سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :14

استاد مرحوم سان انھي قسم جون پوءِ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون ڪڏھن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام  ساڻيھه جا سينگار ٽي وي جي پروگرام  سنڌ سينگار ۽ مھراڻ رنگ ۾ نه ڪڏھن آءُ استاد جي خيالن سان متفق ٿي سگھيس ۽ نه ئي استاد منھنجن ڳالھين جو اثر ورتو جڏھن به ان قسم جي ڳالھه ٿيندي ھئي ته بي ساخته کلي ڏيندو ھو ۽ چوندو ھو ته انھي ڳالھه جي جند نه ڇڏيندين ! مطلب ته ھن پنھنجي ڳالھه کي ڪڏھن مٽايو ڪين ۽ مٽائي به ڪيئن ھا؟ مٽائڻ واري ڳالھه ته منجھس ھئي ڪين نه رڳو ڳالھه پر ياري مٽائڻ جو ھو قائل نه ھو سندس وڙ اھو ئي ھو ته ڳالھه ڪبي ھڪڙي. ڪري ان تان ڦرڻ مڙسي نه چئبي ياري ڪبي ڪنھن ڪنھن سان ڪري وري ٻي در وجھائڻ وارا چلولا چئبا آھن. ماضيءَ جي ڪيترن ئي واقعن جي روشني ۾ مون وٽ منظور علي جي انھي وصف جا شاھد بيشمار واقعا آھن. اھو وڙائتو انداز ھن ڪٿان پرايو ڪيئن پرايو ان جي سڌ ته مون کي نه آھي پر ايترو ضرور آھي ته ھو ان ڳالھه جو تمام گھڻو پابند ھو ائين جيئن پاڻ پنھنجي سخن جو سچو ھو ڪنھن يار دوست سان انجامي ٿيو ته لکن جون محفلون ڇڏي ماني جي ٽڪر تي وڃي پھچندو ھو ۽ سڄي رات ڳائي صبح ڀنڀر ڪي جو سامان ساڻ ۽ شاگرد گڏ ھل منھنجا سائين ڳوٺ وري ڪنڌ ورائي نه ڏسندو ھو ته جنھن سڄڻ جي سڏ تي آيو ھو اھو ڪو راھه خرچ به ڏيئي ٿو يا نه چوندو ھو . ”ابا مدرسو پيو ھلندو پيسو پيسو ٿيندو ياري ياري ٿيندي پيسو ڪو ڪنھن کي ڦٻيو آھي. يا ڪنھن وٽ رھيو آھي رھندو نانءُ سائينءَ جو گھڻو ئي ٿا ڪمايون، اڄ جي ھٿين ٺلھا گھر وياسين ته گھر جا دروازا اسان تي به بند ڪين ٿيندا‛‛.

منھنجي خيال م استاد جي زندگي جو اھو انداز فقط سنڌي سماج جي پس منظر ۾ اڀريو ھو نه ته ھونئن مون کيس سندس ڦوھه جواني ۾ به ڏٺو ھو آءُ ننڍو ھوس حيدرآباد ۾ پڃراپور لڳ بزگرن جي پاڙ لڳ بخاري بادشاھه جو ميلو لڳندو ھو اتي راڳ جي محفل ٿيندي ھئي. مون کي ان ميلي ۾ ڏسڻ جو موقعو مليو استاد منظور علي خان اتي رجواڙو ڪوٽ برجيس ۽ رجواڙو پٽڪو پائي آيو ھو. ساز جي بدران سندس ڪلھن ۾ پستول پيل ھو چون ٿا ته ان زماني ۾ ڏاڍو مڙس ھو. ارڏائي جا مڻ ھئس، پر پوءِ وقت جي وھڪري اھي سڀ طوفان ختم ڪري ڇڏيا ۽ استاد جا مست مھراڻ وارا آرا ختم ٿي ويا، پاڻ ڪينجھر وانگر ماٺيڻو ٿي ويو. ڪيڏانھن ويا اھي ويس وڳا ڪيڏانھن ويا زوراوري وارا ٽاڻا ، بس سدائين کليو ڪرتو  ۽ شلوا ر ھر ھنڌ پيو مرڪون اوتيندو ھو. اھو انقلاب ھن جي زندگي ۾ ڪيئن آيو سا ته ڪنھن کي خبر نه آھي پر مان ذاتي طرح سان ائين سمجھان ٿو ته استاد مرحوم سنڌ جي سماج جي اعليٰ روايتن کي پنھنجو ڪيو جن ۾ به ارھه زوارائي جي مقابلي ۾ محبت جو مقدار گھڻو رھيو آھي سھڻ ۽ مڙڻ جنھن جو بنياد آھي ڳالھه ڪري ان سخن تي بيھڻ جنھن جو اھڃاڻ آھي انھي پس منظر ۾ منظور علي خان مون کي سدائين سپتاريو سنڌي لڳندو ھو.

آءُ اڳي چئي آيو آھيان ته مرحوم منظور علي خان ڪلاسيڪي گائيڪي جي چئن گھراڻن جو عالم ھو ۽ پنھنجي ڳائڻ ۾ نھايت جاندار ۽ سيبائتو ھو، پر سنڌي سماج ۾ ھن پنھنجو پاڻ کي اھڙو ته ملائي ھڪ ڪري ڇڏيو جو سندس اھا اصل سڃاڻپ ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويئي. سنڌ ۽ سنڌ جو راڳ سندس شناس بنجي ويئي. اھو ئي سبب آھي جو ھن جي ڪافين ڪلامن جي چونڊ نھايت اعلي ھئي بيت جو انتخاب ۽ استعمال وقتائتو مون ڪڏھن ڪونه ٻڌو ته منظور ليلا چنيسر جي ڪافي ۾ ڪو انھي سر کان ڪو ٻاھريون بيت ڏنو ڪلام جو موضوع مجاز ھجي يا توحيد يا وري ناصحاڻو، منظور علي خان بيت سدائين ڪافي جي مضمون موجب ڏنو. منھنجي ڄاڻ ۾ اھا خوبي تمام ٿورن ڳائڻن ۾ رھي آھي ورنه مون ته ڪيترن کي ائين ٻڌو ته راڻي جي ڪافي پئي ڳائجي ، ۽ بيت وري سسئي يا ليلا جا پيا ڏيندا ھئا، جيڪو اصولي طور غلط ھوندو ھو. اڄ ڪلھه اسان جا سمورا ڳائڻا انھي ڳالھه جو پورو خيال رکن ٿا. جنھن مضمون جي ڪافي انھي مضمون جا بيت ڏين ٿا. انھي جو ٻج به منھنجي خيال جي مرحوم جو ڇٽيل ھو اڄ اسان جا سمورا سيبتا ڳائڻا انھي رمز کي قائم رکيو پيا اچن. ۽ اھو سلسلو ڪڏھن به نه بدلبو جيتري قدر منظور وٽ بيتن ۽ ڪافين جي ذخيري جو تعلق ھو ته آءُ دعويٰ سان چوان ٿو ته استاد مرحوم وٽ ان جو اکٽ سلسلو ھو ڪلاڪ منو ھڪ ڪافي ڳائيندو ھو. ڪافي جون مصراعون چار پنج پر استاد بيتن جا اصل واھڙ وھائي ڇڏيندو ھو اھڙا سھڻا ۽ سٺا بيت جو اڄ تمام ٿورا ڳائڻ وارا اھي بيت ڳائين ٿا. ڪچو گفتو ۽ ڪچو بيت ته منظور علي خان کان اسان ڪڏھن نه ٻڌو جي چئبس ته استاد بيت گھٽ ڏيو ته وراڻيندو ھو ته مرزا صاحب بيت ڪافي جو سينگار آھي ڪافي جي مصراعن کي ٻڌڻ واري جي ذھن ۾ پڪو ڪري ٿو. شاعر جو روح ڪافي ۾ نه پر بيت ۾ ھوندو آھي روح ۽ جسم کي جدا ڪرڻ کان پوءِ قبرستان وڃي وسائجي ته سٺو بيتن ڪري ڪافي جي مضمون ۽ مفھوم کي سمجھڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي . ورنه لسي ڪافي مان ڪھڙو ساءُ ايندو ۽ ٻڌندڙ جو روح ڪيئن راض ٿيندو. مون کي پوءِ احساس ٿيو ته ھو سچ ٿو چوي انھي نوع ۾ لطف ھيڪاري وڌيو ٿو وڃي. اھا بي ڳالھه آھي ته استاد کي ٻڌڻ لاءِ دل جي ضرورت به ھئي ته وقت جي به. ھو ائين تڙ تڪڙ ۾ ٻڌڻ وارو ڳائڻو نه ھو ھن کي ٻڌڻ لاءِ دل جي سڪون ۽ وقت جي ضرورت رھندي ھئي. دل سان منظور کي جنھن ٻڌو سو ڄڻ سندس سرن جي سڳن م اصل سدائين لاءِ سلھاڙجي ويو. ڪافي جي ھم معنيٰ ۽ مفھوم وارا بيت ڏيڻ ۽ ڪافي کي وري انھن سان سينگارڻ اھو منظور علي خان جو ئي انداز ھو مون کيس تمام گھڻو ٻڌو، ۽ دل سان ٻڌو بي شمار محفلون ۽ مجسلون آھن جي اڄ به ياد آھن پر ھڪڙي رھاڻ اھڙي آھي جيڪا ڪڏھن به نه وسرندي. ھيءَ ڳالھه غالباً 