سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :19

هڪ ڀيري هو چوريءَ خاطر هڪ هندو سيٺ جي گهر ٽپيو. سيٺ کي ڪوٺي تي کڙڪ پئجي وئي ۽ هن کڏ تان چور چور ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. جانوءَ دريءَ جي انچ ٿلهين شيخن کي بسم الله چئي زور ڏنو ته اهي ايترو مڙي ويون، جو هُو ان ٻلکڙي مان ٽپي ڀڄي ويو.

هڪ ڀيري مان ۽ مشتاق ابڙو چهل قدميءَ لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته رستي تي هڪ فقير هٿ ڊگهو ڪري خيرات گهري رهيو هو. هن جي هٿن، پيرن ۽ منهن تي ڦرڙيون هيون. مشتاق کيسي مان آڌي ڪڍي فقير جي ٻُڪ ۾ مٿان ڦٽي ڪئي هئي. هن کيس دعا ڪئي ته مشتاق مون کان پڇيو: ”سڃاتئه ته ڪير آهي؟“

مون چيو: ”نه.“

مشتاق چيو ته: ”اهو جانو ڪوري هو، جنهن جي جانٺن هڏهن کان لوهه به ڊڄندو هو. ها هُن کي باد فرنگ کائي ويو آهي ۽ هو پني پورت ٿو ڪري.“

هفتي کان پوءِ اسان ساڳئي رستي تان وڃي رهيا هئاسين ته جانو نظر نه آيو. مشتاق ٻڌايو ته هو هڪ ڏينهن اڳ مري ويو هو. هاڻ لوهه ته ڇا، مٽيءَ مان به نڪري نه سگهندو. هر ڏاڍي ۽ ان جي ڏاڍ کي فنا آهي. انسان جيڪڏهن اهو ڄاڻن ته هُو اهي زيادتيون نه ڪن، جي هو روز ڪن ٿا. موت ڪنهن وقت به ڪنهن کي ڪن کان وٺي چئي ٿو سگهي ته: ”هاڻي هل!“

زرينا جو مامو علي احمد ڏاڍو مڙس هوندو هو. جنهن کي اسان علڻ چوندا هئاسين. هڪ ڀيري هڪ ڇتي ڪتي هن تي رومڙ ڪئي ته هن ڪتي کي ڄاڙين کان وٺي، سندس وات چيري ٻه اڌ ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ علڻ کي هائڊرو فوبيا (Hydrophobia)  ٿي پئي هئي. جڏهن هو کوهه جي نيسر هيٺان وهنجيو ته هن کي پاڻيءَ ۾ ڪتڙيون نظر اچڻ لڳيون، هن کي پيٽ ۾ سُيون هنيون ويون، جي هن کي ڏاڍو سور ڪنديون هيون ۽ هُو وهلور ويندو هو ۽ وٺ نه ڏيندو هو. نيٺ هو گذاري ويو. هو اسان جي پاڙي ۾ سڀني کان ڏاڍو مڙس هوندو هو. مون هن جي ڪيفيت کي تڏهن سمجهيو جڏهن سئزرلينڊ جي مشهور مصنف ايڪزل منٿي جو شاهڪار ’سينٽ مائيڪل جي ڪهاڻي‘ (Story of St: Michle)  پڙهيو هو، جنهن ۾ هن ڏيکاريو آهي ته هن موت کي پنجن ئي حواسن سان ڪيئن محسوس ڪيو آهي. ان ۾ نه رڳو هُن هڪ ڪتي جي کاڌل جي ڪيفيت ڏيکاري آهي، پر چپن سان موت کي ڇُهڻ جي به هڪ عجيب واردات بيان ڪئي آهي. هن پليگ ۾ مري ويل هڪ خوبصورت راهبه کي چپن تي چمي ڏني هئي ۽ ان ڳالهه جو فڪر نه ڪيو هو ته پليگ هڪ وچڙندڙ بيماري آهي ۽ ڪيترن ئي کي ٿي چُڪي آهي. اهو ڪتاب مون وٽان ٽيهارو سال اڳ ڪوئي دوست کڻي ويو هو، جنهن واپس نه ڪيو هو. هي مان يادگيريءَ مان لکي رهيو آهيان.

ڪنهن به انسان کي موت مان فرار نه آهي. اريانا فلاچيءَ جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کان انٽرويو ورتو هو، تنهن اردن جي شاهه حسين کان به انٽرويو ورتو هو، جو هن جي انٽرويوز ڪتاب ۾ ڇپيل آهي. ڪيئي سوال پڇي، هن شاهه حسين کان آخري سوال پڇيو: ”موت جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ هي به مان پنهنجي حافظي مان لکي رهيو آهيان. اهو ترجمو نه ڪيو آهي. شاهه حسين جواب ڏنو هوس: ”هڪ شخص پنهنجي بيٺڪ روم ۾ ويٺو هو ته هن جو دروازو کڙڪيو. جڏهن مهمان اندر آيو ته کانئس خير عافيت پڇي، نالو ۽ اچڻ جو سبب پڇيائينس. هن جواب ڏنس ته: ”مان تنهنجو موت آهيان ۽ توکي وٺڻ آيو آهيان.“ اهو شخص حراسجي ويو ۽ وڦلڻ لڳو. ”هاڻي ته ڇڏ.“ هن چيس: ”مون کي ڪيئي ڪم پورا ڪرڻا آهن. ڪجهه سال رکي پوءِ اچجانءِ.“ ان تي موت هن کان موڪلائي هليو ويو. اوچتو هن شخص کي اچي ڀوَ ورتو ۽ گهوڙي تي زين وجهي ٽپو ڏنائين ۽ گهوڙي کي هوا وانگر ڊوڙائيندو اچي تاشقند ۾ پهتو. اتي گهوڙي تان لهي، ان جي واڳ هڪ وڻ سان ٻڌي، اطمينان سان سراءِ ۾ ڪمرو ڀاڙي تي ورتائين. جڏهن هن ڪمري جو در کوليو ته اهو شخص، جنهن پنهنجو نالو موت ٻڌايو هو، هڪ مُوڙي تي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو ۽ هن کي يڪدم چيائين: ”مرحبا! مون تنهنجو انتظار ٿي ڪيو، توکي هتي ئي مرڻو هو.“

