سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :5

ڇتو، نهايت گهڻ ڳالهائو هو، ايتري قدر جو منٽن جي ڳالهه کي خواه مخواه وڌائي ، ڪلاڪن ۾ وڃي پوري ڪندو هو. سندس والد، کيس ڪپڙي جي اڻت لاءِ، گامڻ ڪوريءَ جي ڪار خاني تي ڇڏيو هو، جتي ڪپڙي اڻڻ جو ڪم سکڻ لڳو.

هڪ دفعي سندس استادن جيئن ئي پنهنجو پٽڪو لاهي آڏاڻي جي ڀرسان رکي ويٺو اڻڻ ؛ مڄاڻ ڪو سندس ڇڪڻ واري حقي مان چڻنگ وڃي پٽڪي تي پيئي. ڇتي ڏٺو، ته استاد جو پٽڪو ٿو سڙندو وڃي، سو پنهنجي اصلي عادت جيان استاد کي خطاب ٿي ڳالهه جي انداز ۾ ٻڌائيندي چيو، ته ”استاد سائين، جيئن سدائين ! خوب کائين ۽ اوبارين – شل جڳ تنهنجو محتاج هجي. اوهان جي پياري حقي مان ڪنهن ساعت چڻنگ چمڪي اٿي، اچي پٽ تي پيل پٽڪي مٿان پيئي....“ ڇتو، حيسين مقصد تي اچڻ لاءِ اڃا ٺاهي ٺاهي تلفظ ڪڍي ئي ڪڍي، تيسين گامڻ جو پٽڪو ڳپل سڙي ويو. پوءِ ته استاد جيسين ڳالهه پوريءَ طرح سمجهي ئي سمجهي، تيسين پٽڪي به وڃي پڄاڻي ڪئي.

مٿين ڳالهه مان حاصل مطلب اهو نڪتو ؛ ته جيڪڏهن ڇتو اهڙي نازڪ موقعي تي مختصر بيانيءَ کان ڪم وٺي ها؛ ته هوند سندس جائي واڌ نه ڪرڻ مان هڪ طرف مطلب به آسانيءَ سان نڪري وڃي ها ۽ ٻئي طرف پٽڪو به سڙڻ کان بچي وڃي ها !!

چون ٿا ته ؛ جڏهن ڪم سکي پورو ڪيائين ؛ ته جوڙيون (ٿان) کڻي بازار ۾ وڪري لاءِ نيندو هو. ٻيا ڪوري روزانو ٽي – چار تاڪيا کپائي پيا اچن، مگر ڇتو پنهنجي دستور موجب هڪ جوڙي به مس وڪڻي ٿي آيو. انهيءَ جو خاص سبب اهو هو، جو ڪپڙي جي تعريف ڪندي چوندو هو، ته: ”منهنجي هيءَ جوڙي سڀني کان مضبوط آهي – سٽ تي رنگ عيسي نيروليءَ جو پڪو چڙهيل اٿس، ڌاڳو به بالڪل مضبوط ۽ تازو ٺهيل آهي – وڏي ڳالهه اها، ته منهنجي اڄت (اڻت) اهڙي ته سنهي ۽ گهاٽي آهي، جو وار جي وٿي به نه ڇڏي اٿم.... خوب چوڙيندي – اگهه سستو....“ وغيره وغيره.

مطلب ته خريد ڪرڻ واري جا ته ڪن ئي پچائي ڇڏيندو هو. پوءِ وٺڻ واري کي وڻي ته وٺيس يا وري واپس موٽائي اچي گهر رکي.

ظاهر آهي ، ته ڇتو جيڪڏهن هر ڳالهه ۾ ايتري ڊيگهه ڪندو ته ڪم جو وري ڪهڙو نبيرو هوندس ؛ انهيءَ ڪري ڳوٺ ته ٺهيو، پر پوريءَ پسگردائيءَ ۾ به مشهور ٿي ويو؛ جنهن ڪري مٿس ”ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه“ وارو پهاڪو جڙي ويو. جيڪو اڄ تائين چوڻ ۾ اچي ٿو ته، 52 ورهين جي عمر ۾ مغز جي ڪمزوريءَ سببان، غالباً 1007 هه مطابق 1598ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس سندس اباڻي قبرستان ۾ آرامي ڪيو ويو.

حاجي الله بخش ”سرشار“ عقيلي

[1907ع – 1971ع]

حاجي الله بخش ”سرشار“ ولد حافظ محمد صديق عقيلي ، 23 شعبان 1325 هه مطابق 21 جنوري 1907ع تي ٺٽي ۾ تولد ٿيو. سندس والد وڏو متقي ۽ پرهيزگار شخص هو ؛ جنهن جو شمار اوائلي انگريزي پڙهيل مسلمانن ۾ ٿئي ٿو ۽ قائداعظم محمد علي جناح (1876ع – 1948ع) جو هم ڪلاسي هو ؛ ۽ ان وقت ڪراچيءَ ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ هو. الله بخش سندس وڏو فرزند هو ؛ جنهن پنهنجي تعليم جو آغاز سنڌ مدرسي ڪراچيءَ کان ڪيو. گهرو ماحول ۽ والد بزرگوار جي صحبت ۾، کتري مسجد جهونا مارڪيٽ ڪراچيءَ جي مدرس، مولانا سيد محمد ظهير الدين قادري بغداديءَ وٽان ديني درس به ورتائين. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه عربي ڪتاب به سندس مطالع هيٺ رهيا. ان وقت سندس عمر سورهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي.

هن نينگر کي اسڪولي زماني کان ئي ادبي ذوق داسگير هو؛ جنهن ڪري 1920ع کان لکڻ پڙهڻ طرف توجہ ڏنائين. پاڻ اڃان چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ مس هو، ته پنهنجي ڪهاڻين (آکاڻين) جو مجموعا بنام ”رموز النساءِ“ ، کيسي جي خرچيءَ مان ڇپرائي پڌرو ڪيائين. انهيءَ ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ، شاعريءَ جي مشق ”فراقي“ تخلص سان ڪرڻ لڳو. ”دعوت اسلام“ نالي سندس ٻيو ڪتاب 1923ع ۾ پڌرو ٿيو، جيڪو اردو ڪتاب ”فاطمي دعوت اسلام“ جي هڪ حصي جو ترجمو آهي. هن ئي سال مئٽرڪ به پاس ڪيائين. حج جي سفر ۽ مناسڪ بابت ”مناسڪ الحج“ نالي 1924ع ۾ ننڍڙو ڪتابچو به ڪڍيائين – 1929ع ۾ اسلام جي پهرين سپہ سالار ”خالد بن وليد“ (582ع – 642ع) جي سوانح عمري به سنڌي زبان ۾ قلمبند ڪيائين.

ڊي – جي – ڪاليج ڪراچيءَ مان، فارسي زبان ۾ بي- اي (آنرز) جي ڊگري 1937ع ۾ ورتائين. فارغ التحصيل ٿي روزانه ”الوحيد“
 ۾، سب ايڊيٽر جي عهدي سان صحافت ۾ دلچسپي ورتائين. هينئر ته کيس پنهنجن شعرن توڙي شهپارن ڇپجڻ جو به وجهه ملي ويو. پوءِ سندس نظم خواه نثر ”الوحيد“ ۾
ڪثرت سان شايع ٿيندو رهيو. ازانسواءِ ماهوار ”توحيد“ (ڪراچي)، ”الحافظ“ (حيدرآباد)، ”الجامع“ (ڪراچي)، انهن ئي ڏينهن ۾ اردو زبان ۾ غزل ۽ مقالا لکڻ جي مشق به شروع ڪيائين، ويتر محمد هاشم ”مخلص“ (1860ع – 1934ع) ”فراقي“ تخلص مٽائي، هميشہ هميشہ لاءِ ”سرشار“ بڻائي ڇڏيو. چند مهينن بعد، روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ بڻيو. آهستي آهستي ترقي وٺي ، هيڊ منشي، 1933ع ۾ مختيار ڪار، 1946ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ آخر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي وڃي رسيو.

”سرشار“ صاحب کي علم ادب سان وڏو انس هو. ملازمت جي ذميوارين کان جيڪا فرصت ملندي هيس، اها علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سيڙائيندو هو. پاڻ ڪيترين ئي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي ڪاميٽين ۾ ميمبر جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏنائين. پڇاڙيءَ ۾ ”شاه لطيف ثقافتي ڪاميٽي“ ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو ميمبر به ٿي رهيو. سندس تصنيفات ۾: ”سنڌي راڳ جي مختصر تاريخ“ ، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ، ”تصوف جي تاريخ“ ، ”شاعري لکڻ جو آسان طريقو“، ”علم هيئت“ (ASTONOmy) ۽ پنهنجي ذات بابت وضاحتي ڪتابچو ”انوار سهيل، تذڪرهء آل عقيل“ بي مثال آهن. پاڻ زندگيءَ جا 65 ورهيه هن فاني جهان ۾ عام انسانن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندي، آخر 24 شعبان 1391 هه مطابق 15 جنوري 1971ع تي ڪراچيءَ ۾ ئي راه رباني ورتائين.

