سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: وياسي وينجهار

باب-

صفحو :11

ساڌو واسواڻي

سنڌ جو مشھور عالم، فيلسوف ۽ آدرشي مھاپرش، ساڌو ٽي- ايل واسواڻي ١٦- جنوري ١٩٦٦ع تي پوني (ڀارت) ۾ گذاري ويو.

 ساڌو واسواڻيءَ جي عالمانھ شخصيت، بين الاقوامي شھرت حاصل ڪري چڪي آھي. سندس نام ۽ پيغام کان مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا واقف ھئا.

١٩٤٠ع ۾ ھڪ آمريڪي عالم ۽ سياح، پنھنجي سفرنامي ۾ لکيو آھي تھ ڀارت جون ٽي جايون قابل ديد آھن – تاج محل، جامع مسجد ۽ اجتنا. ان طرح ٽن ماڻھن کي ڏسڻ ڀاڳ جي نشاني آھي. رابيندرناٿ ٽيگور، گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي. اھا سنڌين لاءِ فخر جي ڳالھھ آھي.

ساڌو واسواڻي، ٢٥ نومبر ١٨٧٩ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس اعليٰ شخصيت ننڍي ڄمار ۾ ئي علم ۽ فڪر جي عالم ۾ مستفرق رھندي آئي. مذھب جي سلسلي ۾ سڀني مذھبن جو مطالعو ڪري انھن جي صالح ۽ تعميري خيالات کي قبول ڪيائين. سندس اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن ۽ خلفائي راشدين لاءِ ڏنل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سند جو درجو رکن ٿا.

سندس اوائلي زندگي، تعليم ۽ اخلاقي اصلاح سان شروع ٿي. تعليم جي سلسلي ۾ پاڻ وڪٽوريا ڪاليج ڪوچ بھار، مھيندارا ڪاليج پٽيالا، ديالسنگ ڪاليج لاھور جو پرنسپال ٿي رھيو آھي. ڪلڪتي ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ فلاسافيءَ جو پڻ پروفيسر ٿي رھيو آھي.

ٽيھن ورھين جي ڄمار ۾ سندس شھرت ۽ عزت، يورپ تائين پھچي چڪي ھئي. ان زماني ۾ پاڻ، بين الاقوامي مذھبي ڪانفرنس برلن جي دعوت تي يورپ ويو، اتي ماديات ۽ لامذھبيت جي خلاف اخلاق ۽ روحانيت، پاڪيزگيءَ ۽ صلح پسنديءَ تي، پر اثر ۽ وقت انگيز تقريرون ڪيائين. ان وقت پاڻ ڪراچيءَ ۾ فلاسافيءَ جو پروفيسر ھو.

 مختلف ملڪن ۾ تقريرون ڪيائين. سندس تقرير ۾ ويدانت ۽ تصوف جو عجيب سنگم ھوندو ھو. ھو پريم ڀڳت ھو، تنھنڪري سندس ڪلام ۾ بجليءَ جھڙو تاثير ھو. سندس اصلاحي تقريرن، يورپ جي وڏن وڏن عالمن کي روحانيت ڏانھن قريب آندو.

خلافت جي پاران، انگريزن سان ”قطع تعلقات“  جي جڏھن تحريڪ شروع ٿي، تڏھن پاڻ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ۾ پروفيسر ھو. ان سلسلي ۾ جا وڏي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي، تنھن جو پريزيڊنٽ ساڌو  واسواڻي ھو. ان ڪانفرنس ۾ ملڪ جي سڀني ليڊرن – گانڌي، محمد علي، موتي لال نھرو، شوڪت علي، مولانا آزاد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تقريرون ڪيون.

اڳتي ھلي ”ينگ انڊيا“ ۽ ”ھريجن“ اخبارن ۾، جي گانڌيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿينديون ھيون، تن جي پھرين پيجن تي ساڌو واسواڻيءَ  جا مضمون ڇپبا رھيا.

