سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو :7

183- آخوند احمد سانوڻي هالائي

        عالم، فاضل شاعر حافظ آخوند احمد  قادريه طريقي جو فقير ۽ پير سيد علي گوهر بن پير صبغة الله بن سيد پير محمد راشد روضي ڌڻي جي مريدن مان هو. سموري زندگي تعليم ۽ تعلم ۽ شعر گوئي ۾ گذاريائين. حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ سندس وڏي عزت ۽ مان هو. مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان ولد مير نصير خان وٽس تعليم حاصل ڪئي ميرن جي ڪيترن صاحبزادن  جي ڄمڻ  جون تاريخون لکيون اٿس. ۽ ڪن جي وفات تي به قطعات آهن. هو  تاريخ جي ماده ڪڍڻ واري فن ۾ بلڪل يڪتا زمانه هو. سندس هم عصرن مان آخوند اُميد علي سها  هالائي ۽ مولوي احمد ڀٽائي سان شعرن جو تبادلو ۽ تتبع ٿيندو رهيو آهي. عربي فارسي، سنڌي ٽنهين زبانن ۾ ڪلام موزون ڪندو هو. وڏو عابد زاهد متقي هو. جنهن ڪري ڄمار به تمام وڏي حاصل ٿي هئس يعني ته هڪ سئو سال کان به وڏي ڄمار حاصل ڪري، پوءِ وصال ڪيائين ۽ پنهبنجي هم عصر دوست آخوند اُميد علي جي وفات جو به پاڻ مرثيو لکيو اٿس. جو اُميد علي جي تذڪره ۾ درج آهي.

آخوند اُميدعلي نقشبندي طريقي جو صوفي هو. مگر ان هوندي به بهادر نالي پنهنجي شاگرد تي نظارو رهندو هوس.

        هڪ دفعي اُميد علي بهادر جي شان ۾ هيٺئين رباعي ارشاد فرمائي.

بهادر چه دري ست پاکيزه

نباشد چنين گوهر در صدف

نه هر جوهري قدر او را شناخت

بهادر گران را مده با خزف

        آخوند احمد مرحوم انهيءَ  قطعي جي جواب ۾ فرمايو ته:

بهادر نه دري ست پاکيزه

ز خرمهر ارزان برابر خرف

چو شعراء تابع غوا گفته حق

تو داناي هستي مفرما قذف

        انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان ٻنهي شاعرن جا دگها سوال جواب هليا آهن،جن کي اختصار سبب هت ترڪ ڪيو وڃي ٿو.

        هڪ ڊگهو منظوم عربي خط مولوي  احمد ڀٽائي کي  لکيو اٿس، جنهن ۾ فرمائي ٿو.

فيامن هو احرق قلبنا بنار هجرڪ

فيجمع بيننا رب الخلائق

        هن  عربي خط جي اخير ۾ عربي کان پهلو بدلائي فارسي ۾ خطاب ڪري ٿو.

شوق زياد گشتر بسوي وصال تو

ليکن بدست خويش ندارم زمام را

چون اختيار نيست مرادر طريق وصل

 

پس اختيار کردم اينک کلام را

احمد صبور باش که ناگهه صبا رسد

از بوءِ گل معطر سازم مشام را

        فارسي عربي ڪلام کان پوءِ سندس سنڌي ڪلام جو نمونو هڪ قطعه تاريخ ۾ معائنه ڪري سگهجي ٿو.  جو سيد خان محمد شاهه سنائي جي تعمير مسجد جي سال لاءِ لکيو اٿس. فرمائي ٿو:

سيد خان  محمد مسجد جوڙائي گهڻي هيج منجهاءِ

شروع مهيني رجب ۾ پوري شب قدرا

تاريخ اُنجي سال جي چئي ان پر هاتفا

مسجد سڳوري، گهر خدا ڀلي جو آهه

        آخوند صاحب ۾ علم، عبادت جي وصفن کان سواءِ خانداني علميات ۽ علم جعفر ۽ وظيفن ۽ مسخرات جو ڄاڻ به هو. مگر عمليات تي گهٽ ڪاربند هوندو هو. شعر شاعري ۽ ياد خدا ۾ مشغول رهندو هو. ايڏي ڪماليت وارو بزرگ  1317هه ۾ وفات ڪري هالن ۾ دفن ٿيو.

