سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر-4

باب: --

صفحو :2

ڊاڪٽر چوندا آهن ته مان ايترو نه لکان، پر مان چوندو آهيان ته جي مان ادبي تخليق کان مُنهن موڙيندس منهنجا ٻُوڙن مان هٿ نڪري ويندا ۽ درياهه مون کي لوڙهي ويندو. نه ڄاڻان باقي حياتي گهڻا پل آهي. مان هڪ پل به ضايع نه ٿو ڪرڻ چاهيان جيئن صراف سون جي رتي ضايع نه ڪندو آهي. ڀٽائي چيو آهي ته ”پنهنجو پاڻ سڃاڻُ، اَٿي قيمت سندو قطرو.“اديب جي سڃاڻَ پنهنجي تخليق ڪيل ڪتاب کان ڪهڙي بهتر آهي. اهو بارش جو قطرو آهي، جو سِپ  ۾ قيمتي موتي ٿئي ٿو. مون تي نثر ۽ نظم ٻئي سانوڻ جي مينهن وانگر ايندا آهن، ائين لڳندو آهي ته منهنجو قلم جهلي ٻيو ڪوئي لکي رهيو آهي. اُهو منهنجو معاون ڪير آهي؟ مان پنهنجو پُنر جنم ڏسي سگهان ته ٻڌايان. ڪمري ۾ ٽنگيل ٻُڌ جي تصوير مان ڄڻ ٻوڌي وڻ نڪري ايندو آهي ۽ مون تي ڇَٽُ ڪندو آهي ۽ مون کان بُکَ ۽ اُڃ وسري ويندي آهي. ساهتيه مون لاءِ اُڪيچار آتم ڌن آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ دنيا جا پدارٿ ڪجهه نه آهن. ڪِن سرُن جا مينار ٺاهيا، ڪن سونَ جا مينار ٺاهيا. مان ايترا ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو ته جي هڪ ٻئي جي مٿان رکان ته اُهي قطب مينار کان وڌيڪ اُڀا ٿي وڃن. نه ڄاڻان ته عمر مون کي ڪيتري مهلت ڏيندي ۽ قلم منهنجو ڪيترو ساٿ ڏيندو؟

ڪالهه وڏو ٻوجهه لهي ويوآهي ۽ ائين ٿو لڳي ته آب حيات ۾ غُسل ڪيو اٿم. ستار پيرزادي وعدو ڪيو آهي ته ٻن مهينن ۾ ڪتاب  ڏيندو، جي حميد سبزوئيءَ ڇپائي ۾ دير نه ڪئي.

حميد منهنجن هائڪن تي مونوگرام لکي، خيرپور مان ايم. اي ڪئي آهي. پر هاڻي چوائي موڪليو اٿائين ته اڻ ڇپيل هائڪن جو ڪتاب به ڏيارجيس ته اُهو به تبصري هيٺ آڻي سگهي. جيستائين رڳو هائڪوءَ جو سوال آهي ته مون جپان جي هائڪوءَ جي وڏي ۾ وڏي شاعر باشوءَ کان ٻيڻا ٽيڻا هائڪو لکيا آهن ۽ دنيا ۾ لکيل هائڪن جي برعڪس منهنجن هائڪن ۾ ماترائن جي ڪٿ ماپ ۽ قافيو به آهي.

جڏهن ستار پيرزادي کي آتم ڪهاڻيءَ جو ٽيون حصو ڏنو اٿم، دل تان وڏو ٻوجهه لهي پيو آهي. مواد مون وٽ ايترو هو جو ٻيا پندرنهن سؤ صفحا لکي وڃان ها، پر مون ان مواد کي آتم ڪهاڻيءَ جي ٻئي ڪنهن جلد ۾ آڻڻ ٿي چاهيو،ڇوته هونئن ڪتاب وڌي وڃي ها.

مون تصوف کي انسان جي آخري نجات سمجهيو آهي ۽ ايراني شاعريءَ ۾ دنيا جي قومن ۾ ۽ سندن زبانن ۾ اسرار پسنديءَ (Mysticism)  جو مطالعو ڪيو آهي.

