سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:3 

مهان ڏات ڌڻي

سنڌ جا ارڏا سراج

سنڌ جا ارڏا سراج!

تون اسان لئه لاٽ آهين:

لاٽ، جنهن ۾ زندگي آ،

عشق جي ڪا بندگي آ،

بندگيءَ ۾ سرڪشي آ،

هر غلاميءَ جي ڏمر سان،

ويڙهه آهي لازوال!

پُرجلال!

جنهن ۾ اڀري ٿو اچي،

سنڌ جو سارو جمال!

تون صدين جو ڪو پڙاڏو،

ويڙهه جي ڪا گونج آهين،

ڪونج آهين،

جا اڏارون ٿي ڀري،

آزادگيءَ جي آسمان ڏي:

جنهن ۾ ڪي اجرا تخيل،

چنڊ تارن جئن ٻري،

نکٽن نظارن جئن ٻري،

ٿي پون تو لاءِ ٿا،

دلربا دلڪش خراج!

سنڌ جا ارڏا سراج!

- نواز خان زونئر

سـراج ۽ سـنڌي ٻولـي

محمد ابراهيم جويو

... جڏهن ڪا قوم پنهنجي شخصيت کان  باخبر ٿيندي آهي، تڏهن اُن جو پهريون ڌيان پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن ويندو آهي. اسان جي عزيز دوست، محترم سراج صاحب جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ اُن نوع جي هڪ اهم ڪوشش آهي. لائق مصنف هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجو مطالعو پيش ڪيو آهي، جنهن مان هن جي جذبي ۽ هن جي محنت جو اندازو پڙهندڙ پاڻ لڳائي سگهندا. سنڌي ٻوليءَ بابت ڪن عام ۽ ڪن خاص راين کي هن ڪتاب ۾ رد ڪيو ويو آهي، ۽ اُن بابت هڪ نئون نظريو پيش ڪيو ويو آهي. سنڌيءَ لاءِ اڃا به ائين چوڻ ته اُها يارهين يا ٻارهين عيسوي صديءَ ڌاري پيدا ٿي، جديد ٻولي وگيان جي روشنيءَ ۾ هڪ نهايت ڪَسي ۽ بي بنياد راءِ چئي سگهجي ٿي. عربيءَ جو سنڌيءَ تي اثر پڻ صرف هن حد تائين مڃي سگهي ٿو ته ٻنهي ٻولين هڪ ٻئي کان اُڌارا لفظ ورتا آهن- سنڌيءَ وڌيڪ ۽ عربيءَ گهٽ. ۽ اها صورتحال ٻولين جي سهل پسنديءَ جي اصول مطابق عين ممڪن به آهي ۽ اٽل پڻ. ان کان وڌيڪ هيءُ چوڻ ته سنڌيءَ کي حرف علت (vowels) (سي به اکري صورت ۾ نه، پر آوازي صورت ۾!) عربيءَ کان مليا، يا عربي صرف نحو جا قاعدا سنڌيءَ قبوليا، وغيره اهڙو آهي، جو اُن لاءِ انگريزيءَ ۾ لفظ بَنڪ (Bunk) آهي، سو ئي ڪم آڻجي ته سُونهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ قائم ڪيل اهڙن هٿرادو مفروضن کي سراج صاحب پختن دليلن سان رد ڪيو آهي.