(بياض آخوند احمد هالائي)

(31 آگسٽ 1947ع بروز يکشنبھ  ڪراچي – وفائي.)

 

184- مفتي محمد رفيق هالائي

        هي بزرگ عالم فاضل صاحب فتويٰ ٽالپرن جي زماني ۾ هالن  ۾ ٿي گذريو آهي. درس تدريس سان گڏ، انهيءَ وقت  فتويٰ نويسي جو معاملو به سندس حوالي هو. هو سڀني علومن جو ماهر ۽ فاضل عالم هو.

        هن بزرگ جي وفات  پهرين جمادي الثاني سن 1182 ۾ ٿي گذري آهي. سندس معتقدن مان هڪ شاعر سندس تاريخ وفات  هيٺئين ريت لکي آهي.

وه چه انسان فاضل و فائق

بود اندر لطافت او لائق

عالم و عامل ديانتدار

دائما با کتابيان مشفق

در علوم چهار ده دائي بود

لطف طبعش بهر کسي لاحق

علم فقه و فرائض و تفسير

از حديث و معاني و منطق

هم کلام او اصول قرات و صرف

نيز بود او بمناظره مسبق

قضيئه فوت شان ز هوش برد

طعن جگر ها نمود همچو شفق

بر نماز جنازش مردم

بود الف چهار از تحقق

در شب اول، جمادي الثاني

کرد مولاءِ ما رحيل بحق

گفت هاتف ز سال تاريخش

بود، ازان مرشدم هدايت حق

 1182هه      

 

(از ڪتب خانه ملا سانوڻي هالائي)

 

 

185- آخوند محمد قاسم سانوڻي هالائي

        آخوند محمد قاسم ولد آخوند  محمود! سانوڻي هالائي فارسي جو وڏو شاعر  ۽ فاضل اديب ٿي گذريو آهي.، هن سموري تعليم پنهنجي والد بزرگ وٽ حاصل ڪئي، جو نصرپور ۾  پيرن وٽ تعليم ڏيندو هو. ۽ سندس مقبرو به اُتي نصرپور ۾ آهي. سندس وفات ٻارهين صدي هجري جي آخر ۾ ٿيل ڀائنجي ٿي. ڇاڪاڻ جو سندس دستخط هڪ ڪتاب ڏٺو ويو،جنهن تي 1172 لکيل آهي.

        آخوند محمد قاسم پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ ڪجه وقت نصرپور ڇڏي ۽ آخر مير ڄام خان جي ٽنڊه ۾ تدريس جو شغل جاري رکيو. کانئس فارسي زبان جي تعليم وٺي ڪيترائي فائدو پرائي ويا. هن جي سفر ۾ هڪ ”ديوان قاسم“ جمع ٿيل آهي. نموني طور سندس ڪلام مان ڪجهه هيٺ ڏجي ٿو.