آگسٽ ۾ آصف فرخي جرمنيءَ ۾ اديبن جي سيمينار جو دعوت نامون کڻي آيو ۽ مون کان پڇيائين ته مان شريڪ ٿيندس يانه. فرخي انگريزيءَ ۾ منهنجي شاعريءَ جا خوبصورت ترجما ڪيا آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر اَئن ميري شِمل چيو آهي ته جي مان نه اچان ته ڪلام جو مختصر انتخاب ڪري ڏانهس موڪليو وڃي ته هوءَ پاڻ ئي اُن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪندي. هيءَ علوم مشرق جي ماهر (Orientalist) آهي ۽ شاهه لطيف ۽ علامه اقبال جا جرمن ٻوليءَ ۾ ترجما ڪيا اَٿائين. هوءَ پير حسام الدين راشديءَ جي گهري دوست هوندي هئي ۽ جڏهن به پاڪستان ايندي هئي تڏهن راشدي صاحب سان ملاقات ضرور ڪندي هئي. هوءَ تصوف جي عاشق آهي. هڪ ڀيري پير صاحب هن کي ۽ مون کي آغا بدرالدين دُرانيءَ جي فارم تي وٺي هليو هو. آغا صاحب تن ڏينهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر هوندو هو، ۽ پير صاحب جي چوڻ تي، هُن ڳڙهي ياسين ۾ ذاتي لائبريري ٺهرائي هئي، جنهن ۾ پير صاحب وانگر ڪيئي قلمي نسخا به رکيا هيائين. فارَم  جي وچ تي هڪ وڏو تلاءُ هو،جنهن ۾ پاڻي ڀريل هو ۽ اُن ۾ هڪ ٻيڙي به رکيل هئي. اسان تلاءَ جي ڀر تي ويهي صوفياڻو ڪلام ٻُڌو هو. اُتي مولوي نظير به ويٺو هو. هو هڪ نهايت دلسچپ ڪردار هو ۽ مُلن سان هن جي نوڪَ جهونڪَ رهندي هئي. مانيءَ جي ميز تي ڪُڪڙ جي ٽنگ زور سان ڇني رهيو هو ته مون ڏانهن ڏسي چيائين، ”ڪامريڊ! هي ڪُڪڙ ته ٻانگو هو! ائين ٿو لڳي ڄڻ ملان جي ٽنگ رَڙڪي رهيو آهيان!“ هن جا ٻيا به لطيفا مشهور هئا. هو سکر جي مارڪيٽ ٽاور وٽ بيٺو هو ته زبردست بارش پئجي رهي هئي. هن ڏٺو ته هڪ ملان پاسي ۾ ناليءَ ۾ پيشاب ڪري، اڳٺ وات ۾ وجهي، وَٽُ تلاش ڪري رهيو هو ته مولوي نظير هن کي رڙ ڪري چيو، ”ملان! مٿي ته ڏس بارش رحمت وسي رهي آهي. تون پيو صفائيءَ لاءِ وٽ تلاش ڪرين!“

ٻئي ڀيري هو کاڌيءَ جا ڪپڙا ۽ اڇي ڪانگريسي ٽوپي پائي، هڪ وڏيري وٽ ويو هو. وڏيري کيس چيو، ”هيءَ ڪهڙي ڪانگريسي ٽوپي پاتي اَٿي؟ ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪُتي تي نظر پئي آهي!“ نظير وڏيري کي نهٺائيءَ سان چيو، ”سائين، مان ڪانگريسي ته نه آهيان، ڪميونسٽ آهيان.“

وڏيري پڇيو، ”اهو ڪميونسٽ وري ڪير ٿيندو آهي؟“ ”سائين“، هن ٿڌائيءَ سان جواب ڏنو، ”ڪميونسٽ اُهو ٿيندو آهي، جنهن جي وڏيري تي نظر پَئي ڄڻ مرونءَ تي پَئي.“ هُن ”مرونءَ“ کان به وڌيڪ سخت لفظ ڪم آندو هو.

مون ڳالهه ٿي ڪئي اَئن ميري شِمل جي. هوءَ وري مون سان لاهور ۾ هڪ دعوت ۾ ملي هئي، اُتي مسٽر جسٽس رحمان به ويٺو هو، جنهن جو مون اردوءَ ۾ فقط هڪ غزل پڙهيو هو. غالباََ هن ٻيو ڪجهه نه لکيو هجي. هو. ”فيض“ جو ۽ ”فيض“ جي هم زلف پطرس بخاريءَ جو دوست هو. جسٽس رحمان مون کي اُن محفل ۾ ڏسي ڇرڪي ويو. هو وَن يونٽ واري دور ۾ ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو، ۽ اُن وقت هو سکر جي ڊسٽرڪٽ بار ائسوئيشن جي انسپيڪشن لاءِ آيل هو. هن جي ادبي ذوق جي باري ۾ ٻُڌي، سيشن جج عزيز الله ميمڻ مون ڏانهن اِشارو ڪندي چيو، ”هِن، شاهه جي رسالي“ جو اُردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي.“ هُن مون ڏانهن غور سان ڏسي، عزيز الله کي چيو، ”دير ٿي وَئي آهي. هاڻي ڪاروائي پوري ڪئي وڃي، ۽ ماني رکي وڃي.“ ايتري ۾ بار ائسوسئيشن جي سيڪريٽريءَ، آغا محمد نواز خان، ڪچي پڪيءَ انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي. سنڌيءَ ۾ تقرير ۾ ”ٻوڙ هارڻ“ هڪ محاورو آهي پر آغا محمد نواز پنهنجيءَ تقرير ۾ ٻوڙ جون ٻه ٽي ديڳيون هاري ڇڏيون هيون. جسٽس رحمان جواب ۾ طنز سان چيو ته ”مان اوهان جي سيڪريٽريءَ جي انگريزيءَ ۾ شاعر ٻُڌي. اوهان کي منهنجي صلاح آهي ته وڪالت جي پيشي ۾ محنت ڪيو، ۽ قانون ڏسي، پوريءَ طرح تيار ٿي، ڪيس هلايو.“ عزيزالله جو منهن لهي ويو ۽ هن جسٽس رحمان کي، مون ڏانهن اشارو ڪندي، چيو ته ”هِن جو ترجمو پريزيڊنٽ ايوب کي به وڻيو آهي.“ جسٽس رحمان کيس ڇڙٻ ڏئي چيو ته ”منهنجو زياده وقت نه وڃاءِ! ماني رکاءِ!“

جنهن وقت مان ائن ميري شمل جي دعوت ۾ ويو هوس، اُن وقت لاهور ۾ منهنجي نالي ٻُڌڻ سان ائين چُپ ڇائنجي ويئي، جيئن شيخ مجيب جي نالي سان ڇائنجي ويندي هئي. ممڪن آهي ته هن کي منهنجي چهري جي يادگيري به آئي هجي. اُن وقت ڊاڪٽر ائن ميري شمل چيو ته ”مون علامه اقبال جو ترجمو ڪري ورتو آهي، هاڻي شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڪنديس.“ اها ڳالهه ٻڌي، مون کي عزيزالله جي چهري تي شرمندگي ۽ غالب جو هيٺيون شعر ياد آيو:

گدا سمجهه کي وه چُپ تها مري جو شامت آئي،

اُڻها، اور اڻهه کي قدم، مين ني پاسبان کي لئي.

ڊاڪٽر ائن ميري شمل، پير صاحب ۽ مون سان، ٻه ڀيرا وسڪي پيتي هئي. ڪلچرل سينٽر جو سيڪريٽري شڪوهي ۽ هن جي هندو بنگالڻ زال چڱا ميزبان هئا. شڪوهي هڪ سُهڻو ڀوري رنگ جو جوان هو ۽ هن جي سانوري بنگالڻ هڪ چڱو فوم جو گاديلو لڳندي هُئي. ڊاڪٽر شمل مون کي چيو ته ”علامه اقبال جو ڪوئي سٺو شعر ٻُڌاءِ،  جو توکي پسند آيو هجي.“ مون هن جو هڪ فارسي شعر پڙهيو:

قدم در جستجوي آدمي زن

خدا خود در تلاشِ آدمي است.

(آدميءَجي ڳولا ۾ وک وڌاءِ!

خدا خود آدميءَ جو ڳولائو آهي.)

مون کي. اهو شعر ٻڌائي، نٽشي جو شعر ياد آيو. ان تي ڊاڪٽر شمل چيو هو، ”علامه اقبال مون غور سان پڙهيو آهي. ٻئي ڪنهن شاعر جو فارسي شعر ٻُڌاءِ!“

مون هن کي نظيريءَ جو هڪ شعر ٻڌايو:

هيچ اڪسير به تاثيرِ محبت نه رسد،

کفر آوردم ودر عشقِ تو ايمان کردم.