1955ع جي آھي قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب حيدرآباد جي قلعي واري اسڪول غلام حسين ھدايت الله ھاءِ اسڪول ۾ سنڌي ڪافي ۽ پڪي راڳ جي رھاڻ جي ٻن ڏينھن واري ڪانفرنس جو اھتمام ڪرايو ھو. پھرين ڏينھن تي شايد ڪافي ڪلامن جي محفل ھئي. ۽ ٻئي ڏينھن تي ڪلاسيڪي موسيقي جي رھاڻ ھئي يا ان جي ابتڙ ڳالھه ھئي چٽي يادگيري نه رھي آھي پڪي راڳ جي محفل ۾ پاڪستان جا ڪيترائي نامور فنڪار شريڪ ھئا استاد اميد علي خان، امانت علي فتح علي خان نزاڪت علي خان، سلامت علي خان،ا ستاد حبيب الله بينڪار، زاھده پروين، شمشاد بيگم، قادر فريدي، علي بخش ظھور، ۽ استاد منظور علي خان جا نالا ذھن م موجود آھن اسان جي سانڀر ۾، ان کان پوءِ وري حيدرآباد ۾ ايڏي پيماني جي شاندار پڪي راڳ جي محفل نه ٿي ۽ نه وري ڪڏھن ٿيندي.

مخدوم طالب الموليٰ سائين جن جي ذاتي دلچسپي ۽ مالي مدد سان ان ڪانفرنس جو اھتمام ٿيو ھو. ھن موقعي تي ان حقيقت جي اظھار کي آءُ پنھنجو فرض سمجھان ٿو ته جيئن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سنڌي لوڪ ادب، راڳ ۽ ثقافت جي خدمت ڪئي آھي تيئن قبله مخدوم صاحب جن به ان ميدان جي انتھائي اعليٰ اڳواڻن مان ھڪ رھيو آھي مخدوم صاحب پنھنجي ماٺيڻي سڀاءَ جي لحاظ سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ ۽ وسندڙ ڳائڻن ۽ وڄتن کي پاڻ ھلي وڃي ڏٺو ھوندو. سير سفر سندن پسنديده مشغلو رھيو آھي ۽ شاعري ۽ سنگيت سندس روح  ۾ رچيل آھن پاڻ ذاتي طرح فقراءَ جو سرموڙ سرواڻ رھيا جتي جنھن آواز کي ٻڌائون ۽ سمجھيائون ته ھن ھمراھه ۾ مڙئي داڻا ڪڻا آھن ته سيکاري سمجھائي، اڳڀرو ڪيائون انھن ۾ ڳائڻا به آھن ته وڄتا به سگھڙ ۽ سالڪ آھن ته ظريف ۽ مسخرا به مخدوم صاحب جن انھن مڙني جي مدد به ڪئي ۽ ھمت افزائي به ھنن کي مختلف اسٽيجن تي اھڙا موقعا مھيا ڪرائي ڏنائون جو ھنن لاءِ نوان گس کلي پيا، عقل۽ علم جون نيون راھون روشن ٿي ويون ۽ وقت سان اھي مڙيئي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي سنڌي ثقافت جا وڏا نالا بنجي ويا منھنجو ذاتي خيال ۽ مشاھدو آھي ته مخدوم صاحب جيئن ته پاڻ پنھنجي سر ادب، شعر، ساز ۽ آواز جو تمام اعليٰ درجي جو پارکو آھي. انھي لحاظ سان سنڌي سماج جي خاص ادائن کي پنھنجي انداز ۾ عام ڪرڻ ۾ نھايت سرجوشي ڏيکاري مجلس يا ڪچھري اسان جي معاشري ۾ آڳاٽي وقت کان ھڪ اھم حصو رھيو آھي اوطاق يا اوتارا اھڙا ماڳ ھئا جتي اھڙيون محفلون مچنديون ھيون ڳالھين جا ڳھير، سگھڙ سالڪ، نقل نظير وارا دانا خوش مزاج ۽ ظريف راڳ ۽ ساز جا ماھر ڳائڻا ۽ وڄتا اھي مڙئي اھڙن ماڳن تي پنھنجو واس ڪري نه رڳو پاڻ کي خوش ڪندا ھئا پر بين ماڻھن جي روح کي به راضي ڪندا ھئا. اوطاق يا اوتارا، ۽ انھن