سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:22 

وڏي وَٿ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾!

معشوق شر

سنڌ جي ڪُک مان جنم وٺندڙ هونئن ته ڪيترائي اهڙا نالا آهن، جن سنڌ سان بي بها عشق ڪيو ۽ اُن عشق جي اظهار لاءِ هنن ڪڏهن قلم، ڪڏهن قانون ته وري ڪڏهن عملي ميدان ۾ لهندي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي. سراج الحق ميمڻ به سنڌ جي انهن ئي گهڻگهرين شخصيتن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ سنڌ سان عشق جو ناتو ڀرپور نڀايو. هُن ادب، صحافت، لسانيات توڙي سنڌ جي ٻين مامرن تي وقت سر قلم کنيو، پر گڏوگڏ سندس لکڻين ۾ سنڌيت جي خوشبوءِ هميشه اڳ کان اڳري نظر آئي.

حيدرآباد جي ٽنڊي ڄام شهر ۾، 1933ع ۾ جنم وٺندڙ سراج جو تعلق هڪ علمي گهراڻي سان هو. سندس والد پڻ تعليم جي شعبي سان واڳيل هو. هُن جو ترجمي ڪيل ’ديوان حافظ‘ کي ادب ۾ اڄ به مانائتي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. سراج پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪميشن پاس ڪئي ۽ 1970ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. اُن سڄي عرصي دوران سراج ڪيترن ئي سنڌ جي ناميارن اديبن سان ويجهڙائيءَ ۾ رهيو. شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو سندس ويجها ساٿي رهيا. سراج 1964ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ بابت ڪتاب لکيو، جيڪو وڏي بحث مباحثي هيٺ رهيو.

شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو صدارت جو منصب ماڻڻ کان پوءِ سراج کي هڪ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. اُن دوران سراج ’رتي جي رهاڻ‘ ۽
’سياسي منظرنامي‘ جي عنوان سان ڪالم ۽ مضمون لکندو رهيو، جيڪي به پنهنجو هڪ الڳ مقام رکن ٿا.

هونئن ته سراج جا لسانيات جي اُن ڪتاب کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل آهن، پر ادب ۾ سندن جنهن ڪتاب تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ جنهن سان سراج جي لکڻين سنڌيت جي جذبي ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي وڌو هو، سو هو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘. سراج سان ڪيل انٽرويو، جيڪو مون ۽ روپلي جويي 2009ع ۾ ڪيو هو ۽ بعد ۾ ان انٽرويو کي منظر عام تي نه آڻي سگهياسين، جنهن جو پهريون سبب هو. ٽيپ رڪارڊر جو خراب هجڻ، جيڪو ٺيڪ وقت تي اسان ٻنهي دوستن کي ڌڪ ڪڍي ويو. انٽرويو کان اڳ ٽيپ رڪارڊر ٺيڪ ٺاڪ ڪم ڪري رهيو هو، پر جيئن ئي انٽرويو ڪري نڪتاسين ته اهو ٽيپ رڪارڊ ئي خراب ٿي پيو، جنهن ڪري سڄي رڪارڊنگ ئي خراب ٿي پئي. پوءِ به منهنجو خيال هو ته اُن ڪئسٽ کي ڪٿان ٺيڪ ڪرائي رڪارڊنگ لکي وٺجي، پر گهڻين ئي ڪوششن کان پوءِ به نه اها ڪئسٽ هلي سگهي ۽ نه ئي وري سراج صاحب جو اُهو انٽرويو لکي سگهياسين. بهرحال اُن وقت اسان کي به اهو هوش نه هو ته سراج صاحب جون ڪي ڳالهيون نوٽ ڪري وٺون ها ۽ پوءِ انٽرويو جوڙي وٺون ها. اها ڳالهه تڏهن سمجهه ۾ آئي، جڏهن اسان پاڻ يا ائين کڻي چوان ته مون پاڻ اچي صحافت جي زندگيءَ ۾ قدم رکيو آهي. وقت گذري ويو ۽ انٽرويو جمع نه ڪرائڻ سبب مون به پنهنجي ڊگريءَ تان هٿ ڌوئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اُهو انٽرويو اصل ۾ منهنجي ايم.اي جي ڊگريءَ واري ٿيسز هئي، جيڪا مون اڄ ڏينهن تائين ان لاءِ ئي جمع نه ڪرائي هئي ته مون وٽ سراج صاحب جو ڪيل انٽرويو خراب ٿي چڪو هو ۽ نه ڄاڻ ته اهو ڪهڙو احساس هو، جنهن سبب سراج جي انٽرويوءَ کان سواءِ ٿيسز جمع ڪرائڻ تي ڪڏهن دل ئي نه چيو، جيڪا اڄ به اڻپوري آهي.