(ڪوئي به اڪثيرُ محبت جي تاثير کان مٿاهون نه هوندو آهي، مون ڪفر آندو ۽ اُن کي تنهنجي عشق ۾ ايمان بڻائي ڇڏيو.)

هُن ڪنڌ ڌوڻي ”گُڊ“ چيو.

اُن کان پوءِ چيائين ته ”حافظ“ جو ڪوئي شعر ٻڌايو:

سِرِ خُدا که عارف وسالک به کس نه گُفت،

در حيرتم که باده فروش از کجا شُنيد.

(خدا جو ڳجهه، جو ڪنهن به عارف ۽ سالڪ نه ٻڌايو، مون کي حيرت آهي ته ميفروش اُهو ڪٿان ٻُڌو!)

خمار ۾ اَچي مون هن کي چيو، ”محبت ٻن قسمن جي عورتن سان ڪئي ويندي آهي. هڪ اُن عورت سان جنهن لاءِ توکي عزت هجي، ٻيو اُن عورت سان جنهن سان تنهنجو عشق هجي.“ ڊاڪٽر شمل عربيءَ تي عبور حاصل ڪري رهي آهي. هن جي خيال ۾ عربي شاعري نهايت خوبصورت آهي. هن مون کي عربيءَ جو هڪ شعر ترجمو ڪري ٻُڌايو: ”عشق ساريءَ دنيا جا چڪر لڳائيندو رهيو، جڏهن اُهو هُن وٽ پهتو تڏهن چُرڻ جي نه ڪيائين.“ پوءِ هن پير صاحب کي گهوري ڏٺو. مون کي ائين لڳو ته گهور مان ڪوئي معصوم روح گهوري رهيو آهي. اُتي هڪ وڏيرو ويٺو هو. هُن مون کان پڇيو، ”ڇا، هيءَ پير صاحب سان جرمنيءَ مان ملڻ آئي آهي.“ جڏهن مون هڪ جواب ڏنو، ”هائو، ڪيئي ڀيرا“، تڏهن هُن چيو، ”پوءِ پير صاحب هُن سان نڪاح ڇو نه ٿو ڪري؟“ مون هن کي جواب ڏنو، ”وڏيرا! پيار اُهو پرندو آهي، جو نڪاح جي قفس ۾ ورلي ڦاسندو آهي.“

اسين ٻئي ڏينهن تي موٽي آياسين. پير صاحب مون کي پنهنجي آفس وٽ ڇڏيو ۽ چيو ته رستي لاءِ ڪوئي فارسي شعر ٻڌاءِ. مون هن کي هڪ شعر ٻڌايو، جو هُن پنهنجيءَ ڊائريءَ ۾ لکي ڇڏيو:

 ازشبستانِ عدم تابه بيابان وجود

به تلاشِ کني آمده عرياني چند.

(عدم جي رات جي پڙاوَ کان وجود جي وارياسي تائين ڪُجهه اُگهاڙا ماڻهو ڪفن جي تلاش ۾ آيا.)

ڊاڪٽر شمل مون سرگرميءَ سان هٿ ملائي چيو، ”اُميد ته تنهنجي شاعري به ايتري پياري هوندي.“

جڏهن پير صاحب گُذاري ويو هو، تڏهن هُن کي مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفنايو هئائون. ڪجهه وقت پوءِ جڏهن ائن ميري شمل مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جي ملڪيءَ تي قبر تي وئي هئي، تڏهن وصيت ڪئي هئائين ته ”منهنجي موت کان پوءِ مون کي به اِتي ئي پوريو وڃي.“