حاجي خان محمد چنجڻي

[1831ع – 1907ع]

حاجي خان محمد عرف ”خانڻ“ ولد مير محمد چنجڻي، ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي واره جي ڳوٺ ؛ ”ميان داد چنجڻي“ ۾ 2 شعبان 1247 هه مطابق 8 آڪٽوبر 1831ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مڪتب مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ مولانا نور محمد ميڪڻ (1778ع – 1878ع) ۽ سندس فرزند، عمدت العلماءُ مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي رح جي مدرسي مان فارسي ۽ عربيءَ جا ڪجهه ڪتاب پڙهيو. عام طرح سان کيس ”حاجي خانڻ“ جي نالي سان سڏيندا هئا.

خانڻ کي شاعريءَ جو شوق به شهدادڪوٽ ۾ ئي ٿيو ؛ جنهن ڪري سنڌي زبان ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين. ويتر سندس صحبت ميان شاهه محمد ديدڙ سان هئڻ ڪري، ميدان - سخن ۾ ڪؤنتل ڪڏايائين. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته سندس ڪلام ڪثير التعداد هو، جيڪو گهڻي ڀاڱي ضايع ٿي ويو آهي. هڪ روايت موجب معلوم ٿيو آهي، ته پاڻ سنڌي زبان ۾ شاعريءَ جو ”ديوان“ به جوڙيو هئائين، جيڪو سندس پوين وٽ ڪافي وقت محفوظ هو، مگر اڄ اهو ڏسڻ لاءِ به وٽن نه رهيو آهي. شاعريءَ جي صنفن ۾ مداحون، مولود، ڪافيون سه- حرفيون، ڏوهيڙا (بيت) ۽ سهرا (ڳيچ) وغيره تي طبع آزمائي ڪيل اٿس.

سندس شعر پڪو پختو ۽ ناصحانه آهي – 76 ورهين جي ڄمار ۾، هڪ ميڙ ۾، فساد دوران، سخت زخمي ٿي پيو ؛ جنهنڪري زخمن جو تاب نه سهي، ستن ڏينهن اندر، 2 شوال 1325 هه مطابق 2 جنوري 1907ع تي وفات ڪيائين. ضرورت آهي، ته لاڙڪاڻي جي هن عمدي شاعر جو ڪلام ڪٺو ڪيو وڃي. نموني طور سندس هڪ نظم هيٺ ملاحظه فرمايو:

تنهنجي پيغمبر پار جي آهي اڪبرن ۾ اڪير،

آيو پنڻ پينار ٿي ڏيو دان در تي جو فقير،

تنهجي سخا سيد! سڻي عاصين بلو آهي اڪير،

جن جو اجهو تون آهين، سي ڪيئن ڪندا دلگير،

بي ثمر بي ڪار عاصي، ڪيئن ڇڏين بيبان ۾؛

تون اچو ڪل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾؛

عاصين کي آهي آسرو؛ عربي تنهنجي احسان ۾؛

حاجي علي بخش جمالي

[ولادت 3131 هه = 1912ع]

حاجي علي بخش ولد ڪريم بخش جمالي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”بچل مهيسر“ ۾ 1331 هه مطابق 12 اپريل 1912ع تي تولد ٿيو. ٿوري پرائمري تعليم مليل اٿس. غالباً 1930ع کان مولوي غلام رسول جتوئي جي رهبري هيٺ شعر طرف توجه ڏنائين. هينئر خدا جي فضل سان سنڌي زبان جو مڃيل شاعر تسليم ڪيو پيو وڃي. ڪي قدر پاڻ سرائڪي زبان تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪلام ۾ مداحون، ٽيهه اکريون، مولود، وايون، ڪافيون، قطعا، رباعيون، دوها ۽ غزل وغيره شامل آهن. سنڌي زبان ۾ سندس ”ديوان“ به ترتيب ڏنل آهي ؛ جيڪو اڃا ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهي. خدا ڪري ڇپجي پوي.