رسيده در جهان بي سرو رفتار

بسنت همچنين از دور دوار

رخ خجلت ده گل اي گل اندام

تو هم با عاشقان بنماءِ اظهار

روان شو بادل افگاران بگلشن

که گل هم گردد رويت دل افگار

ربا تاج گلرو ده لاله را داغ

ز حسن خود بهريک کن خبردار

رود اندوه هجران از دل من

به بستان چون شوم با تو قدح خوار

رحيق کامرياني نوش با دت

بقاسم هم عطا کن قدح دو چار

ايضالھ

زود آء  که در قالب – آيد جان باز

جان باز تو ام – روح روان باز

زود آء ز – غم آئينه دل

کر عکس خور رويت شود نور افشان باز

زلفت چو شب تار رخت صبح منور

روزم بشب اين – مگر دور زمان باز

زنجير کجا که اين دل آشفته دراين شب

ديوانه شده شب از هوس زلف بتان باز

زين گو نه قاسم بدر دير نشين است

شايد که کند رحم بر او پير مغان باز

ايضالھ

چهره اش خوب است رخسارش عليٰ هذا القياس

خنده اش خوش است و گفتارش عليٰ هذا القياس

شک او دلخواه و ناز جان فزايش زان قبيل

صور قرن – کرداش عليٰ هذا القياس

جلوه اش جادوي اوصاف جمالش زين نمط

قامتش نيکو است و رفتارش عليٰ هذا القياس

ديده شوخش ستمگار و جفا کار است بس

گيسوئي خمدار و طرارش عليٰ هذا القياس

طبع قاسم دلکش و طرز بديعش دلنواز

نظم او نغز است و اشعارش عليٰ هذا القياس

        سندس ٻيو ڪلام به  عليٰ هذا القياس ڏاڍو شيرين ۽ دل پسند آهي. مرحوم محمد قاسم جي وفات 13 صدي جي اوائل ۾ ٿيل آهي. اگرچه  سندس مقرر تاريخ معلوم نه ٿي سگهي.

(مسودات ڪتبخانه خاندان سانوڻي)

 

186- آخوند نور محمد سانوڻي هالائي

        نور محمد بن آخوند الهه بخش بن عارف صوفي حاجي متين الدين سانوڻي هالائي. آخوند اميد علي هالائي جي دستخط هڪ ڪتاب تي لکيل ڏٺو ويو ته ملان سانوڻي عقيلي نسب جا هاشمي آهن. مگر سلسله نسب گهڻي ڳولا سان به هٿ ڪونه اچي سگهي ٿو.

        آخوند نور محمد علم تعويذات ۽ عمليات ۽ علم تڪثير جو وڏو ڄاڻو هو. فارسي زبان جو پڻ چڱو شاعر هو. سندس مخمس ڪريما سعدي نظر مان گذري. جنهن  مان هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو.

در ايام گلزار فصل بهار

بهم مجلس مهوش گلعذار

بوقت صبا خنده لاله زار

مئي لال در ساغر زرنگار

بود روح پرور چو لعل نگار

        آخوند نور محمد 2 ذوالحج سن 1281 ۾ هن دنيا فاني رحلت فرمائي جاوداني جهان ڏانهن روانو ٿي ويو. قطعه تاريخ وفات سندس عزيز همعصر آخوند احمد هيٺئين ريت لکي آهي.

 

بسالکان هدايت طريق دين متين

بود نصيب مدارح علا بلاشک و شين

حرم کعبهء فرودس را دخول و طواف

کسي ندارد خبر حاجيان عين يقين

زهي مهذب اخلاق – مودب علم

باسم ان له ذمة بفضل مبين

به بيت دوم از ماه حج بود هجرت

هزار دو صد هشتاد و هفت سين

گذاشت کثرت از شوق وحدت واحد

بمرغ طائر باشد قفس عذاب مهين

بگفت احمد تاريخ رحلتش از دل

مقيم نور محمد بود بخلد امين

1287هه

(از مسودات آخوند احمد  هالائي)

 

 

187- آخوند عبدالصمد سانوڻي هالائي

        پخته گو شاعر ۽ عامل – رمل جعفر جو ماهر بزرگ ٿي گذريو. هو آخوند خليفه گل محمد هالائي جو عزيز ۽ همعصر هو. سندس دستخط هڪ ڪتاب نظرمان گذريو. جنهن تي 21 ربيع الاول سن 1224 لکيل هو. سندس فارسي ڪلام جو هيٺيون نمونو آهي.

        زمانه جي شڪايت، دوستداري ۽ ناقدري جي باب ۾ فرمائي ٿو.