ان سلسلي ۾ الوحيد ڪراچيءَ ۾ سندس ڪافي مضمون ڇپيا، جن ۾ قرآن ۽ حديث ۽ تاريخ جي دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريائين تھ ھن سرڪار جي خلاف قطع تعلقات تحريڪ کي زور وٺائڻ  مسلمانن جو مذھبي فرض آھي.

١٩٣٢ع ۾ استعيفا ڏيئي، ”ميران“  جي نالي ۾ اصلاحي ۽ تعليمي تحريڪ شروع ڪيائين. سندس خيال ۽ عقيدا، امن ۽ صلح، عبادت ۽ پريم ڀڳتيءَ وارا ھئا. ھو تصوف ۽ ويدانت جو وڏو ڄاڻو ھو. ان ھوندي بھ ھو مدي خارج رسمن، ۽ خيالن کي چنبڙي پوڻ جي خلاف ھو. ھن پنھنجي عمل ۽ ڪردار لاءِ، ميران ٻائيءَ کي مثالي ۽ آدرشي آئينو بنائي ڪم شروع ڪيو. سندس اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بھ روحانيت ۽ پاڪيزگي، انسان ذات جي محبت ۽ خدمت، مساوات ۽ اخوت تي ھڪ روحاني رنگ ۾ رتل نصاب ۽ نظام ھلايو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جو ”ميران“ اسڪول ھڪ آدرشي اسڪول شمار ڪيو ويو آھي، جو ساڌو واسواڻي ورھاڱي  تائين ھلائيندو رھيو.

  آدرشي اسڪول کوليا. ان سلسلي ۾ ميران  ٻالمندر،ميران ھاءِ اسڪول، ميران ڪاليج، ميران ناري شالا، ميران اسپتال، تعريف جي لائق آھن.

ساڌو واسواڻي، علم ۽ خيال، فڪر ۽ فلاسافي، پريم ۽ شيوا جو سچو مثال ھو، تنھن ڪري سندس ادارن ڪڏھن بھ مالي مشڪلات ڪا نھ ڏٺي.

سندس ادارن لاءِ، سندس جنم دن، ٢٥- نومبر تي ھر سال ڳوٿري پيش ٿيندي ھئي. پھرئين ڀيري، پنجويھن ھزارن جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي،  پر کين مليا ٽيتاليھھ ھزار: ٻئي سال پنجھٽ ھزار، ۽ ٽئين سال ھڪ لک کان بھ مٿي، چوٿين سال اڍائي لکن کان مٿي. اھي رقمون، يورپ، جپان ۽ آمريڪا مان گڏ ٿيون.  سنڌين ۽ ڀارتي ھندن پاران امدادون الڳ مليون.

سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن، جيئن “Awake Young India”. India in Chains”

جي سندس يورپ مان واپسيءَ تي مدراس جي مشھور Ganesh & Co.  ڇپايا.

ساڌو واسواڻي، ڇھاسي ورھين جي ڄمار ۾ ، ١٦ – جنوري ١٩٦٦ع تي سرڳواسي ٿي ويو. شال سندس علم ۽ خيال جي دنيا مان انسانذات ، سونھن ۽ سوڀيا، پيار ۽ پريم، امن ۽ صلح جو رنگ حاصل ڪري.

سندس خيالن، مضمونن، تقريرن ۽ ٻولن جي اشاعت جي سلسلي ۾ ننڍڙو رسالو ”سنبت مالا“ اڄ تائين ھلندو ٿو اچي. ان ۾ سندس ڪلام ”نوري“ ۽ ”نماڻي“، تخلص سان شايع ٿيندو رھيو آھي. بيشڪ ساڌو واسواڻي ھڪ آدرشي مھاپرش ھو، جنھن پنھنجي ساري حياتي، خلق جي خدمت ۾ گذاري اعليٰ مثال قائم ڪيو آھي.