جمالي صاحب کي ”مسدس“ تي وڏي قدرت حاصل آهي. شايد انهيءَ لکڻ ۾ وڌاءُ نه به ٿئي، ته پاڻ ”مسدس جو شهنشاهه شاعر“ آهي. ميمڻ محله، لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو. ”بزم اثر“ جي صدارت به کيس سونپيل آهي. خداوند کيس خضري عمر عطا ڪري. هيٺ سندس شعر جو نمونو ڏجي ٿو:

”مڃان ٿو دوستو هاڻي، برائي چوٽ تي آهي،

چئون ٿا جنهنکي غيرت، سا وڪاڻي نوٽ تي آهي،

ٻڌو سندرو اسان ساهي، سراسر کوٽ تي آهي،

اسانجو هر قدم ابتو، اڍنگو اوٽ تي آهي؛

خساري ۾ رهون ٿا ته به؛ نه بدلي پنهنجي حالت آ؛

خدا جي نيڪ بندن جي؛ زماني کي ضرورت آ.

حاجي محمود ”خادم“

[1895ع – 1960ع]

”مخدوم الشعراءُ“ حاجي محمود ”خادم“ ولد محمد بچل تونيو، 1313 هه مطابق 4 جنوري 1895ع تي ؛ ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ ”بٺي“ ۾ ڄائو. سپر وائيزنگ تپيدار ٿي رٽائر ڪيائين. شعر جي سلسلي ۾ ”خادم“ تخلص ڪم آڻيندي ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ کي پنهنجو استاد ڪري ورتائين.

لاڙڪاڻي ۾ شعر و شاعريءَ جو ٻج اڳ ئي پوکيل هو ؛ جنهن کي ”خادم“ ئي آبياري ڏيندي؛ وڌايو ۽ ويجهايو . بزم مشاعرن جي شروعات ۽ ادبي ڪانفرنسن جي انعقاد جو سهرو به سندس ئي سر تي سونهين ٿو. سنڌ اندر اڄ جيڪي به نامڪٺيا شاعر آهن ۽ ماضي قريب ۾ ٿي گذريا آهن ؛ انهن مڙني جو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌي طرح پاڻ ئي استاد هو. انهن ادبي خدمتن عيوض ”نائين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ (26-3-1948ع ؛ ميهڙ، دادو) ۾ کيس ”مخدوم الشعراءُ“ جو لقب مليو– 1380هه مطابق 9 جنوري 1960ع تي وفات ڪيائين. ”ميمڻ محله“ لاڙڪاڻي جي مشهور اولياءَ حضرت ميهر شاه بخاري رح جي پيرانديءَ کان مدفون آهي. سندس پويان پاڻ کي هينئر قرشي سڏائين ٿا.

”خادم“ مرحوم جي تصنيفات ۾: ”اخلاقي خون“، ”ظهور محمدي“، ”شمشير الاسلام“ ، ”رياض البلاغت“، ”ستاره سنڌ“ ، ”سفر نامہ حج“، ”مفردات“، ”ڪانگريسي راڄ“، ”يادگار دوستان“، ”سرگشته خادم“، تحفئه لاڙڪاڻي“، ”محمود الغات“ ۽ شعر جو مڪمل ”ديوان“ چيا وڃن ٿا. اهو پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو؛ ته پاڻ سنڌي غزل ؛ نظم ۽ بيتن جا ٽي ديوان پڻ ترتيب ڏنا هئائين ؛ جن مان ٻه پنهنجي جيئري ئي باهه جي نذر ڪري ويو هو ؛ باقي سندس رهيل غزلن تي مشتمل ”ديوان“؛ سندس وڏي پٽ محمد علي قريشي جي ڪٻٽ ۾ قيد آهي. ڇپجي الاجي نه ! مون کي سوجهرو نظر نه ٿو اچي !!

 

حافظ امام بخش سومرو

[1895ع – 1968ع]

999 حافظن جو استاد، حافظ امام بخش ولد مولانا محمد ابراهيم سومرو، انهن بزرگ هستين ۾ شمار ٿئي ٿو؛ جن جي علمي حڪمت رهنديءَ دنيا تائين قائم رهندي. ربيع الاولد جي 12، 1313 هه = 11 آگسٽ 1895ع جي سج ۾ ڳوٺ ”گل محمد تونيو“ (تعلقو ڏوڪري) ۾ اک کولي. ابتدائي استاد آخوند عبدالرحمان تونبو ۽ قرآن پاڪ جو حفظ، حافظ امام الدين ، حافظ محمد يونس ۽ حافظ محمد قاسم سومري قمبراڻيءَ جن وٽان ورتائين. مولانا غلام صديق ميڪڻ شهداد ڪوٽي رح وٽان عربي ۽ فارسي ڪتاب پڙهي فارغ التحصيل ٿيو. دادو ڪئنال جي ساڄي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ هارون تونيو ۽ گل محمد تونيو ۾ درس و تدريس ڏيندو رهيو. فقہ جو به خاصو درس ورتل هوس. قادري طريقي ۾ راڻيپور واري سيد محمد صالح شاه جو معتقد ۽ عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح سندس محسن هو. سندس صحبتين ۾: مولوي محمد قاسم مشوريءَ جو نالو ورتو وڃي ٿو. هن مستخاب الدعا درويش، 73 بهارون ڏسندي، دادو ضلعي جي سول اسپتال ۾، حادثي دوران، 15 جمادي الثاني 1388 هه = 9 سيپٽرمبر 1968ع تي راه رباني ورتي ۽ هينئر پنهن جي مدرسي ۾ آرامي آهي.

هن قوي الحافظ، صحيح راءِ ۽ جفاڪش انسان سنڌي زبان ۾ ڪجهه مولود ۽ بيت به چيا آهن ؛ جن مان معلوم ٿئي ٿو، ته پاڻ بحر وحدت جو حقيقي غواص هو ۽ هن قلزم بيڪنار جي پاتار ۾ پهچي ، اهي ماڻڪ ميڙيا اٿس، جن جي پرک لاءِ ڪن سنگهڙ صرافن جي ضرورت آهي. سندس رهڻي سادي ۽ طبيعت فقيراڻي هئي. پيچدار ۽ مشڪل شرعي مسئلا، مختصر الفاظن ۾ سلجهائيندو هو. سندس استادن جو چوڻ هو ته ”حافظ امام بخش ۾ اسان کان شرافت- علم زياده آهي.“

حافظ حامد ميمڻ ٽکڙائي

[1823ع – 1896ع]

ٽکڙ، علم ادب جي دائري ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن شهر جي عالمن جيڪو علم ادب ۾ چاه ورتو ؛ تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اهڙن املهه ماڻڪ موتين ۾، حافظ حاجي حامد ولد محمد هاشم ميمڻ جو نالو به ورتو وڃي ٿو. سندس ولادت 22 ربيع الاول 1239ع هه مطابق 15 آڪٽوبر 1823ع تي ڳوٺ ٽکڙ ۾ ٿي. پاڻ اڃان ٽن ورهين جو مس ٿيو، ته ماتا جي بيماريءَ سندس اکين ۾ اوندهه آڻي ڇڏي. بس ، پوءِ ته سمجهه ڀري ٿيڻ سان ئي نور جهڙي نرمل نعمت جو احساس وٺندي، راتيان ڏينهان روڄ ۽ راڙو ڪندو رهيو. انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ آخوند امام الدين ڀنڀري وٽان اٺ سيپارا حفظ ڪري، باقي ٻاويهه سيپارا مديني شريف وڃي پورا ڪيائين.

ٻن ورهين جي سعودي سفر بعد، واپسيءَ تي ڳوٺ ملا ڪاتيار ۾ آخوند محمد درس وٽان ڪجهه عربي ڪتاب به پڙهيو. ڪن مسئلن تي استاد سان اڻبڻت ٿيس ، جنهن ڪري اڌوري تعليم ۾ ئي کانئس علحده ٿيو. جوانيءَ ۾ شادي به ٿيس ، پوءِ ته ٻچڙن جي ڪهول ۾ قابو ٿي، معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنڻ ۽ ونڊ وٺڻ کي مورڳو عيب سمجهي، ڳوٺ ۾ هڪ ڪپڙي جو دوڪان کوليائين. الله تعاليٰ کيس ايتري ته ساڃاه ڏني هئي، جو کري ۽ کوٽي ڏوڪڙ جو به ٺهه پهه پتو پئجي ويندو هوس.