مون کي ن .م. راشد جو هڪ خوبصورت نظم، ”حسن ڪوزه گر“ ٿو ياد اچي. موت هڪ ڪوزه گر وانگر آهي، جو ڪوزا ٺاهيندو آهي ۽ انت ۾ انهن جي ڳچي ڀڃي وجهندو آهي. مون کي ياد آيو ته مون سان ڪجهه دوست منصور گهمي رهيا هئا. جنهن کي اڳ برهمڻ آباد چيو ويندو هو. برهمڻ، منصور ڪيئن ٿيو، اهو منهنجي سمجهه ۾ نه آيو. شايد هن کي به ڪنهن وقت دارو رسن جي آزمائش مان گذرڻو پيو هجي! شام ٿي رهي هئي، سج ڪنهن ازلي ڪنڀار جي تازي دلي وانگر چڪيءَ تي ڦري رهيو هو. مون اتي انساني کوپڙيون، هڏا، ڀڳل ٽٽل مٽيءَ جا ٿانءَ ڏٺا ۽ سوچيو :”آخر ٺڪريءَ ۽ کوپريءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ماڻهوءَ جا ساري آڏ وڏائي نيٺ مٿي آهي. ڪوزيءَ سان ڪنهن امير جو ارغوني جام ڀريو وڃي يا ڪنهن فقير جي آب خوري لاءِ پاڻي ڍڪ وڌو وڃي. وقت گذرڻ سان ٺڪر ڀڄي ڀُري ٿو وڃي. فنا، فنا، سرشتي کي فنا آهي. بقا آخر ڇاکي چوندا آهن؟

ساڳيءَ طرح مان ۽ مرحوم رشيد ڀٽي اروڙ جي ٽڪريءَ ۽ ان جي هيٺان گهمي رهيا هئاسين. سنڌو پنهنجو وهڪرو هميشه جيان ڦيرائي وئي هئي ۽ پٺيان بٺ ۽ ويران شهر ڇڏي وئي هئي. نادان سي. آءِ. ڊي وارن رپورٽ ڪئي هئي ته اسان اروڙ ۾ ڪائي خفيه گڏجاڻي ڪري رهيا هئاسين. اسان ته اتي ڀڳل هڏا کڻي سوچي رهيا هئاسين :” ڇا هي راجا ڏاهر جو هڏو آهي؟ ڇا هي لاڏيءَ جو هڏو آهي؟ ڇا اهي وري ٻيهر ڳنڍبا ۽ شهنائيءَ وانگر وڄندا! تاريخ جي لس ليٽ کي ڪائي ڪنڌي ڪنارو ناهي. جنهن کي چاهي ٻوڙي، جنهن کي چاهي تاري. جنهن کي چاهي ميڪسيڪو جي ازٽيڪ، مايا انڪا ۽ مچو پچو تهذيب وانگر تباهه ڪري ڇڏي ۽ محققن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏئي، ته اهي ويهي ٽڪرا ڳنڍين! تاريخ جو واڳون زور سان ڇڪڻ سان گهوڙي جون واڇون نه چيربيون، تنهنجا هٿ ڇلجي پوندا. تاريخ دارا شڪوه جو سر لاهي اورنگزيب اڳيان پيش ڪري ٿي ۽ سرمد کي دليءَ جي جامع مسجد جي ڏاڪي تان ڇڪي اُٿاري ٿي ۽ هن جو سر جلاد اڳيان جهڪائي ٿي. موت تاريخ تي رحم نه ٿو ڪري. اسٽالن دماغ جي رڳ ڦاٽڻ ڪري مري وڃي ٿو  ۽ روز ويلٽ ويل چيئر (Wheel Chair) تي ريڙهيون پائي مري وڃي ٿو. ٻي جنگ عظيم جا هيرو هڪ عام سپاهيءَ کان به واهيات موت مرن ٿا.

منهنجي ڪمري ۾ ٻه تصويرون منهنجي بستري جي سامهون ٽنگيل آهن، جي منهنجي ڌيءَ نگهت، سنگاپور مان وٺي آئي آهي. هڪ ۾ گوتم ٻُڌ ٻوڌي وڻ هيٺان ڌيان گيان ۾ گم آهي ۽ مارا (ٻڌ ڌرم ۾ موت جي ديوتا کي مارا چوندا آهن.) کي پٺ ڏئي ويٺو آهي، جيڪو پشيمان ٿي ڀڄي رهيو آهي. ٻيءَ تصوير ۾ ٻه نوجوان رقاصائون آهن، جي ڪوئي اجنبي ناچ نچي رهيون آهن. اهي نچڻيون به اچڻيون آهن موت جي ڦندي ۾ ۽ گوتم ٻڌ کي به هڪ ڏينهن مارا نهوڙي نيندو. ڀلي ڪري وٺي اهو جپ تپ. ڏئي وٺي اهي وياکياڻ. اها ٻي ڳالهه آهي ته گوتم ٻڌ، جيڪو ڪنهن خدا ۾ اعتبار نه ڪندو هو، سو مرڻ کان پوءِ خود خدا ٿي ويو ۽ دنيا ۾ هن جون ايتريون مورتيون رکيون ويون آهن، جيتريون ڪنهن به ديوتا جون نه رکيون ويون آهن!

زرينا، مون من ساگر ۾ اونهي ٽٻي ڏئي، ان جي تري کي ڇُهيو آهي. تون منهنجي ماٺ تي هري وئي آهي ۽ ان آئيني کي ٻڙڪ ٻاڦي ڪڏهن به نه ٽڙڪايو اٿئي.

مون تنهنجي والد صاحب جي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هئي. هن ئي مون کي گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي جي ٽي جلد آڻي ڏنا هئا، جي پڙهي مون سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ سنڌي استعاري ۽ تشبيهه جو حسن ۽ نزاڪت محسوس ڪئي هئي. ڀٽائيءَ لفظ ائين استعمال ڪيا آهن، جيئن مون ترڪيءَ ۾ ڏٺو هو ته هڪ باغبان ڊاک جا ڇڳا پٽي ٽوڪريءَ ۾ وجهندو ٿي ويو. ٻولي هڪ وڏي ول آهي، جنهن ۾ لفظ ڊاک جي ڇڳن وانگر لڙڪندا آهن.

هاڻي اچ ته تنهنجي والد بزرگوار جي ڪهاڻي پوري ڪيون. هو تهجد گذار ۽ صوم صلوات جو پابند هو ۽ پرهيزگار شخص هو، کاڌي پيتي ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو سادو هو. پاڙي ۾ جوا هلندي هئي ته هو ان کي نفرت سان ڏسندو هو، نه ڪنهن جي غلا ڪندو هو ۽ نه ٻڌندو هو. هو اڃان سٺ ورهين جو ٿيو هو، جو سخت بيمار ٿي پيو ۽ شڪارپور جي سول اسپتال ۾ گذاري ويو. مان هن جي وفات کان هڪ ڏينهن اڳ هن وٽ ويو هوس. هن شفقت سان منهنجي مٿي تي هٿ رکيو هو ۽ مون کي دعا ڪئي هئائين.

