سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:7 

مثال طور:

”سڀ کان وڏي سازش اسان جي خلاف تعليم جي ميدان ۾ ٿي آهي. اسان کان اسان جي زبان کسي، اسان تي هڪ اهڙي زبان مڙهي وئي آهي، جنهن جو اسان جي تهذيب، اسان جي سڀاءَ، اسان جي سوچ، اسان جي تاريخ ۽ اسان جي ماڻهپي سان ڪو پري جو به لاڳاپو ڪونهي. بنگالي ان سازش کي اٿندي ئي سهي ڪري ويا ۽ پنهنجا ڪردار مارائي، گهٽ ۾ گهٽ اُن ميدان ۾ پاڻ بچائي ويا. اسان جي ٻارن کي اهڙي تعليم ڏني پئي وڃي، جيڪا هنن کان پنهنجي سڃاڻپ وسارائي رهي آهي. اها تعليم به اهڙي زبان ۾ ڏني ٿي وڃي، جيڪا سوچن جي سرچشمن کي آفيم وانگر ڳهرائي ماٺو ڪري، هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيندي.“

اهڙيءَ ريت هن ناول ۾ سراج صاحب نوجوانن کي علم سان چاهه جا مشورا ڏنا آهن ۽ هدايت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي نسل ايندڙ دؤر يا مستقبل جو رهنما ۽ رهبر ٿيڻو آهي.

5) مرڻ مون سين آءُ:

سراج ميمڻ جي هن ناول ۾ به سنڌ جي تاريخ جي عڪاسي ڪيل آهي. مغلن جي دور ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالت، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جو ذڪر، نهايت سهڻي طريقي سان پيش ڪيل آهي. هن ناول ۾ سنڌ ۽ سنڌيت جو جذبو، سنڌ جي مٽيءَ ماڻهن، درياهن، واهن، واهڻن، ڳوٺن ۽ شهرن سان سڪ ۽ محبت جو جذبو، پيار ۽ اُڪير پرٽي وئي آهي:

”سنڌ، منهنجي مٺي جيجل! اڄ تنهنجي موچاري ڌرتيءَ تي انسانن جي گيتن جي گونجار بدران، رڳو ڪُتن جون اُونائيون وڃي بچيون آهن. الاهي هن کي ڇو اهو خيال آيو ته شايد سنڌ تي خدا جو ڏمر آهي، جو اُن ڪڏهن به گهڻو وقت سُک نه ڏنو آهي. هن جي اکين اڳيان تاريخ جا اُهي دور اچي ويا، جن ۾ سنڌ تي اُتر، ڏکڻ، اوڀر، اولهه کان ڪاٽڪن جا ڪٽڪ آيا، ۽ سنڌ کي تاراج ڪري، سنڌين جي خون جا دريا وهائي هليا ويا. ڪي ڪاٽڪو رهجي ويا ۽ صدين تائين سنڌ جو رت چوسيندا رهيا، تان جو سنڌ سندن قبرستان بڻجي وئي. هن کي اهو به دور ياد آيو، جڏهن سنڌ ڌارين کان آجي هئي ۽ پري پري تائين سنڌ جي شادابيءَ جي هاڪ هوندي هئي، پر اُن شادابيءَ جي هاڪ ئي سنڌ تي ڏولاون جا ڪڪر آندا. جڏهن به سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ جي لڄ رکڻ ۾ ناڪام ٿيا، جڏهن به نفرتن جو ڪارو پاڻي، مذهبن جي نفرت ۽ ڪٽرپڻو سنڌين ۾ سجاڳ ٿيو، تڏهن سنڌ جو آسمان اونداهو ٿي ويو ۽ سنڌ جي مهر ڀري ڌرتي، رک ۽ ريتيءَ جو بيابان بڻجي وئي ۽ ڌرتيءَ تي گلن ۽ گاهن جي ساوڪ بدران، سينور جي سانواڻ ڦهليل هئي، غلاميءَ جو ڪنو پاڻي، ماڻهن جي حياتيءَ ۾ زهر ڀري رهيو هو.“

”ٺٽي جو آسمان ظلم ۽ جبر جي دونهاٽيل ڇت وانگر ڄڻ ته هيٺ لهي آيو هو. تارن ۾ به اها جوت نه هئي ۽ نه چنڊ ۾ اها چانڊوڪي هئي، جيڪا سنڌ جي سدا ملوڪ آسمان ۾ هوندي هئي.... آزاديءَ جو آسمان ڪيترو نه اجرو ۽ روشن هوندو آهي ۽ هي غلام آسمان ڪيترو نه گدلو ۽ دونهاٽيل ٿو لڳي!“

هن ناول ۾ سراج، سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ڪئي آهي، هن ناول جو اهم ڪردار انور، دولتمند ۽ زميندار جو اولاد آهي، پر هو پنهنجي معاشري ۾ وڏا وڏا اصلاحي ڪم ڪري ٿو. هن وٽ جيڪا به دولت آهي، اها هو غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندي ورهائي ٿو. هو زميندارن ۽ وڏيرن واريون عياشيون نٿو ڪري پر سادو ۽ نيڪ شخص آهي. هو هڪ مجبور عورت سان شادي ڪري ٿو ۽ هن کي معاشري ۾ عزت جو مقام ڏياري ٿو. سراج پنهنجي هن ڪردار کي هڪ مثالي ڪردار ڪري پيش ڪيو آهي.

حاصل مطلب ته سراج جي ناولن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته، هن کي سنڌ سان بيحد پيار هو. هن سنڌ ۾ جديد اصلاحي رجحان آڻڻ ٿي چاهيو. هن سنڌي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ٿي چاهيو. هن سنڌ جي پراڻين ريتن رسمن ۽ روايتن کي ختم ڪري نيون روايتون پيدا ڪرڻ ٿي چاهيون.

هن ناول ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌ جي اڄوڪي حالت ڏسي، منهنجا جهور پوڙها هڏا به ڪُرڪڻ لڳا آهن ته آءٌ هت ماٺ ڪريو ويٺو آهيان. اسان جي ماٺ جو تماشو ڏسي، ننڍا نيٽا جوان، پنهنجو سمورو الهه تلهه قربان ڪري تعليم کي تياڳي، پنهنجي معاشرتي مفادن کي ٻَن ڏيئي، ميدان تي بيهي پيا للڪارين ۽ اسين هميشه جيان ساڳي ٻه چاپڙائيءَ جو شڪار آهيون. پنهنجي ذاتي سک، پنهنجي ذاتي سُڪون کي جوکم ۾ ڏسي، ڪڇونءَ وانگر پنهنجي ڪُک ۾ اندر گهڙندا ٿا وڃون، تيسين سنڌ جي هر شيءِ تي قبضو ٿيندو وڃي. اسان جا شهر، اسان جا نه رهيا آهن. اَسان جي ٻهراڙين کي زندگيءَ جي سمورين چڱاين کان وانجهو ڪري، کين فلمي دنيا جا خواب ڏيکاري، چرس ۽ گانجي جي حوالي ڪيو پيو وڃي. سڀ کان وڏو موتمار ڌڪُ اسان کي اهو پيو هنيو وڃي ته، اسان کان پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي تهذيب کسي پئي وڃي. اسان جي تعليمي سرشتي ۾ اندران ئي اندران اهڙو کاٽ هڻڻ شروع ڪيو اٿن، جو اسان جا اُستاد، پڙهائڻ بدران اونداهيءَ کڏ ۾ اڇلائڻ لڳا آهن.“

لسانيات جو ماهر:

سراج لسانيات جو به وڏو ماهر آهي ۽ سنڌ جي چوٽيءَ جي لساني ماهرن مان هڪ آهي. سنڌي ٻوليءَ تي سندس ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ شاهڪار آهي، جيڪو 1964ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ هن، سنڌي ٻوليءَ بابت ڪيترن ئي عالمن جا نظريا پيش ڪرڻ بعد پنهنجو نظريو به پيش ڪيو آهي.

مطلب ته سراج صاحب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ عظيم افسانه نگار، وڏو ناول نويس، ڊرامه نگار، نامور اديب، لسانيات جو ماهر، ليکڪ ۽ شاعر آهي، جنهن پنهنجي شخصيت مڃائي آهي.

سراج الحق ميمڻ بحيثيت هڪ ليکڪ

مسرت ميمڻ

سنڌ جي هر هڪ خطي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ وڏو حصو آهي. سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. شاهه ڪريم کان وٺي موجوده دور تائين سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ اديب پاڻ پتوڙي رهيا آهن ۽ سنڌي ادب جي جهولي مالامال ٿيندي رهي آهي. سنڌي ماڻهو، اعليٰ تهذيب ۽ تمدن جا مالڪ آهن. سندن جذبا، احساس ۽ امنگون، همدرديءَ، ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ڀريل آهن. سنڌي ماڻهو ”ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان“ جي چوڻيءَ مطابق زندگي گذارين ٿا.

سنڌي ادب ۾ سنڌي ناولن جي کوٽ کي خاص طرح محسوس ڪيو ويو. ان کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ٽنڊي ڄام شهر ۾ ڄاول اديبن مان سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار محترم سراج الحق ميمