهي، جيڪو نثر خواه نظم ۾ رقمطراز آهي. سندس نثر ”مسمع“ ۽ ”مقفع“ آهي، جنهن جهڙو اڄ تائين ڪتاب اڃا ڪونه لکيو ويو آهي؛ غزلن جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ديوان به مرتب ٿيل آهي. سندس نثر مان نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

”در خزاني جا کوليو، فقير فقراءَ کي ڳولهيو. سون ۽ چانديءَ جو سڪو هليو، اهو هوڪو هليو ته ”نه ڪنهن کي جهليو نه پليو“ جواهر بيشمار ڏيو يا موتي آبدار ڏيو، جنهن کي جيڪي وڻي سو کڻي، … اميرن وزيرن کي نئين سر عمديون خلعتون پهرايو، جڙا دار ڪرسيون امداد ڪريو. لشڪر ۽ فوج نئين سر درست ڪرايائين. آفيسون ۽ سپهه سالارن کي ڪرچون سونيون جڙا دار جوهر دار ٻڌايائين، اهل قلم جي تعظيم ۽ مرتبو وڌايائين، عزيزن قريبن کي پشت به پشت جاگيرون انعام ڏنائين. هر خاص ۽ عام تي اڪرام ڪيائين. قيدي ڇٽي ويا، قيد خانا ڦٽي ويا. گهر گهر شادي خانه آبادي هئي. رعيت تي هڪ سال جو محصول معاف ٿيو. سخا ۾ اڳيون پويون خزانو صاف ٿيو!!“

آخوند لطف الله هالائي

[1842ع – 1911ع]

آخوند لطف الله ”لطف“ ولد آخوند محمد اسحاق صديقي قريشي، ضلعي حيدرآباد جي تعلقي هالا ۾، 1258 هه مطابق 1842ع ۾ ڄائو. سندس وڏا محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ اصل مسقط (عربستان) کان سنڌ ۾ آيا هئا. سندن پيشو عربي زبان جي تعليم ڏيڻ هو، جيڪي پوءِ پاڻ کي ”سانوڻي آخوند“ سڏائڻ لڳا.

آخوند لطف الله ابتدائي تعليم جا مرحلا طيءِ ڪري، عربي ۽ فارسيءَ جو به درس ورتو. اهڙيءَ طرح هندي ۽ سنسڪرت ٻولين تي به خاص دسترس حاصل هيس. فارغ التحصيل ٿي، پهريائين آخوند محمد صديق جي مڪتب ۾ پاڙهڻ لڳو، جتان لوڪبورڊ ۾ ماستر مقرر ٿيو. ملازمت جي سلسلي ۾ نصرپور، تاجپور، چنيجن ۽ خيرپور ميرس ۾ به رهيو. آخر ۾ ٽنڊي ولي محمد اسڪول (موجوده قاضي عبدالقيوم هاءِ اسڪول) مان هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽاير ڪيائين. آخوند صاحب کي طب سان به ڪافي دلچسپي هئي.

پاڻ هڪ بهترين نظم گو، نثر نويس ۽ ذوق سليم جو مالڪ هو. ”جانعالم ۽ انجمن آرا“ عرف گل خندان (1952ع) سندس لازوال تصنيف آهي، جيڪو هندي ڪتاب ”افسانهء عجائب“ تان ترجمو ڪيو اٿس. شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”لطف“ تخلص سان مداحون. مناجاتيون ۽ مولود به چيائين. پاڻ مٽياري بزرگ، جيد عالم ۽ مدرسه آخوند عزيز الله ميمڻ جو سڳو سوٽ هو – 1329 هه مطابق 1911ع ۾ وفات ڪيائين.

آخوند محمد قاسم هالائي

[1818ع- 1891ع]

آخوند محمد قاسم ”قاسم“ ولد آخوند نعمت الله ميمڻ، ضلعي حيدرآباد جي هالا تعلقي جو وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت پراڻن هالن ۾ 12 صفرالمظفر 1234 هه = 23 سيپٽرمبر 1818ع  تي ٿي. پهريائين. تپيدار ٿيو، پر پوءِ سرڪاري ملازمت ترڪ ڪيائين. سندس شمار سنڌي زبان جي اوائلي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ علم عروض جو باڪمال شاعر هجڻ سان گڏوگڏ عالم به هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان تي مهارت حاصل هيس. درس و تدريس ورثي ۾ مليل هيس؛ انهيءَ ڪري ”آخوند“ سڏجڻ لڳو. اڳتي هلي انهيءَ لقب ”ذات“ جي جاءِ ورتي.

”قاسم“ صاحب جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته کيس آخوند گل محمد ”گل“ هالائي (1808ع – 1855ع) کان به وڌيڪ عروض جي ڄاڻ هئي. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ زبانن تي عبور رکندڙ هو، مگر مادري زبان سنڌيءَ سان ته سندس والهانه محبت هئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي زبان ۾ غزلن تي مشتمل سندس ”ديوان“ به مرتب ٿيل آهي، جيڪو پهريون ڀيرو 1875ع ۾ منظر عام تي آيو هو. سندس ٻيو ڇاپو، ليٿو جي غلطين کان صاف ڪري سنڌ جي مشهور عالم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ (1855ع – 1929ع) نئين سر شرح جي واڌاري سان ترتيب ڏيئي 1936ع ۾، مشهور ڪتب فروش پوڪرداس هٿان ڇپرائي عام ڪيو.