نادار را عزيز نه باشد نه خويش کس

نادار عيبدار بود بوءِ دار بس

چون داشت درد بوديم در حلقه عزيزان

کس يار غار خواند کسي دوست دار بس

دولت از دست رفت زبون گشتم ار چون مور

بائمال خلق گشتم در زير  بار بس

عبدالصمد خموش مکن ناله عبث

خوش دار خويش بر قلم کردگار بس

        مرحوم آخوند عبدالصمد 22 محرم الحرام سن 1272 جي هن دنيا مان  لاڏاڻو ڪري جاءِ جاوداني کي وڃي هميشه لاءِ وسايو.

 

 

188- حافظ نصرالله سانوڻي هالائي

        قاري عالم شاعر نصرالله بن حافظ بلاول بن حافظ هارون سانوڻي. ”سانوڻي” هن ڪري هن خاندان کي سڏيو ويندو آهي. جو  علم درياء هنن وٽ سانوڻي جي موسم جيان ڇوليون هڻندو رهندو هو. چيو وڃي ٿو ته هن خاندان جو سلسله نسب حضرت عقيل بن  ابي طالب سان وڃي ملي ٿو.و الله اعلم.

        آخوند حافظ نصرالله فارسي ۾ هڪ مناجات چئي آهي. جنهن جا چند شعر هيٺ ڏجن ٿا:

 

ز شر نفس اماره نگا هم دار يا الله

هوائي غير خود کلي زمن بردار يا الله

کريما از کرم ما را بده تر توفيق بر طاعت

مرا از کرم ما را بده توفيق بر طاعت

مرا از لطف خود هرگز فرو مگزار يا الله

مرا از درد بيماري بفضل خود نگهداري

برحمت خويش کن ياري بدين بيمار  يا الله

دران تنگي و تاريکي که اندر لحد من باشد

فراخي بخش روشن کن پراز انوار يا الله

ز وسو سهاري شيطاني، دگر خطرات نفساني

از ان هر يک تو مي داني منم بيزار يا الله

شکسته دل همين نالد بدرگاه تو نصرالله

برو رحمت فراوان کن کرو بسيار يا الله

        سموري زندگي درس تدريس ڏيندي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. اگرچه سندس وفات جي تاريخ مقرر طور معلوم نه آهي. مگر هو صاحب 13 هين صدي جي رجالن مان آخوند گل محمد ”ديوان گل“ واري جي معاصرن مان آهي.

 

 

189- خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي

        لطف الله بن حاجي حافظ نصرالله سانوڻي، هڪ عالم شاعر ۽ مدرس ۽ نيڪ سيرت بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس ڪلام سنڌي فارسي ۾ مدح ۽ مناجات ۽ مولودن جي صورت ۾ موجود آهي. هن صاحب جي شادي سنڌ جي مشهور شاعر خليفو حاجي گل محمد هالائي ”ديوان گل“ جي مصنف جي دختر نيڪ اختر سان ٿي هئي. هي سمورو خاندان پير صاحب صبغت الله پاڳاري جو مريد هو. جنهن ڪري هنن کي خليفو جي  لقب سان سڏيو ويندو آهي. آخوند لطف الله پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ هالن پراڻن جي بازار واري مسجد ۾ پنهنجي والد جي جاءِ  تي درس تدريس ڏيندو رهيو. اها مسجد اڃا تائين سندس فرزند آخوند حبيب الله جي نالي سان مشهور آهي، جو 1353 ۾ وفات ڪري ويو آهي.

        آخوند لطف الله 13 صدي جي  آخر ۾ وفات ڪئي ۽ هنن سٽن لکڻ وقت سندس شاگردن ۾ هڪ بزرگ 80 سالن جو هالن پراڻن ۾ اڃا زنده موجود آهي.

سنڌي ڪافي آخوند لطف الله

هو وئيڙا ڪنهن ڏس ڏور – عمر! ادا آءٌ ڏوٿي ڏسان ڪين ٿي

جيڪس جهانگي جوءِ مان – لڏي ويڙا ڪنهن زور ضرور

مندون موٽي آئيون – مارو نه موٽيا مور

ملڻ ڪارڻ مارن جي – رڙي ٿيس رنجور

الاهي لاڳاپا لطف چئي – ماري ويا مهجور

عمر ادا آئون ڏوٿي ڏسان ڪينڪي.

ايضال غزل

محب ماڻا ڪريو تون مارين ٿو

سور دل جا سدا سڌارين ٿو

تون بڇين ٿو تير برهه جا تازا

نيڻ کڻيو جڏهن نهارين ٿو

قرب وارن قريب ڪوٺايو

پرت جا جام پُر پيارين ٿو

عاشقن کي اُها بشارت بس

پيش پنهنجي پرين پوڪارين ٿو

آهه حيران لطف هالائي

نت نوان ناز جنهن ڏيکارين ٿو.

 

ايضال مناجات فارسي

غمي دارم دوايش از تو جويم – تن بيمار طبعم راطبيبي

پريشان دل فتادم از وطن دور – نظر  فرما برين حال غريبي

درين آوارگي بيچار گشتم – به تنهائي توبا قربت قريبي

ز لطف عام تو اميد دارم – دعائي مستمندان را مجيبي

        قصيدو طويل آهي، چيو وڃي ٿو ته مدينه شريف ۾ حاضري واري موقعي تي روضه اطهر جي سامهون پڙهيو هوائين. والله اعلم.

(ڪاغذات قلمي ڪتبخانه ملا سانوڻي هالائي)

 

190- آخزوند رحمت الله سانوڻي هالائي

        آخوند رحمت الله ولد آخوند محمد شاڪر سانوڻي چڱو  شاعر آهي. ڪجهه فارسي  ڪجهه سنڌي ڪلام سندس ڪتبخانه ۾ موجود آهي. هو  فارسي تعليم  حاصل ڪرڻ کان  پوءِ  سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو. ۽ ناري جيل (حيدرآباد) تي جيلر هو. ۽ اتان رٽائرڊ ٿي اچي هالن ۾ ياد خدا ۾ مشغول رهيو.  سندس فارسي ڪلام هيٺئين ريت آهي.

از اسقام و علل رنجور گشتم – کريما بخش يک شرب شفائي

علاج خويش را جز تو ندارم – دوائي درد من اُخر نمائي

درود مصطفيٰ اولاد و اصحاب – طفيل او اجابت کن دعائي

فقير رحمت الله داغدار است – شهنشاها احب و اسمع دعائي

        آخوند صاحب 15 جمادي الثاني سن 1304هه جي هن دنيا فاني مان گذاري ويو. ۽ پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو.

 

191- مخدوم عبدالواسع سيوستاني

        عالم فاضل شاعر عبدالواسع بن مخدوم محمد حسن قاري جو اهو ڀاءُ هو، مخدوم عبدالواحد سيوستاني بياض واري جو، سندن خاندان ۾ تصوف ۽ علومن جو چرچو هو. سندس چاچي مخدوم عبدالواحد کانپوءِ قضا ۽ مدرسي جو مالڪ سندس وڏو ڀاءُ مخدوم محمد عارف هو. جنهن ڪري عربي علم ته پنهنجي مدرسي ۾ ئي تحصيل ڪيائين. ان کانپوءِ پنهنجي خانداني بزرگن جي طريقي نقشبنديه جي بجاءِ هو قادريه طريقي ۾ ملتان جي هڪ پير صاحب جي بيعت ڪيائين ۽ خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. اهو پير صاحب سال به سال سيوهڻ ۾ ايندو رهندو هو.

        هو وڏو فقيه ۽ صوفي اهل الله ٿي گذريو آهي.  ڪڏهن ڪڏهن فارسي شعر ۾ به طبع آزمائي ڪندو هو. جو تصوف ۽ حال تي مشتمل آهي.