 

يار محمد ٽانوري

سنڌ جو پراڻو اديب، شاعر، قومي ورڪر ۽ صحافي جناب يار محمد ٽانوري، جمعي جي ڏينھن، ٢٠- مئي ١٩٦٦ع تي، دل ٽٽڻ جي ڪري، ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. انالله وانااليه راجعون .

مرحوم مغفور ھڪ علم دوست ۽ اھل قلم بزرگ ھو. سنڌ جي پراڻن آثارن مان ھڪ شاندار مثال ھو.  سندس شعر و شاعريءَ جي تربيت، سنڌ جي مشھور عالم ۽ اديب، جناب حڪيم فتح محمد سيوھاڻي مرحوم ڪئي.

سندس ڪلام سنڌ جي جھونن رسالن توڙي اخبارن، اسلامي دنيا،  اسلامي زندگي، الوحيد ۽ اصلاح- ڪراچيءَ ۾ ڪافي شايع ٿيل آھي. پاڻ ڳچ

عرصو روزانھ الوحيد ۾ بھ ڪم ڪيائين.

وطن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾، خلافت تحريڪ ۾ ھڪ سرويچ سپاھيءَ جي حيثيت سان شامل رھيو ۽ وڏين وڏين ڪانفرنسن جي انتظامي ڪمن، سندس جانفشاني ۽ جدوجھد تعريف جي لائق آھي.

ان طرح مسلم ليگ تحريڪ ۾ بھ سڀ کان اڳڀرو رھيو. آخري وقت تائين وطن جي محبت ۾ سرشار رھيو،

ادبي مجلسن ۾، جمعيت الشعراءِ سنڌ، بزم طالب الموليٰ سنڌ کان سواءِ بزم نظامي، بزم سرشار ۽ بزم حڪيم کي ھلائيندو آيو.

سندس جنازي نماز ۾ مسٽر جي-ايم سيد، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ ڪيترن مقامي اديبن، عالمن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. دعا آھي تھ رب ڪريم شال کيس مرھي، ۽ سندس اولاد ۽ عيال کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.

 

علامھ نياز فتحپوري

 اردو  ادب ۽ زبان جي نامور اديب، ممتاز عالم ۽ محقق، صحافي ۽ نقاد، ماھناماھ نگار جي مدير اعليٰ نياز فتحپوريءَ، ٢٤- مئي ١٩٦٦ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر ايڪاسي سال ھئي. مرحوم نياز گذريل اٺن-نون مھينن کان نڙيءَ جي سرطان ۾ مبتلا ھو. گذريل سال نومبر تي سندس آپريشن ٿيو، ۽ سندس صحت ڪجھھ سڌرڻ شروع ٿي، پر اھا صحتيابي عارضي ثابت ٿي. آخر٢٤- مئي تي وفات ڪيائين.

سندس جنازي سان، سندس عزيزن سان گڏ، ادبي جماعتن، وزيرن، اسيمبليءَ جي ميمبرن، جماعت جي سربراھن، آفيسرن، پروفيسرن، استادن، شاگردن ۽ ايڊيٽرن شرڪت ڪئي. سندس پويان ھڪ بيوھ، ٻھ فرزند ۽ ٻھ نياڻيون آھن.

علامھ نياز، ١٨٨٤ع ۾ سني گھاٽ، ضلع بارھ بنڪي ۾ پيدا ٿيو. ان دؤر جي نامور عالمن کان علم جي تحصيل ڪري، ١٩١٠ع کان علمي زندگيءَ جو آغاز ڪيائن.

سڀ کان اول ١٩١١ع ۾ ”زميندار“ اخبار سان وابستھ رھيو. ١٩١١ع ۾ ھفتيوار ”توحيد“  جو معاون مدير ٿيو. ١٩١٢ع ۽ ١٩١٣ع ۾ ھفتيوار ” خطيب“ جو قلمي معاون ٿيو. ١٩١٩ع ۾ روزانھ ”رعيت“ جو چيف ايڊيٽر ٿيو. آخر ۾ فيبروري ١٩٢٢ع ۾ پنھنجو رسالو  ”نگار“  ماھنامو جاري ڪيائين، جو اڄ تائين ھلي رھيو آھي.