لائق مصنف هن ڳالهه جي مڃڻ کان به انڪاري آهي ته سنڌي ڪا سنسڪرت ڄائي آهي. اُن باري ۾ سندس راءِ هيءَ آهي ته (هاڻوڪي) سنڌي توڙي سنسڪرت (۽ ٻيون اڪثر هند- پاڪستاني ٻوليون) سڀئي ڪنهن هڪڙي ساڳيءَ آڳاٽيءَ (اوائلي) ٻوليءَ مان نڪتل آهن، جنهن کي پڻ هو ’سنڌي‘ سڏي ٿو، پر جنهن لاءِ هو شايد ’پروٽو- سنڌي‘ يا ’پروٽو- اِنڊڪ‘ (يا ’پروٽو هند- يورپي‘) لفظ استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزون سمجهندو. اُن آڳاٽيءَ ٻوليءَ متعلق سندس راءِ آهي ته اُها اصل هتي سنڌو ماٿريءَ ۾ ئي پيدا ٿي، ۽ سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو ئي پوءِ اُن کي هند- پاڪستان جي ٻين حصن ۽ ان کان ٻاهر ٻين ملڪن ڏانهن پاڻ سان کڻي ويا، جتي اُها ماحول جي تبديليءَ ۽ نين ضرورتن سبب الڳ الڳ ٻولين جي صورت اختيار ڪري ويئي. بلڪل اهڙيءَ ريت، جيئن ڪجهه پوءِ واريءَ منزل تي رومن لوڪن جي لئٽن ٻوليءَ مان، اڳتي هلي، خود اُن ملڪ جي اٽالين ٻولي ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جون ٻوليون ڦٽي نڪتيون، جن کي ’رومانس ٽولي جون ٻوليون‘ چيو وڃي ٿو. لائق مصنف اُن آڳاٽي ٻوليءَ جا تحريري نشان، موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي مهرن ۾ موجود سَمجهندي، اُنهن مهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اهي، ۽ جيڪي پڙهڻيون هو قائم ڪري سگهيو آهي، تن مان هو اِهو نتيجو ٿو ڪڍي ته اَسان جي (هاڻوڪي) سنڌي ٻولي سڌيءَ طرح اُن آڳاٽيءَ ٻوليءَ جي اُسريل ۽ ترقي يافته صورت آهي. پنهنجي ٻوليءَ جو ايڏو قديم ۽ ايڏو عظيم اصل معلوم ڪري، هر سنڌيءَ کي خوشي ٿيندي ۽ ان تي اسان مان هر ڪو بجا طور فخر محسوس ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ جي عظمت ۽ شان کان الڳ اسان جي ڪا عظمت، اسان جو شان ڪونه آهي.

(”سنڌي ٻولي“ (1964ع) ڪتاب جي پيش لفظ تان کنيل)

دورِ جديد جو بهترين افسانه نگار: سراج

شيخ اياز

دورِ جديد، مشرقي تهذيب ۾ مغربي تهذيب جو پيوند هڻي، اُسري رهيو آهي. پنهنجي انفراديت جي شعور جي باوجود، اسين بين الاقوامي تاثرات کان مُنهن موڙي نه ٿا سگهون. تعليم يافته طبقي جو فڪري ۽ جذباتي ردعمل اسان جي تغير پذير سماج جو آئينو آهي. اُن ڪري برصغير جي هر زبان جي ادب ۾ اهڙا رُجحان ملن ٿا، جي سراج جي زياده تر افسانن جو نظريو ۽ پسمنظر آهن.

پر سراج، فقط پنهنجي دور جي ادب جو نمائيندو نه آهي، هن جي تحرير ۾ زندگيءَ جي معاشرتي پهلوءَ ۽ اُن جي مسئلن، ۽ مذهب ۽ اخلاق جي دقيانوسي تخيل جو بيباڪانه تجزيو ۽ اُن تي گهري طنز، واقعي قابل داد آهي، پر هن جي افسانن ۾ هيٺئين ۽ وچولي طبقي جي زندگيءَ جي عڪاسي نه آهي، نقاشي آهي. هن جي نگارش ۾ نه فقط زندگيءَ جي معاشرتي ۽ نفسياتي پهلوءَ جي هم آهنگي آهي، پر ان کي هن جي فن هڪ مخصوص رنگ روپ ڏنو آهي، جو هن جي تخليق جي انفراديت جو ثبوت ڏئي ٿو. ’چنڊ گرهڻ‘، ’ٻهڻي‘، ’اوندهه جو وڻ‘ هن جا ادبي شهپارا آهن، جن ۾ افساني جي باڪمال ادائگي، مرڪزي خيال جي نُدرت، پسمنظر جي حقيقت آميزي، زبان جي شيريني ۽ الفاظ جي دلڪش تراش خراش، هن کي دور جديد جي بهترين افسانه نگارن جي صف ۾ شامل ڪري ٿي.

سراج، سنڌ جو باشعور اديب آهي، جنهن جي تحرير ۾ ڪافي فني ۽ فڪري صلاحيتون آهن. هن جي حقيقت پسند، رومانيت آميز طبعيت پنهنجي منزل جي تلاش ۾ آهي. مون کي يقين آهي ته هن جي مستقل جستجو پنهنجي منزل ڳولهي لهندي ۽ ڪنهن وقت هو نه فقط سنڌ جو، پر برصغير جو منفرد اديب تسليم ڪيو ويندو.

r      اڄ جيلر پنج ڪارڊ آڻي ڏنا... هڪ ڪارڊ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور عالم سراج جو آهي، جنهن ڪارڊ تي ’پيارا اياز، نئون سال مبارڪ‘ لکيو آهي. سراج نه فقط شاعر ۽ اديب آهي، پر علم اللسان جو ماهر به آهي. هن سان جيڪا به منهنجي شام گذري آهي، سجائي گذري آهي.

r      تاجل ۽ فقير محمد گڏجي آيا... هو ۽ تاجل ادبي سنگت جي ميڙ ۾ وڃي رهيا هئا، جتي سراج جي ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ (جو هن جي پهرئين ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جو ٻيو ڀاڱو آهي) تي ورڪشاپ هو. هن مون کان پڇيو ته ڇا مان هنن سان هلڻ چاهيندس! مون ٿورو سوچي هن کي چيو ته ”ادبي سنگت به منهنجي آهي، سراج به منهنجو، هلڻ ڇو نه چاهيندس!“ پوءِ اسان گڏجي تاجل جي ڪار ۾ رمپا پلازا پهتاسين، جتي هڪ ڪمري ۾ اڳ ئي ورڪشاپ هلي رهيو هو. نقاش اسٽيج تي ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هو، ۽ مون کي ڏسي ڪجهه حيرت ۾ اچي ويو ۽ پوءِ خوشيءَ جو اظهار ڪندي سڀني کي چيائين ته ”اياز صاحب آيو آهي.“ ۽ منهنجا ڪجهه شعر پڙهيائين...... صدارتَ ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريزَ ٿي ڪئي، جنهن جي مشهور ڪتاب جو سِرو ”سرمد ڇا ٿو سوچي“، منهنجي هڪ نظم تان ورتل آهي... ورڪشاپ ۾ تاجل بيوس ۽ فقير محمد لاشاريءَ به حصو ورتو. ڪتاب (ناول) تي خاص اعتراض اهو هو ته ناول ۾ آيل واقعا، عام زندگيءَ ۾ نه ٿيندا آهن ۽ بعيد از قياس آهن. مون سراج کي چيو ته ”سماج ۾ بعيد از قياس واقعا به ٿيندا آهن ۽ ماڻهو ڪنهن وقت اچرج ۾ ايندو آهي ته اُهي ڪيئن ٿيا!“ ڪنهن ٿي ڄاتو ته سکر جيل تي ٻاهران حملو ٿيندو ۽ ڪجهه سپاهي زخمي ڪري ۽ ماري، ايڏي اوچي جيل جي ڀت ٽپي سٺ قيدي، جن ۾ ڪيترا ڦاسي گهاٽ ۾ هئا، ڀڄي ويندا، جيئن ويجهڙائيءَ ۾ ٿيو هو، جڏهن غوث علي شاهه سنڌ جو چيف منسٽر هو! انهن قيدين مان هڪڙو وري گرفتار ٿيو هو، جنهن جي ڦاسيءَ جي سزا جي خلاف مون هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن اڳيئي داخل ڪئي هئي...... جڏهن مون جيل مان فرار جي تفصيلي حقيقت معلوم ڪئي، تڏهن مون کي شڪاگو جي جيل ۽ آمريڪا جي ٻين جيلن مان قيدين جي ڀڄڻ تي ٺهيل فلمون ياد اچي ويون، جي به ايترو بعيد از قياس لڳنديون آهن، جيترو سراج جي ناول ۾ آيل واقعا.

