سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو : 8

194- مخدوم محمد مراد سيوستاني

        محمد مراد بن محمد حسن (برادر زاده مخدوم عبدالواحد صاحب البياض) درويش عالم ۽ وڏي اثر وارو بزرگ هو. پنهنجي وڏي ڀاءُ گادي نشين مخدوم محمد عارف مفتي سيوستان جي مهمان خاني ۽  زمينن جي سنڀال سندس سپرد هوندي هئي. درس تدريس جو ڪم ڪڏهن به کانئس نه ورتو ويو، پر درويشي ۽ خانداني لحاظ ڪري هو وڏي وجاهت ۽ اثر  وارو بزرگ هو،  جنهن ڪري وقت جي ٽالپر حاڪمن ۽ ٻين وٽ سندس ڏاڍي هلندي هئي. جنهن ڪري  ڪمن ڪارين وارا سوالي سفارش لاءِ کيس حاڪمن ڏانهن وٺي ويندا هوا، ۽ ماڻهن جا ڪم سندس وجود مسعود  جي ذريعي ٿيندا رهندا هوا.

        سنڌ جي مشهور بزرگ مخدوم محمد ولد مخدوم محمد عارف سيوهاڻي جي شادي انهيءَ بزرگ محمد مراد جي نياڻي سان ٿي هئي، جنهن مان هن وقت سيوهڻ ۾ سجاده نشين قاضين يا مخدومن جو نسل هلندو اچي ٿو.

        هن جون ڪي خاموش ڪرامتون به مشهور آهن. جنهن ڪري حيدرآباد سنڌ جي کٽين جو  محلو سندس سخت معتقد هوندو هو. ۽ دعا لاءِ هميشه هن ڏانهن رجوع ڪندا هوا.

        هي بزرگ به  13 صدي جي رجالن مان آهي.

(رساله حالات بزرگان صديقي سيوستان)

 

195- قاضي برهان سيوستاني

        چيو وڃي ٿو ته هي قاضي برهان اصل بخارا جو باشندو هو. مگر سيرسياحت  ڪندي اچي سيوستان ۾ مقيم ٿيو. هو ظاهري علمن جو وڏو عالم فاضل هو جنهن ڪري سيوهڻ ۾ هڪ وڏو مدرسو کولي شاگردن کي پنهنجي علمن مان فيض ياب ڪرڻ لڳو. جڏهن تمام پوڙهو ٿيو، پنهنجن شاگردن کي جمع ڪري کين وصيت ڪيائين ته هاڻي منهنجي  لاڏاڻي جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي اوهان  آئنده پنهنجو وقت  ياد الاهي ۾ گذاريندا رهجو. ڪن شاگردن عرض ڪيو ته اسان آئنده ته ظاهري علمن جي تحصيل کان ته محروم رهجي وينداسين. ان جو به ته ڪو بندوبست ڪريو وڃو. فرمايائين ته انجو اوهان ڪو خيال نه ڪريو قدرت ڏانهن اها ڏات اوهان تي بند ڪانه ٿيندي. جنهن کان پوءِ جڏهن هن بزرگ وفات ڪئي. ۽ کيس دفن ڪري عام ماڻهو موٽيا ته  سندس شاگردن مان ست ڄڻا اُتي سندس مقبري تي مجاور بڻجي رهجي پيا. مگر ڪجهه وقت کانپوءِ، سنڌ تي تاتارين  جي ڪاهه ٿي، جنهن ۾ اُهي سمورا بزرگ شهيد ڪيا ويا ۽ انهيءَ هنڌ  هڪ جاءِ تي دفن ڪيا ويا، جنهن کي سيوهڻ جا ماڻهو اڄ تائين ”گنج شهيدان“ سڏيندا آهن.

        شيخ برهان ۽ سندس شاگردن جو مقبرو شهر کان ٻاهران مشهور مقبرو آهي،جنهن تي اڳ گنبذ به هو مگر هاڻي هو ويران ٿي ويو آهي.

(تذڪره مشائخ سيوستان از عبدالغفور بن حيدر سيوستاني. قلمي.)

