سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :20

مـــــنگهو پـــيــــــــــــر

[ 1171ع – 1261ع ]

ڪراچي شهر جي اتر طرف، ڏهن ميلن جي مفاصلي تي جبلن جو قطارون دائري جي صورت ۾ آهن، جتي هاڪارو بزرگ عامل ۽ اهل الله درويش، سلطان حاجي منگهي ولد محمد يوسف سانگ جو آخري آرامگاه آهي. درويش جي مسڪن سببان انهن جبلن تي پڻ ”منگهي جو طوق“ نالو پيو آهي. ظاهري فقيري لباس ۾ رهندي، سهروردي طريقي سان منسلڪ هو. ڪيترائي سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. مشهور اولياءَ حضرت شيخ بهاوالدين زڪريا ملتاني رح (566هه–666هه) جو همعصر ۽ صحبتي هو. انهيءَ اندازي مطابق حاجي منگهي رح جي ولادت به غالباً 567هه مطابق 1171ع ڀانئجي ٿي.

هي صاحب– توفيق، حق جي هدايت وارن لاءِ وڏو رهنماءُ ثابت ٿيو. سندس دعا مستجاب هئي. انهيءَ ڪري پري پري جا ماڻهو، لڪ لتاڙي اچي وٽس عقيدت سان سلام ڀريندا هئا. جبلن جي وٽ ۾ ٻه قدرتي گرم پاڻيءَ جون واهيون وهنديون هيون؛ جنهن ۾ هڪ ”مور“ نالي واڳون به رهندو هو. اڄ تائين هڪ جي مرڻ سان ٻيو، ساڳئي نالي سان سڏجي ٿو. باسون باسيندڙ، پنهنجين مرادن پورين ٿيڻ سان ڀلا وهٽ وٺي، نذراني طور انهيءَ واڳونءَ آڏو اڇلائيندا آهن. سندن عقيدي مطابق، جيڪڏهن مور گوشت کاڌو، ته سندن قرباني قبول پئي، ورنه ”دال ۾ ڪارو“ سمجهي، حاجي منگهي وٽ اڃا وڏي قرباني لاءِ دعائون گهرائيندا آهن.

هڪ دفعي جيئن ئي لعل شهباز قلندر رح (1187ع – 1299ع)، هنگلاج کان ٿيندو، ڪراچيءَ کان اچي نڪتو، ته سندس ملاقات حاجي منگهي سان ٿي؛ جنهن سندس خوب آجيان ڪئي. پوءِ ته ڪجهه ڏينهن اتي رهڻ جو ارادو ڪري، ڪندري کوڙيائين. سيد لعل شهباز، جنهن جاءِ تي آستانو اچي اڏيو، اتي هڪ چشمو نڪري پيو، جيڪو اڄ تائين ”قندر جي ڪشتي“ نالي سان قائم آهي. پوءِ پاڻ حاجي منگهي جي پاليل ڀيانڪ واڳونءَ کي ويجهو سڏي، مٿس خوب سواري ڪيائين. انهيءَ تان حاجي منگهو سندس معتقد ٿيو؛ ۽ وٽانئس صحيح طريقت جي تلقين ورتائين.

گرم چشمن مان وهندڙ ماما باٿ، مارٽن باٿ ۽ ليپر باٿ انساني حياتيءَ ۾ ٿيندڙ خراب بيمارين لاءِ بيحد ڪارائتا آهن. خاص ڪري ليپر باٿ صرف ليپرس (Lepros = ڪوڙه جي بيمارين) لاءِ بيمارين لاءِ فائدي مند آهي. انهيءَ ڪري جو هن چشمي جو گرم پاڻي جبلن جي اندران، گندرف جي تهن مان وهي ٻاهر نڪري ٿو، جيڪو چمڙيءَ جي تمام بيمارين لاءِ ڪارائتو ثابتو آهي. حڪومت پاڪستان انهيءَ قدرتي چشمي مان فائدو حاصل ڪندي، مٿس باقاعده چوڪسي (نگراني) رکي آهي. جيئن عام ماڻهو ڀلجي، نقصان هيٺ نه اچن. ازانسواءِ هتي ٽن سؤ بسترن جي هڪ عاليشان اسپتال پڻ تعمير ٿي آهي؛ جنهن ۾ ڪوڙهيل مريض علاج خاطر رهن ٿا.

حاجي منگهي نوي ورهين جي ڄمار ۾، 8 ذوالحج 657هه مطابق 12 سيپٽمبر 1259ع تي هتي ئي وفات ڪيائين. سندس عاليشان مقبرو ٺهيل آهي، جتي ڪيترائي عقيدتمند اچي پنهنجي عقيدت جو پڌري پٽ اظهار ڪن ٿا. خاص ڪري هر سال اٺين ذوالحج وڏي ڌام ڌوم سان ميلو مچندو آهي. فاتح خوانيءَ بعد شيدين جو مخصوص ”مگرما ناچ“  پڻ ٿيندو آهي، جيڪو مثالي حيثيت رکي ٿو.