ورڪشاپ کان پوءِ سراج، مون کي ۽ تاجل بيوس کي پنهنجي بنگلي تي وٺي هليو، جو ڪلفٽن ۾ هڪ پُرفضا جاءِ تي آهي. بنگلي ۾ خوبصورت لان آهي، پر بارش جي ڪري اسان اندر ويٺاسين. مون سراج کي چيو ته: ”اهو اسان جو وڙ نه آهي ته وڪالت ڪندي مري وڃون. اسان اُن کان بهتر ڪم لاءِ پيدا ٿيا آهيون. ائين نه ٿئي ته موت اوچتو مٿان اچي بيهي ۽ دل جي دل ۾ رهجي وڃي. اڃا اسان کي گهڻو ڪجهه لکڻو آهي. دراصل مان پنهنجو نئون ڪتاب ٻيهر نه پڙهندو آهيان؛ جيستائين اُهو ڇپبو نه آهي، مون کي هُرکُر هوندي آهي ته اهو ڪڏهن ٿو ڇپجي. پر هڪ ڀيرو ڇپجي ويندو ته مان اُن کي اک کڻي به نه ڏسندو آهيان ۽ ائين سوچيندو آهيان ته مون کي اڃا لکڻ جي شروعات ڪرڻي آهي، اڃا ٻيو ڪجهه لکڻو آهي، جو اڳي کان وڌيڪ پايدار هوندو، جو اُن کي ڏسي مان حافظ وانگر چئي سگهندس:

ثبت است بر جريدهء عالمِ دوام ما!

ٻيو ته اسين ٻٽونءَ ڀرڻ لاءِ ته نه ٿا وڙهون، جيئڻ جي حق لاءِ ٿا وڙهون، ۽ بهتر ٿيندو ته سارو ڌيان اُن ويڙهه تي ڏيون. آخر سونُ به ته هڪ بورجوا ڌاتو ئي آهي!“

ٻه ٽي ڏينهن پوءِ مون کي ڪنهن چيو ته سراج سنجيدگيءَ سان سوچي رهيو آهي ته هُو وڪالت ڇڏي، سارو وقت لکڻ پڙهڻ تي توجهه ڏئي. هو منهنجي ذهين ترين دوستن مان آهي. اڳي مون سان عوامي ليگ ۾ گڏ هو ۽ مون سان گڏجي سنڌ عوامي ليگ لاءِ مئنيفسٽو لکيو هئائين ۽ هينئر سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي (Servants of Sindh Society) جو، محمد ابراهيم جويي سان گڏ، سرگرم ڪارڪن آهي، جنهن جو چيئرمئن سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه آهي. ڳالهيون ڪندي سراج چيو ته هو شاهه لطيف ۽ منهنجي شعر کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ٿو چاهي ۽ ترجمي ۾ مدد لاءِ هن آمريڪي بڪ اسٽور تان Thesaurus به ورتو آهي، جو هن کي ترجمي ۾ مدد ڏئي سگهندو. مون هن کي ٻڌايو ته مون کي روسيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيا آهن، پر هنن وٽ سنڌيءَ جا ماهر اهڙا نه آهن، جي منهنجي اصل جو ڪامياب ترجمو ڪري سگهن، ۽ اُن ڪري مون هنن کي ٻه سؤ صفحا اردوءَ ۾ پنهنجي شاعريءَ جو منظوم ترجمو موڪليو آهي، پر جي تون جلدي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، هنن کي ڏين ته بهتر ٿيندو، ڇو ته ’حلقه ميري زنجير کا‘ جي اشاعت کان پوءِ مون ڪيترائي شعر جا ڪتاب تيزيءَ سان لکيا آهن، جن مان ڪنهن به شعر يا نظم جو ترجمو نه ٿيو آهي. سراج سان مون پنهنجي نثري نظمن تي گفتگو ٿي ڪئي ته مون هن کي ٻڌايو ته ٽئگور به آخري دور ۾ پنهنجن ڪتابن ’پرانتڪ‘ (Lasting To The End Of Life)، ’سنجوتي‘ (سنجها ڏيئو) ۽ ’آڪاش پرديپ‘ (اُڀ جو اُهاءُ)۾ نثري نظم (Prose Poems) لکيا هئا، پر تن کان پوءِ هو وري منظوم شاعريءَ ڏانهن موٽي آيو هو. نثري نظم ۾ هُو اُهي بلنديون ڇُهي نه سگهيو هو، جن جي هن کي تمنا هئي، پر پوءِ به انهن کي پنهنجي مهانتا هئي ۽ ڪوبه نه چوندو ته اُهي اجايا هئا. توڙي هن پاڻ نثري نظم لکڻ ڇڏي ڏنا، پر پوري ڀارت جي شاعريءَ ۾ نثري نظمن جي روايت قائم ٿي وئي.·