 

 

196- قاضي ڏتو سيوستاني

        عالم فاضل،صوفي مفسر قاضي ڏتو، پنجين پيڙهي ۾ قاضي رڪن الدين سان وڃي ملي ٿو. جو سنڌ جو قاضي ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو آهي قاضي شرف الدين معروف به مخدوم راهو. مطول تائين پنهنجي والد وٽ علم جي تحصيل ڪري پوءِ مخدوم بلاول جي خدمت ۾ تفسير ۽ علم حديث جي حاصل ڪرڻ لاءِ اچي رهيو هو.

        ازانسواءِ مخدوم محمود فخر پوٽي ۽ علامه  عبدالغزيز هروي کان به فائدا حاصل ڪيائين ۽ درس ورتائين. 180 تفسير قرآن جا سندس مطالعه ۽ درس ۾ گذريا هوا ۽ سمورا ياد هوس. ترڪي زبان ۾ لکپڙهه جو به ڏاڍو ماهر هو. علم جعفر ۽ ٻيا  عجيب علم به ڄاڻندو هو، ڪتابن جون عبارتون برزبان ياد هونديون هئس.

        مرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو بادشاهه سندس شاگرد ۽ معتقد هو ۽ گهڻو ڪري پاڻ کان جدا ٿيڻ نه ڏيندو هوس. سندس ايڏي  تعظيم ۽ تڪريم ڪندو هو. جنهن کان وڌيڪ تصور ڪري نه ٿو سگهجي.

        مير محمد معصوم بکري به سندس شاگردن مان هو.

        سندس والد مخدوم راهو صاحب حال هو. پنهنجي وفات کانپوءِ پٽ کي ارشاد ڪيو هوائين ته هو مخدوم بلاول جي صحبت ۾ وڃي رهي، جنهن جي صحبت ۾ ڪشف ڪماليت کي رسيو.

(معصومي)

        تذڪره مشائخ سيوستان جو مصنف لکي ٿو ته:

        قاضي ڏتو وڏو عالم ۽ ولي ڪامل ڪشف و ڪرامت جو مالڪ هو. پنهنجي والد کان تصوف طريقت ۽ ظاهري علوم حاصل ڪري، جڏهن مخدوم بلاول جي خدمت ۾ پهتو ته مخدوم صاحب کيس هميشه ملا ڏتو ڪري سڏ ڪندو هو. هڪ ڏينهن مخدوم صاحب ملا جي بجاءِ قاضي ڏتو ڪري سڏيس، جنهن تي جماعت عرض ڪيو ته اڄ ملا جي بجاءِ قاضي جو لقب ڇو عطا ٿيو آهي؟  مخدوم صاحب فرمايو ته اڄ رات حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ته ڏتو قاضي آهي تنهن ڪري کيس پيغمبري دربار مان مليل لقب سان ياد ڪيو اٿم.

        علم جو ايڏو متبحر يا ڄاڻو عالم  هو جو هڪ دفعي سنڌ جي حاڪم (مرزا شاهه حسن) وٽ هڪ ڪتاب سوکڙي ٿي آيو، جنهن جو خط ۽ عبارت اهڙي منجهيل يا شڪسته هئي، جنهن کي ڪوبه ٻيو وقت جو عالم قابل ڪو نه سمجهي سگهيو. آخر قاضي ڏتي جي سامهون رکيائون جنهن بنا ڪنهن تڪليف سمورو مضمون پڙهي مطلب ڪڍي ڏنو. جنهن ڪري وقت جا سڀ عالم فاضل حيرت ۾ رهجي ويا.

        قاضي صاحب جي ڏهين صدي جي آخر ۾ وفات ٿي آهي. رحمت الله عليه رحمة واسعة

 

197- محمد عارف سيوستاني

        سيوهڻ جي مشهور شاعر نورالحق مشتاقي بن ملا دائود جي اولاد مان هن پوئين زماني ۾ سنڌي ۽ فارسي جو بهترين شاعرٿي گذريو آهي.  شروع ۾ آخوند غلام رسول سيوهاڻي جي مڪتب ۾ تعليم ورتائين جتي فارسي ۾ ڏاڍو چڱو محاورو پيدا ٿيس ۽ ننڍپڻ ۾ ئي شعر موزون ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ وڃي سرڪاري ملازمت ۾ داخل  ٿيو ۽ سب انپسيڪٽر پوليس جي عهدي تان 1907ع مان رٽائر ٿي اچي پنهنجي وطن ۾ مقيم  ٿيو، ڪريما جو سنڌي ترجمه سندس حياتي ۾ ڇپجي ورهائجي ويو. پويان 2 ديوان يادگار ڇڏيا اٿس. (1) سنڌي (2) فارسي . ڪلام ۾ عارف تخلص ڪندو هو.