ڏک ان ڳالهه جو ناهي ته مون پنهنجي ٿيسز نه ڏني، بلڪ ڏک ان ڳالهه جو آهي ته مون کان سنڌ جي هڪ عاشق جو انٽرويو خراب ٿي ويو، جيڪو سراسر منهنجي غلطي چئجي يا وري ناداني يا اڃا ئي ڪجهه ٻيو. ان جي خبر مون کي به ناهي. پوءِ به ان ڳالهه جو ڏک ضرور آهي ته اُهو انٽرويو شايع ضرور ڪجي ها.

جيئن ته ان انٽرويو ۾، منهنجي ٿيسز جي ٽاپڪ ’سراج جا ناول ۽ سنڌي ادب ۾ انهن جي اهميت‘ تي سوال هئا. يقيناً سندس جواب پڙهندڙ لاءِ ڪافي رهنمائيءَ جو ڪارڻ بڻجن ها.

بهرحال سراج جا ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۽ ٽريالاجيءَ تي مشتمل ’پياسي ڌرتي، رمندا بادل‘ (ٽي ناول) جملي پنج تخليقي ناول آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ انتهائي اهم جاءِ والارين ٿا، سنڌ جي ناولن جو ڪو به تذڪرو ’سراج‘ جي انهن ناولن کان سواءِ اڻ پورو چئبو.

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سراج جي ناولن جي ڪري ئي ماڻهن کي تاريخ پڙهڻ جو شوق جاڳيو. ڇو ته سراج جي ناولن ۾ تاريخ کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويو هو، جنهن سان ماڻهن جي دلچسپي تاريخ پڙهڻ ڏانهن وڌي. ان کان سواءِ سراج جي ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ پهريون مجموعو ’اي درد هلي آءُ‘ (1961ع) ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ (1985ع) شامل آهن، جڏهن ته پاڻ 1953ع ۾ ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ جهڙي ناول جو شاندار ترجمو سنڌي ادب جي دامن ۾ وڌو هئائين ۽ ان کان پوءِ غلام رباني آگري سان گڏ چونڊ آمريڪي افسانن جو ترجمو به ڪيائين، جيڪو 1958ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته 1958ع ۾ ئي هن هڪ ٻيو ڪتاب ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ به ترجمو ڪيو هو. سراج نه صرف ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ ماهر هو، پر هُو سنڌي ماڻهن جي نفسيات توڙي سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ کان واقف هو. سراج صحافت کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت جي پيشي سان به وابسته رهيو. هُن جيتري قدر سنڌ لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچيو ۽ جيترو سُٺو لکيو، ان لاءِ هو هميشه کيرون لهڻي. سندن سنڌي ادب، صحافت توڙي زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو خدمتگار

وزير فرهاد سولنگي

02 فيبروري 2013ع، ڇنڇر جي رات جو سوا ٽين وڳي اهو اڀاڳو وقت هو، جنهن اسان کان ۽ سنڌ کان هڪ تمام ڏاهو ۽ وڏو ماڻهو کسيو. صبح جو سوير ٽي.وي کولي تازيون خبرون پڙهڻ لاءِ ڳاڙهيءَ پٽيءَ تي نظر ڊوڙايم ته ”سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب سراج الحق ميمڻ 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.“ مون کي انهيءَ وقت محسوس ٿيو ته هيءَ ڪهڙي قسم جي ادبي کيپ هئي، جن سڄي سنڌ جي ادب ٻولي سياست، صحافت، تحقيق، شاعري، ثقافت وغيره تي ايترو ته وڏو ڪم ڪيو. هي هيڏا سارا ماڻهو ڪهڙن استادن تيار ڪيا، جن 1950ع کان هن وقت تائين واندڪائيءَ کان رسي، مسلسل قلم کڻي سنڌي ٻوليءَ لاءِ، سنڌ لاءِ، سنڌي ماڻهن لاءِ لکيو، ۽ ايترو لکيو، جو پاڻ به تاريخ ٿي ويا. منهنجو انهن ماڻهن ڏانهن اشارو آهي، جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، الهداد ٻوهيو، ابراهيم منشي، تنوير عباسي، استاد بخاري، نجم عباسي، تاجل بيوس، شمشيرالحيدري ۽ سراج الحق ميمڻ شامل آهن. هيءَ اها لسٽ آهي. جنهن تي مان سوچيندو آهيان ته ڇا سنڌ جي مستقبل ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو سنڌ کي ملي سگهندا؟ ڇو ته مذڪوره ماڻهو 19 ۽ ويهين صديءَ جي نظام جي پيدائش هئا، مذڪوره سنڌ جي گهڻگهرن اديبن، شاعرن ۽ قلم ڌڻين جي ڇڏيل خال کي ڪير ڀريندو؟ ڇا موجوده حالتن ۾ اهڙا سگهارا نالا ملي سگهن ٿا؟ اهي سوال منهنجي اندر ۾ هلچل مچائي رهيا آهن. سنڌ جي هن ڏاهي سراج جي وڇوڙي تي کن پل لاءِ منهنجو ذهن اهو سوچيندو رهيو ته آچر 3 فيبروريءَ جي اخبارن ۾ سراج بابت ڪافي آرٽيڪل ڇپيا. جن جو مرڪزي موضوع سراج هو. ها! مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن مان پي.ٽي.وي تي نشر ٿيندڙ هفتيوار ٻارڙن جي پروگرام ’روشن تارا‘ جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم سان ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ملڻ ويو هوس. ۽ مون ساڻس ڊگهي ڪچهري ڪئي هئي ۽ پوءِ ’روشن تارا‘ پروگرام جي تاريخ لکي هڪ هفتيوار مئگزين ۾ ڇپرائي هيم. ته انهي ڊگهيءَ ڪچهريءَ ۾ پهريون دفعو منهنجي ڪنن سراج ميمڻ جو نالو ٻڌو هو، جنهن جو تذڪرو عبدالحق عظيم پاڻ مون سان ڪيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. ان کان پوءِ محترم سراج الحق ميمڻ جي شخصيت ۽ ادب کي ويجهڙائيءَ کان جهاتي پائڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي ته هي تمام وڏين ۽ گهڻين خوبين جو مالڪ هو. ادب، تاريخ، تحقيق، ٻولي ۽ صحافت جهڙا شعبا سندس قلم هيٺ آيا. ادب ۾ سندس ناولن ۽ ترجمي وارن ڪتابن کي سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي چڪي هئي. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق بابت سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ قابل تعريف آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي وجود لاءِ مڪمل دليل ڏئي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻاهرين يا ڌاري ٻوليءَ جي نه، پر خالص پنهنجي ڌرتيءَ جي پيداوار آهي. تاريخ جي حوالي سان سراج سنڌ تي ڌارين جي چڙهاين، حملن ۽ ڪاهن بابت تفصيلي تاريخ ناولن جي روپ ۾ ڏني جيڪا سندس لکڻين جي انفراديت جو اهڃاڻ آهي. صحافت ۾ سندس خدمتن کي به نٿو وساري سگهجي. سندس ئي دور ۾ روزاني ’هلال پاڪستان‘ سنڌي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ٿي. سندس ڪالم، اقتصاديات تي لکيل آرٽيڪل، حالات حاضره ۽ ان وقت جي سنڌ جي سياسي پس منظر ۾ لکيل ڪالم، سنڌي صحافت ۾ پنهنجو منفرد مقام رکن ٿا.

