سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :2

شاھه لطيف يادگار ڪائونسل طرفان 203 عرس جي تقريبن جو اھو اھتمام ڀٽ کان ٻاھر ڪيو ويو ھو ۽ ان بعد وري ڪڏھن نه اُٿل آئي نه ٻوڏ آئي، گھڻا مينھن وٺا ڪراڙ اٿل به کاڌي ته به اسان جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن ڀٽ تان ڀيرو نه ڀڳو. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ به سنڌ سرڪار جي ثقافتي مرڪز لاءِ منظور ڪيل رٿ تي ڪم جو سللو جاري رھيو ۽ سنه 56-1955ع ڌاري فقط موجوده ريسٽ ھائوس جڙي راس ٿيو. ورسي جون تقريبن ساڳي طرح ٻگھين جي پاڙي لڳ موجوده آڊيٽوريم واري جاءِ تي پنڊال ۽ محفلون مچنديون رھيون.

30 آگسٽ 1958ع تي شاھه جي 206 عرس جي تقريبن جو اھتمام آھي، ھي ميلو ان لحاظ کان اھم آھي جو ھن موقعي تي ان وقت جو صدر پاڪستان ۽ سندس گھر واري سڪندر مرزا ۽ ناھيد سڪندر مرزا آيا اھو پھريون موقعو ھو جو ملڪ جي ھڪ سربراھه شاھه جي ميلي تقريبن جو افتتاح ڪيو. ھن موقعي تي اسان جي دوست ظفر ڪاظمي جي ٺاھيل تصويرن جي نمائش موجوده ريسٽ ھائوس جي ڊرائنگ روم ۾ منعقد ٿي، جيڪا سڪندر مرزا ۽ سندس گھر واري وڏي شوق سان ڏٺي. شاھه جي ڪلام ۽ سورمين جي پس منظر ۾ جيتري قدر مون کي ڄاڻ آھي سڀ کان پھرين جنھن مصور تصويرون ٺاھيون اھو ٺڪر ڪرپالاڻي ھو، جنھن سھڻي، سسئي، مارئي، ليلا ، مومل ۽ نوري وغيره جون تصويرون به ٺاھيون. اھي اسڪيچ ھئا ۽ پوءِ مختلف ڪتابن ۾ شايع ٿيا. ان کان پوءِ اسان جي مصورن مان سڀ کان پھريون نالو شايد محترم ظفر ڪاظمي جو ئي آھي جنھن شاھه جي سورمين جون واٽر ڪلر ۾ تصويرن تيار ڪيون ۽ انھن جي باقائدي نمائش شاھه جي ھن 206 عرس تي ٿي. ان کان پوءِ گل محمد کتري دارا ابڙي ۽ منور ميمڻ ھن ميدان ۾ قدم رکيو. شام جو پنڊال ۾ وڏي تقريب منعقد ٿي. جنھن ۾ ميران محمد شاھه مھمان خصوصي جي خدمت ۾ سپاسنامو پيش ڪيو. راڳ جي محفل ۾ پير بخش شڪارپوري ( شرنايون ) حسين بخش خادم (ڪافي سڙھه سڃاڻا سڄڻين پھاڙي) مير محمد خان (نڙ ڀيروي) نارو ڀڳت (ڪافي: ڪاڪيون قريقبن اڳيان ڪتيم ڪين ڪي ڇا ٻڌايان) تلنگ) مصري خان جمالي (بينون مانجھه) ۽ استاد منظور علي خان (ڪافي وينديس يار مري تان مري ڀيروي حصو وٺي مھمانن کي ونرايو 31 آگسٽ 1958ع واري ٻي نشست جي صدارت پروفيسر غلام مصطفي شاھه ڪئي جنھن ۾ شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم خليل ۽ آغا شھاب الدين مقالا پڙھيا ۽ علي محمد خالدي، مرزا گل حسن، احسن ڪربلائي ۽ خادم رفيقوي جن شعر پڙھيا. راڳ جي محفل ۾ زواربسنت فقير ( شرنايون) قاسم علي شاھه (ڪافي) محمد اسماعيل ( بنجو : ڪوھياري)، خميسي خان ( بينون تلنگ) گل محمد ماڇي (وائي ) قادر بخش ( مرليون ) دين محمد شيخ ( ڪافي) مير محمد خان (نڙ) حليم پيرزادي ڪافي فقير اميد بخش ڪافي مائي الله وسائي ڪافي مصري خان جمالي بينون نارو ڀڳت ڪافي مصري فقير ڪافي ۽ استاد منظول علي خان ڪافي حصو ورتو. ھن ورسي جي آخري نشست ۾ جيڪا شام جو منعقد ٿي ان ۾ پڻ راڳ ساز ۽ شعرن ۽ مقالن جي محفل ٿي.