اڪثر سندس صحبت نيڪن ؛ صالحن، عالمن، شاعرن ۽ سگهڙن سان هوندي هئي. کانئن شعر و شاعريءَ ۾ چڱو اڀياس حاصل ٿيس. پوءِ ته پاڻ ”حامد“ تخلص سان شعر چوڻ لڳو. فارسي زبان ۾ سندس مڪمل ديوان آهي، جيڪو ”ارمغان حامد“ جي نالي سان 1936ع ۾ ڇپيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ ۾ وري غزلن کان علاوه مداحون، ماجاتون ۽ مولود وغيره به چيا اٿس. زندگيءَ جي آخري حصو حيدرآباد جي نورائي ڳوٺ ۾ گذاريندي، آخر جوڌ پور جي مارواڙي علائقي ۾ ؛ ”ڄاريلي مڪان“ ۾، 64 ورهين جي ڄمار ۾؛ 7- جمادي الثاني 1315 هه مطابق 28 جون 1896ع تي وفات ڪيائين.

حافظ حيات شاهه ”حافظ“

[1875ع – 1955ع]

حسيني ساداتن جي پري مان، حافظ حيات شاه ”حافظ“ عرف سيد غلام حيات النبي شاه ولد سيد مير عالم شاه ، پنهنجي ناناڻي وطن ۾ 18 ذوالحج 1292 هه مطابق 7 سيپٽمبر 1875ع تي صوبي پنجاب جهنگ ضلعي ۾ تولد ٿيو. سندس والده سرداران بيبي، نهايت نيڪ نقس نيڪ سيرت ۽ هڪ دورانديش عورت هئي. پوءِ ته کيس ڏاڏاڻي ڏيهه ”سعيد پور“  ڏانهن نيو ويو، جتي سندس پرورش ٿيندي رهي.

سيد صاحب ننڍپڻ کان ئي نهايت سلڇڻو ۽ سمجهدار هو؛ جنهن ڪري ڳوٺ وارا سڀ سندس وڏي تعظيم ڪندا هئا. جوانيءَ ۾ پنهنجي ماسات ”سلطانه بيگم“ سان مجازي عشق لڳس؛ جنهن ۾ ناڪامي ٿيس. پوءِ ته قسمت جو ماريل ۽ تقدير جو ڳاريل هي سيد سڳورو وطن کان بي وطن ٿي ڪاٺياواڙ ؛ ملبار ؛ مار واڙ، دکن، دهلي؛ يو- پي؛ بنگال، مدراس ۽ ٻين به ڪيترن ئي شهرن جو واس وٺندو رهيو. غالباً 1903ع ڌاري ”بالوترا“ (مار واڙ) ڳوٺ ۾ ڳڻتين جي ڳاراڻي وگهي، تيز بخار جي تپش کان نيڻن جو نور وڃائي ويٺو. هيئر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ستن سالن جي سيلاني سفر بعد، 1910ع ڌاري سنڌ ۾ پير پاتائين.

سنڌ جي مهمان نوازي، دنيا ۾ مشهور آهي. حافظ صاحب کي به سنڌين جي انهيءَ خوبيءَ، هتي ئي رهڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ ته باقي حياتيءَ جا دمڙا سنڌ ۾ ئي گذارڻ جو پرن ڪيائين. سنڌ جو چپو چپو گهمي، آخر ڪوٽڙيءَ جي مين وٽ جامع مسجد ۾ اچي آستانو ڪيائين. پاڻ روزانو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي وڃي، وڏي پيار ۽ پاٻوه وچان ڪنڌيءَ تي پير لٽڪائي ويهي چناب نديءَ جي سڪ پوري ڪندو هو ۽ اڳوڻي اوج کي ساريندي ڦٽ چڪائيندو رهندو هو.

مين وٽ مولودن جون محفليون عام هونديون هيون، جن کان سيد صاحب جي روح کي راحت ايندي هئي. هو انهن محفلين کي پنجاب جي ڳوٺاڻن گيتن سان تشبيح ڏيندو هو. انهن سخنور سگهڙن ۽ سالڪن جي صحبت مان کيس به شعر چوڻ جو شوق ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ مان علي بخش حيدر آباديءَ وٽ سندس اچڻ وڃڻ به ٿيو. ڀانئجي ٿو، ته سيد صاحب کي انهي ئي شوق حيدر آباد ۾ رهائڻ تي آماده ڪيو هو.

