سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: وياسي وينجهار

باب-

صفحو :8

علامھ صاحب جي ديني ۽ تصنيفي خدمتن کان علاوه سندن ” خاڪسار تحريڪ“ بھ قابل توجھ آھي. اھا تحريڪ پنھنجي مجاھدانھ ڪردار جي حيثيت سان ملڪ جي ٻين سڀني تحريڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ فعال، جاندار ۽ سرفروش تحريڪ ھئي، جنھن تحريڪ بھادر يار جنگ  جھڙا جليل القدر ماڻھو پيدا ڪيا. ائين چوڻ ۾ ڪو بھ وڌاءُ  ڪين آھي تھ ان ئي تحريڪ مان پيدا ٿيل ماڻھو  اڄ ڪلھھ وڏن وڏن عھدن ۽ وزارتن تي پڻ وڃي پھتا آھن.

ان تحريڪ ۾ ذوق جھاد، جدوجھد، جان نثاري، قرباني، اخوت، خدمت خلق، مساوات ۽ انسان دوستيءَ جا اھڙا تھ ولولھ انگيز ۽ روح پرور  اجزاءَ ملايا ويا، جن کان ڪيترا ھندو ۽ سک بھ متاثر ٿيا، ۽ باقاعدھ  ان تحريڪ ۾ شامل رھيا - ۽ رات ڏينھن خدمت ۾ مصروف رھيا.

علامھ جي مقاصد ۾ نھ فقط ھندستان جي آزادي ھئي، پر ان سان گڏ سڀني قومن جي گڏيل ۽ وفاقي بين الاقوامي نظام جي تشڪيل ۽ تعمير پڻ ھئي. افسوس جو سندس ان بلند درجھ مقاصد ۽ بين الاقوامي نصب العين جي عملي طور ظھور پذير ٿيڻ جي راھ ۾ سندس شرڪاءَ ڪار جي سستي، ۽ انگريزن جي غلط بيني سدراھ رھيا - ۽ تحريڪ ڪامياب نھ ٿي.

ان سلسلي ۾ ھڪ طرف انگريز سرڪار تحريڪ کي نازي تحريڪ وانگر خطرناڪ قرار ڏنو، ۽ علامھ مشرقيءَ کي جيل موڪليو، ۽ سندس رفيقن کي تباھ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي طرف رجعت پسند عالمن ڪفر جون فتوائون ڏئي، تحريڪ ۽ صاحب تحريڪ کي بدنام ڪيو، ٽئين طرف ڪانگريس ھن عسڪري تنظيم کي برداشت ڪري نھ سگھي، چوٿين طرف مسلم ليگ جي مصلحت آميز ۽ سرد مزاج ليڊرن، ھن ولولھ انگيز  ۽ مجاھدانھ تنظيم جو ساٿ نھ ڏنو: نتيجو اھو نڪتو، جو انگريزن بھانو بنائي، تحريڪ کي ڪچلي ڇڏيو.

اھا بھ حقيقت آھي تھ ڪانگريس جي ڪن ليڊرن، مھاتما گانڌيءَ کي ھن تحريڪ متعلق غلط فھمين ۾ وجھي ڇڏيو ۽ ھن تحريڪ کي نظر انداز ڪري، قائداعظم محمد علي جناح ڏانھن متوجھ  رکيو. نتيجو اھو نڪتو جو ملڪي معاملات جو آخري حل، انگريزن جي رضامنديءَ سان ڪانگريسي ليڊرن ۽ مسلم ليگي رھنمائن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو، ۽ قائداعظم ۽ علامھ مشرقيءَ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي.

علامھ صاحب مرحوم ”پاڪستان“ جي قيام جو قائل ھو، پر سندس نصيب العين ۽ طريق ڪار، ۽ سندس داخلي ۽ خارجي معاملات جو رخ، نڪو انگريزن تسليم ڪيو ۽ نڪو ڪانگريسي ۽ مسلم ليگ وارن جي ئي سمجھھ ۾ آيو، لھاذا تحريڪ ناڪامياب رھي.