سنه 1954ع ۾ سنڌ حڪومت جنھن ثقافتي مرڪز جي تعمير جو فيصلو ڪيو ھو تنھن بابت سن 1957ع ڌاري ثقافتي مرڪز بابت ھڪ تفصيلي رٿا ڪاميٽي طرفان تيار ٿي ۽ اھا ان وقت جي اولھه پاڪستان سرڪار منظول ڪئي. ۽ مرڪز جي تعمير لاءِ 35 لک 50 ھزار 4 سئو 70 رپين جي گرانٽ منظور ڪئي. جنھن مان 15 لک رپيا پھرين قسط طور ثقافتي مرڪز جي حوالي ڪيا ويا. ان ڏس ۾ بلڊنگ ۽ روڊس کاتي جي ھڪ انجنيئر کي پرڏيھه موڪليو ويو ته جيئن ھو دنيا جي ٻين ثقافتي مرڪزن جي تعمير جو جائزو وٺي اچي.

سنه 1958ع ۾ ئي اولھه پاڪستان سرڪار ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪزي ڪاميٽي کي سرڪاري سطح تي ٻيھر منظم ڪيو. جنھن جو پھريون چيئرمين حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر مرحوم نياز احمد ۽ آغا تاج محمد مرحوم ان جو پھرين اعزازي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. آغا صاحب ستت ئي وفات ڪئي ۽ ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي جو اعزازي سيڪريٽري منھنجو محسن استاد ملڪ جو نامور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقرر ڪيو ويو.

اھا ھڪ حقيقت آھي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جڏھن ثقافتي مرڪز جي ڪاروبار کي پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ته ان وقت ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز جي فقط ھڪ عمارت موجوده ريسٽ ھائوس موجود ھئي. ٻيو سڄو علائقو ميدان ئي ميدان ھو. ڊاڪٽر صاحب پڻ پھريون ميڙو طنبن ۽ پنڊالن ۾ لڳرايو. شاھه جي شيدائين آڳاٽو ھڪ سھڻو سپنو ڏٺو ھو. جنھن جو مقصد لطيف جي ياد قائم ٿيڻ واري ثقافتي مرڪز جا اڻ لک چٽ ھئا، ڊاڪٽر صاحب انھن صاحبن سان ان وقت به ڀيڙو ھو ۽ سنڌي سماج ۾ شاھه جي مان ۽ مرتبي کان پڻ احسن طور تي واقف ھو. ثقافتي مرڪز جي ترقي ۽ تعمير سندس به خواب ھو ۽ اھو موقعو کيس مليو ته ھو ان حسين خواب کي حقيقت جي صورت سنڌ توڙي ٻين علائقن جي ماڻھن آڏو پيش ڪري. ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڏي جذبي ۽ عقيدت سان انھي اعليٰ ڪارنامي سرانجام ڏيڻ لاءِ رات ڏينھن ھڪ ڪري محنت ڪئي. ھتي مرحوم نياز احمد، ثقافتي مرڪز جي پھرين چيئرمين کي جس نه ڏيڻ بدديانتي ٿيندي، جنھن صاحب کي به حيدرآباد ڊويزن جي ترقي ۽ بھتري جو وڏو شوق ھو. ھن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ھر ڳالھه ۽ راءِ کي پنھنجي فيصلي جي صورت ۾ ظاھر ڪيو. نتيجي طور ثقافتي مرڪز جي تعمير جنھن جي پيڙھه جو پٿر 1954ع ۾ رکيو ويو ھو ان دوران فقط ”عالمن لاءِ ريسٽ ھائوس‛‛ جڙي راس ٿيو ھو ان ۾ تيزي آئي ۽ 1959ع کان مکيه جلسي گاھه لئبرري، ميوزم، مطالع گھر جي تعمير جي ڪم جي شروعات ٿي. انھن عمارتن جي حسن ۽ ڏيک ۾ اسلامي انداز اختيار ڪيو ويو ۽ ھالا جي ھنر مند ڪاشيگرن کان سرون جوڙائي عمارتن کي سينگاريو ويو. اھي مڙئي عمارتون سن 1961ع ۾ ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ جڙي راس ٿيون 28 ۽ 29 جولاءِ 1961ع تي 209 عرس جي موقعي تي پاڪستان صنعت ۽ قدرتي وسيلن جي تڏھوڪي وزير جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب انھن عمارتن جو افتتاح ڪيو. لطيف جي سالياني عرس جون تقريبون پھريون ڀيرو انھن عمارتن ۾ منعقد ٿيون ۽ اڄ به عرس جي مڙني تقريبن جو اھتمام انھن ئي عمارتن ۾ ٿئي ٿو. سن 1964ع ۾ 212 عرس جي موقعي تي پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ تڏھوڪي اولھه پاڪستان جي ريلوي جي وزير جناب محمد خان جوڻيجي لطيفي راڳ جي اداري جي ھاسٽل جي عمارت جو پيڙه وارو پٿر رکيو، جيڪا 1965ع ۾ جڙي تيار ٿي ۽ ان م عرس جي موقعي تي آيل مھمانن جي رھائش جو انتظام ڪيو ويندو ھو ۽ اڄ به ميلي جي موقعي تي آيل مڙني مھمانن کي اتي ٽڪايو ويندو آھي. ان پس منظر مان اھا حقيقت واضع ٿي وڃي ٿي ته لطيف سائين جي ننڍڙي وسايل ڳوٺ ڀٽ شاھه کي سندس شان ۽ مان سان سينگارڻ جا سعيا جيڪڏھن ڪن آڳاٽن عالمن سنڌ جي ثقافت ۽ ادب جي گھڻگھرن خصوصا سيد ميران محمد شاھه سيد غلام مرتضي شاھه سنائي، پيرزادي عبدالستار ڪيا ته انھن کي عملي صورت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنه 1958ع کان 1964ع واري عرصي ۾ ڏني. ڀٽ تي اڄ جيڪي اھي مڙئي جنسار ڏسجن ٿا باغ باغيچا وڻ ۽ ٻوٽا نظر اچن ٿا، انھن جو ٻج ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پنھنجو رت ست ڏئي ڇٽيو ۽ پوءِ انھن کي وڌائي ويجھائي ان منزل تي پھچايو جو اڄ اسان لطيف جا پانڌيئڙا انھن جي ٿڌي ڇانو ۾ ويھي سک سان پنھنجي اعليٰ شاعر جي اھڃاڻن ۽ آثارن بابت سوچڻ ويچارڻ جھڙا ٿيا آھيون. منھنجي خيال م ھن ثقافتي مرڪز جو اڏيندڙ يا معمار ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ئي آھي جنھن کي سنڌ جي ثقافتي توڙي لطيف جي عاشقن جي تاريخ ۾ سدائين سٺن لفظن سان ساريو ويندو.