منهنجو پيءُ دنيا جي فنا پذيريءَ تي سوچي چوندو هو، ”ڪاڏي ويو پڻهين ماڻهين، اڃان  نه ٿو ڄاڻين.“ عام عبادت جي ڪتاب (Book of Common Prayer) ۾ چيو ويو آهي: ”زندگيءَ جي وچ ۾ اسان موت ۾ آهيون، اها ٻي ڳالهه آهي ته جيتوڻيڪ سڀ ماڻهو مرڻا آهن، هُو اها ڳالهه پنهنجي باري ۾ نه سوچيندا آهن.“

زرينا جي ماءُ به هڪ نيڪ ۽ پرهيزگار عورت هئي. مرڻي پرڻي تي هن کي وڏو ڪري ويهاريندا هئا. هڪ يهودي پهاڪو آهي:”خدا جتي ڪٿي ته  ٿي نه ٿو سگهي. ان ڪري هُن ماءُ تخليق ڪئي.“ اسان جو مسلم عقيدو آهي ’خدا هر جاءِ تي حاضر ناظر آهي‘. پر مان ڀانيان ٿو ته هن جو سڀ کان درخشان جلوو ماءُ جي صورت ۾ آهي.

جيمس بئري چيو هو: ”ٻار جڏهن عبادت ڪندا آهن ته هنن جو معصوم منهن ماءُ جي منهن وانگر هوندو آهي.“ اسان جي نبي اڪرم جيڪي والدين لاءِ چيو آهي، ان جو مثال ته ڪٿي نه آهي.

زرينا کان جي ٽي سؤ ڀيرا پڇيو وڃي ها ته دنيا ۾ توکي عزيز ترين شيءِ ڪهڙي آهي؟ ته هوءَ چوي ها، ’ماءُ.‘ زرينا جي ماءُ کي زرينا سان ايتري محبت هئي، جو جڏهن هوءَ بيمار ٿي پئي ته اسان وٽ اچي رهي. زرينا راتيون جاڳي هن جي خدمت ڪئي هئي. سکر ۾ ان وقت چڱا ڊاڪٽر ڪونه ها ۽ هن کي جيري جي سوج لاءِ دوائون ٿي ڏنائون ۽ ڪنهن کي خبر نه پئي ته هن کي جيري جي ڪئنسر آهي. ڏاڍو دير سان معلوم ٿيو ته هن کي ڪهڙي بيماري آهي. ٻئي ڏينهن تي هوءَ گذاري وئي.

هن جي ڪِنجهه، ڪُرڪ ۽ درد ۾ به ڄڻ عبادت هئي. زرينا به پنهنجي ماءُ تي وئي آهي ۽ هن ۾ بيحد صبر آهي. هوءَ بيماريءَ ۾ ٻه ڀيرا جڏهن ويهي نه سگهندي هئي، تڏهن اشارن سان پنج وقت نماز پڙهندي هئي. جڏهن ڊاڪٽر جواب ڏئي بيٺا، ته کيس پنهنجي يقين ۽ عبادت صحتياب ڪيو.

لنڊن ۾ رايل شيڪسپيئر ٿيئٽر ۾ (Royal Shakespere Theater) هئمليٽ ۾ مون ڪنگ ڪلاڊيس کي چوندي ٻڌو هو: ”جُهڪو ضدي گوڏؤ جُهڪو!“ مون تڏهن خدا جي حضور ۾ گوڏا ته ڪونه جهڪايا ها، پر هاڻي جڏهن ڪنهن ازلي حقيقت اڳيان اهي جهڪائڻ ٿو چاهيان ته شديد درد سبب جُهڪي نه ٿا سگهن.

شيڪسپيئر جي ڳالهه نڪتي ته مون کي هن جي ڊرامي جوليس سيزر مان هڪ چوڻي ياد آئي، جا هن ڪيسيس (Cassius)  جي واتان چوائي آهي:

”ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهنجي تقدير جا مالڪ مختيار آهن. پيارا بروٽس قصور ستارن جو نه آهي، پر اسان جو آهي، ڇو ته اسان زيردست آهيون.“

ڪالهه جي. ايم. سيد جي ورسي دادوءَ ۾ ڌوم ڌام سان ملهائي وئيي. سنڌي اخبارن ۾ ڪيئي ڪالم لکيا ها. مون زندگيءَ جو ڪافي حصو هن سان گڏ گذاريو هو ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي پيڙهه ۾ ڪجهه پٿر منهنجا به آهن. هن سان ڪچهريون، دعوتون، ڪريم بخش نظاماڻيءَ جا دڦ تي تنوير نقويءَ جا اردو گيت، مومن مليرائيءَ سان چرچا، قربانيءَ جي اشاعت، ون يونٽ، اسيمبلي ۽ ميمبرشپ، سوڀي گيانچنداڻيءَ جو پارٽي نظرئي جي جوش ۾ قربانيءَ جو پرچو اسيمبليءَ ٻاهران ورهائڻ، جڏهن هو خود ان جو ايڊيٽر هو ۽ جو پرچو جي. ايم. سيد جي خلاف ڪڍيو ويو هو. جيئي سنڌ تحريڪ، بزم صوفياءِ نالي جي تجويز، ڄيٺي سپاهيملاڻي، جئرام داس دولت رام گدواڻي، حشو ڪيولراماڻي، محمد امين کوسو (جنهن اسپينسر (Spencer) تي پورو ڪتاب پڙهيو هو ۽ جنهن هوٽل ۾ رهيل هو، ان جو بل ڪتاب جي خاتمي تائين ڪتاب جي قيمت کان ڏهوڻو ٿي ويو هو.) جي. ايم. سيد جو الله بخش سومري جي مزار تي شڪاپور ۾ فاتحه خواني لاءِ وڃڻ ۽ سنڌيءَ ۾  چوڻ: ”الله بخش معاف ڪجانءِ! آءُ غلطيءَ تي هوس.“ هن جو، تڪليف جي باوجود منهنجي لائبريريءَ ۾ ڏاڪڻ چڙهي اچڻ، سَن ۾ نشستون، مشاعرا، تقريرون، جي. ايم. سيد جي متحده محاذ جو بنياد، سَن ۾ تقريرون، قاضي فيض محمد، محمد ابراهيم جويو، پير حسام الدين شاهه راشدي، رسول بخش پليجو، محمد حفيظ قريشي، غلام رباني آگرو، ابن حيات پنوهر، مسعود نوراني (جنهن ان وقت ميرپورخاص ۾ ’مڻهيار آيو ڙي‘ ڳاتو هو، جنهن وقت مون ميرپورخاص ۾ ڪانفرنس جي صدارت ٿي ڪئي.) مولانا غلام محمد گرامي، ڪريم بخش نظاماڻي، ڄام ساقي، مير ٿيٻو، پٿر سنڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي محب وطن سنڌين جي موجودگيءَ ڪري، بزم صوفياء جي تحريڪ ايترو زور ورتو جو هڪ ڀيري مرحوم اي. ڪي. بروهي، خان بهادر کهڙو ۽ علي محمد شاهه راشدي به آيا ها. ان ڪانفرنس  ۾  مون ’مودودي جو موت‘ آپيرا ساندهه منو ڪلاڪ حافظي مان پڙهي هئي. اگرتلا سازش ڪيس مان رهائيءَ بعد شيخ مجيب سان جي. ايم. سيد جي دعوت تي منهنجي ملاقات ٿي هئي. يونيورسٽيءَ ۾ مون ڏانهن جي. ايم. سيد نياپو موڪليو ته ڪوئي پنجابي سابق فوجي توکي ۽ مون کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي ۽ جيڪو گرفتار ڪيو ويو آهي.

سندري ۽ اتم کي هن وٽ وٺي وڃڻ، حشوءَ جي جلاوطني وقت سيد وٽ ڄيٽمل پرسرام سان ملاقات، جڏهن حشو ڀارت وڃي رهيو هو ۽ ڄيٺمل جي اکين مان آبشار وهي رهيا ها. حشوءَ جو سنڌ جي آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد، جي. ايم. سيد جي ڪتاب ’سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد‘ (My    Struggle for New Sindh) جي نالي سان ترجمو، حشوءَ جو ٽائيپ رائيٽر تي سڌو ٽائيپ ڪرڻ، سيد سان محمد ابراهيم جويو جي معرفت پهرين ملاقات ۽ جناح اسپتال ۾ هن جي ديدار لاءِ وڃڻ، جڏهن هو بيهوشيءَ جي حالت (Coma)  ۾ هو ۽ سئربين وانگر ٻيا ڇا ڇا منظر اکين اڳيان فري ويا ۽ سئربين جي شيشن وانگر ڪڏهن اڳتي ٿي ويا ته ڪڏهن پٺ تي ۽ ڪڏهن انهيءَ دؤر جون تصويرون ٿي ٺاهيائون. جي. ايم. سيد جي پنهنجي باري ۾ مون کان ٻه ڳالهيون وسري نه ٿيون وسرن. هڪ منهنجي باري ۾، ٻي جي. ايم. سيد جي باري ۾ آهي. هڪ  ڀيري جڏهن سَن ۾ مان اڪيلو هن جي اوطاق ۾ ساڻس ڪچهري ڪري رهيو هوس. اوطاق جي پڌر ۾ لالٽين ٻري رهي هئي ۽ چنڊ سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪنهن ڪشتيءَ وانگر لنگر انداز هو ۽ سيد چرچا گهٻا ڪري رهيو هو، تڏهن هن مون کي ٻڌايو ته: ”اياز هڪ ڀيري گولاڙچي ريسٽ هائوس جي هڪ ڪمري ۾ ستل هوس ۽ ڀر واري ڪمري ۾ هڪ وزير صاحب رهيل هو. اوچتو زالاڻو روئڻ جو آواز آيو. مان اسٽول تي بيهي روشن دان مان ڏٺو ته هڪ ڀورڙي ڇوڪري وزير صاحب جي ڇاتيءَ سان لڳي بيٺي هئي ۽ روئي کيس چئي رهي هئي: ”تون ته مون کي رڻ ۾ ٿو رولين؟ مون بنا سوچ سمجهه جي پنهنجي ڪنوارپ تنهنجي نذر ڪئي ۽ هاڻي شادي جو واعدو ڪري تون ڦري ٿو وڃين!“ ائين چئي هوءَ اچي سڏڪن ۾ پئي، وزير صاحب کيس ڇاتيءَ سان ڀيڪوڙي چُمي ڏني. چمي کٽي نه ٿي کٽي. ڄڻ کوهه ۾ ٻوڪي جي رسي ٽٽي پئي هئي. اياز جڏهن مون ابراهيم جويو کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هن سندس رنگ روپ ۽ وزير جو نالو پڇي چيو ته: ”اها ڇوڪري تنهنجي منظور نظر به هئي. چڱو جو تون هن جي چڪر مان نڪري وئين.“ مون ٽهڪ ڏنو ۽ سيد کي چيو: اها ڇوڪري منهنجي عشقيه شاعري آهي. مون کي هن جي مجبوريءَ ۽ بي وفائيءَ جي خبر هئي، پر اها هاڻي وساري ڇڏي آهي. مون هن کي وڌيڪ چيو: فرانس جي ائرسٽو ڪريٽ مادام دي سٽيل، جا آرٽ جي سرپرست هئي، تنهن چيو آهي ته: ”عشق عورت جي زندگيءَ جي سرگذشت آهي ۽ مرد جي زندگيءَ ۾ هڪ واقعو آهي.“ مون کي به ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي هئي، ان ڪري مون هن کي اوچتي الوداع ڪئي.“

اڄ جڏهن مان هي سِٽون لکان ٿو ته انگريز شاعر لوئي مئڪنيس (Louis Machneice) جون هيٺيون سٽون ياد اچن ٿيون:

”ڪنهن منهنجي زندگيءَ ۾ خوشبوءِ ڇڏي آهي ۽ منهنجون ديوارون ٽپي وئي آهي ۽ پنهنجي ئي پاڇي سان رقص ڪندي ٿي وڃي ۽ سڄيءَ لنڊن ۾ هن جي چمين جون ساروڻيون پکڙيل آهن.“ جيڪڏهن لنڊن کي شڪاپور ۾ تبديل ڪيو وڃي ته ڄڻ هي شعر مون لکيو آهي.

ٻيو واقعو سيد پنهنجي زندگيءَ مان ٻڌايو هو، جڏهن جئپور پهتو هو ته پنڌ ۾ سنڌي هندن هن کي ڪلهن تي کنيو هو. هو جيئي سنڌ تحريڪ جو باني هو ۽ هر شرنارٿي سنڌيءَ جي دل ۾ ميڻ بتيءَ جيان ٻري رهيو هو. جڏهن هو دهليءَ ۾ ڪٿي ترسيل هو، تڏهن هڪ ارڙهين ويهين ورهين جي نوجوان صحافي ڇوڪري هن سان ملڻ آئي. سيد کي يڪدم ياد آيو ته هن اهڙي صورت ورهاڱي کان اڳ ڏٺي هئي. جي. ايم. سيد مون کي ٻڌايو: ”مون هن کان پڇيو ته: ”تون فلاڻيءَ جي پوٽي يا ڏوهٽي آهين ڇا؟“ ان تي انهيءَ ڇوڪري کيس چيو ته: ”مان هن جي پوٽي آهيان. پر اوهان هن جي باري ۾ ڇو ٿا پڇو؟“ ان تي جي. ايم. سيد وراڻيو، ”مان هن جو لور (Lover)  عاشق هوس.“

”توهان هاڻ هن کي ڏسڻ چاهيندؤ؟“ صحافيءَ ڇوڪريءَ چيو: ”هن کي فالج ٿي پيو آ هي. هوءَ ٽن مهينن کان بستري تي سنئين ٿي سمهي پئي آهي ۽ بيڊ پئن (Bed Pan)  هن جي بستري تي رکيو آهي.“

اهو چئي جي. ايم. سيد ٽهڪ ڏنو. مون کي محسوس ٿيو ڄڻ گهاڻي ۾ ڪمند جي رس نپوڙجي رهي آهي. ڪيترو نه ميٺاج هو هن جي گفتگو ۾، جڏهن مان هن جي ڪراچيءَ واري گهر ۾ هن کان طبيعت پڇي رهيو هوس ته مون کي ٽي. ايس. ايليٽ جون ڪجهه سِٽون ياد آيون:

”هتي آهيان، هڪ پير مرد، پنهنجي خشڪ ساليءَ ۾،

جنهن جو هڪ نوجوان مطالعو ڪري رهيو آهي.“

هر انسان فنا جي زد ۾ آهي. گوتم ٻڌ جڏهن نرواڻ پاتي، تڏهن هڪ عورت پنهنجو مئل ٻار وٽس کڻي آئي ۽ چيائينس ته: ”تون ڀڳوان آهين، مون کي پٽ جيئرو ڪري ڏي!“

گوتم ٻڌ کي اهو ڏسي افسوس ٿيو ته هو موت جي اڳيان بيوس آهي. سو هن کي چيائين: ”تون ساري ڳوٺ مان گهر گهر مان پڇي آءُ ۽ اهو گهر مون کي ٻڌاءِ، جتي ڪوئي نه مئو هجي ته مان توکي پٽ جيئرو ڪري ڏيان.“

ٻئي ڏينهن تي اها عورت گوتم ٻڌ وٽ آئي ۽ هن کي چيائين: ”اهڙو گهر ته ڪوئي به ناهي، جتي ڪوئي نه مئو هجي.“

ان تي گوتم ٻڌ هُن کي چيو: ”جي موت هر انسان جو مقدر آهي ته تون روئين ڇو ٿي؟“

آمريڪا جي مزاحيه اديب مارڪ ٽُئن (Mark Towain)  چيو آهي ته: ”طويل عمريءَ جو الميو اهو نه آهي ته انسان پيرسن ٿي چڪو آهي، پر اهو آهي ته هو اڃان جوان آهي.“

جي. ايم. سيد جيستائين مون ڏٺو، تيستائين هن جا جذبا جوان ها. ان ڳالهه کي الميو چئجي يا طربيه، ان تي ڇا ٿو چئي سگهجي!

هڪ ڀيري اڌ رات جو  قاضي فيض محمد منهنجو در اچي کڙڪايو ۽ چيائين ته: ”اڳ ته تو مجيب الرحمان جي روبرو جي. ايم. سيد جي پت رکي هئي، پر هاڻي ون يونٽ ٽٽي چڪو آهي، مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ هڪ کان سواءِ سڀ سيٽون کٽي چڪي آهي. ان ڪري تون سڀاڻي دوستن سان گڏجي اعلان ڪر ته تو عوامي ليگ ۾ شموليت ڪئي آهي.“

مون کي ياد آيو ته اگرتلا ڪيس مان شيخ مجيب جي رهائيءَ کان پوءِ جي. ايم. سيد هن جي انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل ڪراچي ۾ پرتڪلف دعوت ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ هن سان پنهنجي بنگلي جي پهرين ماڙ تي مخصوص نشست رکي هئي، جنهن ۾ مرحوم جي. ايم. سيد، قاضي محمد اڪبر، محمد ايوب کهڙو، علي محمد شاهه راشدي ۽ آءُ موجود هوس. جي. ايم. سيد، شيخ مجيب کي چيو ته هو آغا غلام نبيءَ، کهڙي ۽ راشديءَ کي عوامي ليگ جي مرڪزي ڪميٽيءَ تي کڻي.

شيخ مجيب جنهن سان پنج دوست ساڻ هيا، ان يڪدم جي. ايم. سيد کي چيو: ”تنهنجو انهن فيوڊل ساٿين تي ته مان پوءِ ويچار ڪندس. پهرين مون کي پنهنجي شاعر شيخ اياز مرڪزي ڪميٽيءَ تي ڏي، ڇو ته منهنجا ساٿي رڳو هن کي هن جي شاعريءَ جي بينگالي ترجمي جي ذريعي سڃاڻن ٿا ۽ هن کان متاثر آهن. ٻيو ته عوامي ليگ مڊل ڪلاس جي تحريڪ آهي فيوڊل ڪلاس جي ناهي. اقتدار  ۾ اچڻ کان پوءِ هن کي مون کي سنڌ ۾ نهايت اهم ڪم سپرد ڪرڻو آهي.“ جي. ايم. سيد کي اها ڳالهه نه وڻي.

مون شيخ صاحب کي چيو ته: ”اڃان ون يونٽ نه ٽٽو آهي ۽ تحريڪ ۾ ڪميونسٽ سوشلسٽ، انارڪسٽ، قوم پرست دانشور ۽ سنڌ دوست عوام شامل آهن. ڪي لينن جا پوئلڳ آهن، ڪي مائوءَ جا، ڪي مهاتما گانڌيءَ جا، ڪي مولانا آزاد جا ۽ ڪي فقط ڀٽائيءَ کان متاثر آهن ۽ سر مارئيءَ ۾ قومي تحريڪ جون پاڙون ٿا ڳولين. هڪ شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ مان انهن سڀني ۾ رابطو آهيان. اڃان ون يونٽ ٽٽو ناهي، پر جڏهن اهو ٽٽو ته مان عوامي ليگ ۾ ضرور شامل ٿيندس.“ جي. ايم. سيد سرهو ڏسڻ ۾ آيو ۽ شيخ مجيب جو منهن لهي ويو. ان تي علي محمد راشديءَ انگريزيءَ ۾ مون کي چيو: ”شيخ صاحب، تون ان ۾ پنهنجي عزت افزائي نه ٿو سمجهين ته پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم توکي عوامي ليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏئي رهيو آهي.“

جنهن تي مون به کيس انگريزيءَ ۾ چيو: ”هائو، عزت افزائي ته سمجهان ٿو، پر پاڪستان جي نقشي تي، سنڌ جو وجود وڌيڪ اهم آهي. ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ مان پاڻ شيخ صاحب کي درخواست ڪندس ته مون کي عوامي ليگ ۾ کنيو وڃي.“ شيخ مجيب اُٿيو ۽ جي. ايم. سيد کي چيائين: ”دير ٿي وئي آهي. وري سڀاڻي ملنداسين.“

ٻئي ڏينهن تي هو ڪو بهانو ڪري نه آيو ۽ ٽئين ڏينهن هو ڍاڪا هليو ويو.

11 بجي رات جو قاضي فيض محمد جو عوامي ليگ ۾ متحده محاذ جو نمائندو هو ۽ عوامي ليگ جو وائيس پريزيڊنٽ هو، سکر ۾ منهنجي گهر آيو ۽ مون کي چيائين ته : ”مان سڌو ڍاڪا مان ٿو اچان، ميٽنگ کان پوءِ شيخ صاحب مون کي چيو ته : نواب شاهه نه وڃجانءِ، سڌو اياز وٽ سکر وڃجانءِ ۽ هن کي مون سان ڪيل قؤل ياد ڏيارجانءِ.“

مون، رشيد ڀٽي ۽ ڪجهه ٻين، ٻئي ڏينهن تي بيان ڏنو ته اسان عوامي ليگ ۾ شامل ٿيا آهيون. ٽئين ڏينهن تي مون کي عوامي ليگ جي سيڪريٽري جنرل قمرالزمان جي تار پهتي ته شيخ صاحب توکي مرڪزي ڪميٽيءَ تي کنيو آهي.