هينئر سيد صاحب کي وطن ورڻ جو وجهه به مليو. پوءِ اها آس رکي؛ جيئن ئي اباڻي ڀونءِ پهتو، ته سندس محبوبه به وفات ڪري چڪي هئي. پوءِ ته روزانو مقام ڏانهن وڃي، اندر جي آگ ۽ دل جي بخار کي ڍري ڪرڻ خاطر زارو قطار نيڻن مان نير وهائي ۽ اکين مان آب اوتي، واپس ورندو هو. حياتيءَ جي آخري حصي ۾ مٿس مجاز مان حقيقت جو رنگ چڙهڻ لڳو ؛ جنهن ڪري ٻنهي جهانن جي سردار جي زيارت به ڪيائين.

کيس ڪافي ڪتابن جو مطالعو هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون ٻڌائين ٿيون، ته کيس گهرو مشاهدو ؛ اونهو اڀياس ۽ ڪافي تجربو حاصل هو. نابين هوندي به پاڻ ٻين کان ڪتاب پڙهائي ، پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪندو هو. سندس حافظو تيز هو. سنڌ سان کيس وڏو پيار هو. بقول سندس : ”اباڻو وطن پنجاب آهي، ته منهنجو وطن سنڌ آهي!“

حافظ صاحب جي تصنيفات ۾: ”داستان غم“ ، ”وڇڙيلن جو مليو“ ، ”ديوان حافظ“ ۽ ”گلستان حيات“ جي فهرست شامل آهي. ازانسواءِ نظم جي سلسلي ۾ غزلن کان علاوه قصيدا، مولود ۽ قومي گيت به سندس جهجها چيل آهن. قومي نظمن ۾ وڏي ۾ وڏي ماڻهو جي به ڪاڻ نه ڪڍيائين. اسي ورهين جي عمر ۾ 14 ربيع الاخر 1375 هه مطابق 26 ڊسمبر 1955ع تي حيدر آباد شهر ۾ ئي پساهه پورا ٿيس.

حافظ عبدالله ”بسمل“

[1886ع – 1950ع]

ٽکڙ جي شاعرن ۾ حافظ محمد عبدالله ”بسمل“ ولد علامه حافظ محمد يوسف سهتي جو نالو نه وٺڻ، سنڌي ادب ۾ خال پيدا ٿيندو. سندس ولادت 4 شوال 1302 هه = 2 اپريل 1886ع تي ضلعي حيدرآباد جي ننڍڙي ڳوٺ ”ٽکڙ“ ۾ ٿي. شروعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتائين، جتان قرآن پاڪ ناظران سان گڏ فارسي ۽ ڪجهه سنڌي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. عربي تعليم علامه اسدالله شاه وٽان ورتائين. قرآن پاڪ جو حفظ، حافظ محمد هارون ”دلگير“ وٽان ڪيائين.

هن عالم ابن عالم جي زندگيءَ جو ڳچ حصو درس و تدريس ۾ گذريو. خدا پاڪ سندس حصي ۾ مالي زر بجاءِ علم زياده عطا ڪيو هو ؛ جنهن ڪري عالم سڳوري کي البته معاشي مشڪلاتن مان پار پوڻو ٿيو. تڏوهڪي زماني ۾ هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو؛ جنهن ڪري 1935ع ڌاري پيٽ قوت لاءِ کيس مجبورا ”حيدرآباد وڃڻو پيو“.

ڪافي وقت حيدرآباد ۾ رهي، وري واپس ٽکڙ ۾ آغا حسين جان حضرت صاحب جي درگاه واري ڪتب ۾ معلم ٿي رهيو. اتي به کيس چين نه آيو؛ جنهن ڪري هن آزاد خيال انسان، ورهاڱي کان اڳ (غالبا 1943ع ڌاري“ حيدرآباد موٽيو؛ جتي منشي عبدالشڪور جي نگراني ۾ نڪرندڙ روزانہ“ ”هلال پاڪستان“ ۾ ”شاعر خاص“ ٿي ڪم ڪيائين. پاڻ نظم سان گڏ نثريه به سٺو لکيائين.