ٻي پاسي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اعزازي سيڪريٽري ھئڻ واري زماني ۾ شاھه صاحب جي ڪلام ۽ پيغام جي باري ۾ جديد انداز ۽ تحقيق ۽ تدوين لاءِ ثقافتي مرڪز ڪاميٽي طرفان سنه 1966ع ۾ لطيف سائين جي مستند سوانح ۽ رسالي جي جامع ۽ معياري متن مرتب ڪرڻ لاءِ ھڪ تفصيلي رٿا منظور ڪرائي جنھن تحت شاھه جي سوانح بابت بنيادي ڪتاب ۽ رسالي جي آڳاٽي مختلف ترتيب وارن قلمي نسخن کي شايع ڪرائڻ جو اھتمام ڪيو. اھي ڪتاب پنھنجي مواد ۽ سوانح بابت بنيادي ماخذ آھن، جن جي آڌار تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب رسالي جي جامع ۽ معياري متن جي ترتيب ۾ مصروف آھي ۽ انشاالله رسالي جو پھريون جلد جلد ڇپجي پرھندڙن جي ھٿن ۾ ايندو جنھن سان رسالي جي طالب علمن خواه عالم لاءِ تحقيق جون نيون راھون روشن ٿينديون.

سنه 66-1965 کان وٺي سنه 1970 تائين مختلف حالتن جي ڪري ثقافتي مرڪز جون سرگرميون  ميلي جي موقعي وارين تقريبن تائين محدود رھيون. البته تحقيقي اداري طرفان ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو جاري رھيو. ميلي ۾ حڪومت جا سربراھه اچڻ کان ڪيٻائڻ لڳا تان جو سنه 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽو ۽ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي حيثيت قائم ٿي. سنه 1976ع م سنڌ سرڪار ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي جي نئين سرتشڪيل ڪئي، جنھن جو چيئرمين ان وقت سنڌ جو وزير تعليم ثقافت جناب پيار علي الانا ٿيو، ۽ سيڪريٽري شعبه ثقافت حڪومت سنڌ جو تڏھوڪو ڊائريڪٽر ۽ موجوده سنڌ سرڪار جو ثقافت ۽ سياحت واري کاتي جو سيڪريٽري محترم عبدلحميد آخوند کي مقرر ڪيو ويو.

حميد آخون سنڌ جي ھن اعليٰ ثقافتي مرڪز جي ڪاروبار سنڀالڻ سان ثقافتي مرڪز جي تعمير ۽ ترقي لاءِ جديد لاڙن مطابق سوچڻ شروع ڪيو. جنھن زماني ۾ ھن مرڪز جي رٿ رٿي وئي ھئي ان وقت فنون لطيفه جي باري ۾ جديد سائنسي ترقي ايڏي گھڻي نه ھئي، ان لحاظ کان جيڪي عمارتون جڙيون سي ان وقت جي پس منظر ۾ نھايت مناسب ھيون پر وقت گذررڻ سان انھن ۾ تبديلين جي ضرورت محسوس ٿي. ساڳي وقت عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ورسين ۾ سياسي وڳوڙ ۽ ھڻ وٺ ڪري ميلي جون ڪارروايون مناسب ۽ موزون نموني ۾ نه ھلنديون ھيون، حميد سڀ کان اول انھي پاسي ڌيان ڏنو ۽ نھايت نيڪ جذبي سان ذرو ذرو ڪري کنيو ۽ ھن ڀيڻي جي ڀلي ماحول  کي سھڻو ۽ ٻڌجڻ جوڳيو بنايو. اڳ ھن ميڙي ۾ مرڪزي خواه صوبائي حڪومتن جا سربراھه وڏي اتساھه ۽ شوق سان لطيف جي وسايل ڀٽ تي اچي سلامي ٿيندا ھئا جنھن جي نتيجي ۾ وقت جي حڪومتن جي سرپرستي ھن عظيم ثقافتي مرڪز سان شامل رھندي پئي ايندي ھئي پر بعد ۾ سياسي وڳوڙن