سيڪشن؛ شخصيات

يــادگـــيـــريــــون

 باب--

صفحو :1

يــادگـــيـــريــــون

محمد حنيف صديقي

 

 

ناشر طرفان ٻھ اکر

 

سيٺ نائونمل جي ”يادگيرين“ جو ھيءُ ڪتاب، سنڌي زبان ۾ پھريون دفعو ترجمو ٿي، شايع ٿي رھيو آھي. انگريزي زبان ۾ ھي ڪتاب سن ١٩١٥ع ۾ شايع ٿيو ھو. دراصل، سيٺ نائونمل پنھنجون يادگيريون پاڻ لکيون ھيون، جنھن جو بعد ۾ سندس پوٽي راءِ بھادر عالومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻيءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو. سر ايڇ . ايوان، ايم. جيمس، ڪي. سي. آءِ. اي سي. ايس، آءِ. (ڪمشنر سنڌ – ١٨٩١ – ١٨٩٩ع) انھيءَ انگريزي ترجمي کي ترتيب ڏيئي مقدمو لکيو. بعد ۾، ڪتاب ”ھندستان جي تاريخ جو ھڪ وساريل ورق“ يعني ”يادگيريون“ ڪراچيءَ جي سيٺ نائونمل ھوتچند سي. ايس. آءِ. جون، (١٨٠٤ کان ١٨٧٨ع) نالي سان ڇپيو.

سيٺ نائونمل جي لاءِ اھو مشھور آھي تھ ھن پنھنجي وطن سان غداري ڪري، انگريزن جو ڇاڙتو ٿي، سنڌ کي غلام بنائڻ ۾ اھم حصو ورتو. سنڌي ادبي بورڊ، نائونمل جون ”يادگيريون“ شايع ڪري، قوم جي آڏو تاريخ جي ھڪ اھم مسئلي کي پيش ڪيو آھي. پنھنجي تعريف ٻڌي ۽ پڙھي ھرڪو خوش ٿئي، اھو ھڪ لازمي امر آھي، پر فقط تعريف تي قانع ٿي ويھي رھڻ، پاڻيھي پاڻ سان بي انصافي ڪرڻي آھي. جيسين تصوير جي ٻنھي رخن جو صحيح علم نھ ھوندو، تيسين حسن ۽ قبح جي سمجھڻ ۾ لغزش جو امڪان رھندو. ”نائونمل جون يادگيريون“ بھ تصوير جو ٻيو رخ آھي. جتي اسان پنھنجي ماضيءَ جا شاندار پھلو پڙھي مسرت محسوس ڪريون ٿا، اتي اچو تھ انگريزن جي ھڪ نمڪخوار جي ڪردار کي پڙھي، عبرت حاصل ڪريون ۽ ڏسون تھ قومن جي عروج ۽ زوال جا ڪھڙا اسباب ۽ علل آھن، ۽ ڪيئن ھڪ تونگر ماڻھو پنھنجي ذاتي ضد ۽ خانداني عصيبت جي ڪري، پنھنجي سر زمين کي ڌارين جي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ٿو ڪري!

 

حيدرآباد سنڌ                  ڊاڪٽر اسدالله شاھھ حسيني

١٦-١٢-١٩٦٨ع                                 اعزازي سيڪريٽري

                                          سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

مھاڳ

پھريائين منھنجو خيال ھو تھ ھيءَ مختصر تصنيف، عوام جي آڏو پيش ڪريان، پر پوءِ، ڪيترن سببن ڪري، مون مناسب سمجھيو تھ ان جي اشاعت مخصوص رکجي تھ بھتر ٿيندو. اول تھ، ھيءُ سمورو قصو ھڪ ڪھني تاريخ آھي، ۽ ٻيو تھ جن واقعن جو ان ۾ ذڪر ڪيل آھي، سي سنڌ جھڙي ھڪ درو دراز صوبي جي تسخير سان تعلق رکن ٿا، جنھن ڪري اھي عوام لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ڪين ٿيندا، خصوصا ھن وقت، جڏھن سلطنت ھڪ مھا ڪشمڪش ۾ مبتلا آھي ۽ جنھن جو ڀوت سڀڪنھن جي دلين ۽ دماغن تي سوار آھي. تنھن کان سواءِ، ھن قصي جا ڪي واقعا ڪنھن اختلافن جون يادگيريون تازيون ڪن ٿا، جن کي ھينئر وسارڻ مناسب آھي. مرحوم سر رچرڊ برٽن، سنڌ کي ”دکي ماٿريءَ“ جو لقب ڏنو ھو. لاشڪ ان جو پھريون سبب سنڌ جي گرمي ھوندي، ۽ ٻيو تھ جڏھن انگريزن سنڌ فتح ڪئي تھ ان وقت ملڪ جو گھڻو حصو غير آباد ھو. مگر ھن وقت تھ سنڌ، ساري سلطنت ھند – پاڪ جي سڀني صوبن کان وڌيڪ زرخير شمار ڪئي وڃي ٿي. جيڪو بھ ماڻھو سنڌ ۾ ھڪ دفعو رھيو ھوندو يا نوڪري ڪئي ھوندائين، سو سنڌ کي ھميشھ ياد ڪندو. اھو ھڪ نيڪ فال آھي تھ ھر طبقي جا ماڻھو، وڏا مسلم زميندار خواھھ پڙھيل ھندو، وفادار آھن ۽ پنھنجي ملڪ سڌارڻ جو ڏاڍو اونو اٿن. ھرڪو ماڻھو جنھن کي بھ سنڌ جي سرزمين جو ڪجھھ اونو آھي، سو سيٺ نائونمل جي ھن خود نوشتھ احوال کي دلچسپيءَ سان پڙھندو، جنھن انگريز سرڪار جي، ھڪ نازڪ وقت ۾، نمايان مدد ڪئي ھئي. سيٺ نائونمل جي انھن ڪوششن پنھنجي ماتر ڀوميءَ کي آرام، انصاف ۽ سٺي انتظام وٺي ڏيڻ سان گڏوگڏ ھر ڪنھن ظلم ۽ زبردستيءَ کي ھميشھ لاءِ ٻنجي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، جنھن ۾ خود سندس پيءُ بھ شڪار ٿيو ھو. ”يادگيريون“ ان ڪري بھ خاص دلچسپيءَ جو باعث ٿينديون جو ان ۾ سنڌجي تسخير وقت ملڪ جي جيڪا حالت ھئي، تنھن جي ھڪ چٽي تصوير پيش ڪيل آھي. تنھن کان سواءِ ان ۾ سيٺ نائونمل جي گوناگون مشاھدن ۽ واقعن جو ذڪر پڻ آھي، جن جي ھن جي حياتيءَ ۾ ڪمي ڪانھ ھئي.

جن صاحبن ان وقت جي تاريخ جو مطالعو ڪيو آھي، تن کي بخوبي معلوم آھي تھ سنڌ جي تسخير لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪيا ويا ھئا، تن جي جائز يا ناجائز ھئڻ جي باري ۾ وڏا اختلاف آھن. ھن وقت اھو پراڻو داستان، عام ماڻھن اڳيان دھرائڻ مناسب نھ ٿيندو. تنھنڪري مان اھو بھتر سمجھان ٿو تھ ھن ڪتاب جي اشاعت، سيٺ نائونمل جي اولاد، رشتيدارن ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ عملدارن ۽ ذاتي دوستن تائين محدود رکجي.

”يادگيريون“ جي تاليف، ۾، جيتريقدر ٿي سگھيو آھي، اوتريقدر، مون سياست کان ڪنارو ڪيو آھي، تنھنڪري ان ۾ جيڪي اشارا ڏنل آھن، تن کي واضح ڪرڻ لاءِ فقط مختصر حاشيي تي اڪتفا ڪئي اٿم. جنھن کان سواءِ اھي اشارا موجوده نسل جي ماڻھن کي سمجھھ ۾ نھ اچن ھا. ان کان سواءِ مون ”تعارف“ جي ٻن بابن ۾، نائونمل جي اسرڻ وقت سنڌ جي جيڪا حالت ھئي، ان تي مختصر روشني وڌي آھي. مون پنھنجا تاثرات، سيٺ نائونمل جي ناميارن ھمعصر عملدارن، ۽ آشنائن جي لکيل دستاويزن سان ڀيٽي ڏٺا آھن. مون کي خاطري آھي تھ گھڻا انگريز – پاٽنجر ۽ آئوٽرام يا فريئر ۽ اياس جھڙن ناميارن، انگريز ھستين، جن سنڌ جي ڀليءَ ڀت خدمت ڪئي ھئي، تن جي ڪارنامن کان واقف ٿي خوش ٿيندا. جيڪڏھن ھن ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ ھنن کي فريئر ۽ آئوٽرام جي جيون چرتر پڙھڻ جو شوق پيدا ٿيو تھ آئون ائين سمجھندس تھ مون واقعي سندن خدمت ڪئي آھي.

ڪتاب جون حاشيون سڀ منھنجو لکيل آھن، جيتوڻيڪ مصنف طرفان ان ڳالھھ جو اعتراف ڪٿي بھ ڪيل نھ آھي.

سيٺ نائونمل – خاص ڪري پنھنجي ڪن گھرو ۽ ذاتي ڳالھين جو ذڪر ڪيو آھي، جن جو عوام سان ڪو واسطو ڪونھ آھي، پر مان انھن ڳالھين کي حذف ڪرڻ مناسب  نٿو سمجھان. افسوس آھي تھ مون کي اھڙي جنتري دستياب نھ ٿي سگھي، جنھن جي مدد سان وڪرماجيت جي سنبت جي سنن لاءِ عيسوي سالن جون صحيح تاريخون ۽ مھينا ڏئي سگھان ھا. ڪا نقاد شايد ان ڳالھھ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪن تھ مون ھندستاني تاريخن ۽ مھينن لکڻ ۾ دلچسپي ڪانھ ڏيکاري آھي. پر جنھن وقت ھنن ”يادگيرين“ ۽ ”ضميمن“ ۾ بيان ڪيل واقعا رونما ٿيا ھئا، ان وقت ھڪ زبان جي لفظن کي ٻيءَ زبان ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪو باترتيب طريقو رائج ڪونھ ھو. مون خيال ڪيو تھ ھرھڪ لفظ جي پراڻي استعمال کي بحال رکڻ ھڪ قسم جي نمائش ٿيندي، حالانڪ ”يادگيرين“ ۾، خود مترجم بھ ڪن لفظن جي جديد صورت قائم رکي آھي. تنھنڪري مون بھ گھڻن لفظن جي، ڪتاب ۾ پيش ٿيل صورت کي قائم رکيو آھي. اميد تھ انگريزيدان ھندستانين کي پڙھڻ ۾ ڪابھ دقت ڪانھ ٿيندي، ڇاڪاڻ تھ پراڻي صورت دستاويزن ۽ انھن جي حوالن کي ھڪ ڪھنو رنگ ڏيندي.

ڪن مشڪل اشارن جي سمجھائڻ ۾ مون کي سيٺ نائونمل جي نامور پوٽي، راءُ – بھادر عالومل ٽيڪمداس بي – اي، نوازش ڪري منھنجي جيڪا مدد ڪئي آھي، ان لاءِ آءٌ سندس ٿورائتو آھيان. عالومل ۽ مون کان پوءِ، نيپئر، فريئر ۽ سيٺ نائونمل جي وقت واري سنڌ ۽ جديد سنڌ جي وچ ۾ جيڪي آخري ڪڙيون بچيون آھن، سي ختم ٿي وينديون. مان ١٩٧٠ع ۾ سنڌ ۾ آيو ھوس، جڏھن اڃا ڪيترا نيپئر ۽ فريئر جا ھمعصر عملدار، سرڪاري نوڪرين ۾ ھئا، ۽ مون انھن جي واتان پراڻي زماني جا ڪيترائي قصا ۽ ڪھاڻيون ٻڌيون ھيون. ان ڪري مان سمجھان ٿو تھ ”يادگيرين“ جي اشاعت لاءِ منھنجو انتخاب غير موزون نھ آھي.

 

 

١ – جون، ١٩١٥ع                             ايڇ. اِي. ايم. جي

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org