        سندس  ديوان نظر مان گذريو. قلمي جهونو نسخو ضايع ٿيڻ تي آهي. ان ۾ 3 سئو غزل رديف وارا آهن ۽ ازانسواءِ حمد ۽ نعت تي به گهڻو ڪلام چيل آهي، مخدوم لعل شهباز جون مداحون ۽ وعظ نصيحت ۽ دنيا جي فاني هجڻ تي به گهڻو ڪجهه چيل آهي.

        زمينداري نامه – ڪريما مترجم سنڌي ٻه مستقل رسالا به موجود آهن. 62 سالن جي ڄمار ۾ سن 1334هه هن دنيا جي شعر و شاعري کان زبان بند ڪري لحد جي ڪنڊ ۾ خاموشي واري  حالت ۾ وڃي آراميو.

       

198- ملا محب علي سنڌي

        سنڌ جو وڏو شاعر عالم صوفي محب علي ولد مولانا حيدر علي سمرقندي ماآثر رحيمي جو مصنف لکي ٿو ته حيدر علي سمرقند مان هجرت ڪري سفر جا جاکوڙا سهندي اچي سيوهڻ ۾ پهتو ۽ اُتي ئي مستقل بود باش اختيار ڪيائين. مير ابوالبقا بن غياث الدين سبز واري جي ملازمن ۾ منسلڪ ٿيو. اُتي سيوهڻ ۾ ئي کيس فرزند ارجمند ملا محب علي تولد ٿيو. هي ٻار اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد مولانا حيدر علي سيوهڻ ۾ وفات ڪري ويو. جنهن کان پوءِ جڏهن پوري طرح هوش سنڀاليائين ته طلب علم لاءِ ٺٽه ۾ اچي مقيم ٿيو. ٺٽه جي عالمن فاضلن وٽ سڀني علمن ۽ فنن ۾ ڪمال حاصل ڪري ٺٽه ۾ ئي هميشه مقيم ٿي رهيو.

        999 هجري ۾ جهن جلال الدين محمد اڪبر بادشاه (---) جي حڪم سان نواب عبدالرحيم خان خانان (------)سنڌ تي چڙهائي ڪري ٺٽه کي فتح ڪيو. تڏهن خان خانان جي درباري شاعر مولانا شڪيبي جي واسطه سان ملا محب علي جي خان سان ملاقات ٿي ۽ پهرين ئي صحبت ۾ هڪٻئي سان اهڙا تعلقات جڙي ويا جو آخر دم تائين نه ٽٽا.

        ملا محب علي جڏهن خان جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن هيٺيون شعرعرض رکيائين:

بي غم عشق تو صد حيف ز عمري که بگذشت

پيش زين کاش گرفتار غمت مي بودم

        عبدالرحيم خان پاڻ درويش صفت ۽  ڏاڍو درويش پرور امير هو. هوڏانهن ملا محب علي ۾ اهي سموريون صفتون هيون جنهن ڪري وٽس وڏي عزت ۽ وڏائي  ۽ مرتبه سان حياتي گذارڻ لڳو. هڪ قصيده ۾ خان کي خطاب ڪندي لکي ٿو ته:

مرا چوڻ شد جواني بردر تو

تخواهم شد به بيري از برتو

        عبدالرحيم خان ملا سنڌي کي پنهنجي فرزند شاهنواز خان جو استاد ۽ اتاليق مقرر ڪيو. جنهن  1025 ۾ خان دکن جي مهم تي روانو ٿيو. تڏهن پنهنجي فرزند جي همراهه ملا محب علي کي به برهانپور ۽ خانديش ڏانهن ورتيون ويو. جنهن کان پوءِ  گهڻو وقت اتي ئي زندگي گذاريندو  رهيو. خان خانان جي اجازت ۽ خرچ تي. ملا محب علي حج جو سفر ڪيو. انهيءَ سفر ۾ سندس هم عمر ساٿي مولانا محمد رضا شڪيبي (متوفي 1023) به هم سفر هو. خان خانان پنهنجي بزرگن جي سفر خرچ لاءِ 80 هزار روپيا نقد ادا ڪيا. ان کانسواءِ کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي وغيره ضروريات سفر جو جدا انتظام ڪيو ويو. اهو سفر سال 1012 ۾ واقع ٿيو. (گلزار) ---- بندر تي پهچڻ کانپوءِ اُتي هي وڏي عالم صوفي شيخ فضل سان صحبت ٿيس کائونس خرقه خلافت ڍڪي، ان کان پوءِ حرمين ڏانهن روانو ٿيو. مڪه معظمه ۽ مدينه عاليه ۾ جيترو وقت رهيو سمورو وقت هڪ طرفو ۽ گوشه نشين ياد الاهي ۾ رهيو. اتان واپس ٿي جڏهن عبدالرحيم خان وٽ پهتو. تڏهن ته مورڳوئي سندس رنگ الڳ ٿي ويو. رات جو عبادت ۾ بيهڻ ۽ ڏينهن جو روزا رکڻ سمورو وقت تسبيح ۽ تهليل ۾ گذارڻ. مولانا محب علي سنڌي خان خانان وٽ ڪل 29 سال گذاريا. ان وچ ۾ حج جو سفر ۾ ڪيو. آخر ٺٽه بجاءِ برهانپور ۾ ئي مقيم ٿي حياتي جون گهڙيون عبادت ۾ گهارڻ لڳو.

عبدالرحيم خان خانان جي وفات (----) کانپوءِ عبادت گذاري جي ايامڪاري ۾  جڏهن سلطان  خورم شاهه جهان هندستان جي تخت تاج جو مالڪ ٿيو. تڏهن ملا محب  علي کي هن علم دوست بادشاهه پاڻ وٽ گهرائي ورتو. بادشاهه جي دربار ۾ سندس ايڏو مرتبو ۽ عزت هئي جو 1048هه ۾ جڏهن هندستان ۾ بارش نه پوڻ سبب ڏڪار جو سخت  خطرو پيدا ٿيو. تڏهن بادشاهه جي ارشاد موجب جن بزرگن برسات لاءِ دعائون گهريون (باران نمازون پڙهيون) تن مان ملا محب علي به هڪ بزرگ هو.

        مير عبدالله سلطان عريضي ولد مير ابوالمڪارم  (جنهن وٽ مولانا جو والد سمرقند مان اچي سيوهڻ ۾ ملازم ٿيو هو)  تنهن کي شاهجهان وٽ رهڻ وارن ڏينهن ۾ مولانا سفارش ڪري 5 هزار سالانا آمدني جي جاگير ٺٽي ۾ ڏياري ۽ ان ريت انهيءَ خاندان جي احسان جو بدلو ادا ڪيائين. آخر 1048 ۾ شاهجهان کان موڪل وٺي وري وڃي گوشه نشيني اختيار ڪيائين. مولانا ايڏي علم فضل وارو هو جو سندس معاصرن مان مولانا محمدرضا شڪيبي  حسان الهند ۽ ملا عبدالحميد لاهور مصنف بادشاهه نامه ۽ عبدالقدوس نهاوندي مصنف ماثٽر رحيمي سندس تعريف ۽ واکاڻ مان ڍاپندائي ڪونه هوا.

        عبدالباقي نهاوندي مولانا جي شان ۾ لکي ٿو ته:

        درويش نهاد و فاني مشرب واقع شده دو طرز تصوف و تذکير و تحقيق جنيد وبا يزيد وقت و زبان خود است (ماثر رحيمي)

        مولانا هڪ وڏو شاعر آهي. ماثر رحيمي ۾ سندس هڪ وڏو قصيدو ۽ ساقي نامه ۾ درج ٿيل آهي. ۽ عبدالنبي مولف تذڪره ميخانه وڏن شاعرن مان شمار ڪيو آهي. عبدالباقي کيس حڪيم سنائي  غزنوي جي برابر درجه ڏئي ٿو. مگر ان هوندي به سندس صوفيانه ۽ عارفانه زندگي اڳيان سندس شعر  شاعر کي هيچ ڪري سمجهي ٿو. لکي ٿو ته:

        ”به نسبت شعر و شاعري به ايشان دادن لازم آمد، والا مرتبه و حالت ايشان را در اقسام حيثيات واستعدا دات به تخصيص فقر و مسکنت که انسان کامل عبارت از جمعي است که اين سرشته بدست در آورده باشد آن است“

(ماثر رحيمي)

 

 

199- حافظ حامد ٽکڙائي

        حافظ حاجي حامد، سنڌي فارسي جو  بهترين شاعر. ميمڻ قبيلي مان هي بزرگ ٿي گذريو آهي. ننڍپڻ ۾ ماتا جي بيماري سبب سندس اکين جو نور الوداع ڪري ويو. مگر دل جي روشني اهڙي قائم رهيس جو هو سڄن کان سڄو هو.