مولانا الله بخش ”اٻوجهو“

[ 1826ع – 1901ع ]

مولانا الله بخش ”اٻوجهو“ ولد خير بخش مٺڻ، صوبي پنجاب جي شهر ميانواليءَ ۾، 17 شوال 1242هه مطابق 4 اپريل 1826ع تي ڄائو هو. ابتدا ۾ عربي ۽ فارسي مولانا محمد فاضل جنجوعه وٽان پڙهيو هو؛ ۽ ڪجهه وقت سرڪاري درسگاهن ۾ به پڙهيو هو. سندس والد فوج ۾ اعليٰ عهدي تي فائز هو ۽ متقي انسان هو. هن پنهنجي پٽ کي ديني تعليم ڏياري، دستار بندي ڪرائي.

مولوي ”اٻوجهو“، نهايت ذهين ۽ اورچ انسان هو. هميشہ مطالع ۾ منهن رکيائين.   شروعات ۾ فوجي آفيسرن کي مشرقي زبانن جي سکيا ڏيندو رهيو؛ پر پوءِ 1888ع ۾ باقبائل لڏي ڪراچيءَ آيو. ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جي باني، خانبهادر حسن علي خان آفندي (1830ع – 1896ع) سان سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. آفندي صاحب، جيڪو پاڻ به هڪ لائق انسان هو ۽ وٽس عالمن جو وڏو قدر هو؛ تنهن کي مولانا ”اٻوجهي“ جي صحبت مان ڪافي خط حاصل ٿيو. پوءِ ته 1889ع کان مدرسي ۾ ”پرشن ٽيچر“ (Persian Teacher) جي جاءِ کيس ڏياري. انهيءَ عهدي تي تاحيات رهيو. دوران ملازمت ”معاون – مجمع محمدي“ نالي هفتيوار اخبار به ڪڍندو رهيو.

خانبهادر آفنديءَ جي مشوري موجب قائم ڪيل ”مجمع محمدي“ جون شاخون شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ پڻ قائم ڪيون ويون. مولانا صاحب جي صلاحيتن مان فائدو وٺندي، وڏيءَ پگهار وارا به کيس عهدا آڇيا ويا، مگر جيئن ته هن مسلمانن جي هڏ ڏوکي مرد مجاهد کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو شوق جنون جي حد تائين هو؛ انهيءَ ڪري مدرسي جي خدمت کي عبادت جو درجو ڄاڻي، سهنج ٺڪرائي ڇڏيا هئا. پاڻ رات ڏينهن پنهنجو آرام ڦٽائي، خدمت – خلق لاءِ پتوڙيندو رهيو.  زندگيءَ جا 74 سيارا سنبري، 9 ذوالحج 1319هه مطابق 14 نومبر 1901ع تي اربع ڏينهن ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. کيس هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون.

حالانڪ مولوي الله بخش ”اٻوجهو“ جي مادري زبان سرائڪي هئي، مگر سنڌ ۾ رهڻ ڪري کيس سنڌي زبان مان مادري زبان جيان محبت هئي. ”اٻوجهو“ تخلص اختيار ڪندي، اردو زبان جي ”مسدس حالي“  جو ”مسدس اٻوجهو“ نالي منظوم سنڌي ترجمو ڪيائين.  پاڻ قومي نظم به جهجها چيا هئائين، مگر هن قسم جو طويل نظم سنڌي ادب ۾ بنيادي ۽ مثالي حيثيت جو حامل آهي. البته عقل جي آڌار تي ڪجهه پنهنجي طرفان منجهس اضافا به ڪيائين.

مولانا تاج محمود امروٽي رح

[ 1844ع – 1929ع ]