مٿين سڀني خوبين ۽ صلاحيتن سان سرشار ذهن جي تربيت، تعليم ڪنهن ڪئي؟ يقيناً هڪ ڪامل استاد جو ئي هٿ ٿي سگهي ٿو.   ۽ ها اُهو استاد سندس والد محمد يعقوب ميمڻ ئي هو. جنهن پنهنجن ٻچن جي اهڙي تربيت ڪئي، جو کين سڄي سنڌ پيار ۽ قدر جي نگاھ سان ڏٺو. استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ سراج الحق، جيڪو اڳتي هلي انڪم ٽيڪس آفيسر، صحافي، ناول نگار، تاريخدان، ايڊيٽر، محقق ۽ سنڌي ادب جو وڏو خدمتگار ثابت ٿيو. اڄ سندس يادگار ڪتابن ۾ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’پياسي ڌرتي مندا بادل‘، ’علم معاشيات‘، ’سنڌي ٻولي‘، ’اٺون گهر‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’چونڊ آمريڪي افسانه‘ ۽ ’مرڻ مون سين آءُ‘ آهن، جيڪي سندس سنڌ،  سنڌين ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ناياب سوکڙيون آهن، هو پنهنجون يادگار لکڻيون ڇڏي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۽ سنڌي اُٻاڻڪائي محسوس ڪرڻ لڳا آهن. شال! اسان جو ايندڙ نسل اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي طرح خدمت ڪري، جيئن سراج پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي ڪري ويو.

 

سراج جو وڇوڙو: سوڳوار بڻيل سنڌ

ساجد چانڊيو

سنڌ جو ناميارو اديب، دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ ماهرِ لسانيات سراج الحق ميمڻ دل جي دوري سبب ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو آهي، سراج جي وفات جي خبر سنڌ جي ادبي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. سراج ميمڻ جو وڇوڙو سنڌ لاءِ هڪ دور جو وڇوڙو آهي. اهو دور، جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول وڏي مهانتا ماڻي آهي. سراج نه صرف ڪهاڻيڪار ۽ برک ناول نويس هو، پر هڪ خوبصورت ماڻهو پڻ هو، جنهن ۾ ماڻهپي جون سموريون خوبيون موجود هيون. سڄي سنڌ سراج جي وڇوڙي تي ڏک ۾ آهي.