        ٽکڙ ۾ اٺ سيپارا قرآن شريف جا ياد ڪري، ان کانپوءِ جواني جي شروعات ۾ حرمين شريفين ڏانهن روانو ٿي ويو. باقي 22 سيپارا مدينه طيبه ۾ شيخ قاري محمد شازلي جي خدمت ۾ فقط 8 مهينن اندر ياد ڪري ورتائين. سندس فرزند  محمد هاشم مخلص کان روايت آهي ته والد مرحوم فرمائيندو هو ته استاد صاحب کان سبق وٺي پوءِ حضور سرور ڪائنات صه جي روضه اطهر جي  سامهون هڪ ڀيرو ڏيندو هوس. ۽ سبق ياد ٿي ويندو هو. وري دوباره ڀيرو ڏيڻ جي ضرورت ڪانه رهندي هئي. هڪ دفعي شيخ محمد شازلي چيس ته  حامد تون سبق کي پورا گهمرائي ڪونه ڪڍين ٿو تنهن ڪري توکان قرآن وسري ويندو. جواب ۾ عرض ڪيائين ته سائين هڪ دفعو اوهان وٽ پڙهان ٿو ۽ ٻيو دفعو روضو مبارڪ جي سامهون. پڪ اٿم ته مون کان قرآن ڪڏهن به فراموش نه ٿيندو. حرمين ۾ ٻه سال رهي،  ٻه حج  ادا ڪري ان کانپوءِ پنهنجي وطن ۾ واپس آيو. مناسڪ الحج نالي هڪ رسالو سنڌي زبان ۾ منظوم ڪيائين. جو زماني جي دست برد سببان ناياب ٿي ويو آهي. هڪ ڏينهن پنهنجي ڳوٺ واري مسجد ۾ ستل هو ته مولوي حاجي موسيٰ نظاماڻي کيس اچي اٿاري چيو ته حامد اٿي فارسي پڙهه! حافظ صاحب عرض ڪيو ته منهنجو فارسي سان ڪهڙو واسطو؟ پر آخر مولوي صاحب جي زور آڻڻ تي آمدن – آوردن – آموختن جون ٽي گردانون کيس ياد ڪرائي مولوي صاحب ڳوٺ روانو ٿي ويو،. جتي ٽن ڏينهن کانپوءِ وڃي اُتي وفات ڪيائين. هوڏانهن حافظ حامد لاءِ اهي 3 مصدورن ۽ سندن گردانون فارسي سکڻ ۾ انجي تڪميل لاءِ گنج ثابت ٿيون.، قدرت هن  دل جي سڄي بزرگ تي ايڏي عنايت ڪئي  جو هي فارسي ۾ نهايت عمدو شعر چوڻ لڳو. جنهن تي وقت جي شاعرن کي عبرت لڳندي هئي سندس فارسي غزل جو نمونو ڏسو:

چه سحر آموخت يارب چشم يارم

خراب انداخته ست آن جمله کارم

سيه زلفش چه سودا درد در دل

که هردم بيخود بي اختيارم

بشوق موعد وصلش که صبح است

همه شب مي رود در انتظارم

        هن صاحب عربي تعليم ملاڪاتيارن جي درس ويلي محمد وٽ شروع ڪئي.  چون ٿا ته صبح جو اڪيلي سر ڪتابن جي  ڳٺڙي پٺي تي رکي چار ميل پنڌ ڪري ٽکڙ مان ملاڪاتيارن پهچندو هو. رستي ۾ ڪنهن واهه تي ڪا ڪاٺي، پل جي بجاءِ رکيل هوندي هئي ته ان تان بيڌڙڪ عبور ڪري هليو ويندو. تعليم وٺندي هڪ ڏينهن شرح  ملا جامي جي ڪنهن عبارت تي استاد سان اختلاف ٿي  پيس. انجي حل ڪرڻ لاءِ گهڻو بحث مباحثه جاري رهيو. مگر حافظ صاحب کي اطمينان نه آيو. جنهن کانپوءِ اتان ڇڏي ٽنڊو سائينداد جي قاضي ابوالحسن مرحوم جي خدمت ۾ شاگردي جو سلسلو قائم ڪيائين. ان کانپوءِ ڪجهه وقت مٽارين جي علمائن وٽ پڙهي علم جي  تڪميل ڪري ورتائين. طالب علمي جي زماني ۾ ۽ ان  کانپوءِ هن جو سمورو توجهه شاعري ڏانهن هو. پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن وٽ سندس شعر قبول پوندو رهيو. سندس هم عصر شاعرن مير عبدالحسين سانگي ۽ سيد غلام محمد شاهه گدا ۽ سيد مرتضائي ٺٽوي سندس ڪلام جو قدر ڪندا ۽ بيحد تعظيم سان پيش ايندا هئا. جن شاعرن جي شعر، سندن حياتي ۾ ئي قبول عام جو درجو حاصل ڪيو، تن مان هڪ حافظ صاحب به آهي. سندس سنڌي ڪلام ۾ روانگي ۽ سادگي ۽ سلاست لفظن جي تجيس اهڙي طرح پوتل آهي جو ڄڻ ته سندس هڪ هڪ شعر موتين مالها آهن. جنهن ماڻهو سندس ديوان ”ارمغان حامد“ پڙهيو هوندو، سي ئي سندس ڪلام جي لطف ۽ لذت جو اندازو ڪري سگهن ٿا.

        حافظ صاحب پنهنجي ڄمار جو گهڻو حصو ڪپڙي جي  واپار ۾ خرچ ڪيو هو اکين کان نابينا، مگر دل جو اهڙو سڄو هو جو هٿ لائي سفيد ۽ رنگين يا ڇيٽ کي سڃاڻي سگهندو هو. بلڪ چوندا آهن ته ڪپڙن جا رنگ به هٿ سان سڃاڻندو هو. يادگيرو اهڙو زبردست هوس جو هڪ دفعي هڪ منٽ به ڪنهن ماڻهو جو ڳالهاءُ ٻڌائين ته ورهين کانپوءِ اهو ماڻهو مليس ته هڪدم سڃاڻي وٺندو هو ته هي فلاڻو ماڻهو آهي،  حافظ مرحوم جي حافظي ۽ دل جي سچائي جا اڄ تائين ماڻهن کي ايترا قصا ياد آهن جو گويا ڪرامتون آهن. جي هن کان سرزد ٿينديون رهيون ٿي. ايڏي ڪماليت وارو شاعر سفر جي حالت ۾ ڳوٺ ڄاريلي رياست جوڌپور ۾ 1315 ۾ وفات ڪري ويو. سندس سال وفات ”آهه غريب الوطن“ مان نڪري ٿو.

 

 

200- سيد رحمت الله بکري

        سيد رحمت الله بن لطف علي رضوي بکري. ميان عبدالغني فيروز جنگ بهادر سنڌ جي پوئين ڪلهوڙي حاڪم جو درباري شاعر ۽ مداح ۽ قصيده خوان ٿي گذريو آهي. بکر جي اُجاڙ ٿيڻ کانپوءِ رضوي سادات ڪي روهڙي ۾ رهيا ته ڪي وري پنهنجي بڪار واري جاگير ۾ مقيم ٿيا. سيد صاحب به بڪار جي جاگيردارن مان هو.  جنهن جو ذڪر انهيءَ  قصيده ۾  ٿيل آهي. جو ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي مدح ۾ فرمايو اٿس. انهيءَ قصيده لکڻ وقت هو صاحب خدا آباد ۾ ميان صاحب جي وڏي درباري امير ۽ ٽالپرن جي مورث اعليٰ مير بجار خان جو اوطاقي هو. انهيءَ تي مير صاحب جي شهيد ڪرائڻ سبب ملڪ ۾ ممڻ متو ۽ ڪلهوڙن جي راڄ جو زوال آيو ۽ ميرن ملڪ ورتو. هن صاحب کي مير صاحب وٽ ٽڪندي ڪجهه وقت لنگهي ويو. پويان گهر ٻار جو انتظار هوس جنهن ڪري قصيده ۽ مير بجار خان کي به خطاب ڪيو اٿس ته ٻه مهينا گذري ويا آهن عيال کان دور آهيان موڪل ملي ته وطن وران.