r      رات جو مان، سراج ۽ تاجل کي ’اڪن نيرا ڦليا‘ ]شعري مجموعي[ جا سياسي پسمنظر وارا بيت ڏهين بجي رات تائين پڙهي ٻڌايا، ڇو ته سراج جي اُنهن ۾ گهڻي دلچسپي هئي. ٻنهي جو رايو هو ته بيت بي مثال آهن، ۽ اڳ ۾ اهڙا نه لکيا ويا آهن. هڪ بيت تي سراج ڇرڪ ڀري ’واه واه‘ ڪئي ۽ اُهو هو:

هت بـه اســرائيل جئن، رهندو نــه رڻ پٽ،

جڏهن لاٿو ڳٽُ، سڀ ڪجهه هوندو سُٿرو.

تاجل خود بيت ۽ وائيءَ جو شاعر آهي ۽ هن جهڙيون وايون ۽ بيت هن جي ڪنهن به هم عمر يا هن کان گهٽ عمر شاعر نه لکيا آهن. هو نهايت لگن سان لکندو رهي ٿو ۽ انهن شاعرن وانگر نه آهي، جي ويهه پنجويهه سال اڳ ايڪڙ ٻيڪڙ سٽ لکي، ان جي آڙ ۾ تڳندا ٿا وتن. ابراهيم، سراج ۽ تاجل جو ’اڪن نيرا ڦليا‘ جي باري ۾ رايو ڪافي هو...·

r      زندگي به عجيب شيءِ آهي. ڪهڙا ڪهڙا واقعا انسان جي زندگيءَ ۾ اچن ٿا! هڪ ڀيري مان ايم.پي.اي هاسٽل ڪراچيءَ ۾ رهيل هوس ۽ غير معمولي طور دير سان اُٿي، 9 بجي چانهه پي رهيو هوس ته سراج جو فون آيو: ”اياز! مان سراج ٿو ڳالهايان، تو ريڊيو ٻڌو؟“ سراج پُڇيو.

”نه“ مون جواب ڏنو. ”شيخ مجيب کي فوجين گوليون هڻي ماري وڌو!“ سراج چيو. منهنجو هٿ لُڏيو ۽ ڪوپ ڌرتيءَ تي ڪري، ڇيهون ٿي ويو. مان زندگيءَ ۾ پهريون ۽ پويون ڀيرو جنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شآمل ٿيو هوس، اُها هئي شيخ مجيب جي عوامي ليگ، جنهن جي آءٌ مرڪزي ڪميٽيءَ تي هوس.....·

r      سراج منهنجي نهايت ذهين دوستن مان رهيو آهي ۽ جڏهن ’هلال پاڪستان‘ جو ايڊيٽر هو ته هو هڪ ڪامياب صحافي هو ۽ هن جي تحرير کي پنهنجي انفراديت هئي. (هو بيوروڪريٽ به ڪامياب هو ۽ هن وقت انڪم ٽيڪس جو برک وڪيل آهي.)

مان وائيس چانسلر هوس، تڏهن جمال ]ابڙو[ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جو ميمبر هو... سراج ۽ نثار ميمڻ به سينڊيڪيٽ جا ميمبر هئا.

 

سَنها ڀانءِ مَ سپ...