سراج جو شمار ويهين صديءَ جي ذهين ترين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، هُن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي جيڪا سُونهن ۽ سُندرتا بخشي، اُها سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي. سراج، سنڌي ادب توڙي سنڌ کي نوان خيال، نوان لهجا، نوان لاڙا ۽ نوان فڪري بنياد فراهم ڪيا، سندس لکيل ناول ٻولي، اسلوب، رواني ۽ عڪاسيءَ جي لحاظ کان بيمثال آهن، سندس ناول پڙهندي پڙهندڙ تي عجيب ۽ غريب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي پوريءَ طرح ناول جي ڪهاڻي، خيال، ماحول ۽ ڪردارن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. سراج جا ناول سنڌ جي پسِ منظر ۾ ئي سرجيل آهن، جنهن ۾ هُن سنڌ تي ڪاهي ايندڙن کي ننديو آهي، سراج ادب براءِ ادب جو قائل نه هو، هُن هڪ واضح مقصد تحت ئي لکيو، اهو مقصد سنڌ ئي هو، سنڌ جا مارو ماڻهو ئي هُئا، هُن سنڌ جي ڏکن جي تصوير پنهنجي ناولن ۾ چٽيءَ طرح عڪس بندي ڪئي آهي. هُن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ جي مسئلن، نفسياتي پهلوئن کي زيربحث آندو، هُو سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ تي لُڇي پوندو هو ۽ سندس قلم جُنبش ۾ اچي ويندو هو، هُن هر زيادتي ڪندڙ کي پنهنجي تحريرن ۾ ننديو آهي. پوءِ اُهي ڌاريا حڪمران هُجن يا پنهنجا وڏيرا. سراج سنڌي مُجاهدن جي قربانيءَ جا داستان، پنهنجي ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ۾ نهايت پُراثر انداز سان بيان ڪيا آهن. سندس هي ناول سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ تُرخانن جي زماني جي تاريخ کي پس منظر ۾ رکي، سنڌي جوڌن جي بهادريءَ جا ڪارناما نهايت فخر سان بيان ڪيا اٿس ۽ هن تُرخان حڪمرانن جي پَتِ وائکي ڪندي سندن مٽي پليد ڪئي آهي.

سراج لسانيات جو به هڪ وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو، هُن 60 واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻولي جي حوالي سان هڪ نظريو پيش ڪيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت تان هرگز ورتل ناهي، البت سنڌي ٻولي ڪيترين ئي ٻولين جي ماءُ آهي، سندس اهو نظريو اڄ سچ ثابت ٿي چُڪو آهي،سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان سندس هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ هُن سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ اهو به نظريو پيش ڪيو ته سنڌي آريائي ۽ ويدن جي دور کان اڳ جي زبان آهي، جيتوڻيڪ لسانيات سندس شعبو ڪونه هو پر هُن دنيا کي سنڌي ٻوليءَ جي اصلي مڃتا کان آگاهه ڪرڻ واري ذميواري بخوبي نباهي.ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ هُن جا ڪيترائي جامع مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌ توڙي هند جي مختلف رسالن، مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا، جن کي هڪ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي اشد ضرورت آهي.

ٽنڊي ڄام ۾ هڪ استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سراج الحق ميمڻ ”سراج“ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو، هُن سنڌي ادبي بورڊ کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي. بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ انڪم ٽيڪس آفيسر ٿيو. سراج ڪيترو وقت روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن صحافت کي نوان موڙ ڏنا.

سراج سنڌ جو اُهو گهڻگهرو ليکڪ هو، جنهن سنڌ جي مفادن خاطر نوڪرين جي پرواهه نه ڪئي، پر سنڌ جي حقن لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو.

هُن سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي ڪتاب ارپڻ ڪيا، جن جو وڏو مقام آهي. سراج جو وڇوڙو يقيناً سنڌي ادب لاءِ هڪ نه ڀرجندڙ وڏو خال آهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو، سراج کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. سنڌي ادب جي صحن ۾ سندس وڇوڙي تي تڏو وڇايل آهي.
 