ملڪ جي تقسيم کان پوءِ بھ علامھ مرحوم، ملڪ و ملت جي خدمت ۾ سڀني  ليڊرن کان پيش پيش رھيو، پنھنجي مجاھدانھ خدمتن کي ڪشمير لاءِ آڇيندو رھيو، پر وقت جي صاحب اقتدار ماڻھن ان طرف ڪو بھ توجھ نھ ڏنو.

علامھ جي سياسي بصيرت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو سندس پيشگويون حرف بحرف سچيون نڪتيون. سندس رياضي اصولن واري ديني بصيرت ڪڏھن بھ غلط اندازو نھ لڳايو. اھو ئي ٿي گذريو، جنھن متعلق علامھ صاحب رڙيون ڪندو آيو. اڃا تائين انھن غلطين جي تلافي نھ ٿي آھي.

بھرحال، علامھ مرحوم پنھنجي جامع الڪمالات حيثيت سان نھ فقط ھڪ مجاھدانھ تحريڪ جو سربراھ ۽ ھڪ عالم دين ھو، پر ان سان گڏ قرآن جو مبّصر، محقق ۽ مفسر، جديد علوم جو عالم ۽ نقاد، مفڪر ۽ رياضيدان، پر ان سان گڏ سائنسدان ۽ يگانھ روزگار فرد ھو. سندس فضل ۽ ڪمال جا ماڻھو مشرق ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿي سگھندا.

ڪاش، علامھ مرحوم يورپ ۾ پيدا ٿئي ھا يا آئن سٽائن جي مشوري تي ساڻس گڏجي ڪم ڪندو رھي ھا تھ ھوند ھن بيذوق ۽ بيعمل، شاعرانھ ماحول ۽ دقيانوسي نظام حيات جو شڪار  نھ ٿئي ھا! رب ڪريم کيس مرھي، ۽ سندس ولولھ انگيز شخصيت جو ڪو نعم البدل پيدا ڪري. سندس ياد جو بھترين طريقو اھو آھي تھ سندس ڪتابن کي غور سان مطالع ڪيو وڃي- انا لله......

ائڊولس ھگزلي

 برطانيھ جي مشھور فلسفي ۽ روحانيت پسند عالم ائڊولس ھگزلي کي  بين الاقوامي شھرت  حاصل ھئي. افسوس جو اھو شھرهءِ آفاق فلسفي تازو وفات ڪري ويو آھي. ھگزلي، مغربي تھذيب ۽ ان جي مادي نظريات ۽ موجودھ دور جي طرز حيات ۽ طرز حڪمرانيءَ جو وڏو نقاد ھو. سندس فلسفي جو مرڪزي موضوع ھو امن پسندانھ نظام پيدا ڪرڻ، ۽ انسان ذات ۾ روحانيت کي اجاگر ڪرڻ. ان سلسلي ۾ ھگزلي عيسائيت جي بيروح ۽ رسمي مذھبي نظام جا بھ خوب ڇوڏا لاٿا آھن، سندس تحريرون مذھبي رجعت پسند ماڻھن لاءِ پڻ ولولھ  انگيز ثابت ٿيون. مذھبي پيشوا سندس سخت تنقيدن جو ڪڏھن بھ جواب ڏيئي نھ سگھيا. ان طرح، بيروح مادي نظريھ حيات تي سندس تنقيدون نھ فقط مادھ پرست نظام لاءِ موت جو پيغام ثابت ٿيون، پر ان سان گڏ اھل فڪر ماڻھن جو اھڙو وسيع حلقو پڻ پيدا ٿيو آھي، جنھن جي سوچڻ ۽  پرجھڻ ۾ انسان ذات جي امن ۽ خوشحاليءَ، روحانيت ۽ اخلاق جا قدر موجود آھن. ھگزلي جو چوڻ آھي تھ عيسائيت جو بيروح نظام انسان جي ھمھ گير مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ناڪافي آھي، ان طرح موجودھ ماده پرست نظام بھ انسان جي اخلاقي  ۽ روحاني تقاضائن کي پورو نٿو ڪري سگھي. اھو ياد رھي تھ ھگزلي روحانيت پسند عالم ھو، ۽ خاص طور تصوف ۽ ويدانت تي سندس وسيع نگاھ ھئي. سندس احبابن ۾ وڏن وڏن مذھبي عالمن، صوفين ۽ روحانيت پسند فلسفين جو وسيع حلقو شامل آھي. سندس چوڻ آھي تھ انسان محض گوشت ۽ پوست جو ٺھيل نھ آھي، جنھن جي پوري زندگي فقط پيٽ جي مسئلن لاءِ وقف رھجي وڃي ۽ ھو عيش ۽ دنيوي آسودگيءَ لاءِ جدوجھد ڪندي، رڳو حيواني تقاضائن  کي پوري ڪرڻ لاءِ ختم ٿي وڃي: انسان جي زندگي ھڪ مقصد لاءِ آھي، ۽ اھو مقصد آھي زندگيءَ جي تعمير، انسان ذات لاءِ امن ۽ ايمان صلح ۽ سلامتيءَ جو ماحول پيدا ڪرڻ، رنگ ۽ نسل، مذھب ۽ ذات پات جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي، عالمگير نظام حيات جي پيدا ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ، ۽ انسان ۾ روحاني ۽ اخلاقي  قدرن کي پيدا ڪرڻ، ان سلسلي ۾ ھگزلي جي فن ۽ فلسفي کي دنيا جي عظيم عالمن ساراھيو آھي. ھگزلي ھميشھ جنگ جي خلاف جدوجھد ڪندو رھيو آھي. موجودھ دنيا جڏھن جنگ کي مقدس ديوتا جي حيثيت ڏني، تڏھن ھگزلي جو تنقيدي لب لھجو حد کان وڌيڪ سخت ۽ تلخ رھيو. مذھب پسند جنگجو طاقتن جڏھن پنھنجي مدمقابل قوتن کي ڪچلڻ لاءِ اھو نعرو ھنيو تھ اسين ” خدا جي بادشاھت“ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھيون، خدا اسان جو مددگار آھي، اھو اسان جي فتح ۽ نصرت لاءِ غيبي امداد ڪري رھيو اھي، تڏھن ھگزلي انھن کي دندان شڪن جواب ڏيندي چيو:

”اوھان جون جنگيون، جي ”صليب“  جي مقدس نشان جي سايي ۾ لڙيون وڃن ٿيون؛  اوھان جون فوجون، جي پاڻ سان چڪلن کي ساڻ کڻي  ميدان  جنگ ڏانھن وک وڌائن ٿيون، اوھان جون فوجي تدبيرون، جن ۾ انسان دشمن جنگي ھٿيارن کان سواءِ ٻي ڪا بھ امن پسند چيز ڪا نھ آھي.... ڇا، اوھان جو خدا انھن سڀني جنگ پسند ۽ انسانيت ڪش تدبيرن ۾ بھ اوھان جو مددگار آھي؟ اوھين چئو ٿا تھ ھائو، اسان جون مقدس صليبي لڙايون خدا جي بادشاھت جي قيام لاءِ لڙيون وڃن ٿيون، تڏھن مان چوان ٿو تھ اگر اوھان جي دعوا اھا ئي آھي تھ پوءِ چئبو تھ اوھان جو خدا بھ چڪلن جو خدا آھي، انسانيت جو دشمن خدا آھي، ھٿيارن ۽ فوجي سامانن جو خدا آھي، جو اوھان جي چوڻ تي لڳي، ٻين صلح پسند قومن کي ختم ڪرڻ لاءِ اوھان جي مدد بھ ڪري رھيو آھي!“

ھگزلي جڏھن ڏٺو تھ استبداد ۽ تشدد، وحشت ۽ بربريت کي قائم رکڻ لاءِ ھروڀرو خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۽ محض”برڪت“ لاءِ خدا جو اقرار  ڪيو وڃي ٿو،  باقي حڪومت جو نظام چند ماڻھو ئي ھلائين ٿا، تڏھن چيائين:

”اوھان جي زبانن تي خدا – خدا آھي، پر اوھان پھرين درجي جا منافق ۽ خدا جا دشمن آھيو. اوھان جي عملي زندگيءَ ۾ نھ خدا جو خوف آھي، ۽ نڪو اوھان جي اخلاق ۾ خدا پرستانھ جذبات جو وجود آھي، اوھين زبان سان ”خدا جي بادشاھت“ جا نعرا تھ ھڻو ٿا، پر اوھان جو ھر عمل خدا جي خلاف آھي. اوھين اھو عملي طرح انڪار ان ڪري ڪريو ٿا، ڇالاءِ جو اوھان جي حڪومتن جو نظام چند سيڪريٽرين جي ھٿ وس آھي. برطانيا جو خدا، برطانيا جا ٤٥ سيڪريٽري آھن،   جي مختلف النوع محڪمن کي ھلائي رھيا آھن. ان طرح،  ھڪ خدا جي مقابلي ۾، ھر ملڪ ۾، چند سيڪريٽرين جي ھٿ ۾ ملڪ جون واڳون آھن. افسوس اھو آھي تھ اھي پنھنجي منافقانھ طرز، حيات ۾ ھروڀرو ” خدا“ جو نالو وٺن ٿا!“

ھگزلي  جي اھڙين سخت تنقيدن  کيس وطن کان ھجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ۽ لڏي وڃي آمريڪا ويٺو، جتي تازو وفات ڪيائين. سندس ڀاءُ جولين ھيڪسلي، مشھور سائنسدان اڃا جيئرو آھي.

 

آمريڪي صدر جان ڪينيڊي

ھن دور جي شديد ۽ وحشت انگيز، المناڪ ۽ جگر دوز واقعن ۾ آمريڪا جي نوجوان صدر، جان ڪينيڊيءَ جو قتل ھڪ انتھائي المناڪ تاريخي حادثو آھي.سندس قاتل نھ فقط ھڪ دور ۽ ھڪ قوم کي قتل ڪيو آھي، بلڪ ان سان گڏ پوريءَ دنيا جي باشعور ماڻھن جي دلين کي پڻ مجروح ڪري ڇڏيو آھي. پوري دنيا ھن نوجوان صدر جي قتل کي ھن تھذيبي دور ۾ وحشت ۽ بربريت جو بدترين سانحو قرار ڏيئي چڪي آھي. ھن تھذيبي ۽ سائنسي دور ۾ ان قسم جي قاتلانھ حرڪت جو تصور بھ نٿو ڪري سگھجي تھ ڪو ظالم ھن دور جي سڀ کان وڏي جمھور پسند نظام جي سربراھ کي ائين ڏينھن ڏٺي جو گولين جو شڪار بنائي سگھي ٿو!

ڪينيڊي اگرچ ھڪ انسان ھو، ۽ اسان وانگر گوشت ۽ پوست جو مرڪب ماڻھو ھو، پر سندس حيثيت ھڪ تاريخي انسان ۽ ھڪ تاريخي دور جي آھي. جوانيءَ جي ولولن ۽ حوصلن جي اعتبار کان، جوان ساليءَ ۽ نوخيزيءَ ۾ ايتري اھم ۽ عظيم اقتدار جو جمھوري تاج جنھن مخلصانھ جدوجھد ۽ جاکوڙ کان پوءِ ڪينيڊيءَ ھٿ ڪيو ۽ سنڀاليو، ان جو مثال ملڻ مشڪل آھي. پنھجيءَ جاءِ تي، موجودھ  تاريخي ۽ جمھور پسند دور ۾ ھي بھ ھڪ تاريخي واقعو آھي. ليڪن انسان جي بربريت ۽ وحشت لاءِ ڇا چئجي؟ امن ۽ صلح جي بين الاقوامي قدرن جي تبليغ ۽ اشاعت جي موجودھ دور ۾، اھو ڪينيڊي، جو عالمي امن ۽ صلح سلامتي ۽ حفاظت، انساني وقار  عزت  سان گڏ پنھنجي قومي عظمت، ملڪي شان ۽ اجتماعي غلبي، باالخصوص پنھنجي ملڪ مان گورن ۽ ڪارن جي اختلاف کي مٽائڻ لاءِ رات ڏينھن مصروف ڪار ھو، ان کي ھڪ ذليل گوليءَ جي ھڪ وار،  شيشي وانگر چڪنا چور ڪري ڇڏيو!