مــنــھ

الا يا ايها الساقي شراب عشق را نوشان

زدست خويش با مستانه دلق بيخودي پوشان

قلندر قادري هستم به بحر معرفت مستم

کمر در راهه حق بستم ردائي فيض بر دوشان

دلم هموار مي جوشد براهه عشق مي کو شد

رحيق راهه مي نوشد، دلم چون ديگ درجو شان

گل گلزار تحسينش، بهار باغ تمکينش

زتاب آتش حسنش، چراغ دل بکن اوشان

مغني گر تو مي داني، غزل خواني بيا پيشم

بوجدآري دل مارا، فراموشم شود اوشان

بعبد الواسع عاشق، بده يکجرعه فائق

که خاطر زان شود شائق طريق قادري کوشان

        سندس اولاد مان مخدوم حاجي فضل الله پاٽائي وڏو مشهور عالم ۽ صوفي ٿي گذريو آهي. 13 صدي جي وچ ڌاري وفات فرمائي ويو. الله تعاليٰ مٿس رحمت ڪري.

 

 

192- مخدوم سعد الله سيوستاني

        قاضي سعد الله بن  مخدوم محمد حسن قاري ۽ مخدوم عبدالواحد بياض واريءَ جو ڀائيٽو عالم فاضل ۽ ٻين  علومن جو ماهر هو.

        سيوهڻ ۽ سندس متعلق سرزمين جي قضا ۽ فتويٰ سندس ڀاءُ مخدوم محمد عارف جي حواله هئي. ۽ اهو  مير مراد علي حيدرآبادي جي حڪومت جو زمانو هو.

        هڪ دفعي مير صاحب مخدوم محمد عارف ڏانهن لکيو ته حيدرآباد  ۽ سندس آس پاس واري علائقه جي شرعي فيصلن نبيرڻ لاءِ هيڏانهن ڪو قاضي موڪليو، جنهن جي جواب ۾ محمد عارف صاحب پنهنجي ڀاءُ  مخدوم سعد الله کي حيدرآباد روانو ڪيو. مير مراد علي ڏانهن مخدوم محمد عارف جيڪو پنهنجي ڀاءُ لاءِ تعارفي خط لکيو، تنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ”جامع العلوم سعد الله“ موڪلجي ٿو. مير صاحب جڏهن اهي حرف پڙهيا تڏهن حيرت لڳس، مخدوم سعد الله کان جدا جدا علمن بابت سوال  پڇڻ لڳو، فقط هن ارادي سان ته سچ پچ جامع العلوم آهي يا فقط عبارت آرائي لاءِ اهي لفظ ڪم آندل آهن. طب نجوم، عربي ادب، فارسي شاعري، علم عروض مطلب ته مختلف علمن مان سوال ٿيندا رهيا. ۽ مخدوم صاحب برابر جواب ڏيندو رهيو. جنهن تي مير مراد علي خان آفرين چوندي فرمايو ته ”بيشڪ اوهان جامع العلوم آهيو.“ مخدوم صاحب هڪ  لا اُبالي مزاج ۽ بي پرواهه ماڻهو هو جنهن ڪري حيدرآباد ۾ هڪ مهيني کان وڌيڪ رهي نه سگهيو. قضا جو عهدو ڇڏي مير ڄام خان وٽ، ٽنڊو ڄام ۾ وڃي رهيو. ڄام خان مخدوم صاحب جو ڏاڍو معتقد ۽ مخلص هو. جنهن ڪري سموري زندگي پاڻ کان جدا نه ڪيائين ۽ مخدوم صاحب وفات به ٽنڊو ڄام ۾ ڪئي، ۽ اهو واقعو هجري جي 13 صدي جي پوئين اڌ ۾ ٿي گذريو.

 

193- مخدوم محمد صالح صوفي سيوستاني

        محمد صالح ولد مخدوم محمد حسن قاري (برادر زاده مخدوم عبدالواحد صاحب البياض) هن بزرگ ۾ ننڍپڻ کان وٺي صلاحيت ۽ نيڪي  جا آثار ظاهر هوا. 11 سالن جي ڄمار کان وٺي پنهنجي چاچي بزرگ مخدوم محمد  عارف مفتي سيوستان جي مدرسه ۾ سمورا رواجي علوم پڙهي فارغ ٿي ويو. خصوصا فقه ۽ طب، جعفر جامع ۾ يگانه روزگار ٿيو. شروع کان وٺي عام ماڻهن کان گوشه گزين ٿي ڪتابن جي مطالعه ۾ لڳو رهيو. آخر ۾ ڪتابن کان منهن موڙي ياد خدا ۾ مشغول ٿي ويو.