سراج: هڪ سونهري تاريخي باب جي پڄاڻي ۽ شروعات

هوش سولنگي

سنڌي ٻوليءَ جو سچو عاشق، سنڌ جو ڏاهو دانشور، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، ماهر لسانيات سراج الحق ميمڻ عرف سراج، ادبي ۽ علمي دنيا ۾ منفرد ۽ اعليٰ حيثيت رکندڙ شخص جو وڇوڙو، سچ پچ ته سنڌ لاءِ هڪ وڏي کوٽ ۽ نه ڀرجندڙ خال ثابت ٿيندو. سراج، جنهن جو وڏو ڪارنامو سندس سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق هئي، سراج پنهنجي تحقيق جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي الڳ ۽ ممتاز مقام ڏيڻ جو نظريو ڏنو، جنهن نظريي سنڌي ٻوليءَ ۽ تهذيب جو مان مٿانهون ڪيو ۽ اُن تي تحقيق جا نوان دڳ کوليا. سنڌي ٻولي لاءِ سدائين ٻين ٻولين جي خاندانن مان نڪرڻ جا نظريا ڏيڻ جون دعوائون پئي ڪيون ويون، سراج انهن کي مڪمل رد ڪري سنڌ، سنڌيءَ ٻولي جي جدا ۽ اوچي سڃاڻپ ڪرائي. سراج جي سمورين تخليقن جو بنياد سنڌ ۽ قومپرستي هو، سنڌي ادبي دنيا ۾ سراج جي شخصيت، انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن مان هئي/ آهي، جيڪي آدرشي ۽ سنڌ تي ايمان رکن ٿا ۽ سندن قبلو سنڌ ئي آهي. سراج جي سڀني تخليقن ۽ تحريرن ۾ سنڌ سان ٿيل ارهه زورايون نمايان ڪري پيش ڪيل آهن. پوءِ اها تاريخ هجي، تحقيق هجي، صحافت هجي يا وري افسانوي ادب هجي. سراج افسانوي ادب ۾ سنڌ جي تاريخ کي لکي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. سراج جا ناول جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجن ته نوبل انعام طور نامزد ٿي سگهن ٿا. انهن ناولن ۾ ماضيءَ ۾ سنڌ سان ٿيل ويڌن جو جيڪو عڪس آهي، اهو ته هر ڪنهن پسيو آهي. سراج هر شعبي ۾ جنهن طرح پاڻ موکيو، اهو لاجواب ۽ ممتاز آهي. سراج سنڌ ۾ جديد صحافت جو بنياد وڌو. اهو هڪ وڏو ڪم هو. هلال پاڪستان جي اداري ۾ ڪم ڪرڻ دوران سراج جديد لاڙا، رجحان ۽ سلسلا ڏئي، صحافت کي اوج تي رسايو. سراج جي جذباتي ۽ جنوني حد تائين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت هئي، جيڪا ان کي ڪڏهن به ڪم ڪرڻ کان روڪي نه سگهي. سراج، جنهن کي جبري طرح رٽائر ڪيو ويو هو ۽ پوءِ کيس ڪيتريون ئي آڇون ٿيون، پر هن انهن سڀني کي ٺڪرائي ڇڏيو. پوءِ هو وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. سندس شخصيت ۾ خودداري ۽ ارڏائپ هئي، جيڪا آخر تائين موجود رهي. سراج، شاهه عبداللطيف جي رسالي جي لغت به تيار ڪئي هئي، جنهن ۾ عام رواجي انداز ۾ لفظن جي معنيٰ ڏيڻ بدران هر هڪ لفظ جي هند- آريائي، سامي ۽ دراوڙي ٻولين جي ساڳين ملندڙ جلندڙ لفظن ۽ نحوي صورتن سان ڀيٽ ڪري، هن سنڌي لفظن جي اصليت، تاريخي اوسر ۽ مٽي مائٽيءَ بابت هڪ اڀياس ڏنو هو. ان پٺيان سندس مقصد شاهه تي لغت تيار ڪرڻ کان سواءِ، ان جي Etymological ڄاڻ ڏئي، پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ۾ پيش ڪيل نظريي کي ثابت ڪرڻو هو، جنهن جي باري ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين سراج جي سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايل ’سنڌي ٻولي‘ ڪتاب جي پبلشر نوٽ ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهو سراج جو هيڏو وڏو ڪم، ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽريءَ واري دور ۾ صرف ان ڪري نه ڇپايو، ڇو ته ڪنهن ماڻهوءَ طعنو ڏنو هو ته پنهنجا پيا نوازيا وڃن. اسان جي سماج جو اهو الميو آهي ته پاڻ ڪم ڪندا نه آهيون، پر جيڪڏهن ڪو ڪم ڪندو آهي ته ساڙ ۽ حسد سبب ڪنهن کي سهندا ئي نه آهيون. سراج سنڌ جو تمام وڏو ۽ چيڙهو عالم/ دانشور هو، جنهن جو رهيل ڪم جلد کان جلد ڇپجڻ گهرجي. سراج جي ان عظيم ڪم ۽ سندس ناولن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري آندو وڃي ۽ سندس آٽوبايوگرافي ۽ ٻيا ڪم ثقافت کاتي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ کي شايع ڪري، سنڌي ماڻهن کي ان کان مستفيد ڪرڻ گهرجي. سراج حقيقي انداز ۾ پنهنجو ڪم ڪري ويو آهي ۽ اُن سونهري باب جي پڄاڻي ته ٿي وئي، پر سراج جي ڪم کي اسان کي اتان کان کڻڻو آهي. جتان هن، ان کي ڇڏيو آهي. شروعات ڪرڻي آهي، هڪ نئين سنڌ جي، جنهن جي سراج کي آس هئي. سراج جو ڪيل ڪم سنڌ لاءِ انمول آهي، سنڌ کيس هميشه قومي هيري طور ياد ڪندي رهندي.

 

جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل!

انيس ميمڻ

اسٽيج تي ويٺل مانَ وارا ڀائرو ۽ ڀينرو!

تنوير عباسيءَ جون سٽون آهن ته:

ڪو ڪو ماڻهو   موتيءَ  داڻو،

ڪا ڪا دل هيرن جي کاڻ...