اڌ صديءَ ۾ پنجٽيھھ علمي ۽ ادبي ڪتاب لکيائين ۽ ”نگار“ جا ڏھھ معرڪھ آرا ضخيم نمبر شايع ڪيائين، ۽ پورا  چوئيتاليھھ سال ”نگار“  کي باقاعدي شايع ڪندو آيو. سندس علمي ۽ ادبي، تحقيق ۽ تنقيدي مقالا ھزارن کان مٿي آھن.

”نياز“ اردو، فارسي، عربي، ترڪي، ھندي ۽ انگريزي زبانن جو عالم ھو. مختلف علوم ۽ فنون ۾ تفسير، حديث، فقه تصوف، نجوم، نفسيات، علم ڪلام، فلسفھ، منطق، لغت، موسيقي، شاعري، تاريخ، تجويد انشاءِ جو وڏو ماھر ھو. ھڪ اديب ۽ نقاد، محقق ۽ مبصر جي حيثيت سان، برصغير ھند-پاڪ ۾ بھ ”نياز“ کي پنھنجو انفرادي مقام حاصل ھو. سندس معيار ۽ مقام جا تمام ٿورا عالم پيدا ٿيا.

سندس آزاد خيالي ۽ محققانھ طرز تحرير تي مذھبي حلقن پاران نھايت سختگير رد عمل پيدا ٿيو. ان جي پاداش ۾ ”نياز“  ٽيھن سالن تائين ھڪ ڪمري ۾ محبوس رھيو، پر  آڻ نھ مڃيائين سندس خيالات ۾ ڪو بھ فرق نھ آيو. ديني مسائل جي پيش ڪندي ڪيترا اھڙا اختلافي مسئلا پيدا ڪيائين، جن جي ڪري مٿس ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون  بھ آيون. سندس مقابلي ۾ علامھ سيد سليمان ندوي، مولانا عبدالماجد  دريا بادي، مولانا عرشي امرتسري، ڊاڪٽر تاثير، اقبال سليماني، مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي، مولانا منظور نعماني، مولانا اسحاق سنديلوي جھڙا محقق ۽ عالم رھيا. آخرڪار وحي ۽ نبوت جي ڪيترن اختلافي  مسئلن ۾ رجوع ڪيائين.

سندس ڪتابن ۾ من ويزدان ٻھ جلد، استفسارات ٻھ جلد، نگارستان، شھاب ڪي سرگذشت، مذھب ڪي تاريخ، مذاڪرات نياز، فراست اليد، ماله وما عليه، نقاب ڪي بعد، نقشھاءِ  رنگ رنگ، انتقاديات ٻھ جلد، شاعر ڪا انجام، جذبات ڀاشا، جمالستان، مڪتوبات نياز، حسن ڪي عياريان مشھور ڪتاب آھن. ان طرح چوئيتاليھن سالن جي ”نگار“  ۾ مومن نمبر، پاڪستان نمبر، افسانھ نمبر، مشرق وسطيٰ نمبر، حسرت موھاني نمبر، فرمانروايان اسلام نمبر، علوم اسلامي نمبر، خدا نمبر، معلومات نمبر، مصحفي نمبر، اصناف سخن نمبر، انشائي لطيف نمبر، غالب نمبر، اقبال نمبر، نياز نمبر، اسلام نمبر ۽ نگار جبلي نمبر، وغيرھ نھايت معياري ۽ معلومات افزا آھن.

سندس علمي خدمت جي سلسلي ۾ ڀارت سرڪار پنھنجي ملڪ جو وڏو علمي اعزاز ”پدماڀوشن“  کيس ١٩٦٢ع ۾ عطا ڪيو.

آخر ۾ پاڪستان ۾ لڏي آيو ۽ اچي ڪراچيءَ ۾ رھيو. اتي ”نگار“ سان گڏ، ترقيءَ اردو بورڊ“ جي لغت لاءِ ڪم ڪندو رھيو. ان طرح قومي عجائب گھر ڪراچي جي لاءِ، ھزارھا مخطوطات سان گڏ ڪيترن قلمي ڪتابن ۽ علمي دستاويزن جي ببليوگرافي تيار ڪيائين، ان جو پھرين جلد تيار ٿي چڪو آھي. نياز پڇاڙيءَ تائين، ڏھھ- ٻارھن ڪلاڪ ڪم ڪندو رھيو. بستر مرگ تي بھ ليٽي ۽ وھاڻن تي ٽيڪ ڏيئي، مقالا لکندو رھيو. سندس سارو علمي ڪم، مستقل ايڪڊميءَ جي ڪم کان گھڻو بلند آھي. نياز اھو شخص ھو جنھن علم  لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي ھئي. دعا آھي تھ الله کيس مرھي ۽ سندس خطائن تي غفو فرمائي.

عطا حسين شاھھ موسوي

سنڌ جي مشھور تعليمي ماھر ۽ اديب، جناب سيد عطا حسين شاھھ موسويءَ، روھڙيءَ ۾ ٨ – جون ١٩٦٦ع تي وفات فرمائي. انالله و انااليه راجعون.

مرحوم و مغفور، سنڌ جي ھڪ بلند پايھ سادات خاندان جو چشم و چراغ ھو، ان سان گڏ، ھڪ رضعدار ۽ دوست نواز، انشا پرداز اھل قلم ھو. سندس انداز بيان نھايت شستھ ۽ شائستھ، رنگين ۽ شيرين آھي.

پاڻ ساري عمر، تعليم جي خدمت ۾ گذاري، تعليم کاتي جي ھڪ وڏي عھدي تان رٽائرڊ ڪري چڪا ھئا.

سندن زندگي، پنھنجي ننڍي ڀاءُ، عبدالحسين شاھھ موسويءَ سان گڏ، نھايت خاموشيءَ سان گذاري پاڻ شھرت تي گمناميءَ کي ترجيح ڏيندا رھيا، ۽ کل خوشيءَ ۾ سڀ ڪنھن سان ناتو نباھيندا رھيا. ھنگامھ خيز ۽ جذبات انگيز  مسئلن کان ھميشه پري رھي، عملي طرح سان علمي توڙي ادبي، تعليمي توڙي اصلاحي خدمت ڪندا آيا.

سندن مقالات جو سلسلو، سنڌي ادب جي سڀني علمي ۽ ادبي رسالن ۽ اخبارن تائين وسيع رھندو آيو آھي.

تاليفات جي سلسلي ۾ سڳنڌ- سرھاڻ ۽ ڪچ ڪوڏيون- سنڌي ادب ۾ اسلوب ۽ پيشڪش، مواد ۽ تنوع جي حيثيت سان شاھڪار جي حيثيت رکن ٿا.

پاڻ وڏا علم دوست ۽ مھمان نواز ھئا. سندن علمي ڪتبخاني جا دروازا علم جي پياسن لاءِ ھميشه کليل رھيا. اسان سندن وفات حسرت آيات تي،  سندن ننڍي ڀاءُ عبدالحسين شاھ صاحب موسوي ۽ سندن فرزند سيد شفقت حسين شاھھ موسوي (سابق صوبائي ميمبر) ۽ سندن پسماندن سان غم ۾ شريڪ آھيون. رب ڪريم شال کين جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي.

 

”گل نصرپوري“

اي موت! من ڪو موت پوئي! شل مري وڃين!

سنڌي ادب ۾، گل نصرپوري، پنھنجي پياري شخصيت۽ من موھڻي  مورت جي سڳنڌ ۽ سرھاڻ کي ورڇي ورھائي، ٢٩- سيپٽمبر ١٩٦٥ع تي الوداع  ڪري ويو! گل واقعي اسم بامسميٰ  گل ھو. ھڪ شريف ۽ سادھ دل، بااخلاق ۽ صالح، صوم و صلوات جو پابند، ھزار خوبين جو مالڪ ھو!