ڪري حڪومتي نمائندي جي شرڪت ختم ٿي وئي ۽ جنھن مقصد ھيٺ ھن مرڪز جو بنياد رکيو ويو ھو سو تقريبا ختم ٿي ويو. حميد پنھنجي ھمت ۽ سچي جذبات سان انھي ماحول کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي سر جوشي ڏيکاري نوجوان نسل کي احساس ڏياريو ته ھي ادارو سنڌ جي سونھن آھي ۽ ان جي نيڪ نامي سنڌ جي ناموس آھي. مون کي ياد آھي ته اسان جي نوجوان شاگردن حميد کي مايوس نه ڪيو ۽ انھن وڏي چاھه سان ميلي جي تقريبن کي ڪامياب بنايو. جس جڳائي انھن جوانن کي جن پنھنجي شاعر، لطيف جي محبت ۾، سڀ سھڻ جي باوجود ميڙي ۾ سرڪاري تقريبن کي سھڻي سٽاءَ سان ھلائڻ ۾ ساٿ ڏنو. اھو محض حميد آخوند جي ھمت ۽ سرجوشي جي ڪري ٿيو. ساٿ وارو سلسلو اڃان به جاري آھي. جيتوڻيڪ انھن ميلن جي موقعن تي ڪڏھن ڪي لاھا چاڙھا ايندا ئي رھندا آھن. پر ان ۾ ڪنھن جي اھا خواھش نه ھوندي آھي ته ھو لطيف جي راڳاين کي حاضري ڀرڻ يا چوڪي ڏيڻ کان روڪين. بحرحال حميد آخوند پنھنجي بيڊپائي صاف گوئي توڙي ھمت سان ڪڏھن دڙڪو ته ڪڏھن ڳراٽڙي پائي نوجوانن کي انھي ڳالھه جي احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته لطيف جو ميڙو اسان جي اخلاق، تھذيب، تمدن، ادب ۽ ثقافت جو اعليٰ نشان آھي ۽ ان کي وڌائڻ ويجھائڻ ھر ھڪ سنڌي جو پھريون فرض آھي. ماڻھو ايندا ۽ ويندا رھندا ڪي ٺاھيندڙن جي قطار ۾ نظر ايندا ته ڪي وري ڊاھيندڙن جي صفن ۾ بيٺا ھوندا.

تاريخ جو وھڪرو سڀ ڪنھن جي جي عمل کي ڏسي ٿو ۽ ان کي محفوظ رکي ٿو انھي ڪري پاڻ کي ٺاھيندڙ بنايو ڦٽائيندڙ نه. انھي پيار واري پر خلوص صلاح سان حميد آخوند ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز جي اسٽيج کي ھڪ دفعو وري نئين سر سينگاريو ۽ سنواريو ھن وڏي اعتماد سان جلسن جون ڪارروايون ھلايون ۽ شاھه جي راڳائي فقيرن جي دل کولي ھمت افزائي ڪئي.

ساڳي وقت حميد ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪزي جي مکيه جلسي گاه جي اسٽيج کي سھڻي ۽ جديد انداز سان بدلايو اڳ ته ھيئن ٿيندو ھو جو اسٽيج تي ڳائڻن ۾ وڄتن سان گڏ ٻيا ماڻھو به اچي چڙھي ويھي رھندا ھئا. ايئن جو وک کڻڻ جو موقعو به نه ملندو ھو حميد انھي صورت حال کي مٽائڻ لاءِ اسٽيج کي مختصر ڪرائي ڏسڻ جھڙو ڪيو ۽ ان سان راڳائي خواھه وڄتا ڏسندڙن لاءِ چٽا ۽ پڌرا ٿي پيا ۽ انھن ڏسندڙن جي اھا تڪليف به ختم ٿي ته ڪي نظر نٿو اچي. ساڳي وقت ٺاھه جوڙ ۽ سٽاءَ جي سينگار سان اسٽيج جي ڏيک نھايت گھڻي سونھن پيدا ٿي ڳائڻن ۽ وڄتن جي ويس کي صاف سٿرو ۽ ڏسڻ جھڙو بنائي انھن جي نماءَ ۾ به نمايان فرق جو بنياد رکيائين. انھن مڙني تبديلين ڪري لطيف جي ورسي جي انھن تقريبن جي حسن ۾ نمايان واڌارو ٿيو ۽ ڏسندڙن ان فرق کي محسوس ڪري دل سان ساراھيو.