هڪ انسان سنڌيءَ طور ادا سراج، اهڙو موتيءَ داڻو هو، جنهن پنهنجي وجود جي جوت سان، پنهنجي ذهن جي روشنيءَ سان سنڌي سماج کي روشن ڪرن لاءِ ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي ذهن کي ماڻهپي سان منور ڪرڻ لاءِ هر پل، هر گهڙيءَ سوچيو ۽ شعوري ڪوشش سان سنڌ جي ماڻهن جي روايتي سُستي، اٻوجهائپ ۽ منجهن ٻڌيءَ جي اڻهوند سبب، وطن جي ڌارين وٽ غلاميءَ جي سببن تي لکيو ۽ منجهن ٻڌي ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ لاءِ ارغونن ۽ ترخانن خلاف وڙهندڙ سنڌين کي Idealize ڪري، زندگيءَ کان، حقيقت کان وڏا ڪردار تخليق ڪري کين سڏ ڏنو، جنهن نه صرف پنهنجي تاريخ کان روشناس ڪرايو، پر انهيءَ دور واري ساڳي اهڙي ئي ساڃهه ڌارڻ جو سبق ڏنو. ادا سراج جي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ ٻين ناولن کي جيڪڏهن ڪي نقاد مبالغي واري ايڪشن فلم سان ٿا ڀيٽين ته بلڪل صحيح ٿا ڪن؛ جو ادا شعوري طور ڄاڻي واڻي ائين لکيو هو، ڇو ته هن سنڌي ماڻهوءَ کي سجاڳ ڪرڻ ٿي چاهيو. ان لاءِ انهن کي اُتساهه ڏيارڻ لاءِ اهو ضروري هو ۽ ادبي دنيا ۾ ائين اڪثر ڪيو ويو آهي ۽ ماڻهن جو توجهه ڇڪايو ويو آهي.

تنوير جي نظم جي ٻيءَ سٽ جو اطلاق آءٌ پنهنجي ذاتي حوالي سان ڪنديس. ادا جي دل واقعي ڄڻ ته ڪا هيرن جي کاڻ هئي، جنهن ۾ پيار، پاٻوهه، ممتا ۽ موهَه جا هزارين هيرا موجود هئا، جن کي هن اسان سڀني ۾ ورهايو، هو هر هڪ رشتي ۾ perfect هو، مڪمل هو. گهر جو هر ڀاتي سمجهندو هو ته هو مون کي سڀني کان وڌيڪ ڀانئي ٿو. سندس پٽ، هن جي اکين جا تارا هئا ۽ پوٽا ۽ پوٽيون جگر جا ٽڪرا، پر اسين ڀائر ۽ ڀينر، ڪڏهن به سندس محبت جي دائري مان نه نڪتاسين. سندس سڪ جي سڳي ۾ پوتل رهياسين. اسان ڀينرن لاءِ ته هو تمام وڏي ۽ وسيع بڙ جي ڇانوَ مثل هو، جنهن ۾ اسين پاڻ کي محفوظ ۽ مطمئن سمجهنديون هيونسين. کيس ڌيءَ جو اولاد ڪونه هو، ان ڪري هن اسان کي پنهنجي ڌيئن وانگر پاليو ۽ هر هڪ ڀيڻ کي سندس صلاحيتن موجب ساراهيندو هو. فهميده سان ادبي حوالي سبب خاص رغبت هئس، ته مون کي منهنجي صلاحيتن جي ڪري ساراهيندو هو. آءٌ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي زماني کان ڊبيٽ ۾، ادبي سماجي توڙي سياسي تنظيمن ۾ ڀرپور حصو وٺندي هئس ۽ وڏا وڏا فنڪشن Organize ڪندي هئس ۽ خاندان جي هر تقريب جو به انتظام منهنجي حوالي هوندو هو، ان ڪري ننڍي هجڻ جي باوجود به هر ڪم منهنجي حوالي ڪري ڇڏيندو هو ۽ بي فڪر ٿي چوندو هو ته ’مدار المهام‘ پاڻهي ڪري ڇڏيندي. اختر بلوچ جي ڪتاب ’قيدياڻيءَ جي ڊائري‘ جي مهاڳ ۾ منهنجي لاءِ لکيائين ته ”اختر منهنجي انهيءَ ننڍي ڀيڻ جي ساهيڙي آهي، جنهن لاءِ آءٌ چئي سگهان ٿو ته ڏهه ڀائر ڏئي اهڙي ڀيڻ وٺجي.“ اها منهنجي تعريف گهٽ، پر اسان جي مرداڻي سماج ۾ اسان کي مٿڀرو مقام ڏيارڻ جي لاءِ سندس هڪ شعوري ڪوشش هئي.

ادا سراج عشق به ڪيو، سندس اها حسين محبوبه ۽ دل گُهري سهڻي بلڪ سُونهن جو پيڪر، سندس وجود جو سبب ۽ سندس هر  خوشيءَ ۽ ڏک جو ڪارڻ، اُها هئي سنڌ، جنهن جي حالت تي هو آخري ڏينهن ۾ لُڙڪ لاڙي ويهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان کي به گڏ روئاڙي ڇڏيندو هو، اهڙو هو ادا سراج، جيڪو اسان جو ڀرجهلو ڀاءُ هو ۽ جنهن ويندي ويندي پنهنجي سموري خاندان کي اهو پيغام ڏنو ته مايوس نه ٿجو،دل نه لاهجو. جيئن سکيا ڏينهن سدائين نه رهندا آهن، ڏکيا ڏينهن به سدائين نه رهندا. سنڌ ضرور روشن صبح جو چهرو پسندي، سنڌي ماڻهو ضرور اُهو مانُ ماڻيندو، جن جو خواب اسان ڏٺو آهي. اياز جي لفظن ۾ ڄڻ چوندو هجي:

جي هانُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گهاري وينداسين،

ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر به ڏاري وينداسين.
 

سراج الحق ميمڻ: هڪ مهان ماڻهو

نامعلوم

مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سراج الحق ميمڻ جهڙي عظيم شخصيت جي ڪهڙي رخ کان ٻه اکر لکڻ جي شروعات ڪريان. هن جي ادبي شخصيت تي لکجي يا صحافتي خدمتن تي، يا هن جو تعارف هڪ قانوندان جي حيثيت سان ڪجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سراج الحق ميمڻ گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. پروقار شخصيت جو مالڪ ۽ هر لفظ سوچي سمجهي ڳالهائيندڙ، ماٺيڻو، ڪميٽيڊ ۽ ٻه چاپڙائيءَ کان نفرت ڪندڙ هو. سراج الحق ميمڻ توڙي جو انهن ماڻهن ۾ شامل هو، جيڪي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي توڙي بينظير ڀٽو جي ويجهو رهيا، پر ان هوندي به هن ڪڏهن به ذاتي فائدا ماڻڻ لاءِ، ذاتي لاڳاپن کي استعمال نه ڪيو. هو ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ٻن سنڌي اخبارن جي بانين مان هو. صحافت جي هڪ وڏي نانءَ فقير محمد لاشاريءَ جڏهن ڪراچيءَ مان اخبار ڪڍڻ جو ارادو ڪيو ته هن ڪجهه صحافي دوستن سان رابطا ڪيا، جن ۾ سراج الحق ميمڻ به شامل هو ۽ پوءِ ڪجهه يارن گڏجي هڪ اهڙي اداري جو بنياد رکيو، جنهن مختصر عرصي ۾ سنڌ جي صحافتي دنيا ۾ اهم جڳهه ٺاهي ورتي. مون کي ياد آهي ته فقير محمد لاشاريءَ جي وڇوڙي کان پوءِ تعزيتي ريفرنس جي موقعي تي سراج انتهائي رنجيده حالت ۾ چيو هو ته هاڻي شايد هيءُ ادارو نه هلي سگهي، ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو. جيڪڏهن سراج الحق ميمڻ جي لکڻين کي ڏسون ته انهن ۾ جيڪا پختگي آهي، اها ورلي ئي ڪنهن لکاريءَ جي لکڻين ۾ ملي ٿي. سراج پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ادارو هو. هن وٽ اصلاح جو ڏانءَ هو. هو پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جو چوڪيدار سڏرائيندي فخر محسوس ڪندو هو. هو ٻوليءَ جي معاملي ۾ انتهائي جذباتي هو. سراج جو چوڻ هو ته سمجهوتا ٻولين ۾ بگاڙ پيدا ڪندا آهن، تنهن ڪري ٻوليءَ جي معاملي ۾ نو ڪمپرومائيز، سراج ميمڻ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق ڪندڙ ڏاهو، دانشور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هو. انهيءَ سان گڏوگڏ هن جي علمي دنيا ۾ هڪ ممتاز حيثيت هئي. هن جي سنڌي ٻوليءَ تي لکيل ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ جي هنڌين ماڳين هاڪ رهي. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ تي هن ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪالم به لکيا. ائين کڻي چئجي ته هو هڪ مهان ماڻهو ته هو، پر هن سنڌي ٻوليءَ کي جيئدان ڏنو ته اهو غلط نه هوندو.

سراج الحق نهايت سنجيده ۽ باوقار شخصيت جو مالڪ هو. اعليٰ انساني قدرن ۽ قوم پرست آدرشن تي پختو ويساهه رکندڙ هن مهان ماڻهوءَ پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌي ادب ۾ نهايت اوچو پد ماڻيو. جڏهن ۽ جتي به سراج ميمڻ جي لکڻين جي ڳالهه ٿيندي ته ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ۽ ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ جو ذڪر ضرور ٿيندو. سراج ميمڻ جي هن ناول عوام ۾ وڏي مقبولي ماڻي، جيڪو بعد ۾ سندس سڃاڻپ بڻيو.