جمال ابڙو

سنڌ جي تاريخ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو دور، اونداهو ۽ بربريت جو دور هو، حالانڪ هو مسلمان هئا. هنن به اسلام جو حربو استعمال ڪيو هو. جڏهن سنڌ تي سنڌ جي ماڻهن جي حڪومت هئي، تڏهن ارغونن طرفان پهريائين مذهبي عالم تبليغ خاطر روانا ڪيا ويا، جن اهو نعرو ڏنو ته مسلمان سڀ ڀائر آهن؛ ڪوبه قنڌاري ۽ سنڌي نه آهي. نه جغرافيائي حدود، ملت اسلاميه لاءِ هاڃيڪار آهن. ٺٽي ۾ تبليغ ڪري، ڏڦيڙ وجهي، ٻيڙا ڀرائي، اُتر طرف ساڳئي مقصد لاءِ روانا ٿيا. تنهن وقت به ڪلجڳ جا ڪاپڙي پيا هئا. خدا ڀلو ڪري سَن جي محترم جي.ايم.سيد (جنهن کي جابلو ماڻهو ’جيئيم سائين‘ ڪري چون ٿا) جي جد امجد، سائين حيدر شاهه سنائيءَ جو، جنهن ارغون عالمن جا ٻيڙا ساڙائي، فتني کي ٻنجو ڏنو. بهرحال نفاق جو ٻج ڇٽجي چڪو هو. سمن شڪست کاڌي، ۽ ارغون ڪڙڪي پيا. دولهه دريا خان (جنهن هڪ ڀيرو اڳ کين اهڙي شڪست ڏني هئي، جو تاريخ ۾ اڇا پئي ڳائجي) سنڌين کي منظم ڪندي، وڙهندي ماريندي شهيد ٿي ويو. سندس پُٽن تحريڪ اڳتي وڌائي، ۽ سر ڏيئي سرها ٿيا. سنڌ جو چپو چپو اٿي کڙو ٿيو. هن ڪشمڪش جي دور سنڌ جو هڪ عظيم ۽ لاثاني سورهيه سپوت پيدا ڪيو، جو گهاڻي ۾ پيڙجي پيسجي قيمو ٿي ويو، پر حب الوطنيءَ جو جهنڊو پوين پساهن تائين بلند رکندو آيو. اڄ به سندس مزار تي هر جمعي تي هزارين سنڌي حاضري ڀرين ٿا. هي سچو سورهيه، ’مخدوم بلاول‘ جي نالي سان، ڦلجيءَ اسٽيشن جي ويجهو (ضلعي دادوءَ ۾) مدفون آهي. کيس ’سنڌ سان محبت‘ جي پاداش ۾، گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو ويو. هو مذهبي رهنما هو ۽ سنڌ جي نالي ۾ بغاوت جو عَلم بلند ڪيائين. پڪو مسلمان هوندي، نوابشاهه (موجوده) جي هندن کي خط لکي مدد گهريائين ته ”هي سنڌ جو سوال آهي، جنهن سان مذهبي جو واسطو نه آهي.“ ارغونن سان ٽڪر کاڌائين، ۽ گرفتار ٿيو. کيس مارڻ، ارغونن لاءِ اهڙو ئي مسئلو هو، جهڙو سندس جيئڻ. کيس معافي گهرڻ جي آڇ ڪئي وئي، جا هن مڙد مجاهد ريٽي، موت کي جيئڻ تي ترجيح ڏني، جيئن آگ دُکندي ڌڳندي رهي. ارغونن لاءِ هي وڏو مسئلو هو، جو وري به مذهب جي آڙ ۾ حل ٿي ويو. قرآن شريف جا ورق جُتيءَ جي تري ۾ سِبرائي، جُتي کيس سوکڙيءَ طور ڏني ويئي. بعد ۾ کيس گرفتار ڪرائي، جتي کولارائي، فتويٰ ورتي ويئي. قرآن جي بيحرمتيءَ جي جُرم ۾ کيس جيئرو پيڙايو ويو! عبرت جو مقام آهي، بيحرمتي ڪنهن ڪئي، ۽ پيڙايو ڪنهن کي ويو؟ مذهب ڪنهن جي ڍال بنيو؟