کي قائم رکڻ وارا مٿير چڱا مڙس، وڏيرا ۽ مالوند مارو ھئا. جن سنڌ جي انھي سڳنڌ کي سلامت رکي، اسان جي عوامي فنن جي حفاظت ڪئي، ۽ اسان تائين پھچايو. اڄ ھي ڀيڻون ۽ ماڳ ڄڻ ته اجڙي ويا آھن. جديد دور جي تيز رفتار ترقي جتي سولايون ڪيون آھن اتي اھڙن ادارن کي به نقصان رسايو آھي اوطاقن جي جاءِ تي رستن جي ڀر ان قائم ڪيل چانھن جون ھوٽلون قائم ٿيون آھن جتي شام جو ٿڪل ماڻھو ويھي وڃي ٽيليويزن ڏسن، نه ميل نه ملاقات، نه سنگت نه ساٿ، ۽ نه ئي ھڪٻئي جي اھنج سھنج ۾ شريڪ ھرڪو ماڻھو ڄڻ ته پنھنجي منھن وڃي رھيو آھي. مخدوم صاحب جي ذڪر سان اھو مذڪور قطعي مناسب ڪونھي پر اھا حقيقت آھي ته مخدوم صاحب پڻ منھنجي ان راءِ سان متفق ٿيندو ته اسان جي اوطاق واري روايت ھاڻي بنهه پوين پساھن ۾ آھي بس ڪٿي ڪٿي پيو دونھڙو دکي باھڙي پئي ٽمڪي ٻيو مڙئي خير. مخدوم صاحب جن جي شخصيت سنڌ ۾ اھڙين ھستين مان ھڪ آھي جن اڃان انھي اداري کي سلامت رکيو آھي ۽ اڄ ڪڏھن راڳ جون رھاڻيون ته ڪڏھن ادبي محفلون منعقد ٿين ڪڏن سگھڙ سياڻا اچي گفتن جي ڪچھري ڪن ته ڪڏھن خوش مزاج دلين وارا پنھنجن نقلن نظيرن سان ماڻھن جون دليون وندرائين. ٻي پاسي اجتمائي طرح سان مخدوم صاحب جن جون محنتون ۽ ڪاوشون ڀٽ شاھه جي ميلي تي جميعت الشعراءُ سنڌ، بزم طالب الموليٰ يا پير حسن بخش شاھه ڊٺڙي واري ۽ محمد فقير کٽياڻ جي ميلن جي موقعن تي سندن اعليٰ درجي جي اڳواڻي رھي ان درگاه جي محفلن ۽ مجلسن سان مخدوم صاحب جن جو اڄ به تعلق قائم آھي. مطلب ته انھن مڙني موقعن تي سندس اعليٰ درجي جي اڳواڻي رھي محمد فقير کٽياڻ جي درگاھه ٽنڊي ڄام لڳ آھي جتي مخدوم صاحب کي راڳ جو سبق ڏيڻ وارو استاد سنڌي خان به دفن آھي. ان درگاھه جي نون ڳائڻن جي وڄتن کي اڳتي ڪري انھن جي ھمت افزائي ڪئي سنڌ راڳ ۽ ثقافت تي سندس اھو وڏو احسان آھي جيڪو ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي اھي سڀ ڳالھيون سنڌ جي ثقافت جي تاريخ جو حصو آھن اڄ انھن ڳالھين جو اھو اوج نه رھو آھي. مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن جيڪي پنھنجي ذات م انجمن جي حيثيت رکن ٿا اڄ جي دور جي روش ڪري گوشه نشيني جي عالم ۾ محض پنھنجي روحاني تسڪين لاءِ اھي محفلون مچايو ويٺا آھن . ۽ اجتمائي طور تي اھڙين محفلن ۾ بنھه نه جي برابر شامل ٿين ٿا پر دل سان سنڌ جي جي علم ادب فن ۽ ثقافت سان پنھنجي عشق جو ناتو نڀائيندا پيا اچن نام و نمود جا ڪڏھن قائل نه رھيا آھن پنھنجي نوع سان اھا باھڙي دکايو ويٺا آھن جتي ڪڏھن ڪڏھن اسان جھڙا آسائتا وڃي گھڙي پھر وڃي دل جو سک پرائي ايندا آھن ڇاڪاڻ ته:

سڃ ته مان سور لھي، اکين ڀري ٻاجھه
راڻي
جيءَ رھاڻ کي، ويٺي وجھان واجھه
سوڍا
! لھي ساجھه، پس توشڪون، تڪيا.