سراج الحق ميمڻ جو ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ 1964ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ اڳ قائم ڪيل مفروضن ۽ دليلن کي رد ڏنو ويو ۽ ان ڪتاب ۾ نئون نظريو پيش ڪيو ويو. اِنهيءَ ڪتاب ۾ سراج الحق ميمڻ پنهنجي نظريي جو بنياد سنڌي تمدن ۽ موهن جي دڙي جي سنڌي ٻوليءَ کي بڻايو آهي. باب ٻئي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مقام کي متعين ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ۽ اندرين شاهدين تي انحصار ڪيو اٿائين. ٻاهرين شاهديءَ مان مراد خود سنڌيءَ جي پنهنجي اندروني نحوي بناوت، ان کي ڪهڙي ٻوليءَ سان ملائي ٿي. ڪتاب جي ٻن آخري بابن ۾ موهن جي دڙي مان مليل مهرن تي اڪريل انڊس اسڪرپٽ کي به پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين. انڊس اسڪرپٽ ۾ لکيل ٻوليءَ کي پروٽو سنڌي قرار ڏنو ويو آهي. هن نشانين کي نه صرف صوتي قدر ڏنا آهن، پر ڪجهه مهرن جون پڙهڻيون به ڏنيون اٿائين. انڊس اسڪرپٽ کي حل ڪرڻ لاءِ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ڪافي پيش رفت ٿي آهي، تڏهن به سراج الحق جي نظريي کي ايم .ايڇ پنهور پنهنجي هڪ مضمون ۾ هڪ گول دائري واري شڪل ڪڍي سمجهايو آهي. دائري جي وچ ۾ سنڌي ماٿريءَ جي تهذيب واري ٻولي لکيل آهي ۽ تن طرفن کان اُن جي پيش قدمي ۽ ڦهلاءُ ڏيکاريو ويو آهي.

سراج الحق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌي ۽ سنسڪرت جي حوالي سان پنهنجي نئين نظريي ۾ اهو واضح ڪيو آهي ته سنسڪرت ۽ ان سان لاڳاپيل تمدن، سنڌ ۽ سنڌ کي ٻوليءَ مان اسريا آهن. ڪتاب ۾ ان شِءِ کي واضح ڪيو ويو آهي ته سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو مائٽاڻو لاڳاپو ته آهي، پر ائين ناهي جيئن اسان وٽ زبان زدعام آهي. دراصل ڳالهه ته مرڳو ئي ابتي آهي. سنڌي جيڪڏهن ڪن سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو اُن کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت هڪ طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آهي. سڌيءَ طرح نه سهي، پر اڻ سڌي طرح ضرور. اُن کان علاوه پنهنجي مشهور ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘، جيڪو سراج الحق ميمڻ سنڌ جي وريامن کي ارپيو هو، اُن ۾ پڻ سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪئي اٿئين. جڏهن ته سندس ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ته سنڌ جي ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ آهي، جنهن ۾ پڻ ڪيترائي واقعا بيان ڪيا ويا آهن. اهو ناول جڏهن سراج الحق ميمڻ لکيو هو ته اُن وقت اُهو رسول بخش پليجي جي نظرن مان پڻ گذريو هو، جيڪو هن کي ڏاڍو پسند آيو هو. اهو ناول پڙهڻ کان پوءِ رسول بخش پليجي جا لفظ هئا ته، جيڪڏهن سراج الحق ميمڻ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ نه لکي ها ته کيس اسين رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيون ها، مطلب ته رسول بخش پليجي جي انهن جملن ثابت ڪيو ته سراج الحق ميمڻ هڪ بهترين افسانه نگار آهي. جڏهن ته سراج الحق ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ پڻ سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو وڏو عنصر شامل آهي. پنهنجي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. اُهي سڄيون ڪاوشون ڏسڻ کان پوءِ اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪهڙيءَ نه ريت سراج الحق ميمڻ پنهنجي هٿن ۾ قلم کڻي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو دفاع ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ به هن کي سنڌي ٻوليءَ جي سپهه سالار طور تصور ڪيو وڃي ٿو. توڙي جو اڄ هو جسماني طور تي اسان جي وچ ۾ ناهي، پر هن جي رهنمائي ۽ سندس لکڻيون ايندڙ نسلن جي راهن ۾ ڏيئن وانگر روشن رهنديون. ڪالهه تائين هو پاڻ چوندو هو ته ٻوليءَ جي معاملي ۾ نو ڪمپرومائيز ۽ اڄ سندس فلسفو، سندس لکڻيون ۽ سندس ڪتاب واضح درس ڏيندا رهندا ته سنڌي ٻوليءَ جي معاملي ۾ نو ڪمپرومائيز. تنهن ڪري، سندس ڪيل ادبي ڪم کي نظر ۾ رکندي، هن کي هميشه سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو. هيءُ اها شخصيت آهي، جيڪا سنڌي ۽ سنڌين جي دلين ۾ صدين تائين قائم ۽ دائم رهندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org