اڃا شاخ حيات تي ھو ”نوشگفتھ گل“ وانگر مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي ھو، تھ خزان جي اڻمندائتي ۽ بيمھلائتي جھوٽي، کيس ھميشه لاءِ ڪومائي، سڪائي، مروٽي ۽ نھوڙي رکيو!

ابتدائي تعليم، نصرپور ۽ ٽنڊي الھيار ۾ ورتائين. جدوجھد ۽ محنت ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم- اي پاس ڪيائين. آخري زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد ٿيو، ۽ استاد ٿي موڪلاڻي ڪيائين.

ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ سڀ کان اول، مون سان سندس تعلقات پيدا ٿيا. سندس تحريرن ۽ شعر و شاعريءَ جي اصلاح، ٽن سالن تائين جاري رھي. آخري وقت ۾ جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ سان سندس نيازمندانھ تعلقات رھيا، ۽ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۾ دل کولي حصو ورتائين ۽ انھن کان اصلاح ورتائين.

جگر جي خرابيءَ جي سلسلي ۾ سول اسپتال ۾ ٽي ڀيرا داخل ٿيو ۽ اتي ٽئي ڀيرا موت سان مقابلو  ٿيو. ٽئي ڀيرا کيس، آڪسيجن ٿئٽر ۾ بند ڪيو ويو. طبع پرسي ۽ نگھداشت جي سلسلي ۾ حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ مخدوم محمد امين صاحب ”فھيم“ ۽ مان، ھر ڀيري اسپتال ۾ ويندا رھياسون. ڊاڪٽرن کي تاڪيد ڪندا رھياسون. دوا دارون جي سلسلي ۾ ڪا بھ فروگذاشت نھ ڪئي وئي. سندس غريب مائٽن ، اگر تگر گل جي پويان گل ڪيو. ٻھ- چار مھينا  صحتياب  ٿيو. علم و ادب ۾ سرھاڻ  پکيڙيندو رھيو، مجلسن ۾ ايندو رھيو، مشاعرن ۾ شعر پڙھندو رھيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندو رھيو.

ھڪ ڏينھن اوچتو سندس طبيعت وري خراب ٿي. کيس آمريڪن  اسپتال لطيف آباد ۾ داخل ڪيو ويو. ھوشيار ڊاڪٽرن جي علاج ۽ تيمارداريءَ سان چوٿون ڀيرو موت جي چنبي مان بچي نڪتو. ھلندو رھيو، وقت گذاريندو رھيو.

رسالي ”مھراڻ“ لاءِ مرحوم ڪيانيءَ جون تقريرون ترجمو ڪيائين، جي ”مھراڻ“ ۾ شايع ڪيون ويون.

اڃا ٽين تقرير ھٿ ۾ ھئس تھ بيماريءَ جي اوچتي حملي جھوري ڪيرائي بستري داخل ڪري وڌس.

علاج جاري رھيو، موسمين جي رس سندس غذا رھي! پر گل کي تھ معطر نشونما، ۽ عطر بنير  چمن واري ماحول جي ضرورت ھئي!  گھر جي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺيءَ ۾ سندس پساھھ تي بار پيو. مون ڏانھن خط لکندو رھيو، تاثرات بيان ڪندو رھيو، واردات ۽ ڪيفيات جو رنگين وجد انگيز عالم، لفظن جي لباس ۾ مون ڏانھن موڪليندو رھيو. منھنجي تسلي بر صواب نھ ٿي.

٢٩-سيپٽمبر ١٩٦٥ع تي پنھنجي پوڙھي پيءُ، غمزدھ  ماءُ، الم نصيب ڀينرن، دلبند ڀائرن کان آخري موڪلاڻي ڪيائين!۽ سڀني کي ڳر لڳي موڪلايائين.

 اسان وياسين، ڳوڙھا ڳاڙي آياسين! سندس غم نصيب والدھ جون عرش رسا آھون ۽ دانھون اڄ بھ عرش عظيم جي دوازن سان ٽڪرائجي رھيون آھن.

نوشگفتھ گل ائين مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي الله ڏانھن روانو ٿيو. ڪجھھ بھ نھ ڏٺائين، اڃا شادي بھ ڪا نھ ڪئي ھئائين، سندس مڱڻو ٿيل ھو، شاديءَ ۾ اڃا ٻھ مھينا دير ھئي.

اسان وٽ سندس ڪتاب ”درياھھ جي ڪپ تي“ سندس شعر ۽ ڪلام جو بياض، مھراڻ رسالي ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ٻھ- چار مقالا، سندس ايم اي ۾ لکيل مقالو ۽ سندس اھي خط، جي مون ڏانھن لکندو رھيو، علمي يادگار طور باقي رھجي ويا آھن. رھي نام الله ڪا!

دعا آھي تھ الله کيس مرھي، ۽ سندس والدين، ڀينرن ۽ ڀائرن کي صبر جميل عطا ڪري!

ڪڇي ڪاڇوٽي،، نانگن ٻڌي نينھن جي،

جھڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي.

تنھين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.(لطيف)

انا الله وانااليه راجعون، گل توتي الله جي رحمت ھجي!

]نمبر ١ ۽ ٢، سال ١٩٦٦ع[

رئيس ضياءُ الدين ايس-بلبل ”ضيا“

ھيءَ خبر ادبي ۽ علمي حلقن لاءِ نھايت ڏک پھچائيندڙ ٿيندي تھ سنڌي ادب جي مشھور عالم ۽ اديب، شاعر ۽ قومي ليڊر، مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جي فرزند ارجمند جناب رئيس ضياءُ الدين ”ضيا“. ايس بلبل، ١٤- سيپٽمبر ١٩٦٦ع تي دادوءَ ۾ وفات ڪئي. انالله وانا اليه راجعون.

رئيس ضياءُ الدين ايس بلبل، پنھجي  شخصيت ۽ وجاھت، توڙي علمي ۽ ادبي معيار ۽ خدمت جي لحاظ سان ھڪ عزيز ۽ متعارف ھستيءَ جو مالڪ ھو. رئيس مرحوم جي وفات حسرت آيات سان ھڪ طرف مرحوم بلبل جي علمي آشياني جو چراغ اجھامي  چڪو آھي، تھ ٻئي طرف علمي ۽ ادبي دنيا ۾ اھڙو خال پيدا ٿيو آھي، جنھن جو ڀرجڻ مشڪل نظر پيو اچي.

مرحوم رئيس صاحب سنڌ جي مردم خيز خطي، ميھڙ ۾ ١٥ ڊسمبر ١٩١٠ع تي تولد ٿيو. سندس ولادت بھ ان دور جي مشھور عالم دين، اھل الله ۽ مجذوب درويش، مولانا غلام محمد سوڍر رحھ جي دعا سان وابستھ آھي. مرحوم رئيس ضيا کان اڳ، مرحوم ”بلبل“ کي ڪو بھ پٽاڻو اولاد ڪو نھ ھو. مرحوم ضيا، مولانا مجذوب جي دعا سان، ٽئين گھر مان پيدا ٿيو. سندن نالو، سندن والد ماجد جي نالي، شمس الدين، سان نسبت قائم رکندي، ضياءُ الدين رکيو ويو. سندن اخلاقي ۽ روحاني، ظاھري ۽ باطني تربيت ۽ پالنا بھ ان درويش بزرگ ۽ مجذوب عالم مولانا غلام محمد جي زير سايھ ٿي، جنھن بزرگ کي عام طرح سان ” ڏاڏو سائين“ سڏيو ويندو ھو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org