هن دنيا ۾ ڪي اهڙا به عظيم انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي حياتي انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪئي هئي. اهڙن عظيم انسانن پنهنجي سک کي قوم جي سک تان قربان ڪندي، هميشہ هميشہ لاءِ امر ٿي ويا. اهوئي سبب آهي جو سالن گذرڻ بعد، اڄ به قومون کين ياد ڪنديون رهن ٿيون. سونهاري سنڌ به پنهنجي هنج ۾ وقت بوقت اهڙين عظيم هستين کي جنم پئي ڏنو آهي، جن پنهنجي زندگي اسلام جي بقا ۽ جيجل سنڌ جي خدمت لاءِ وقف ڪئي آهي. اهڙن نيڪ ۽ نامور مردن مان تعلقي ڳڙهي ياسين (شڪارپور) جي ڳوٺ امروٽ شريف جو مولانا سيد تاج محمود ولد سيد عبدالقادر به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1844ع تي تعلقي روڙهيءَ (سکر) جي ڳوٺ ”ديواني“، لڳ ڳاڙهي موريءَ ۾ ٿي هئي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتائين. ان کانپوءِ پير ڳوٺ مان فارسيءَ جا ڪجهه ڪتاب به پڙهيو. اهڙيءَ طرح عربي ٻوليءَ جي مڪمل سکيا، تعلقي روهڙيءَ جي حيد عالم، آخوند حاجي عبدالقادر پنهواريءَ وٽان حاصل ڪيائين. فارغ التحسيل ٿي، پنهنجي والد بزرگوار کان سلوڪ جون راهون معلوم ڪيائين. والد جي وفات بعد سندس وصيعت مطابق، تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ڀرچنڊي شريف مان عرفان ۽ ايقان جي صاحب ۽ خلق – خدا کي فيض ڏيندڙ حافظ محمد صديق سميجو رح (1827ع – 1890ع) کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري ورتائين. جتان کيس ”خليفي“ جو لقب به مليو هو. کانئس اجازت وٺي امروٽ ۾ اچي رهيو.

امروٽ ۾ مولانا صاحب جو فيض عام هو؛ جنهن ڪري سندس درس و تدريس مان وڏا وڏا عالم فارغ التحصيل ٿي، دستار – فضيلت ٻڌائون پاڻ هميشہ وعظ وسيلي شرعي احڪامن جي پرچار ڪندو رهيو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي غير مسلم به مسلمان ٿيا.  مطلب ته مولانا صاحب جي روحانيت واري تبليغ اسلام کي سر بلند ڪرڻ ۾، مدبرانه ۽ مفڪرانه صلاحيتن جو واضح اظهار هو.

مولانا امروٽيءَ جتي دين جي تبليغ ۾ سرگردان رهيو، اتي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ به مرد مجاهد جي حيثيت سان پيش پيش رهيو آهي. کيس هر وقت ”جهاد في سبيل الله“ جي تمنا هئي – 1919ع ۾ جڏهن ”خلافت تحريڪ“ جو آغاز ٿيو، ته پاڻ انهيءَ سلسلي ۾ ڪلڪتي، بمبئيءَ ۽ علي ڳڙه تائين به سفر ڪيائين. آخر تحريڪ جي جنم سان، سندس روح روان به پاڻ ئي بڻيو هو.  انهيءَ جدوجهد ڪيترن ئي مسلمانن کي جيل – ڏيکاريا انگريزن کي انهيءَ تحريڪ، نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيو.

پاڻ آزاديءَ جي جدوجهد سان گڏ هر وقت شرعي ڪمن تي به سر ڌڙ جي بازي لڳائيندو رهيو. اُن زماني ۾ سکر بئراج جو کيرٿر واه، سندس ڳوٺ جي سامهون کوٽجي رهيو هو. ان جي کوٽائيءَ لاءِ ڪي مسجدون به واه جي وچ تي ٿي آيون. مسجدن کي بچائڻ لاءِ پاڻ پنهنجن مريدن ۽ طالبن سميت، انگريزن جي طاقت جو ڀرپور مقابلو ڪيائين. نتيجي طور مسجدون شهيد ٿيڻ کان بچي ويون.  

مولانا امروٽيءَ جي شاعريءَ طرف به رغبت رهي آهي. عشق حقيقيءَ جا باريڪ نڪتا بيان ڪندي؛ ”يوسف زليخا“ نالي مثنوي به مرتب ڪيائين، جيڪا ”پريت نامه“ نالي سان پڌري آهي. ازانسواءِ ڏوهيڙن جي طرز تي قرآن پاڪ جي مختلف سورتن جو منظور تفسير پڻ قلمبند ڪيائين. پاڻ 88 ورهين جي ڄمار ۾، اربع 3 جمادي الثاني 1348هه مطابق 6 نومبر 1929ع تي، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. امروٽ شريف ۾ سندس درگاه عام و خاص لاءِ زيارت گاه بڻيل آهي. سندس شاگردن جو حلقو وسيع هو. اهڙيءَ طرح خاص خليفن جي فهرست ۾: مولانا احمد علي لاهوري، مولانا حماد الله هاليجوي، مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻي، مولانا محمد ٻنوي، مولانا محمد عظيم ڪاڪيپوٽو ۽ مولانا محمد اسماعيل عودويءَ جهڙن عالمن سڳورن کي به وساري نه ٿو سگهجي.