آخوند صاحب جو سمورو ڪلام ناصحانو ۽ عشقيه انداز ۾ آهي. درس و تدريس جي سلسلي ۾ وٽس ڪيترائي طالب ۽ کتابي هوندا هئا. پاڻ پهريائين فارسي زبان ۾ شعر و شاعري ڪندو هو؛ پر پوءِ پنهنجي صحبتي ۽ همعصر دوست سيد فاضل شاهه (1836ع – 1900ع) جي ترغيب بعد، سنڌي شاعريءَ ۾، مشهور سنڌي مثنوي (سنڌ جو شاهنامو) جو مصنف، مير علي حسن خان به کانئس رهبري حاصل ڪندو رهيو. 1872ع ۾ مير حسن علي خان وٽ آخوند صاحب 40 روپين ۾ ملازم هو، پر پوءِ کيس گهر ويٺي 20 روپيه ماهيانه پينشن ملڻ لڳي. سندس اکر سٺا هئا؛ جنهنڪر دوڪاندار ۽ ٻيا عام ماڻهو کانئس بورڊ ۽ تختيون به لکرائيندا هئا.

”قاسم“ صاحب آخري وقت حيدرآباد ۾ ڪورين جي پڙ ۾ باقبائل رهيو. پاڻ مروت جو صاحب، بلند اخلاق، باتحمل، باعلم ۽ با تهذيب انسان هو. جنهن وڙ جو هي مرد هو ۽ جنهن وڙهيءَ ۾ ٿي گذريو آهي؛ انهيءَ وڙهيءَ کي جن ڏٺو هوندو، انهن کي ئي خبر هوندي. ان زماني ۾ ثواب زياده، روحانيت عام، چڱائي جام ۽ نيڪ نيتي زياده هئي. سندس دوستن ۽ شاگردن جو حلقو وسيع هوندو هو؛ جن مان ميان عبداللطيف ٺٽوي رح، عبدالقادر شڪارپوري، محمد امين شڪارپوري ۽ منشي لڇيرام حيدرآباديءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

سندس شعر قصيدن، غزلن ۽ ترجيح بندن کان علاوه بيتن ۽ ڪافين تي به قلمبند ٿيل آهي. خدا جي هن نيڪ ٻانهي 75 ورهين جي ڄمار ۾، 2 ذوالحج 1309 هه = 14 اپريل 1891ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس حيدرآباد جي نئين مقام ۾ آرامي ڪيو ويو. مرحوم صوم صلوات جو پابند ۽ متقي مسلمان هو.

آخوند هدايت الله ”مشتاق“ هالائي

[1869ع- 1935ع]

سنڌي زبان ۾ انشا پرداريءَ جو ناميارو ليکڪ، آخوند هدايت الله ”مشتاق“ ولد عبدالله ميمڻ جو نالو سنڌي ادب ۾ وسارڻ سراسر
بي انصافي ٿيندي. آخوند صاحب 1286 هه مطابق 1869ع ۾ تعلقي هالا جي هڪ واهڻ ۾ ڄائو هو. سندس وڏا ڪپڙي اڻڻ ۽ ٽوپين ٺاهڻ سان گڏوگڏ ديني درس به ڏيندا هئا.

آخوند ”مشتاق“ صاحب ابتدا ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پڙهي، علامه محمد حسن دادويءَ جي مدرسي مان دستار- فضيلت ٻڌائين سندس ذهن تيز هو، جنهن ڪري هر خيال سندس حفظ کان خالي نه هو. سنڌي زبان ۾ شعر و شاعريءَ سان گڏ تصنيف و تاليف جو ڪم به ڪثرت سان ڪندو رهيو. سندس اکر موتين مثال هئا، جنهنڪري ڪتابت به پاڻ ئي ڪندو هو. 1312 هه مطابق 1894ع ۾ سندس لکيل ڪتاب ”هدايت الانشا“ ، ظاهري طرح تي خطن تي مشتمل نظر اچي ٿو، مگر منجهس طرز- تحرير اهڙي ته عجيب نموني جي رقمطراز ٿيل آهي، جو پڙهندڙن کي معلومات سان گڏوگڏ رس، رچاءَ ۽ رواني به جهجهي حاصل ٿئي ٿي.