استاد منظور علي خان سان جناب مخدوم طالب الموليٰ جن جي آڳاٽي وقت کان ڏيٺ ويٺ ھئي سندس خاندان سان مخدوم صاحب جون تمام گھڻيون رھاڻيون رھيون،  ۽ ان جي رفاقت ۾ مخدوم صاحب جن پنھنجي جواني واري زماني ۾ پڪي راڳ ۾ تمام گھڻي مھارت حاصل ڪئي پاڻ نھايت خوش الحان آھن ۽ ھڪ به ڀيرا مون کين جھونگاريندي به ٻڌو غلام حسين ھدايت الله ھاءِ اسڪول ۾ انھي پڪي راڳ جي محفل قائم ڪرڻ به سندن انھي جذبي جي تسڪين جو سبب ھو جنھن ۾ ان وقت جي پاڪستان جا وڏا وڏا ۽ نھيايت نامور ڱني ڱو يا اچي گڏ ٿيا ھئا ، جن مان ھڪڙو مرحوم منظور علي خان به ھو ھتي ھڪ تاريخي حقيقت جو اظھار ڪرڻ مناسب سمجھان ٿو . جنھن مان مخدوم صاحب ۽ منظور علي خان جي پريت ۽ راڳداري جي ڄاڻ جو سھڻو مثال واضع ٿيندو مخدوم صاحب ڪلاسيڪي موسيقي جي روشني ۾ ھڪ ”ٽوڙي‛‛ ايجاد ڪئي ، ان ۾ منظور علي خان ساڻس شامل رھيو انھي ءُ جو نالو مخدوم محمد زمان جي جي نسبت سان ”زماني ٽوڙي‛‛ رکيو ويو. ڀٽ شاھ جي راڳ جي ھڪ محفل ۾ ، مخدوم صاحب جن جي صدارت ۾ منظور علي خان سرن جي وضاحت ڪندي مخدوم صاحب راڳ جي عملي ڄاڻ کي ساراھيندي زماني ٽوڙي ڳائي. ۽ واھ جو ڳائي ان تي پوءِ مخدوم صاحب مزيد ڪم ڪيو يا نه پر ايترو ضرور آھي ته مخدوم صاحب جن جي راڳ جي علم تي دسترس جي وضاحت ان رات سڀني کي نمايا طور محسوس ٿي ھئي. غلام حسين ھدايت الله اسڪول م مخدوم صاحب جن طرفان سڏايل پڪي راڳ جي ماھر گوين جي محفل جو بنيادي ڪارڻ به مخدوم صاحب جي انھي ذوق ۽ شوق واري جذبي جي تسڪين ھو ۽ جنھن  ٻين گني گوين سان گڏ منظور علي خان به ھو.