مولوي ثناءُ الله ”ثنائي“ عباسي

[ 1895ع – 1977ع ]

ضلعي لاڙڪاڻي جو نامور صاحب – ديوان شاعر، مولوي ثناءُ الله ”ثنائي“ ولد الله بخش عباسي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”کوهارا“ ۾ 5 ذوالقعد 1312هه مطابق 13 اپريل 1895ع تي تولد ٿيو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ ادو زبانن تي وڏي مهارت حاصل هيس. سنڌي شاعريءَ ۾ تمام گهڻا شعر چيا اٿس، جيڪو مداحن، مرادن، مناظرن، مثنوين، رباعين، غزلن ۽ خطبن تي مشتمل آهي. مزاحيه شاعريءَ ۾ به خاصو اضافو آندائين.  ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي ثنا ۾ مداح چندي مقبول ٿيو. جنهن کان متاثر ٿي پاڻ کي ”ثنائي“ تخلص ڏنائين. سندس نعتيه ڪلام سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مداح پڙهن ٿا. سندس ڪلام ناصحانه آهي؛ جنهن ۾ سلاست ۽ رواني به جهجهي انداز ۾ ملي ٿي. خاص ڪري ٺيٺ سنڌي اصطلاح ۽ محاورا، سنڌي ثقافت جي جان آهن. سماجي اوڻاين جي نشاندهي به سندس ڪلام ۾ جاءِ بجاءِ نظر اچي ٿي. خاص ڪري رشوتي ڪامورن جي ڪرتوتن کي طنز جي اوٽ ۾ پڌري پٽ بيان ڪيو اٿس.  

سندس صحبتي: فقير ميان غلام سرور قادري، مولوي محمد عاقل عاقلي، فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“، ”حاجي محمود خادم“ تونيو، نواز علي ”نياز“ جعفري ۽ ماستر جمع خان ”غريب“ هئا. انهيءَ لکڻ ۾ شايد وڌاءُ نه ٿيندو، ته ”ثنائي“ عروضي شاعري هجڻ سان گڏ عوامي شاعر به هو. 82 ورهين جي ڄمار ۾، 12 صفرالمظفر 1398هه مطابق 21 ڊسمبر 1977ع تي راه رباني ورتائين. سندس ڇڏيل تصنيفات ۾: ديوان ثنائي، عقائد نامه، خطبات ثنائي، ليليٰ مجنون (قصو)، تاريخ اسلام، سچو عاشق، دردن جي دانهن، پاڪستان، ترڪي ٽوپي، پيار صالح، محمود غزنوي ۽ قيامت نامو چيا وڃن ٿا. هيٺ نموني طور سندس هڪ نظم مان نمونو ڏجي ٿو:-

”ايڊيٽر داناءَ دبير، ڊڄن تن کان پير فقير،

تپي شل نه لکن تقرير، ملڪان ملڪ وڃي تحرير،

دست گهڙا هٿ کوڙ نظير؛ نئين نئين مضمون جا باني،

هي ته مڙئي ڪن ماني ماني

هندن جا ڏس هرجا هٽ، ويٺا کڙڪائيندا وٽ،

لٽا ڌوڙ بغل ۾ چٽ، پائيءَ تي به سر جي سٽ،

ليکا چوکا جوڙ ۽ ڪٽ، ٽٽو ٽلو ليکڻ ڪاني؛

هي ته مڙئي ڪن ماني ماني!

حجم موچي، ڪنڀر ڪاري، درزي، لوهر، ڊکڻ، ناري،

مير مهاڻا شيخ شڪاري، لنگها، لورا، ڪڙمي هاري،

ننڍا وڏا خلقت ساري؛ پيٽ جي ڪارڻ هي حيراني؛

هي ته مڙئي ڪن ماني ماني!“

مولوي ”ثائي“ صاحب جملي ٻه شايون ڪيون هيون؛ جنهن مان ٽي پٽ ۽ ست نياڻيون ٿيس.

مولانا حاجي احمد ملاح

[ 1877ع – 1969ع ]

قرآن پاڪ جو منظوم سنڌي ترجمو ڪندڙ، لاڙ جو مشهور عوامي شاعر، مولانا حاجي احمد ولد نانگيو ملاح،  27 ربيع الاخر 1294هه مطابق 11 فيبروري 1877ع تي تعلقي بدين جي ڳوٺ ڪنڊي ۾ ڄائو هو. ننڍپڻ ۾ مال چاريندي کيس علم پرائڻ جو شوق جاڳيو؛ انهيءَ سلسلي ۾ حافظ حاجي عبدالله منڌري جي مڪتب ۾ داخل ٿيو. جتان شروعاتي ڪتاب پڙهي بدين، سجاول ۽ ڀڳڙا ميمڻ جي کتابخانن مان آخوند محمد هاشم ڪڇيءَ جي نظر فيض اثر هيٺ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جا ڪتاب پڙهيو. آخر ”مدرسه گهڙو نانگو شاه“ مان فارغ التحصيل ٿي، مولانا خير محمد مگسيءَ جي هٿن سان دستار – فضيلت ٻڌائين.