لائق مصنف، وري منجهس ٻولي اهڙي ته مقفع ۽ مسجع نموني جي استعمال ڪئي آهي؛ جنهن جي پڙهڻ سان ويتر لطف وڌي ٿو. ڇا! منجهس لفظن جي پيوند ۽ تڪبندي آهي!! ۽ ساڳئي وقت سلاست ڏانهن پورو پورو توجہ ڏنو اٿس، جنهن ڪري ٿوري علم واري ماڻهوءَ کي به آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. مطلب ته آخوند ”مشتاق“ صاحب مذڪوره ڪتاب ۾ جنهن دماغ سوزيءَ کان ڪم وٺي، انشا پردازيءَ جا جيڪي جواهر پاره ڪٺا ڪيا آهن، سي سنڌي ادب ۾ مثالي حيثيت رکن ٿا. هڪ خط مان نموني طور ”عبارت“ هيٺ ڏجي ٿي:

”سيادت ۽ سعادت جو سردار، شرافت ۽ نجابت جو سالار، خدا جو پيارو، ڀلارن کان ڀلارن، سڳورن جو ساراهيل وڏي شرف وارن جو واکاڻيل، چڱي ارشاد وارو، ڀلي بنياد وارو، آل عبا جي فخر جو سبب، عالي نسب، والا حسب، جناب شاه صاحب دام اشفاقہ! سلامن ۽ نياز ۽ شوق بي انداز جي کان پوءِ، غرض اصلي ۽ مطلب دلي هيءُ ته نواز شنامي جي رسڻ کان نياز مند جي نياز جي چوٽي خاڪ تان کڄي افلاڪ تي پهتي ۽ ان ۾ ارشاد ڪيل امر کي هن هوا- خواه، هميشگيءَ جي سعادت جي واڳ سمجهي، شخص معلوم جي فقر ۽ فاقي جي سڄي صفت معلوم ٿي.“

آخوند صاحب جيئن ته پاڻ هڪ وڏو عالم هو. ساڳئي وقت هڪ بهترين اديب ۽ يگانو شاعر به هو. سندس لاڏاڻو 66 ورهين جي عمر ۾، پهرين ربيع الثاني 1354 هه مطابق 21 جون 1935ع نه ٿيو. سندس صحبتي سيد اسدالله شاه ”فدا“ ٽکڙائي ۽ سيد فاضل شاهه ”فاضل“ هئا.

آسورام ”آسو“ دادلاڻي

[1824ع – 1897]

مشهور ويدانتي شاعر، ديوان آسو رام ”آسو“ پٽ ساجن سنگ دادلاڻي، تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد جي ڳوٺ ڪوٽڙي مغل ۾ 3 آگسٽ 1824ع تي جنم ورتو. سندس پتا ڀلاوڻي جي دوڪان تي منشي هو؛ جنهن پنهنجي پٽ (آسوءَ) کي ڌرمي سکيا سان گڏ ويدانيت جون واٽون به ٻڌايون. تصوف ۽ طب جي سلسلي ۾ سيد فقير علي شاه کي پنهنجو اڳواڻ تسيلم ڪيائين.

سيد مصري شاه نصرپوري رح (1828ع – 1906ع) جهڙن سڄاڻ صحبتن جي ڪچهرين مان شاعريءَ کي تقويت ڏنائين. طبيعت اهڙي ته ماٺيڻي هيس، جو هر ڳالهه کي ٻڌندو ئي رهندو هو؛ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مناسب موقعي مطابق مختصر جواب ڏيندو هو. هندو خواه مسلمانن سان شادين ۽ غميءَ جي موقعن تي سڏيءَ سڏ ڀريندو هو. ديوان آسورام، ٿوري تي خوش ۽ سدائين باغ بهار نظر ايندو هو. هر وقت کيس اهوئي خفت لڳل هو، ته ڪو سهڻو ۽ سانڍڻ جهڙو پستڪ هٿ اچي، ته يڪدم خريد ڪندو هو. قديم ۾ قديم دستخط قرآن شريف، بائيبل، شريمد ڀاڳوت گيتا ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب وٽس موجود هوندا هئا.

شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”آسو“ تخلص سان غزل، ڪافيون، ڀڄن، ڪنڍليون ۽ سلوڪ چيا اٿس. خاص ڪري غزلن جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ”ديوان“ به آهي، جيڪو ”ديوان آسو“ جي نالي سان 1897ع ۾ ڇپيو هو. اهڙ:ءَ طرح ”رساله آسو“ ۽ ”پريم غنچه“ به ڀائي آسوءَ جي ڪلام جا مجموعا آهن.


(1) – ’تحفته الطاهرين‘ ، ص 61 ۽ ’تحفته الڪرام‘ ، ص 549

(1)- سنڌي شاعريءَ ۾ ”ڪنڍلي“ اها صنف آهي؛ جنهن ۾ جملي ڇهه سٽون (مصرعون) ٿين ٿيون. سٽاءَ جي لحاظ کان شروعاتي سٽ ۽ آخري سٽ جو اڳيون پويون لفظ ساڳيو ئي ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح هر ٻي مصرع جو قافيو هم وزن ٿئي ٿو ۽ ٻي سٽ جو اڌ، ٽين سٽ جي شروعات ۾ ورجائڻ سان ”ڪنڍلي“ ٺهيو پوي. مختصراً هن صنف لاءِ ائين چوڻ به موزون ٿيندو، ته ڪنڍلي ٺاهڻ ۾ هڪ دوها ۽ ڇند ۽ هڪ رولا ڇند ملائبو آهي. موضوع جي لحاظ کان ويدانيت جا ويچار منجهس سمايل هوندا آهن.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org