        زماني جي گهمسان ۾ ڦاسڻ کان بچاءَ طور شادي ڪرڻ کان آزاد رهي ايتريقدر الاهي عشق ۾ محويت حاصل ٿيس، جو کيس عام ماڻهومجذوب سمجهڻ لڳس. هميشه سائي پوشاڪ تي ڳاڙهي پڳ پائيندو هو. هوڏانهن حنفي طريقي ۾  ڳاڙهوڪپڙو ڍڪڻ بلڪل مڪروهه آهي. ڪن لا اُبالي صوفين وانگي اهلبيت جي محبت جي وڏي دعوا رکندو هو. ۽ انهيءَ ڪري پاڻ کي جعفري طريقي جو پيرو به سڏائيندو هو. مگر ان هوندي به شيعه مذهب سان عملي طرح گوشه گزيني ۽ چله نشيني ۽ رياضتن ۾ بعض حالتن ۾ ايڏو محو ۽ مشغول  رهندو هو، جو فقط وڻن جي پنن تي گذران ڪري وقت گذاري وٺندو هو.

        رياضت ۽ بکن ڪري اندر ۾ ايڏو چمتگار پيدا ٿيل هوس جو بعض حالتن ۾ صافي سيني جي ڪشف سان ايندڙ واقعات جو بيان ڪري ڇڏيندو هو، جنهن ڪري  سندس ڪشف ۽ ڪرامت جو ملڪ ۾ ڏاڍو غلغلو بلند ٿيل هو ۽ سوين حاجتمند انسان  وٽس ايندا ۽ فائدو پرائي ويندا هوا. نذر ۽ نياز به گهڻائي پيش ٿيندا هئس.مگر هو مجرد مرد خدا جو هو. جنهن ڪري ڪجهه به قبول نه ڪندو هو. يا قبوليل شئي عام ضرورتمندن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.

        هو صاحب گهڻو ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ٻڌڻ جو شائق رهندو هو. سومر ۽ فضل فقير نالي ٻه درويش گهڻو ڪري وٽس اچي ڀٽائي جي ڪلام  سان کيس وندرائيندا هوا ۽ راتين جون راتيون ڀٽائي جي موحدانه شعر ۾ گذريون رهنديون هيون.

        حيدرآباد ۾ جعفر نالي هڪ کٽي سندس معتقد جو گمان هوندو هو ته صوفي محمد صالح ڪيميا ڄاڻندو آهي. هن جي گهر ۾ هڪ نوجوان ڀيڻ هئي، جا حسن و جمال ۾ بلڪل بي مثالهئي. جعفر مخدوم صاحب کي عرض ڪيو ته هي منهنجي ڀيڻ پنهنجي نڪاح ۾ قبول ڪريو ته آئنده منهنجو ۽ منهنجي پريءَ جهڙي پياري ڀيڻ جو وقت آرام سان گذرندو رهي ۽ مال دولت جي محتاجي لهي پوي. مخدوم صاحٻ ان آڇ کان انڪار ڪندي فرمايو ته مون کي ڪا گهرج ڪانه آهي، باقي تنهنجي ڀيڻ سان هندورن ۾ لڏندي ۽ ٻانهيون ٻانهون ٻڌي سندس خدمت ۾ اُڀيون  هونديون، درويش جو چوڻ سچو نڪتو. ٿورا ڏينهن مس گذريا، مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان ”فاتح سنڌ“ کٽي کان سندس ڀيڻ جو سڱ گهريو جا حرم سرا ۾ داخل ٿي هندورن ۾ لڏندي نظر آئي ۽ پرستاريون سندس  خدمت ڪنديون رهيون.