ان ڳالهه تي جي.ايم سيد مون تي رنج ٿيو. هن کي اها ڳالهه نه وڻندي هئي ته هن جو ڪوبه ساٿي پاڻ فيصلو ڪري. ان تي مون کي رومن شهنشاهه نيروءَ جي باري ۾ هڪ لطيفو ياد آيو. نيرو جام ومينا، رقص و رنگ ۾ ويٺو هو ته ڪنهن غلام اچي هن کي ڪن ۾ چيو:” تنهنجي فلاڻيءَ ڪنيز خودڪشي ڪئي آهي.“

نيروءَ ڇرڪ ڀري ٽپو ڏئي اٿي چيو:” خودڪشي ڪئي اٿائين، منهنجي مرضيءَ کان سواءِ!“

جيستائين ٻي گڏجاڻي ٿئي تيستائين مرحوم حاجي مولابخش سومري، مون کي شڪارپور مان فون ڪري پڇيو: ” ڇا مان عوامي ليگ جي ٻي گڏجاڻيءَ تي ڍاڪا وڃان ٿو ته هو مون لاءِ به هوائي جهاز ۾ رزرويشن ڪرائي.“

مون کيس چيو ته : ” ڪارا ڪڪر ڇانئبا ٿا وڃن. معلوم نه آهي ته سڀاڻي ڇا ٿئي. منهنجي زال ۽ ٻار اڪيلا آهن. اسان جا سڀ جا سڀ مائٽ شڪارپور ۾ ٿا رهن. جيڪڏهن مون مناسب ڄاتو ته مان ڍاڪا لاءِ پاڻ ئي ٽڪيٽ وٺندس، اوهان فڪر نه ڪريو.“

ٻيءَ رات اسان کي کٽڪو ٿي رهيو هو ته اوڀر پاڪستان تي فوج ڪشي ڪئي ويندي ۽ ڀٽي صاحب ”اڌر تم، اڌر هم“ جو نعرو  ڏنو آهي. سو مان، رشيد ڀٽي ۽ ڪامريڊ فتح الله عثماني هڪ صحافيءَ ۽ اي. پي. پيءَ جي نمائندي بشارت حسين وٽ، مارڪيٽ ٽاور ڏانهن ويندڙ رستي جي موڙ وٽ، سندس آفيس ۾ شام جو وياسين. ڇوته هن وٽ ريوٽر مشين هئي. اٽڪل ساڍي اٺين يا نائين وڳي رات جو ريوٽر مشين تي خبر آئي ته شيخ مجيب کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ تي مارشل لا هنيو ويو آهي.

اُتان مان، رشيد ڀٽي ۽ ڪامريڊ فتح الله عثماني اٿياسين. رشيد ڀٽي ۽ عثمانيءَ جا هٿ ڏڪي رهيا هئا. مون بشارت جي آفيس مان نڪري عثمانيءَ کي چيو ته: ”مارڪيٽ مان چڪن تِڪا ۽ شراب وٺيون ٿا هلون ۽ ماني تنهنجي گهر کائينداسون.“ وديشي شراب جو گتو بند ٿي ويو هو. اسان ٺري جا ٻه آڌيا، ڇهه چڪن تِڪا ۽ ٽي نان ورتا ئي مس ته بجلي اجهامي وئي. شايد اسان کي بلئڪ آئوٽ تي هيرائي رهيا ها. پوءِ ته هٿ ۾ هٿ ڏئي، دَهي تي شاهي بازار ۾ عثمانيءَ جي گهر ڏانهن وڌياسين. پنجن منٽن کان پوءِ بجلي اچي وئي ته جلدي جلدي عثمانيءَ جي گهر پهتاسين. ايتري ۾ سائرن (گهگهو) وڳو،  ڄڻ ڪنهن عورت کي وارن کي ڇڪيو ٿي ويو ۽ وري بتيون اُجهامي ويون. اسان عثمانيءَ جي گهر جا دروازا بند نه ڪيا ۽ پئٽروميڪس جي گئس بتي ٻاري سون. عثماني پاڻ ته چکندو به نه هو، پر مان ۽ رشيد ڀٽي ٺري جا ٻه آڌيا پي وياسين ۽ گڏوگڏ ڇهه ئي چڪن تِڪا کائي وياسين، عثماني گهر جي رڌل ماني کائڻ هليو ويو. رشيد مون کي چيو: ”هي عثماني آهي ته ڪميونسٽ پر نهايت شريف انسان آهي. پر ٻيا ڪميونسٽس اسان سان پلئه ڪندا، ڇو ته هنن نه ٿي چاهيو ته اسان عوامي ليگ ۾ شامل ٿيون. پيپلز پارٽيءَ وارا به اسان جي مخالفت ڪندا. ٺري هاڻي وڃي رشيد ڀٽيءَ جو دماغ ورتو ۽ هُو يحييٰ خان، شيخ مجيب ۽ ٻين کي گاريون ڏئي رهيو هو، جن ۾ عام ماڻهو به اچي ٿي ويا ۽ پورو ملڪ به اچي ٿو ويو.

مون کي نشو نهايت سنجيدو ڪري ڇڏيندو هو. منهنجي اکين اڳيان پوري برصغير جي تاريخ ڦري وئي ۽ ڍاڪا ۾ رائيٽرس گلڊ جي گڏجاڻي ۽ اها شام ياد آئي، جڏهن گلڊ جي سيڪريٽري جنرل ۽ پريزيڊنٽ ايوب جي سيڪريٽريءَ قدرت الله شهاب اردوءَ ۾ صدارتي تقرير ٿي ڪئي ۽ هڪ بنگالي اٿي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين: ”مسٽر شهاب انگريزيءَ ۾ ڳالهاءِ ته اسان به سمجهون، نه ته اسان جيڪڏهن بنگاليءَ ۾ ڳالهائينداسون ته اوهان هڪ اکر به نه سمجهي سگهندا.“ ان تي هن کي سيڪيورٽيءَ وارن ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو ۽ شهاب اردوءَ ۾ تقرير جاري رکي. مون ٻڌندڙن کي ساميءَ جا منظوم ترجما ٻڌايا، جن مان ڪجهه هندي لفظ هنن کي سمجهه ۾ آيا ۽ هنن تاڙيون وڄايون. باقي فارسي آميز اردو شاعري ٻڌي هنن کي نانگ سنگهي ويو. الائجي ڇو منهنجي دل ۾ آيو ته اڄ بنگلاديش لاءِ علحدگي جي تحريڪ شروع ٿي. هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اردوءَ جي نقاد عبدالطيف شادانيءَ هڪ بنگالي مصور جي هٿ ۾ ڪنهن ڪاري رنگ جي بنگالڻ جي تصوير ڏسي هن کان پڇيو: ”ڇا ڪاري ڪنويلي ڪڍي اٿئي؟“

ٻئي ڀيري اردوءَ جي صحافي طفيل احمد جماليءَ ڪانءَ کي وڻ تي ٻوليندو ڏسي چيو ته: ”بنگاليءَ ۾ ڳالهائي رهيو آهي.“ ايتري نفرت جي اظهار مون کي انهيءَ نتيجي تي پهچايو ته بنگالي اسان سان گهڻو وقت گڏ رهي نه سگهندا.