منهنجي مٿينءَ لکڻيءَ کان ٻه ڏينهن پوءِ نثري نظم جي شاعره عطيه دائود پنهنجي مڙس خدا بخش ابڙي سان منهنجي گهر آئي، ۽ مون کي پنهنجو نئون ڇپيل ڪتاب”شرافت جي پُل صراط“ ڏنائين. اُهو هن جو نثري نظمن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت مرداڻي سماج جي منهن تي لپاٽ وهائي ڏئي ٿي. ان ڪتاب جو 12 صفحا مهاڳ منهنجو لکيل آهي، جو مون ٻه اڍائي سال اڳ لکيو هو. سنڌيءَ ۾ اشاعت کان اڳ اُن جو انگريزيءَ ۾ آصف فرخيءَ ترجمو ڪري ڇپايو هو، جنهن پنجاب ۽ سنڌ کي لوڏي وڌو هو. پنجاب جي مشهور اديبا ڪشور ناهيد، جا خود ”عورتازاد“ جو زبردست ڦهلاءُ ڪندي آهي، عطيه جي ڪتاب کان ايترو متاثر ٿي هئي، جو اُن تي اُردوءَ ۾ پيش لفظ لکيو هئائين. عطيه مون سان ٻه ٽي ڀيرا تاجل ”بيوس“ سان گڏجي ڪلفٽن تي هلي هئي ۽ اسان سمنڊ جي ساحل تي تريل مڇي کاڌي هئي. خدابخش آرٽسٽ آهي جنهن هن جي نظمن تي ڪجهه تصويرون ڪڍيون آهن، جي ڪتاب ۾ شامل آهن. عطيه ٻڌايو ته جڏهن فرخيءَ منهنجي نه اچي سگهڻ جو اطلاع ڏنو، ته جرمنيءَ مان هن کي شرڪت جي دعوت ملي آهي. بهتر ٿيندو ته هِتِ ان ڪتاب مان هن جو هڪ نثري نظم ڏيان:

”پنهنجي ڌيءَ جي نانءِ“

جي توکي ڪاري ڪري مارين،

مَري وڃجانءِ، ضرور نينهن لائجانءِ!

اُڃايل خواهشن جي رِڻ پَٽ ۾

ٿوهر جيان نه رهجانءِ، ضرور نينهن لائجانءِ

جي ڪنهن جي ياد هوريان هوريان،

مَن ۾ تنهنجي هُرِي پئي،

مُرڪي پئجانءِ، ضرور نينهن لائجانءِ

هو ڇا ڪندا؟ توکي رڳو سنگسار ڪندا،

جِيونَ پل تون ماڻجانءِ، ضرور نينهن لائجانءِ،

پوءِ ڇاهي؟ سهي وڃجانءِ

ضرور نينهن لائجانءِ.

مردن جي سماج ۾ ايتري بغاوت ڀري شاعري پوري برصغير ۾ ڪنهن به ٻيءَ شاعره نه ڪئي آهي.

جڏهن منهنجي آجيان ۾ شيما ڪرمانيءَ منهنجي نظم ”هي گيت اُڃايل مورن جا“ تي ڀارت نٽيم ناچ ڪيو هو، تڏهن ڀارت جو مشهور شاعر لڇمڻ ڪومل موجود هو، جو ڪراچيءَ ۾ ٽرانزٽ ويزا تي ترسيل هو. ساڳئي وقت منهنجي آپيرا ”دودي جو موت“ به اسٽيج تي آندي وئي هئي. لڇمڻ ڪومل آپيرا ڏسي چيو هو ته ”اسان وٽ آپيرا ۾ ڪَئي ڪردار هوندا آهن.“ مون هن کي ياد ڏياريو ته هيءَ ساري آپيرا مقفيٰ نظم ۾ آهي، جا پنهنجو مثال پاڻ آهي. اُن کان پوءِ ٿَري ڳائڻن منهنجا گيت ڳاتا هئا، هڪ ڳائڻي، صادق فقير، کي مشهور آمريڪي ڳائڻي پاس رابسن جو آواز هو. پنجاب مان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، جي دير سان پهتا هئا، ڪُرسيون خالي نه ڏسي، ڏاڪڻين جي قالين تي ويهي رهيا هئا. ان ساريءَ تقريب جو روح روان خدابخش ابڙو هو.

ڪجهه وقت اڳ فقير محمد لاشاريءَ جي ورسي ملهائي وئي هئي، جتي به هن مون کي ڪلاڪ کن ڳاتو. سامعين گيت ٻڌي، ايتري جوش ۾ اچي ويا، جو هُنن مون تان هزار هزار رُپئي جا نوٽ گهوري، هن کي ڪيئي هزارَ ڏنا. هن کي ٻڌي، مون کي احساس ٿيو ته ڪيترو وقت آءٌ جنهن ڳائڻي جي تلاش ۾ رهيو آهيان، مون کي ملي ويو آهي. هو مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي نه ڳائيندو آهي. منهنجي شاعريءَ ۾ هڪ اندروني ترنم آهي، ۽ مان اُن تي ئي اڪتفا ڪندو هوس. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون محسوس ڪيو ته هڪ موثر آواز منهنجيءَ شاعريءَ لاءِ ڪيترو نه ضروري آهي.