ٻي پاسي ثقافتي مرڪز جي سرگرمين ۾ تحقيقي ڪمن کي اڳتي وڌائڻ خاطر ، آخوند صاحب نھايت ڪارائتيون رٿائون تيار ڪيون سڀ کان اول آڳاٽي وقت کان وٺي مقرر ٿيل مختصر گرانٽ ۾ تمام گھڻو واڌارو ڪرايو. انھي ڏس ۾ اڳي ھر ميلي جي موقعي تي حڪومت جي سربراھه شخصيتن جي آڏو گذارشون ڪيون وينديون ھيون پر ان مان ڪڏھن ھڙ حاصل نه ٿيو اھو محترم حميد آخوند جي رات ڏينھن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو آھي جو حڪومت طرفان ايتري مالي امداد ملي ٿي جنھن سان ثقافتي مرڪز پنھنجن پيرن تي اچي بيٺو آھي ۽ حميد ان کان علاوه ميڙي جي تيارين جي لاءِ علحده رقم منظور ڪرائي آھي جيڪا روزمره جي خرچ ۾ ايندڙ گرانٽ کان ڌار آھي. تحقيق واري اداري لاءِ پڻ جدا مالي مدد حاصل ڪئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ اشاعتي ۽ تحقيق سلسلن ۾ خاطر خواھه آساني پيدا ٿي آھي. شاھه جي رسالي جي جامع ۽ معياري متن جي اشاعت ۽ خاصي پيش رفت ٿي ۽ انھي اھم تحقيقي ڪارنامن جي ڇپائي جو ڪم ھلندڙ آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي واري رسالي کي ٻيھر ھڪ ئي جلد ۾ شايع ڪيو ويو ۽ ان جي گھرج ايتري ھئي جو ان جو پھريون ايديشن نئون ھٿو ھٿ وڪامي ويو نتيجي طور ان جو ٻيو ايڊيشن شايع ڪرايو ويو. ان کان علاوه سنڌي اردو ۽ انگريزي ۾ شاھه جي ڪالم جا ترجما شايع ڪرايا ويا ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيقي ۽ اشاعتي ڪم جاري آھي.

محترم حميد آخوند سنڌ جي ھن عظيم مرڪز جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ان لحاظ کان به تحسين لائق آھي جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھن اداري جي تعمير جو ڪم جتي ڇڏيو ھو اتان سالن جي سنڌي کان پوءِ حميد نھايت ھمت ۽ سرجوشي سان اثرائتا اپاءُ ورتا ۽ سنڌ جي حڪومت کان مختلف ترقياتي رٿائن لاءِ رقمون حاصل ڪري اڏاوت ۽ مرمت جا سھڻا مناسب قدم کنيا. انھي سلسلي ۾ موجوده سنڌ سرڪار توڙي ان کان اڳ واري مارشل لاءِ حڪومت جي صاحبن ثقافتي مرڪز جي دل کولي امداد ڪئي. اڳي ميلي جي موقعي تي حڪومت طرفان ڪوبه صاحب درگاھه توڙي ثقافتي مرڪز جي تقريبن ۾ اچڻ کان ڪيٻائيندو ھو حميد آخوند ان روايت کي ختم ڪيو ۽ سنڌ جي تڏھوڪي گورنر جناب جھانداد خان کي گذارش ڪئي ته ھو عرس جي تقريبن جو پاڻ پنھنجي سر لطيف جي درگاھه ۾ حاضري ڏيئي افتتاح ڪري. اھو سلسلو شروع ٿيو، ان بعد جڏھن محترم سائين غوث علي شاھه سنڌ جي وزارت اعليٰ جي منصب تي آيو ته ان کي به راضي ڪري درگاھه شريف توڙي ثقافتي مرڪز جي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ لاءِ آماده ڪيائين. محترم سائين غوث علي شاھه صاحب جو ھن ثقافتي مرڪز سان ھوئن به دلي لاڳاپو پئي رھيو آھي. پاڻ جڏن سنڌ جي تعليم، ثقافت، قانون ۽ راندين جا وزير ھئا تڏھن به وقت بوقت ثقافتي مرڪز جي مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪندا رھيا ھئا ۽ جڏھن پاڻ نئين ذميداري سنڀاليائون ته اھو پنھنجو فرض سمجھي ثقافتي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيا ۽ فقيرن توڙي ڪارڪنن جون دل کولي امدادون ڪيائون.