مولانا صاحب ڳوٺ نور محمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ گولي منڌري جي مڪتبن ۾ درس و تدريس ڏيندو رهيو. پوءِ بدين پهچي ”مدرسه مظهرالعلوم“ نالي پنهنجو جدا درسگاه قائم ڪري، دين جو درس ڏيڻ لڳو – 1932ع تائين منتظم ٿي رهيو – 1942ع ۾ سني، وهابي تصادم سببان، درگاه شاه قادريءَ جي سجاده نشين پير عالي شاه کي مدرسي جون ڪنجون ڏيئي، غريب آباد (بدين) ۾ وڃي هڪ ٻئي مدرسي جو بنياد وڌائين.

ننڍپڻ کان ئي سندس طبيعت موزون هئي؛ جنهن ڪري آسانيءَ سان شعر و شاعري ڪرڻ لڳو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”قطع تعلقات تحريڪ“ ۾ تقريرن، تحريرن ۽ شاعريءَ وسيلي سرگرميءَ سان حصو ورتائين. حتيٰ ڪه کيس جيل جا دروازا به ڏسڻا پيا – 1953ع ۾ حج بيت الله شريف جو مقدس فريضو به ادا ڪيائين.

مولانا صاحب کي دين جي سر بلندءَ جو وڏو اونو هو. حالانڪ حق جي راه لاءِ سندس مخالفت به چوٽ چڙهيل هئي، تاهم به خدا جي وحدانيت ۽ سنت نبويءَ ۾ يقين رکندي، پٺتي نه پيو. ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، قول ۽ فعل جو سچو ۽ ٻيائيءَ کي ٻن وجهي، قلم وسيلي پنهنجي آواز کي گهر گهر پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي هئائين. 92 ورهين جي عمر ۾ 7 شعبان 1389هه مطابق 19 جولاءِ 1969ع تي بدر ۾ هي جهان ڇڏي، رب کي رسيو. سندس آخري جاءِ معصومن جي مقام ۾ ٿي. عبدالرحمان، عبيدالله ۽ عبدالرحيم نالي ٽي پٽ ٿيس. جن مان وڏو سندس حياتيءَ ۾ ئي کانئس رخصت وٺي ويو.

مولوي صاحب هونئن ته گهڻائي ڪتاب قلمبند ڪيا هئا، مگر ڇپيل ڪتابن ۾: ”معرفت الله“ (1936ع)، ”شرڪ چٽ عرف هيڪڙائي حق“ (1951ع)، ”گلزار احمد“ (1957ع)، ”فتح لواري“ (1958ع)، ”گلشن احمد“ (1959ع)، ”بياض احمد“ (1964ع)، ”پيغام احمد“ (1965ع)، ”غزليات احمد“ (1919ع)، ”ديوان احمد“ (1974ع) ۽ ”نورالقرآن“ (1977ع) جا نالا ورتا وڃن ٿا، جڏهن ته اڃا غير مطبوعه ڪتاب: ”اسرار الاهي“ (ٽيهه اکري) ۽ ”پاره عم“ (بيتن ۾) سندس پوين وٽ پيل آهن.

”نورالقرآن“ نالي سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو ڪيو اٿس، جيڪو مولانا مرحوم جو هڪ لازوال ڪارنامو آهي. ترجمو حالانڪ پراڻي سنڌيءَ ۾ آهي؛ جنهن تي پورا ڏهه ورهيه محنت ڪئي هئائين. منجهس رس، رچاءُ، رواني، دلڪشي ۽ لطافت پڻ جهجهي انداز ۾ نظر اچي ٿي. مولانا صاحب کي هن ترجمي جي نقل ڪرڻ ۾ سندس دلعزيز شاگرد ۽ عقيدتمند، مولوي عبدالله جوڻيجو جو وڏو ساٿ مليو؛ جنهن ڪري 1977ع ۾ پهريون ڀيرو حقي آفسيٽ پريس ڪراچيءَ مان ڪتابت ٿي. مفت تقسيم ڪيو ويو؛ جنهن جو سمورو خرچ ٿرپارڪر جي محير زميندار ارباب الهجڙيو برداشت ڪيو هو. تازو (1978ع ۾) حيدرآباد جي ڪمشنر الهه بخش سومري صاحب جي ذاتي دلچسپيءَ سان سندس ٻيو ڇاپو به پڌرو ٿيو آهي؛ جنهن جي سعات ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد“ کي نصيب ٿي آهي. هن ڇاپي ۾ تصحيح سان گڏ ڪتابت جون غلطيون پڻ سڌاريون ويون آهن.

مولوي احمد ملاح، صاحب – ديوان شاعر هجڻ سان گڏ باڪمال شاعر هو. عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ سرائڪي زبانن جي سٺي ڄاڻهيس. اهوئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل الفاظ، لغت جي خويبن سان مالا مال آهن، پاڻ مير غلام علي خان ٽالپر جي سنگت ۾ رهي، سياست ۾ به حصو ورتائين. سندس شاعريءَ ۾ ايتري قدر ته بي پناهه رواني، بي ساختگي ۽ برجستگي آهي، جو کيس ”الهامي شاعر“ سڏجي، ته ٻي جاءِ نه ٿيندو. مولوي عبدالله، حافظ نعمت الله جوڻيجو، عبدالمجيد ابڙو ۽ ماستر الهجڙيو ملاح سندس ڪلام کي سوڌي سنواري قلمبند ڪندا هئا. هيٺ نموني طور ”نورالقرآن“ مان ”سورت فاتح“ جو منظوم ترجمو ڏجي ٿو:-

اول نـــــــام الله جــــو، جـــــــو ڏيـــــــندڙ ڏيــــهه ســـــاري،

ڏيــــــــئـي نـــــــه پــــــــــچــــــــــــاري، مـــــڙنـــيـان مــهربــــــان گهڻـــــو.

جڳائي جبار کي، سڀڪائي ساراه،

پالڻهار پرٿڻين، هردم هميشاه،

سخي سٻاجهو گهڻو، مالڪ محشر گاه،

توئي پو ڄيون، توهان ئي پنون -حمايت هر گاه،

سهائيون سنئين واٽري، واٽ اُنهن جي واه!

جن کي توڙان توڙ ڪئي، نعمتون نيباه،

جن تي ڪاوڙ ناهه ڪا، ۽ نه گس ڪنان گمراه،

آمين يا الله! اهو عرض اگهائيين.“

مولانا دين محمد وفائي

[ 1893ع – 1950ع ]

  مولانا دين محمد ”وفائي“ ولد خليفو گل محمد ڀٽي، تعلقي ڳڙهي ياسين (موجوده ضلعو شڪارپور) جي ڳوٺ کڻي عرف نبي آباد ۾، 27 رمضان المبارڪ 1311هه مطابق 14- اپريل 1893ع تي ولادت ورتي هئي. ابتدا ۾ والد بزرگوار وٽان درس ورتائين. نون سالن جي عمر ۾ يتيم بڻيو؛ جنهن ڪري تعليم ۾ رخنو پيس. بس، پوءِ ته جيئن تيئن ري فارسي پنهنجي عزيز محمد عالم وٽان پڙهيو. جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو، تڏهن عربيءَ جي تحصيل لاءِ لاڙڪاڻي، سونو جتوئيءَ جي صاحب- دل درويش ۽ ڪامل اُستاد، عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833ع – 1935ع) جون خدمتون حاصل ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ 1907ع کان 1911ع تائين وٽس رهي، عربيءَ جا سمورا ڪتاب پورا ڪيائين. اوڻويهن سالن جي عمر ۾ سکر مان شادي ڪيائين. پوءِ مفتي صاحب جي مشوري سان سنڌ مدرسة السلام ڪراچيءَ ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. انهيءَ وقفي ۾ سندس ملاقات شيخ الوقت مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح (1850ع – 1920ع) سان به ٿي؛ ۽ وٽانئس ڪافي مستفيض ٿيو – 1914ع کان 1916ع) تائين راڻيپور ۾ رهيو. پوءِ ڪن سببن ڪري ٺلاه (تعلقو ڏوڪري، لاڙڪاڻو)، ۾ سيد محمد راشد (جهنڊي واور) وٽان به درس و تدريس کي جاري رکيائين.

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي افراتفريءَ ايشيا ۾ وڏو ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو، البته سنڌ ۾ ڪنهن حد صلح هو. انهن ڏينهن ۾ ”تحريڪ خلافت“ جنم ورتو ۽ تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. مولانا دين محمد وفائي به ٺلاه ڇڏي، تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. ترڪيءَ جي تاجدارن خلاف خوب آواز اٿاريائين. هوڏانهن انگريزن هن آواز کي دٻائڻ لاءِ وس ڪيو، مگر مولانا صاحب قلم توڙي زبان ذريعي جذبات عوام جي سينن ۾ پهچايا. مارچ 1920ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي؛ جنهن جو روح روان مولانا سيد تاج محمود امروٽي رح (1844ع – 1929ع) هو. هن گڏجاڻيءَ ۾: مولانا ابوالڪلام ”آزاد“، مولانا عبدالباري لکنوي ۽ مولانا شوڪت علي جهڙا مرد مجاهد شريڪ ٿيا هئا، جتي علم ميڙ ۾ مولانا دين محمد کي ”جمعيت العلماءُ سنڌ“ جو ناظم مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ مستقل طرح ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو.