ٽکڙ جي عالمن جو هي آخري چراغ ”بسمل“ جي تخلص سان سنڌي ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ڪندو رهيو. شاعريءَ ۾ سندس ابتدائي استاد، سندس والد حافظ محمد يوسف هو ۽ بعد ۾ حافظ هارون ”دلگير“ وٽان استفادو حاصل ڪيائين. سندس سنڌي ڪلام نهايت ئي پڪي پايي جو آهي. سندس ڪلام ۾ پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي بار پوندڙ هروڀرو دقيق ۽ ثقيل الفاظ جي ڀرمار نه، مگر سليس لفظن جي اهڙي ته جڙاوت نظر اچي ٿي ؛ جنهن مان هن بلند پايي شاعر جي علمي صلاحيتن جو آسانيءَ سان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سندس ڪلام طويل نظمن، غزلن کان علاوه مناجاتين تي به طبع آزمائي ڪيائين. جيڪو بامحاورا سليس سهڻن الفاظن تي مشتمل ۽ بلند خياليءَ ۽ چست بندشن جو واضح ثبوت ڏئي ٿو. خاص ڪري غزل جي سٽاءَ ”خال خط“ جي خرخسي کي ترڪ ڪري، قومي شاعريءَ طرف رخ رکيو اٿس.

افسوس حياتيءَ کيس مهلت نه ڏني. پڇاڙيءَ ۾ ڳڻتين جي ڳاراڻي کيس جهوري وڌو؛ جنهن ڪري بيماريءَ سببان نحيف ۽ لاعز بڻجي پيو. نتيجو اهو نڪتو، جو هي عالم سڳوري 64 سالن جي عمر ۾ 21 صفر المظفر 1371 هه = 20 آڪٽوبر 1950ع تي هن دارالفانيءَ مان دارالباقيءَ ڏانهن راهي ٿي ويو.

سندس ڪلام ڪثرت سان ان وقت جي ٽکڙ مان نڪرندڙ ماهوار رسالن: ”بهار اخلاق“ ۽ ”الاصلاح“ ۾ ڇپيو آهي. ازانسواءِ هلال پاڪستان“ (حيدرآباد) ۾ به وسان ڪونه گهٽايائين. ضروري آهي، ته هن بلند پايه شاعر جو مڪمل ڪلام يڪجاءِ ڪري، نئين آب و تاب سان منظر عام تي آندو وڃي. ”ڪنز العبرت“ (قرآني ترجمو) 1948ع، ”مثنوي محمدي“ 19851ع ۽ ”ڪلام بسمل“ (انتخاب) 1961ع سندس ڇپيل تصنيفات ۾ شامل آهن.


(1)– ”عقيلي“ ، حضرت علي المرتضيٰ رضه جي وڏي ڀاءُ، حضرت عقيل بن ابي طالب رضه جي بشت مان آهن ؛ انهيءَ ڪري پاڻ کي ”عقيلي“ سڏائين ٿا. هن خاندان جي جد - اعليٰ محمد متين 900 هه (1494ع) ۾ عراق مان هجرت ڪري پهريائين دهليءَ ۽ پوءِ سنڌ جي ٺٽي شهر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، جو ”عقيلي“ سڏائڻ لڳو. سنڌ ۾ هن ڪٽنب جو جد - امجد قاضي قاضن بن محمد قاسم هو ، جو مغلن جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيو هو. سندس نسل ۾: قاضي، مفتي، مولوي، آخوند ۽ خليفا گهڻي ۾ گهڻا ٿي گذريا آهن . اهوئي سبب آهي، جو ٺٽي ۾ ”مولوي محلو“ اڄ به عقيلي ڪٽنب جي ياد تازي ڪري رهيو آهي. ”سرشار“ جو ڏاڏو، قاضي گل محمد ولد محمد رفيع، انگريزن جي شروعاتي دور ۾ حيدرآباد ۾، قضا جي عهدي فائز هيو. [ ”مهراڻ“ (سوانح نمبر)، 1957ع، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 5-6]– هن ئي خاندان مان، آخوند ولي محمد پراڻن هالن ۾ وڃي آبا ٿيو هو.

(1)– ”سيد پور“ ، ضلعي گجرات ۾، رانجهي واري تخت هزارا ۾ واقع آهي، جيڪو ضلعي جهنگ کان 64 ڪلو ميٽرن (40 ميلن) جي وڇوٽيءَ تي ٿيندو.

(1)– سلطانه بيگم بنت عظيما بيبيءَ سان سندس مڱڻو ٿيل هو. هو پاڻ ۾ گڏ جي رانديون رونديون ڪندا هئا. مڄاڻ ڪو سلطانه بيگم جو پلئه، لکئي جي ليک ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي اڙايو. هوڏانهن سلطانه بيگم به بي وس هئي، جنهن پڻ سيد صاحب جي عشق ۾، وڇوڙي سببان جلد ئي موت کي قابو ڪري ورتو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org