لعنت آھي اھڙيءَ ذليل حرڪت تي! اسين مذمت  ڪريون ٿا اھڙي ذليل وحشيءَ جي، جنھن پنھنجي خباثت باطنيءَ ۽ بزدليءَ جو ان غلط نموني ۾ مظاھرو ڪيو آھي. دنيا ملامت  ڪري رھي آھي اھڙي انسانيت جي دشمن تي، جنھن پنھنجي قوم ۽ ملڪ کي بدنام ڪيو ۽ ان سان گڏ انساني شرف ۽ عظمت کي خاڪ ۽ خون ۾ ملائي ڇڏيو. اسان کي افسوس آھي جو ھن دردناڪ حادثي نھ فقط باشعور انسانن کي رنج پھچايو آھي، پر ان سان گڏ ھن دور جي سڀ کان وڏي ترقي يافتھ ملڪ کي بھ داغدار ڪيو آھي، بدنام ۽ رسوا ڪيو آھي، ۽ جمھوريت جي امن پسندانھ ۽ صلح جويانھ ڪوششن تي ڪاري ضرب ھنئين آھي. لعنت آھي ان وحشيءَ ۽ پاڳل تي، ان جي مردھ دل ۽ مردھ ضمير تي، جنھن جي ذليل حرڪت نھ صرف پنھنجيءَ قوم کي ذليل ڪيو آھي، پر ان سان گڏ ھڪ اھڙي جوان ھمت انسان کان پوريءَ انسان ذات کي محروم ڪيو آھي، جنھن جي تدبر ۽ بلند حوصلي، امن عالم لاءِ گھڻو ڪجھھ ڪيو ھو.

ڪينيڊي صدارت جي عھدي تي فقط ٻھ سال ۽ ڏھھ مھينا رھيو. سندس ايتري مختصر زندگي ھڪ دانشمند ۽ بلند نظر، تيز گام ۽ محنتي محب وطن ۽ محب انسانيت جي زندگي رھي. ٻن سالن ۽ ڏھن مھينن جي ان قليل عرصي ۾ ڪينيڊيءَ جي سياسي مصلحت ھڪ طرف روس جي وزيراعظم خروشچوف جي گھن گرج کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ ٻئي طرف روس جي مقابلي ۾ سائنسي تجربن جي ڊوڙ ۾ قدم وڌايو. انھن ٻن سالن جي مختصر دور ۾ ڪينيڊيءَ آمريڪي حبشين جي صدين کان وٺي دٻيل آواز کي دوبارھ اڀرڻ جو موقعو ڏنو. انھن ٻن سالن ۾ ڪينيڊيءَ بين الاقوامي سياسي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ عظيم الشان خدمتون بجا آنديون. ان ئي عرصي ۾ ھن لائوس ۽ ڪيوبا جي مسئلن کي منھن ڏنو، روس سان تعلقات وڌايا ۽ چين لاءِ نرمي اختيار ڪئي.

ڪينيڊيءَ، شڪ ناھي تھ سياسي نقطئھ نظر سان ڪيتريون غلطيون بھ ڪيون. سندس انتھاپسندانھ  روش چين ۽ ڀارت جي ھنگامي ڪشمڪش جي دور ۾ نھايت ڏکوئيندڙ حد تي پھتي. مشرق کي ڪيمونزم جو ڀوت بڇائي، انھن کي بچائڻ لاءِ وڏيون امدادون ڏئي، اسان جي وطن کي  جنھن نموني ۾ نظر انداز ڪري ڪمزور رکڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي. سا چين جي مقابلي ۾ دفاعي مصلحت جي ماتحت ئي سھي، تاھم وڏي غلطي ھئي، جنھن جي تلافيءَ  لاءِ سندس جانشين، جانسن، گھريءَ سوچ ۾ پئجي ويو آھي. باوجود انھن غلطين جي، ڪينيڊيءَ، پنھنجي نوخيز ۽ ولولھ انگيز جوانيءَ ۾، باشعور نوجوانن جي سربراھ جي حيثيت سان پختھ ڪار اڳواڻن ۽ آزمودھ ڪار سياستدانن وانگر، عالمي مسئلن، خاص طور ھن دور جي اڀرندڙ  ۽ وڌندڙ شعور جي ترجماني جنھن نموني ۾ ڪئي آھي، اھا آفرين ۽ تحسين جي قابل آھي. سندس غلطين سندس اخلاقي معيار کي اڃا بھ زيادھ رنگ ڏنو آھي. آخرتھ ڪينيڊي بھ ھڪ انسان ھو، ۽ غلطين کان تھ ڪو بھ انسان پالھو ڪو نھ آھي.