سراجَ، انهن سڀني مسئلن کي، ننڍي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ دوران، سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس سمجهو ۽ دور رس نگاهه، ماضي، حال ۽ مستقبل کي يڪجاءِ ڪري، تاريخي پسمنظر ۾، حقائق کي بي نقاب ڪيو آهي. سندس تڙپندڙ دل، ماضيءَ جون رت- اڏيون، حال جون ڪاوشون ۽ مستقبل جون اميدون ۽ خدشا کنيو، ڏاڍي نهٺائيءَ ۽ نماڻائيءَ سان دوائون ۽ دعائون جهليو بيٺي آهي. سندس قلم ۾ قرب آهي، مشورو آهي ۽ انتباهه، سندس اٿاهه قرب اُٿل کائي، مصلحتن جا ٻنا اورانگهي، لوڪ لڄا لاهي، پاڻ ٻُوهي ۾ ڏيئي، سچ- ڪڻا پلئه پائي، سئن پيو ڏئي. اُها سئن، جا تاريخ جي دور ۾، هر سورهيه وَر وَر ڪري ورجائي آهي؛ تنظيم، تربيت، مسلسل جدوجهد، سچائي ۽ اخلاص سان گڏوگڏ، مرڪزيت، صحيح فيصلا، حڪم جي پابندي ۽ پاڻ تي ضابطو، ورنه، ’سنگهار‘ جي انفراديت، جذباتيت ۽ هوڙهيائي، باوجود دليريءَ ۽ سچائيءَ جي، نورُ وڃائيندي ۽ ’دادن‘ جي سياست زنجيرن ۾ جڪڙائيندي، هت صرف ’سوڍا‘ کپن، جي پاڻ وڃائي، راڄن جا ويڇا ميساري، غريبن ۽ مسڪينن کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئي، شيهي جي ديوار بنائي ڇڏين. مسلمان، هندو، پارسي، عيسائي، هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي، ٻيو سڀڪجهه ڀُلائي، هڪ قوم ٿي وڃن. قائداعظم جي لفظن ۾، ”جت هندو هندو نه رهندا، ۽ مسلمان مسلمان نه رهندا....“ بس هڪ قوم رهندي، جنهن جو هر فرد ’سوڍو‘ هوندو. ڀل ته هڪ سوڍو سوريءَ چڙهي وڃي، سوين ۽ لکين سوڍا جاءِ ڀريندا.

سراج سان منهنجي پهرين ملاقات، سن 1956ع ۾ ٿي، جڏهن هو سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو. ڳڀرو جوان، کليل پيشاني، گهريون گنڀيرتا ڀريل اکيون، چمڪندڙ چهرو، سادگيءَ واري مرڪ، ننڍڙو ديوتا ٿي لڳو. منجهانئس ڄاڻ ۽ سمجهه جون جهلڪيون ٿي آيون، جي پيار، مقصد سان لڳاءَ ۽ مسلسل محنت سان، ڪِرڻا ۽ شعاع بڻجي ويون. شال! سندس زورِ قلم وڌندو رهي. شال، سنگهار ۽ دادن جا جذبا اُسرندا رهن. شال سوڍا، ڪُميتن تي چڙهي، جهر جهنگ ڇائنبا وڃن. شال، سندن رت- ڦونگارون، هن پاڪ سرزمين تي پئي، لعل ۽ ياقوت اُڳائين، ڳاڙها گهوٽ اُپائين، ننڍوڏائيءَ کي ملياميٽ ڪري، قوتِ عوام جو نظام قائم ڪن. هن ملڪ جو جهنڊو اوچو رکن، ملڪان ملڪ سندس ڏونڪو وڄائن ۽ کيس ترقيءَ ۽ ڪمال جي بلند ترين چوٽين تائين پهچائين!

(ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي مهاڳ تان ورتل)

جنب گذاريم جن سين

علي احمد بروهي

مون پاڪستان ۽ هلال پاڪستان ٻنهي کي ائين ڏٺو، جيئن ماڻهو چنڊ يا سج کي اُڀرندي ڏسندا آهن. ٻيئي، وجود ۾ به ڪنهن خاص نظريي ۽ مقصد هيٺ آيا، پر اڳتي هلي ڀٽڪندي، ٻيئي پنهنجي راهه کان گمراهه ٿي منزل گنوائي ويٺا. ڪنهن جو قصور هيو؟ ڪنهن دغا دولاب يا غداري ڪئي؟ چئي نه ٿو سگهجي. ملڪ جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ وارو الزام فوج طرفان سياستدانن تي ڌريو ويو؛ سياسي اڳواڻن وري فوج، سرڪاري عملدارن، واپارين ۽ وڏيرن تي ٿي ٺڪر ڀڳو. ساڳيءَ ريت هلال پاڪستان جو ڀونگو ڀينگ ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ کي جوابدار ڄاتو ٿي ويو. حڪومت وري اخبار جي ايڊيٽرن ۽ مئنيجرن تي ڇوهه ٿي ڇنڊيا. مطلب ته هر هڪ پاڻ تان ذميواري لاهي، ٻئي ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٿي وڌو؛ پر هن حقيقت کان ڪنهن به بني بشر انڪار نه ٿي ڪيو ته پاڪستان جو مسڪين عوام ۽ هلال پاڪستان جا محنتي ورڪر، معصوم ۽ مظلوم هئا ۽ سندن بگاڙ سان ڪو واسطو ڪونه هو.