(1) – تحفته الڪرام – مير علي شير ”قانع“ (سنڌي ترجمو – جلد 3)، سنڌي ادبي بورڊ، 1926ع؛ صفحو 634.

(1) – ”مگرما“، فارسي زبان جو لفظ آهي، جيڪو ”دهل“ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. عام دهلن جي ڀيٽ ۾، شيدين جو هي مخصوص دهل آهي؛ ۽ بناوت ۾ به سنڌ جي دهلن کان وڏو ٿئي ٿو. ناچ وقت جيئن جيئن ”مگرما“ جي ليءِ تيز ٿيندي آهي، تيئن تيئن شيدين جو ناچ به تيز ٿيندو آهي. ”مگرما ناچ“ سان گڏ ٻول به ڳايا ويندا آهن؛ جن جي شروعات ”ذڪر“ سان ٿيندي آهي [سنڌي انسائيڪلو پيڊيا – ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ (قلمي 1980ع)، صفحو 422].

(1) – چوڻ ۾ اي ٿو، ته پاڻ مشرقي ٻولين جو زبردست ماهر هو؛ انهيءَ اعتبار کان کيس اٺن زبانن (عربي، فارسي، اردو سنڌي، سرائڪي، ترڪي، انگريزي ۽ هندي) تي خاصي دسترس حاصل هيس. خاص ڪري انگريزيءَ ۾ ”جانسن“ واري مڪمل لغت بر زبان ياد هيس [نئين زندگي (ڪراچي)، سيپٽرمبي 1960ع، صفحو 11].

(2) – مارچ 16، 1884ع تي مسلمان شاگردن جي مالي مدد لاءِ جيڪا ”مجمع محمدي“ نالي 63 تي مشتمل تعليمي ڪائونسل قائم ڪئي وئي هئي؛ تنهنجي فروغ لاءِ هفتيوار ”معاون“ جو اجراءُ ٿيو. نتيجي طور مسلمان شاگردن جي ذهن کي بيدار ڪرڻ لاءِ ”معاون“ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو. هيءَ اخبار ڇپجي ئي مدرسه پريس مان هئي.

(1) – ايتري تائين جو مولانا جي ذاتي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ بخاري مسجد جي پٺيان پهريون زنانو اسڪول قائم ٿيو؛ جنهن ۾ پنهنجي نياڻي ”شاه بيبي“ کي نگهبان مقرر ڪيو هئائين.

(2) – ”مسدس حالي“ جو مصنف، براعظم جو نامور شاعر ۽ اديب، پاڻي پٽ جو رهاڪو، غياث الدين بلبن جي پشت مان مولانا الطاف حسين ”حالي“ ولد ابزد بخش انصاري (1837ع–1914ع) آهي. دهليءَ ۾ مرزا غالب جي صحبت مان خاصو پرايائين – 1879ع ۾ سر سيد جي ترغيب تي ”مسدس مدوجزر اسلام“ قلمبند ڪيائين، جيڪو ”مسدس حالي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ازانسواءِ ”مجالس النساءِ“، ”حيات سعدي“، ”مقدمه شعر و شاعري“، ”يادگار غالب“، ”حيات جاويد“، ”ترياق“ ۽ ”شواد الهام“ سندس تصنيفون آهن.

(1) – ”مسدس اٻوجهو“، 80 صفحن جي وڏي (رائل) سائيز تي ڦهليل آهي؛ جنهن کي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي سهڪار سان 1149ع ۾، مسلم ادبي پريس حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي عام ڪيو ويو آهي.

(2) – مولانا صاحب پنهنجي هن طويل نظم ۾، پياري دوست خانبهادر حسن علي خان آفنديءَ کي ”سبوجهو“ سڏيو آهي. ساڳئي وقت پنهنجي ٻئي رفيق، مولانا حميد الدين ”فراهي“ کي به نه وساريو اٿس. مولانا فراهي، هندستان جو مشهور عالم ۽ قرآن پاڪ جو مفسر ٿي گذريو آهي – 1907ع کان 1916ع تائين سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ عربيءَ جو استاد به رهي چڪو آهي.

(1) – انهن نو مسلم ماڻهن تان ساڻس سخت تڪرار به ٿيا، جن کي پاڻ نهايت حلم، اخلاق ۽ روحانيت سان طيءِ ڪيائين. ڳڙهي خيري جماليءَ جي شيخ عبدالله جو مسلمان ٿيڻ ۽ باگڙجيءَ جي هندو سوناري (جيڪو پوءِ مسلمانڪي نالي ”نورالحق“ سان مشهور ٿيو) بنسبت ڪورٽن جا ڪيس، انهيءَ ڏس ۾ واضح ثبوت آهي.