بھرحال، ڪينيڊي زندھ رھندو، آمريڪي قوم جي تاريخ ۾؛ ڪينيڊي زندھ رھندو، جوانيءَ جي ولولھ انگيز ۽ جرات مندانھ  تاريخ ۾، ۽ تاريخ عالم جي ورقن ۾ سندس پوئين تقرير جا لفظ آھن:

”ھن کان پوءِ ووٽن يا گولين سان ئي آزاديءَ کي ختم ڪري سگھبو.“

صدر ڪينيڊيءَ جي ڪردار جي اھميت نھ فقط تاريخي نقطھ نظر سان تحسين جي قابل آھي، پر ان کان وڌيڪ، ان جي عمراني حيثيت بھ قابل فخر آھي. صدر ڪينيڊيءَ کي ڏکڻ آمريڪا ۾ پيدا ٿيل گورن جي نسلي تعصب کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ان طرح ئي ماريو ويو، جئن اڄ کان سؤ سال کن اڳ عظيم آمريڪا جي عظيم معمار، آمريڪي قوم جي ابي، ابراھام لنڪن جھڙي ھمدرد خلائق مصلح کي ڏينھن ڏٺي جو گولي ھڻي ماريو ويو ھو. تازو ڏکڻ آمريڪا ۾ گورن ۽ ڪارن جي باھمي آويزش خطرناڪ صورت اختيار ڪئي ھئي. ان سلسلي ۾ ھزارھا بيگناه شيدي ماريا ۽ جلايا ويا ھئا، ۽ کين انساني شرف ۽ آزاديءَ جي حقن کان محروم رکڻ لاءِ ھڪ ڀرپور ۽ ھمھ گير تحريڪ ھلي رھي ھئي. صدر ڪينيڊي ان انسان ڪش  فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ مردانھ وار ۽ مخلصانھ جدوجھد سان ڪم ڪيو، ۽ ڪارن جي انساني برابريءَ کي برقرار رکڻ لاءِ سخت قانوني قدم کنيا. ھن غريب ڪارن کي انساني برادريءَ  ۾ بلند مقام ڏياريو ۽ ان ئي مقصد خاطر پنھنجي جان قربان ڪيائين. صدر ڪينيڊيءَ  پنھنجي پيش رو مصلح، ابرھام لنڪن، جي شروع ڪيل جدوجھد کي جنھن بلند حوصلي سان پايھ تڪميل تي پھچايو آھي، ان جي حيثيت عالمي ۽ تاريخي بنجي چڪي آھي.

اھا تحريڪ، جا ھڪ سؤ سال اڳ پيدا ٿي ھئي، ۽ جنھن جي خلاف ڏکڻ آمريڪا جي رياستن بغاوت ڪري ابراھام لنڪن کي گوليءَ سان مارايو ھو، ان تحريڪ کي تڪميل تي پھچائڻ جي سلسلي ۾ ڏکڻ آمريڪا جي ڪن باغي رياستن جي بناوت سان کيس  بھ مقابلو ڪرڻو پيو،  ۽ ان ئي مقصد جي راھ ۾ پنھنجي جان قربان ڪرڻي پئي.

”صلئھ شھيد کيا ھي، تب و تاب جا ودانھ!“

 

مير غلام علي خان ٽالپر

ھيءَ خبر وحشت اثر ملڪ و ملت لاءِ ڏک جو سبب ٿي آھي تھ سنڌ جو ممتاز ۽ پراڻو سياستدان ۽ قومي ليڊر، مير غلام علي خان ٽالپر، ١٩ – آڪٽوبر ١٩٦٣ع تي، منجھند جو، داعيءَ اجل کي لبيڪ چوندي، دارالبقا ڏانھن راھي ٿي ويو – انا لله وانا اليه راجعون.

مرحوم مير غلام علي خان جي ذات سنڌ جي مشھور حڪمران خاندان جي آخري نشاني ھئي. مير صاحب پنھنجي بزرگن جي خانداني روايتن ۽ تھذيبي حيثيتن جو آخري وارث ھو. سندس طبع ۾ انڪساريءَ سان گڏ بلندي، ۽ بلندي سان گڏ درويشيءَ جھڙا آثار  موجود ھئا. سندس وفات نھ صرف سنڌ لاءِ، پر سڄي پاڪستان لاءِ ھڪ ناقابل تلافي سانحي جي حيثيت رکي ٿي.  مير صاحب جي انتقال سبب سنڌ ھڪ محب وطن، فياض، سير چشم، سخي ۽ غريبن ۽ يتيمن جي پشت پناھ کان محروم ٿي وئي آھي، پاڪستان ھڪ بااصول ۽ ديانتدار سياستدان کان خالي رھجي ويو آھي.

 مير صاحب مرحوم  نھ فقط ھڪ اعليٰ خاندان جي تھذيبي  روايتن جو مجسمو ھو، پر ان سان گڏ ھڪ مخلص ۽ ايماندار، اڻٿڪ ۽ اڻورچ سماجي ڪارڪن بھ ھو. مرحوم جون سياسي خدمتون سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏھن بھ وساري نھ سگھبيون. مير صاحب مرحوم جي سياسي اعتدال واري روش، مرج – مرنجان طبيعت، غريبن ۽ يتيمن جي سار سنڀال لھڻ واري عادت، پنھنجن ۽ پراون سان مروت، سياست جي پيچ و خم ۾ ميانھ روي ۽ اعتدال پسنديءَ جي ڪري، سنڌ کي مٿس فخر ڪرڻ جو حق آھي.

مير صاحب پنھنجي ذاتي اخلاق ۽ ڪردار جي حيثيت سان موجوده دور جي سياستدانن، ليڊرن ۽ وڏن ماڻھن لاءِ ھڪ مثالي انسان ڪري شمار ڪيو ويندو ھو. مير صاحب جي سياسي مشرب ۽ مسلڪ سان بعض ماڻھن کي اختلاف جو حق حاصل آھي، پر جيستائين سندس شخصيت جو تعلق آھي، اھا تھ ھر ڪنھن وٽ احترام جي لائق رھندي آئي آھي. سندس سخت ترين مخالف بھ سندس نالو عزت ۽ محبت سان وٺي رھيا آھن، ۽ عوام سندس لاءِ ھنجون ھاري رھيو آھي. سندس تر جا ماڻھو، ھاري ناري، زميندار ۽ واپاري، اديب ۽ عالم، سياستدان، قومي ورڪر، ايڊيٽر ۽ صحافي، سڀ کيس خراج عقيدت پيش ڪري چڪا آھن. مير صاحب مرحوم جي ھر دلعزيز ۽ پياري شخصيت لاءِ ائين چوڻ ڪافي آھي تھ سندس خدمتن کي ملڪ جي سڀني ليڊرن، صدر مملڪت کان وٺي مختلف  سياسي ۽ قومي پارٽين تائين، متفقھ طور ساراھيو آھي.

مير صاحب جي سياسي زندگي سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ سان اھڙي تھ ڳنڍيل آھي جو ٻنھي کي جدا ڪري نٿو سگھجي. صرف مارشل لا کان پوءِ ڪجھھ عرصو گوشھ گير ٿي رھيو، پر پابندين لھڻ شرط دوباره ميدان سياست ۾ آيو ۽ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو.

سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ جي تحريڪ ۾ پڻ مير صاحب گھڻي جدوجھد ڪئي، ۽ ان وقت جي مشھور قومي اڳواڻن سان دوش بدوش ان عظيم جدوجھد ۾ حصو وٺندو رھيو.

١٩٣٧ع ۾ مير صاحب سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو، ۽ پوءِ ستت ئي پارليامينٽري سيڪريٽري ڪيو ويو. ڇھن سالن کان پوءِ، مير صاحب مرحوم سنڌ جو وزير داخلھ ٿيو،. پاڻ  اھو دور نھايت امن ۽ مروت، صلح ۽ محبت سان ھلايائين، ۽ ڪنھن بھ شخصيت يا ڪنھن بھ گروه کي ڪنھن بھ شڪايت جو موقعو نھ ڏنائين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org