        هڪ دفعي جو واقعو آهي ته سيد قائم جهانڪارائي تي سرڪاري پئسن غبن ڪري ميرڪرم علي خان ٽالپر حاڪم سنڌ جو غصو ٿي پيو،جنهن تي سادات سڳوري مخدوم  محمد صالح کي اچي عرض ڪيو ته اوهان مون سان گڏجي هلي مير صاحٻ کي سفارش ڪريو ته منهنجي جان خلاص ٿئي. جنهن تي درويش شاهه صاحب گڏجي سيوهڻ مان ڪهي اچي حيدرآباد پهتو ۽ سموري سفر ۾ هڪ جهنڊو به ساڻ هون. پاڻ شاهه مڪائي جي قلعي ۾ اچي لٿو. سيد قائم شاهه کي چيائين ته تون هي منهنجو جهنڊو ڪلهي تي کڻي مير صاحب جي ڪچهري ۾ پهچي وڃ، اميد ته توکي ڏسڻ شرط، مير صاحب جو غصو ختم ٿي ويندو، شاهه صاحب ڊڄندي درويش جو حڪم مڃي، مير صاحب جي ڪچهري ۾ وڃي حاضر ٿيو، مير صاحب ڏسندي فرمايو ته اوهان نه ڊڄو، اوهان صحيح نسب سيد آهيو. اوهان کي آءٌ قيد ۾ وجهي بي آبرو ڪري سگهان ٿو؟ شاهه صاحب کي نه فقط ڏوهه معاف ٿيو، پر مير صاحب پاران نوازش به ٿيس، جنهن تي هن صاحب حيدرآباد مان ريشمي وڳو تيار ڪرائي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو ته هي قبول پوي جو اوهان جي برڪت سان هي بلا ٽري آهي، مخدوم صاحب انڪار ڪندي فرمايو ته مون کي ڪجهه به نه گهرجي، هي سفر خدا ڪارڻ ڪيو ا ٿم. باقي دنيا جي لالچ جو ڪوبه غرض ڪونه آهي. مخدوم محمدصالح ڪڏهن ڪڏهن فارسي ۾ نظم به موزون ڪندو هو جنهن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

از دو عالم غير ذات پاک ح درکار نيست

مست هشياريم مائل، جز دل بيدار نيست

رائت راهه قلندر بردوش آرائيم بس

تاج تقويٰ بر سرم از خشن پوشي عار نيست

سر خوشم از جام وحدت هست از روز اول

محوروئي دوست مي باشم، بعالم کان  نيست

از سر جوش جنون در راه مستي گامزن

هيچ حاجت از رفيق و مونس وغمخوار نيست

از شراب شوق سر مستي، محمد صالح ست

درد دل و جانش طرب و الفت ورائي يارنيست

        هن صاحب جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري ڪري ٽالپرن جي ساڻس ڏاڍي عقيدت هئي. جڏهن مير نصير خان ولد مراد علي خان سنڌ جو والي ٿيو، تڏهن  مخدوم صاحب  کي ديهه سامٽياڻي جاگير ۾ ڏنائين. سامٽياڻي ديهه جي ڪاردار نالي جيڪو پروانو  جاري ڪيو ويو هو. تنهن ۾ مير صاحب مخدوم کي هيٺين لقبن سان ياد ڪيو آهي.

        حقائق  و معارف آگاهه، ڪمالات، دستگاهه مخدوم محمد صالح قريشي برادر زاده مخدوم محمد احسان (عبدالواحد سيوستاني) وغيره. انهيءَ پروانه تي سن 1257 درج ٿيل آهي.

        اگرچه سندس وفات جي تاريخ پوري طرح معلوم نه ٿي سگهي آهي. مگر واقعات مان  اندازو  ڪري سگهجي ٿو ته 13 صدي جي پوئين اڌ ۾ سندس وفات ٿي آهي.

(رساله حالات بزرگان سيوستان قلمي)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org