(1) – يا دوجانان – مولانا دين محمد وفائي؛ 1920ع، صفحو 22.

(2) – آخر سومر 21 شوال 1338هه مطابق 16 جولاءِ 1920ع تي افغانستان ڏانهن هجرت جو قافلو لاڙڪاڻي مان ريل رستي روانو ٿيو؛ جنهن جو سالار – ڪاروان، رئيس المهاجرين جان محمد خان جوڻيجو (1886ع – 1921ع) هو.

(3) – سندس دعا سان اڄ به مسجد، کيرٿر واه جي وچ تي ثابتيءَ لاءِ موجود آهي.

(1) – سورت ”ياسين“ ۽ ”الرحمان“ جومنظو تفسير، سنڌي زبان ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو. ازانسواءِ ”الهام القرآن“ نالي بامجاوره سليس سنڌي زبان ۾ ترجمو به ڪيل آهي.

(1) – چانڊڪا پرڳڻي م هي ڳوٺ ”اسحاق کوهارا“ نالي سان سڏجي ٿو؛ جنهن کي ملتاني بزرگ ميان مير جي اولاد مان، محمد اسحاق ڪلهوڙو عرف ”سڌن سوائي“ 1093هه (1681ع) ڌاري آباد ڪيو هو. سندس بزرگي هڳاءُ ۽ درويشي صفتن هن ڳوٺ کي خوب رونق وٺرائي. ويتر ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ته هي ڳوٺ علمي مرڪز بڻجي پيو. ڪافي سندس معتقد هئا. سندس دعا مستحاب هئي؛ جنهن ڪري ڦيڻي ڇنڊي مان ڪيترن کي فيض ملندو رهيو، وٽانئس درس و تدريس وٺندي، ڪيترن ئي عالمن دستا – فضيلت به ٻڌي؛ اُنهن مان: حاجي عمرالدين چنو، محمد هاشم انصاري، عبدالرحمان ڌامراهو، الله رکيو چانڊيو، محمد يوسف عباسي ۽ الله بخش عباسيءَ جا نالا سر – فهرست آهن. مولوي الله بخش ”صوفي“ عباسي (1835ع – 1912ع) سندس پشت مان هو. وڏي عالم، شاعر، صاحب – فتويٰ ۽ زاهد الزمان هو. مطالع لاءِ مصر مان ڪتاب گهرائيندو هو. وٽس وڏو ڪتبخانو جيڪو به قدرن جي ور چڙهي ويو [سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، 1978ع، (قلمي صفحو 282].

(2) – انهيءَ سلسلي ۾ ”اشعار ثنائي“ ۽ ”ملان ۽ موالي“ وڏي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن.

(1) – ”ثنائي“ صاحب، مولانا تاج محمود امروٽي رح (1844–1929ع) جو عقيدتمند هو؛ جنهن جي دعا سان کيس شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام مليو هو.

(1) – ”ملاحي“، عربي زبان جو لفظ آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ٻيڙي هلائڻ وارو. عموماً امير البحر (ميربحر) کي ”ملاح“ سڏبو آهي. سندن اڪثر پيشو (ڪرت) مڇي مارڻ هوندو آهي؛ ۽ بعض اوقات ته واهن ۾ ٻيڙيون هلائي ماڻهن کي پار پهچائيندا آهن، سنڌ ۾ ملاحن جون گهڻيون ئي ذاتيون ٿيون ٿيون. خاص ڪري اتر ۾ ملاح پاڻ کي ”ميرائي“ به سڏائين ٿا. سماج ۾ کين گهٽ ذات وارو ڄاتو ويندو آهي. مالدار ماڻهو منجهانئس عورتون خريد ڪري پاڻ وٽ سريتيون ڪري رکندا آهن. سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جو ”نوريءَ“ کي حاصل ڪرڻ وارو مثال هن ڏس ۾ ڪافي آهي [سنڌي انسائيڪلو پيڊيا – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، قلمي 80، صفحو 484].

(1) – ”ڳوٺ ڪنڊو“، ديهه لوهڻ، تپوچورهدي، تعلقي بدين ۾ واقع آهي.

(2) – مولانا احمد ملاح پنهنجي استاد کي ”حضري“ سڏيو آهي.

(3) – اڄ اهو مدرسو ”مسلم اسڪول غريب آباد“ جي نالي سان سڏجي ٿو. مدرسي سان لڳ مسجد شريف به تعمير ڪرائي هئائين، جيڪا سندس ياد تازي ڪندي رهي ٿي.

(5) – پاڻ ”لواريءَ جي مصنوعي حج“ خلاف به خوب آواز اٿاريائين؛ انهيءَ سلسلي ۾ سندس قلم، شرڪ، بدعت ۽ قبر پرستيءَ لا تلوار جي حيثيت رکي ٿو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org