سنه 1984ع ۾ ان وقت جي گورنر سنڌ جناب جھانداد خان ثقافتي مرڪز جي ترقي لاءِ چند تجويزون پيش ڪيون جن ۾ لطيفي راڳ جي محفوظ ڪرڻ لاءِ ھڪ اسٽوڊيو، شاھه تي ڪم ڪندڙ عالمن ۽ محقق توڙي فقيرن جي نالي تي رکيل وڻن سان سينگاريل شاھه جو باغ بنائڻ ۽ شاھه جي ڪردارن تي مبني ڊائيوراما جوڙڻ خصوصي طور تي ذڪر لائق آھن. ھن جاءِ تي شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي جو تڏھوڪي چيئرمين جناب علي محمد جي شيخ صاحب جو ذڪر نه ڪرڻ وڏي ڪوتاھي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته حميد آخوند پنھنجن محنتن ۽ ڪوشس ۾ انھي ڪري ڪامياب ٿي سگھيو جو محترم شيخ صاحب جو مٿن سچو اعتماد ۽ ڀروسو ھو ھن صاحب حميد آخوند جي ھر تجويز جي پٺڀرائي ڪئي ان جي الف کان ي تائين واري تياري ۾ ذاتي طور تي دلچسپي ورتي نتيجي طور حميد جي محنت ۽ شيخ علي محمد جي سرجوشي ٻنھي جي امتزاج سان ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز جي ترقي ۽ ترويج جي نئين باب جي شروعات ٿي آھي. ۽ اھو نيڪ قدم آھي. جس جڳائي شيخ علي محمد صاحب اڳوڻي ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن ۽ چيئرمين ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي کي جنھن پنھنجي بي انتھا سرڪاري فرضن جي باوجود ثقافتي مرڪز لاءِ سھڻيون صلاحون ڏنيون ۽ مرڪز جي ڪم کي ھڪ ڪرو ھلائڻ لاءِ حميد آخوند صاحب تي اعتماد ڪيو ۽ حميد به ان اعتماد کي ڪڏھن نقصان نه رسايو ھميشه ھر ڪم مدعا کان اڳ پوري ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي. سو ڳالھه ھلي پئي جنرل جھانداد خان جي تجويزن جي انھن ٽن مکيه ڪمن مان پھرين ”شاھه جو باغ قائم‛‛ ڪرڻ جي رٿ ھٿ ۾ کنئي وئي، باغ جنھن ۾ وڻ ٻوٽا لڳڻا ھئا شيخ علي محمد صاحب ٻيلي کاتي جي مدد سان زمين ھموار ڪرائي ڇٻر ۽ ٻوٽا رکائي 1 اپريل 1985ع تي شاھه لطيف جي نالي تي پھريون وڻ مشھور جرمن مستشرق خاتون ايني ميري شمل کان رکايو، انھي ڏينھن تي شاھه جي رسالي جي پھرين ڇاپيندڙ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ياد ۾ لطيفي درگاھه جي سجاده نشين پير غلام شبير شاھه ۽ ڀٽائي جي ڪلام ۽ راڳ جي اولين سرواڻ تمر فقير جي ياد ۾ جناب علي محمد شيخ اڳوڻي چيئرمين ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ۽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن وڻ رکيا. اھڙي طرھ موجوده ريسٽ ھائوس آڏو ڦٽل ميندان ۾ تاريخ جو ھڪ نئون ورق وريو. ستت ئي باغ کي سھڻي لوھي جنگلي سان بند ڪري ان ۾ لان تيار ڪيا ويا ۽ نھايت ديده زيب گنبذ نما ڇٽي به جوڙائي راس ڪئي وئي. شاھه جي باغ جو افتتاح سنڌ جي تڏھڪي گورنر صاحب جھانداد خان 29 آڪٽوبر 1985 / صفر 1406 ھه تي ڪيو ساڳئي ڏينھن سنڌ جي گورنر شاھه جي ڪردارن سسئي، سھڻي، مومل راڻي ۽ نوري ڄام تماچي جي لائيف سائيز ڊرائيور اما پڻ ڏٺا، جيڪي محترم ظفر ڪاضمي حميد آخوند جي نگراني ۾ رات ڏينھن ھڪ ڪري تيار ڪيا. انھن ڊائيوراما جي خصوصيت اھا به آھي جو جيڪي ڪجھه منظر ۾ ڪردارن جي ڪيفيت ڏيکاري وئي. آھي.ان بابت شاھ جي بيتن موجب صوتي سمجھاڻي به تيار ڪئي وئي آھي. جيڪو ڏسندڙ منظر آڏو بيھي ننڍڙن ٽيپ رڪارڊرن وسيلي ڪنن م ٻڌڻا ھيڊ فون وجھي سمجھي ۽ ٻڌي سگھي ٿو ته اھا سمجھائڻي سنڌي اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ آھي. انھي ڏينھن سنڌ جي گورنر ميوزڪ اسٽوديو جو پڻ افتتاح ڪيو جنھن ۾ جديد سمعي ۽ بصري اوزار خريد ڪري رکيا ويا آھن. ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي طرفان ثقافتي مرڪز جي اشتراڪ سان شاھه لطيف جي حياتي بابت ھڪ مختصر پر اثرائتي ويڊيو فلم پڻ گورنر کي ڏيکاري ويئي جنھن جو پروڊيوسر سنڌ جو مشھور ڪھاڻيڪار امر جليل ھو. انھي فلم جو ڪيسٽ بعد ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب گورنر سنڌ کي تحفي طور پڻ پيش ڪيو. حميد آخون جي تجويز تي شاھه جي باغ لڳ لطيف لائبرري جي رٿ تيار ٿي جنھن ۾ پيڙھه جو پٿر سنڌ جي تڏھڪي وزير اعلي جناب غوث علي شاھه صاحب 21 آڪٽوبر1986ع تي رکيو ان لائبرري کي جديد بنيادن تي تيار ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن. ۽ انشاءَالله تمام جلد ان جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿي ويندو. انھي جي تعير کان پوءِ شاھه تي تحقيق ڪندڙن عالمن ۽ اديبن لاءِ نھايت سھوليت پيدا ٿيندي جو تجويز مطابق شاھه صاحب بابت جملي ڪتاب، قلمي توڙي ڇاپي، اسلامي تصوف ۽ دنيا جي وڏن شاعرن جي فن ۽ فڪر تي پڻ ڪتاب جمع ڪري رکيا ويندا. انھي موقعي تي سائين غوث علي شاھه صاحب سنڌ جي عظيم محقق ۽ شاھه جي عالم عمر بن محمد دائود پوٽي جي نالي ۾ شاھه جي باغ ۾ وڻ به پوکيو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org