        سيد صاحب جو قصيدو تمام طولاني آهي. جنهن ۾ نه فقط ميان عبدالنبي جي شخصي مدح سرائي ڪيل آهي پر ان ۾ سندس درباري اميرن ۽ وڪيلن ۽ توشه خانه جي هندو منشين ۽ درباري عالمن ۽ قاضين ۽ حڪيمن جو به نام بنام ذڪر آهي. قصيده جي شروعات اسان جي سنڌ سڳوري جي واکاڻ سان ڪئي اٿس. جيئن سنڌ کي ساراهيندي لکي ٿوته:

بارک الله کشور سنڌ سواد دلکشا

کز غبار او بود چشم فلڪ را توتيا

آبروئي چهره خلد  برين را آبرو

از هوايش گلشن فردوس را نشوونما

شرخشان بادهء توحيد را ميخانه

ارزو وعدهه ايصال را سلمي نما

بسکه آدم پرور آمد اين گلستان هنر

سبز از کهسار مي رويد همه مردم گيا

در چنين ملک ملک خيزي ملائک پروري

در بنود گر شد ابليس از ڪفرش رها.

        يعني  ته دل کي فرحت ڏيندڙ سنڌ ديس تي الله جي برڪت هجي  شال، جنهن جي خاڪ جي دز آسمان جي اکين جو سرمو آهي.

        سنڌ بهشت بلند جي چهري تي آبرو آهي ۽ هنجي هوا کان بهشت جو باغ وڌي ويجهي رهيو آهي توحيد جي مست متوالن لاءِ سنڌ ديس ميخانو آهي. ميلاپ جي وعدي لاءِ معشوق وانگي وڻندڙ آهي. هي هنر عقل جو باغ ڏاڍو انسان  پرور آهي ڪهسار تي سبزگاهه جي بجاءِ به ماڻهو پرورش وٺي رهيا آهن. ههڙي ملائڪ پيدا ڪندڙ ۽ ملائڪ پاليندڙ ملڪ ۾ شڪ نه آهي ته ابليس به پنهنجي ڪفر کان توبهه تائب ٿي وڃي.

        سنڌ ندي جي واکاڻ ۾ فرمائي ٿو.

در دل پر مهر سنڌ اين نهر مهران روان

شادي ديدار يار وعده وصل وفا

ماشاءَ الله رود مهران سراپا مهربان

جوئبار سلسبيل و چشمه آب بقا

نيل مصر از انفعال روء اوبر چهره نيل

آب خضر از شرم او زد غوطه در بحر خفا

”ڪل شئي جي“ آمد و صف احياي دمش

از صفات حق زده آب بروئي کارها

        سنڌ جي محبت ڀري دل جي وچ ۾ مهراڻ جاري آهي. جو ڄڻ معشوق جي وصال واري وعده جي خوشي جو ڏيک ڏئي رهي آهي.

        سنڌ ندي (مهراڻ) برابر مهربان آهي. ڄڻ ته بهشت جي سلسبيل ندي آهي يا آب حيات جو چشمو آهي.

        مصر جي نيل ندي شرمندگي کان پنهنجي چهره کي نير ۾ رنگي ڇڏيو آهي ۽ مهراڻ جي شرم کان آب حيات به ڪنهن ڳجهي سمنڊ ۾ وڃي غوطو هنيو آهي.

        سنڌ جي دم سان سڀ ڪا شئي جيئري آهي. اها هڪ الاهي صفت آهي جو دنيا جي ڪاروبار ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن پوئين شعر ۾ قرآن شريف جي آيت ”وجعلنا ڪل شيءِ من الماءِ حي“ جي تلميح آهي، يعني ته اسان سڀ شئي پاڻيءَ مان جيئري يا زنده ڪئي آهي.