فوج ڪشيءَ جي ٻئي ڏينهن تي سکر بار ۾ وڪيلن جو ميڙ ٿيو. انهن ۾ اڪثريت پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل وڪيلن جي هئي. مان بار جو صدر هوس. مون کي پنهنجي جونيئرس غلام مصطفيٰ شاهه ۽ حبيب الله شيخ صلاح ڏني (غلام مصطفيٰ شاهه پوءِ سنڌ حڪومت جو لا سيڪريٽري هو، جتي هو گذاري ويو. باقي حبيب الله شيخ اڃان تائين ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان آهي.) ته مان ميڙ جي صدارت ڪيان ۽ بنگال تي فوج ڪشيءَ جي حمايت ڪيان، پر مون کين جواب ڏنو ته: ”مان اهڙو بي مروت ۽ احسان فراموش ڪٿي آهيان جو ڪجهه ڏينهن اڳ شيخ مجيب مون کي عوامي ليگ جي مرڪزيءَ ڪميٽيءَ تي کنيو آهي ۽ اڄ مان هن جي گرفتاري ۽ اوڀر پاڪستان تي فوج ڪشيءَ کي صحيح سياسي قدم چوان! اهو مون کان نه ٿيندو. اوهان ميڙ جي صدارت ڪنهن ٻئي وڪيل کان ڪرايو. مان موجود رهندس ۽ ڪجهه نه چوندس.“

ٻئي ڏينهن تي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ پيپلز پارٽيءَ جي هفتيوار Combat ۾ آيو ته مون اوڀر پاڪستان ۾ فوج ڪشيءَ جي تائيد ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ان ڪري مون تي قدم کنيو وڃي. ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي مون کي اٺ مهينا جيل ۾ رکيو ويو. مون کي پئسي جو ته نقصان ٿيو پر اها فرصت وڏي غنيمت ثابت ٿي ۽ مون نظربنديءَ دوران سارو ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ ۽ ان ۾ شامل ديپاچي طور نوٽ لکيا. ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ ۾ مون سنڌ جا اڪثر ڪلاسيڪي سُر پنهنجي پيغام سان لکيا ۽ ان ۾  ٻي شاعري به شامل ڪئي. ان بي اشاعت کان پوءِ بندش نه وڌائون، ڇوته سرڪار کي اڳيون تجربو هو ته، ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۽ ”جي ڪاڪ ڪڪوڙيا ڪاپڙي“ تي بندش سنڌ تي پيٽرول وارو ڪم ڪيو هو ۽ منهنجي هر ڪتاب جي هڪ هڪ ڪاپي ويهن ويهن ماڻهن پڙهي هئي ۽ ڪتاب بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪاڻا هئا. منهنجي نظربنديءَ خلاف مير رسول بخش ٽالپر جي صدارت هيٺ سنڌ پيپلز پارٽيءَ ٺهراءُ بحال ڪيا هئا ته مون کي هڪدم آزاد ڪيو وڃي، ڇوته مان سنڌي قوم پرست آهيان ۽ اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي ۽ نه ئي ان ۾ منهنجو ڪو مفاد آهي.

اوڀر پاڪستان جي جدا ٿي وڃڻ کان پوءِ يحيٰ کان ڦسي پيو. هڪ رات اڳ هن ريڊيو تي تقرير ڪئي هئي ته جنگ اسان جي جاري رهندي ۽ ٻئي ڏينهن اوچتو جنگ بندي ڪئي وئي ۽ هڪ مهاجر جيلر مون وٽ روئندو، رومال سان اکيون اگهندو آيو ۽ چيائين : ”اياز صاحب! پاڪستان جنگ هارائي.“ پوءِ اچي روئڻ ۾ ڇٽو. ان کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو ، چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو ۽ يحيٰ خان کي جيل ۾ وڌائين جو وسڪيءَ جي بوتل ۾ نورجهان ۽ بلئڪ بيوٽيءَ جون ساروڻيون ملائي موت تائين گذارو ڪندو هو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، پنهنجي سؤٽ جناب ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو گورنر ڪيو ۽ هن شهيد ڀٽي جي چوڻ تي جيل سپرينٽينڊنٽ کي فون ڪيو ته شيخ اياز کي ڇڏيو وڃي. اهڙا آرڊر کيس جلد ئي پهچي ويندا.

مون کي آزاد ڪيو ويو . ٻاهر ڌرتي ۽ آسمان نئون ٿي لڳو. مان انيس سان گڏ سکر بئراج تان سنڌوءَ کي ڏٺو، جا اڃان پنهنجي ڀرپور جوانيءَ ۾ هئي ۽ جنهن لوهي دروازن سان ٽڪرائي ۽ ان جي قيد مان آزاد ٿيڻ پئي چاهيو. مون کي اصغر گونڊويءَ جو هڪ شعرياد آيو:

”آلام روزگار ڪوآسان بناديا،

جو غم هوا اسي غم جانان بناديا.“

ترجمو: (دنيا جي رنج ۽ الم کي آسان ڪري ڇڏيو،

جو غم ٿيو ان کي محبوب جو غم بڻائي ڇڏيو.)

مون سوچيو ته هنن اٺن مهينن سوڌو، چوڏنهن مهينا قيد سنڌ جي بلي ٿيو. اهي ڳالهيون تاريخ جي کاتي ۾ لکيون وينديون، تاريخ وياج ته واڻين کان به وڌيڪ ڏيندي آهي، پر ڪيئن چئجي؟ پر ڪيئن چئجي، ته اها وياج سان گڏ مور به کائي وڃي! اڳ مون نظربنديءَ جو ذڪر فلئش بئڪ ۾ ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ ۾ ڪيو آهي. شايد ان ۾ مون لکيو هو ته جيڪڏهن زرينا گهر ۾ هڪ بتي به ٻاريندي هئي ته پاڙي جا مهاجر چوندا ها ته دشمن کي اشارا ڏئي رهي آهي. ان ڪري پٿر هڻي اسان جي درن جا شيشا ڀڃي، انهن مان اندر مٽيءَ جا ٻُڪ ڦٽي ڪندا هئا. اڄ شايد تاريخ هنن کان زرينا جي اذيت جو حساب وٺي رهي آهي. مون کي هاڻي پڪ آهي ته تاريخ اهڙو سود خور آهي جو سياست کان سود جي پائي پائي چڪائي وٺندو آهي. يو. ايس. ايس. آر ٽٽي وئي، پر روس اڃان شاعر مينڊالسٽام جي رت جي ڦڙيءَ ڦڙيءَ جو حساب ڏئي رهيو آهي. معصوم رت، جو اسٽالن غصي ۾ بي سبب وهايو هو. مان پنهنجي آتم ڪهاڻي تاريخ وار (Chronological Order) نه لکي آهي، فقط شعور جي وهڪري ۾ لڙهندو ويو آهيان. ڪڏهن گهڻو لهوارو لڙهي ويو آهيان ته ڪڏهن اوڀارو تري ٿو اچان. مون زندگيءَ ۾ خاص ورزش ترڻ جي ڪئي آهي. ترندي پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا نه هڻندو هوس، ٽٻي ڏئي هڪ ڪنڌيءَ کان ٻيءَ ڪنڌيءَ تائين پهچي ويندو هوس. انهيءَ ترڻ جي مهارت جو ذڪر بيگاري واهه جي باري ۾ لکيل ذڪر ۾ ڪري چڪو آهيان. سنڌو واهه جو ذڪر جيڪو لوڪ رام ڏوڏيجا پنهنجي ڪتاب ’منهنجو وطن منهنجا ماڻهو‘ ۾ ڪيو آهي، اهو بي مثال آهي، اهو ڏيان ٿو.