عطيه، ديوانيءَ اردوءَ شاعره، سارا شگفته، جي دوست هئي، جنهن پنهنجي گردن ريل جي پٽي تي رکي خودڪُشي ڪئي هئي. عطيه مون کي مرحومه سارا جي نثري شاعريءَ جو ڪتاب ”آنکهين“ تحفي طور ڏنو هو، جنهن تي اَمرتا پريتم جو مهاڳ لکيل هو، پوءِ منهنجي دوست احمد سليم، مرحومھ تي هڪ ڪتاب ”ايک تهي ساره“ لکيو هو. عطيه دائود، سارا شگفته ۽ احمد سليم امرتا پريتم جا دوست هئا. احمد سليم جنهن منهنجي منتخب ڪلام جو ترجمو پنجابي نظم ۾ ڪيو هو، اُن کي مارڪسزم جي لغار لڳل آهي. هو ماڪسزم لاءِ منهنجي نفرت جي اظهار سبب رُٺو آهي، جيئن ٻيا ڪجهه پيارا سنڌي دوست ــ جويو، سراج، سَرڪي ۽ ٻيا ڪيئي کاٻيءَ ڌُر وارا دوست ناراض ٿيا آهن.

مشهور شاعر، شاهه محمد پيرزادو، اُردوءَ جي نامياري اديب آصف فرخيءَ سان گڏجي، مون وٽ آيو. هو آصف فرخيءَ جو دوست آهي. فرخيءَ مون وٽ اُردوءَ جا پنج ناول تحفي طور آندا هئا ۽ چيو هئائين ته ”منصور جو عربيءَ ۾ ديوان اُردو ترجمي سان مون شاهه محمد پيرزادي وٽ وساريو آهي، هو اُهو مون کي پهچائي ڏيندو. دراصل فرخي جرمني وڃي رهيو هو مون کان موڪلائڻ آيو هو.

ڪجهه ڏينهن پوءِ شاهه محمد پيرزادو مون وٽ ”ديوان منصور“ کڻي آيو. اُهو پهرين فرانسيسيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي ۽ فرانسيسيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي ۽ انگريزيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي، جو مڪتبه دانيال وارن ڇپايو آهي. ديوان تي صفحي 4کان 60تائين جناب منظراقبال مقدمو لکيو آهي. جنهن لاءِ کيس ڪافي مطالعو ۽ محنت ڪرڻي پئي. مون ان کان اڳ اردو ماهوار رسالي ”سويرا“ جو منصور حلاج تي نمبر پڙهيو هو، جنهن ۾ ايترو مواد ڪونه هو. مون کي اسلامي دنيا۾ ٻه شخص سجهه ۾ نه آياآهن، حسين بن منصور حلاج ۽ سرمد، جن اذيتناڪ موت خوشيءَ سان قبوليو هو ۽ فنا کي بقاجي ابتدا سمجهي اُف به نه ڪئي. اهڙا شخص پاڪستان ۾ به ٿيا آهن، ذڪريا ملتاني ۽ دادوءَ جو بلاول. پهرين کي ڪرٽ سان ڪپيو ويو هو ۽ ٻئي کي گهاڻي ۾ پيڙايو ويوهو. ڇا، هنن اهو سمجهيو هو ته اذيت عارضي هئي ۽ موت کان پوءِ ان جو ثبوت ئي ڪهڙو آهي؟

هونءَ ته انسان کي جڏهن ڏند ۾ سور پوي ٿو تڏهن اُهو هيروشيما ۽ ناگا ساڪيءَ جي المئي کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائي ٿو. جيستائين ماڻهوءَ کي پڪ نه آهي ته پيڙاکڻ ڀنگر آهي، تيستائين هو اُن کي لکائي ٿو ۽ لُڇي ٿو. مون ڏانهن هڪ دوست سرمد تي مولانا آزاد جا اٽڪل 50صفحا پيش لفظ سان گڏ سرمد جون ساريون رُباعيون موڪليون، جن جو مطالعو به مون غور سان ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com