        سيد صاحب  1194هه تائين جيئرو هو ۽ اهو قصيدو به انهيءَ سال لکيو اٿس. ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙي ڏانهن قنڌار جي بادشاهه تيمور بن احمد شاهه ابدالي انهيءَ سال خلعت موڪلي هئي. جنهن جو پڻ انهيءَ قصيده  ۾ ذڪر ٿيل آهي ۽ ”خلعت باامن“ جي فقري مان  1194 انجو سال ڪڍيو اٿس. پر  سندس وفات جو سال يقيني طرح معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

 

 

201-  شيخ ابراهيم  عباسي

        هي بزرگ پهريان عرب ملڪ مان سنڌ ۾ پهتو ۽ نيرون ڪوٽ جي لڳ هڪ پهاڙي ڪلهوڙا نالي ۾ اچي رهيو. هڪ عابد زاهد فاضل عالم هو. جنهن سنڌ ۾ دين جي علم کي جاري فرمايو. هن ملڪ ۾ ئي شادي ڪيائين. جنهن مان ٻارهن فرزند ٿيس ۽ انهن جو اولاد سنڌ ۾ ڪلهوڙا قوم جي نالي سان پکڙيل آهي. ڪيترو زمانو  سنڌ ۾ وعظ تعليم ۽ اسلامي حڪمن جي جاري ڪرڻ ۾ لڳائي. انهي ئي پنهنجي رهڻ واري هنڌ ڪن چورن هٿان شهيد ٿي ويو. ۽ اهو واقعو سنم 248 جو آهي. کهڙن وارن مشهور مخدومن جو جدا امجد به اهو بزرگ آهي ۽  نسب جي لحاظ سان  جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪي ڪلهوڙا سچ پچ  عباسي آهن ته چيو وڃي ٿو ته فقط کهڙن وارن مخدومن جوئي هڪ گهر آهي. شيخ ابراهيم جو نسب هن ريت تاريخ آئينه جهان نما ۾ بيان ٿيل آهي.

        ابراهيم بن اسحاق بن معروف بن محمد بن عبدالله بن محمد بن علي بن عبدالله بن عباس رضي الله تعاليٰ عنهم اهو شيخ ابراهيم خليفه معتصم بالله ابراهيم جي زمانه ۾ خليفه وقت جي مشوري سان سنڌ ۾ اسلامي حڪمن جي جاري ڪرڻ لاءِ آيو. (تذڪره مخاديم کهڙه)

 

 

202- شيخ عبدالله عباسي

        شيخ عبدالله بن ابراهيم عباسي بغدادي پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ شريعت ۽ طريقت جي مسند جو مالڪ بڻيو. ظاهري ۽ باطني علمن کان ماڻهن کي فيض ياب ڪندي سن 312  ۾ هن دنيا فاني مان رحلت  فرمائي ويو. ان کانپوءِ سندس فرزند جمال الدين پنهنجي والد واري ساڳين صفتن موصوف  ٿي  خلق خدا کي هدايت ڪندو رهيو. اهو بزرگ سن 460 ۾ هن دنيا مان آخرت جو سفر فرمائي ويو ۽ سندس فرزند شيخ عبدالله ڪاملن مان هو، جنهن 507 ۾ رحلت ڪئي ان بعد شيخ يحيٰ بن جمال الدين، ڪشف و ڪرامت جو مالڪ،  شريعت ۽ طريقت جو جامع هو. سوين ماڻهو سندس ظاهري ۽ باطني علمن مان بهره ور ٿيا. آخر هن عابد زاهد جي حياتي جو سج فنا جي مغرب ۾ غروب ٿي ويو. اهو واقعو سن 668  هجري جو آهي. ان کانپوءِ مخدوم بن يحييٰ شرع محمدي جي مسند تي پهتو. سوين ماڻهو سندس تعليم تدريس مان بره ور ٿي فاضل ڪامل ٿيا. جنهن پڻ سن 757 ۾ دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن رجوع ڪيو. سندس جاءِ تي مخدوم  احمد بن محمد قائم مقام ٿيو. هي هڪ وڏو محدث فقيه عالم ٿي گذريو آهي. تفسير حديث، فقه جي تدريس ۾ دائمي مشغول رهي سن 870 ۾ پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائين.

        نوٽ: هي سمورو احوال مخدوم مرحوم الهبخش کهڙوي جي رسالي ”فوزالاخلاف من فيض اسلاف“ مقلب به تذکره مخاديم کهڙه تان ورتل آهي. مگر هن ۾ بزرگن جي وفات جا  جيڪي سال ڄاڻايل آهن سي قدري مشتبه ۽ شڪي نظر اچن ٿا.

(والله اعلم با الصواب ”مولف“)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org