”قلم کي طاقت نه آهي ته سنڌ واهه جي موج ۽ لطف جو پورو بيان ڪري سگهان. اونهاري ۾ ان ۾ ٽي چار مهينا پاڻي ايندو هو ته شهر ۾ خوشيءَ جي لهر ۽ غلغلو مچي ويندو هو. لکي در تان ٽانگي وارا سنڌو واهه تائين سواريءَ جا آنو ڏيڍ وٺندا ها،  جو شهر کان ڏيڍ ميل کن پري هوندو هو. اتي شهري حلوائيءَ جا نان وائيءَ جا ۽ رانديڪن جا دڪان اچي کوليندا ها. تيل، ميٽ، انگوشا، ڪدو، توريون، پئسي ٽڪي مسواڙ تي ملنديون هيون. اتي ڪنهن نه ڪنهن دوست دڙي يا مائٽ سيٺين جا بنگلا هوندا هئا ۽ آرام ده فرنيچر ۽ غلم غاليچا پيا هوندا ها. هر هڪ ڌنڌي وارن پئنچاتين جون جڳهون به هونديون هيون. جن ۾ باسڻ، برتڻ، فراس وغيره رکيا هوندا ها. واهه تي پڪا گهاٽ ۽ ٿلها ٺهيل هوندا ها. ڪنارن تي پپل ۽ نمن جي ٿڌي ڇانءَ ۽ تڏا يا کٽولا پيا هوندا ها. اونهاري ۾ بٺيءَ جهڙي گرميءَ ۾، اتي پاڻيءَ جي وهندڙ ڪناري تي ڇانوَ ۾ ٿڌي هير پئي لڳندي هئي ته راحت اچي ويندي هئي. ڪٿي تاس، چوپڙ، ڪٿي راڳ جي محفل، ڪٿي ڪٿا ڪيرتن، ته ڪٿي غريبن لاءِ لنگر لڳو پيو هوندو هو. دڪاندار ڏاڍي صفائيءَ سان دانگيءَ جي ماني لوڻ مرچ وجهي پچائيندا ها ۽ ان ۾ بصر ۽ ڏاڙهون کٽا وجهندا ها، جيڪا ٽڪي آني ڏيندا ها. تنهن سان دال ۽ چٽڻي مفت ۾ ملندي هئي.

اهڙو ڪو شڪاپوري ورلي هوندو جو ترڻ نه ڄاڻندو هجي. اها هئي سنڌو واهه جي مهر! جيڪو تيڪو، امير غريب، هندو مسلمان، انگوڇا ٻڌي، لڱ اگهاڙا ڪري، تڙڳڻ، ٽٻيون ۽ ٽپا ڏيڻ ۾ هڪ جهڙو پيو لڳندو هو. لاٽ پوڻ لاءِ واهه جو ڪنارو وٺي، هڪ ميل مٿي پڪيءَ پل کان، پاڻيءَ ۾ وهندو اچبو هو. واٽ تي گهتان ڏئي پاڻيءَ اندر شرطان به پڄائبيون هيون. پيٽ هيٺان رکيل دلي مان انب ڪڍي چوسبا وڃبا ها. ائين سيتل جل جي وهڪري ۾، روماني جذبات ڀڙڪو کائيندا ها ۽ يار لوڪ ڪن تي هٿ رکي ڏوهيڙا يا بيت ڳائيندا تـڙڳندا ويندا ها.“

”سنڌ اهو روماني ديس هو، جتي رک رکاءُ نه ڪندا ها، پر اظهار ڪري موج مستيءَ ۾ رهندا ها. سنڌ واهه جي لطف کان زالون به وانجهيل نه هيون. انهن لاءِ وڏين ڀتين وارو هڪ جدا گهاٽ هوندو هو، جتي اهي به تـڙڳنديون هيون ۽ ٽپا ڏينديون هيون. پوءِ آڪهه سان گڏجي دڪان تان سودا وٺي، چوڏولن ۾ چڙهڻ ۽ لڏڻ جا مزا وٺي واپس ورنديون هيون. واهه جي ڪناري ڪٿي لغڙن اڏائڻ جي چٽاڀيٽي لڳي پئي هوندي هئي ته ڪٿي تتر ۽ ڪڪڙ پيا ويڙهائيندا ها. ملاکڙي جو دهل وڄندو هو ته خلق اچي ڪٺي ٿيندي هئي ۽ شرطون لڳڻ شروع ٿي وينديون هيون. جڏهن آغا صوفي يا ڪوئي ڀڳت اچي آلاپيندو هو ته ماڻهو سڀ ڪم ڇڏي اچي مڙندا ها. شام جو جتي ڪٿي پنگو پيو گهوٽبو هو ۽ اهو نه رڳو دوستن سان گڏجي پيئندا ها، پر ڌارين کي به ناهين نه ڪندا ها. ٻه چار دفعا اهو حال به ٿيو جو منهنجي چاچي هڪ پٺيان ٻيو سُکي جو ڪونڊو ٺاهيو ته اوپرا ماڻهو اچي خلاص ڪنس ۽ پنهنجي لاءِ چڪڙي به نه بچيس. اهي فقير پنگي جا گلاس به پيا ڏين ۽ چون پيا: ”مست قلندر! جيڪو پيئي سو جيئي.“ ”واهه ڍولڻ واهه، واهه جون ٿاڌل ۾ باداميون وڌيون اٿئي. اصل تروات ڏئي ڇڏيئه!“ بدلي ۾ اهي مولائي فقير، ڇڏيل وار، اکيون ڳاڙهيون، پيرن ۾ گهنگهرو ۽ يڪتاري تي سچل سائين جو ڪلام ڳائي موج مچائيندا ها.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com