ساوڻ جي مند ھئي تن ڏينھن، مندن جا مزا موجود ھئا ھر موسم پنھنجي وقت تي ايندي ھئي ۽ محسوس  ٿيندي ھئي مينھن ۾ به سالن جا سنڌا ڪونه پوندا ھئا. ڪارونڀار ڪڪر ايندا ھئا ته وسندا به ھئا، وڄون ٿينديون ھيون ته وڏ ڦڙا مينھن به ايندا ھئا اڄ وانگر ڌرتي سالن تائين اڃي به نه رھندي ھئي سو ان موقعي تي مينھن پئي وٺا رات جو وقت ھو ماڻھن جو تعداد ڪو گھڻو ڪونه ھو پر جيڪي موجود ھئا اھي سڀ راڳ جا ڄاڻو ۽ سمجھو ھئا، ھر مينڍ ۽ مرڪ تي داد ڏيڻ وارا تان جو ۽ پلٽي کي ساراھڻ وارا ھئا. آڏو گويا به گويا ھئا، تن کي جو اھڙا سمجھو ٻڌڻ وارا مليا، ته انھن به ڪلاڪن جا منھن ڳايو ڪنھن خيال ۾ دنگ ڪيو ته ڪنھن ٺمري ۽ دادري سان ٻڌندڙن جو روح ريجھايو. استاد منظور علي خان، انھي موقعي تي خيال ۽ ٽپا ڳايا : اسان کي علم آھي ته استاد مرحوم جو والد جمالو خان ڌرپد ڳائڻ جو ماھر گويو ھو ڌرپد، ٻئي جو ڪمال آھي ۽ ٽپو گلي ۽ سرن جو نھايت اوکو انگ، اھي ٻيئي رمزون، منظور علي خان کي پنھنجي والد کان ورثي ۾ مليون پر منظور علي خان انھن ٻنھي گائڪي جي نمونن ۾ پنھنجي پيءُ کان وک وڌائي کنئي ۽ ان ۾ ڪمال حاصل ڪيائين ٻي پاسي استاد مرحوم پنھنجي وقت جي وڏي گني گويي، پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر جي گائڪي کان به گھڻو متاثر ھو. ڪڏھن ڪڏھن ھو بنھه پنڊت جي گائڪي جو ڏيکاءُ ڏيندو ھو. اھي مڙيئي علم، ان رات خان صاحب منظور علي خان جي گلي ۾ اچي گڏ ٿيا سرن کي اصل نچائي ٽپائي مڙني ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کي مست ڪري ڇڏيائين ھونئن پاڪستان جا مڙيئي گويا استاد مرحوم جي ڪلاسيڪي راڳ ڏي گھڻو ڌيان نه ڏيندا ھئا جو ھو سنڌ ۾ فن جي خدمت ۾ مصروف ھو، پر ان رات سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون، داد نه ڏيڻ وارا به دل سان داد ڏيڻ لڳس اھو موقعو ھو جنھن ۾ منظور علي، پاڪستان جي گوين تي بنھه واضع ڪيو ته سنڌ نه رڳو لوڪ موسيقي ۾ شاھوڪار آھي پر سنڌ ۾ پڪي راڳ جون روايتون علمي لحاظ کان، پاڪستان جي ٻين صوبن  جي ڀيٽ ۾ مٿڀريون آھن ھتي ناٽڪي انداز واري گائڪي نه آھي بلڪه علم سان ڀريل گن آھي ان محفل ۾ ساڻس طبلي تي مرحوم جمالو خان سنگت ڪري رھيو ھو. ان رات منظور علي پنھنجي انھي ديرينه رفيق کي به نچائي ڇڏيو. سارنگيءَ تي مرحوم نٿو خان ھو جنھن جون آڱريون سارنگي وڄائيندي وڄائيندي رتوڇاڻ ٿي ويون، پر واه نٿو خان واه جو توڙ نڀايائين اھو معرڪو مون کي ھميشه ياد رھندو ۽ منظور علي جو ڪمال به ڪڏھن نه وسرندو: ڇاڪاڻ ته ان وقت ھن جي ذھن ۾ فقط اھو نڪتو ھو ته سنڌ کي مڃائجي. سنڌ سان سندس محبت حياتيءَ جي آخري وقت تائين رھي. ساڳئي وقت منجھس اھي سنڌي خصلتون به وڌي وڻ ٿي ويون جيڪي سنڌ جي عام ٻھراڙين جي مٿير مڙسن ۾ ھونديون آھن مڙسي سان مھل کي منھن ڏيڻ ۽ ڏکي وقت تي سندرو ٻڌي پڙ ۾ ڪڏي پوڻ اھي مڙئي ڳالھيون منظور جي شخصيت جو حصو بنجي ويون. انھي ئي بناءَ تي ان رات پنھنجي فن ۽ علم جي زور تي پاڪستاني گوين جي دلين تي سنڌ جو ڌاڪو مڙسان مڙسي ۽ زوارن زوري ڄمايو منھنجي سانڀر ۾ منظور علي خان ان رات جي محفل ۾ جيترو سرھو ٿيو ھو اوترو ھو وري ڪڏھن به نه ٿيو ھوندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org