شخصي طور منهنجي هلال پاڪستان سان شناسائي 1972ع ڌاري ٿي، جڏهن مارچ مهيني جي پهرين هفتي ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلال پاڪستان کي جاري ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو. تجويز کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سيد قمرالزمان شاهه کي مدار المهام مقرر ڪيو ويو. هن کان اڳ هلال پاڪستان 1946ع ڌاري حيدرآباد کان شروع ڪئي ويئي هئي ۽ ڳچ عرصي تائين منشي عبدالشڪور وڪيل جي ذاتي املاڪ رهي. بعد ۾ هن اخبار کي پير غلام رسول شاهه ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب ٻنهي گڏجي خريد ڪري، حيدرآباد کان جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر ستت ئي پيپلز پبليڪيشن ڪمپني وجود ۾ آئي، جنهن جي زير سهاري هلال کي ڪراچيءَ کان جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. تاريخ 15 مارچ 1972ع، سيد قمرالزمان شاهه، سنڌي مسلم سوسائٽيءَ ۾ منهنجي گهر آيو ۽ پنهنجي تازي ذميواريءَ جو احوال اوريندي آڇ ڪيائين ته ’هلال پاڪستان‘ڪراچيءَ کان جاري ڪرڻ جو پروگرام زير عمل آهي، جنهن جي ايڊيٽر لاءِ اوهان جو انتخاب ڪيو ويو آهي. پهريون ته سمجهيم ته شايد چرچو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ جي مهربانيءَ سان ٽي ڏينهن اڳ آءٌ سرڪاري نوڪريءَ کان 1400 واري لسٽ ۾ موقوف ڪيو ويو هيس؛ پر شاهه صاحب گنڀير ٿي چيو ته ”مون هر طرف کان ’لائين ڪلير‘ ورتي آهي ۽ يار تون هاڻ واندو به آهين ۽ اچ، اچي هلال پاڪستان ۾ قسمت آزماءِ.“

آڇ برابر سڻڀي ۽ سُهائيندي هئي، پر مون لاءِ بيوقتي ۽ اڻ مندائتي هئي. آءٌ پيپلز پارٽيءَ جي منطق تي حيران هيس؛ هڪ هٿ تي روزگار کان نره ۽ نراس ڪيو هئائون ۽ وري ٻي طرف سندن پارٽيءَ جي اخبار جو چيف ٿي مقرر ڪيائون! يعنيٰ لٺ ۽ چٺ جو ساڳئي وقت استعمال منهنجي سمجهه کان ٻاهر هيو. مون هٿ ٻڌي معافي ورتي ته: سائين عدت لاءِ به چار مهينا ڏهه ڏينهن جي مدت ٿيندي آهي، ڪجهه مهلت ملي ته پوءِ سوچ ويچار ڪيو ويندو. پوءِ شاهه صاحب چيو ته ڀلا اهڙن صحافين جا نالا ٻڌايو، جي هلال لاءِ مناسب ثابت ٿين. مون کيس ايڊيٽريءَ لاءِ سراج الحق ميمڻ ۽ مئنيجريءَ لاءِ ناصر بروهيءَ جا نالا ڳڻ ڳوت ڪري ٻڌايا. شاهه صاحب کي ٻيئي نالا پسند پيا ۽ هلال جي شروعات ٻنهي جي سهاري ڪيائين. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه اختلافن سبب ناصر بروهي اخبار کان الڳ ٿي ويو. سراج صاحب نه فقط اخبار کي چمڪايو، پر سندس ساک ۽ سرڪيوليشن ٻنهي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيائين.


* سراج جي ڪهاڻي- ڪتاب ’اي درد هلي آءُ‘ جو پيش لفظ، 1962ع

** 05 ڊسمبر 1968ع- ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘، ص 223، 1986ع

· ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘، ص 42-45

·· ايضاً، ص 62

· ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون- ص 97-98، فيبروري 1989ع

·· ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر- ص 16، 1995ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org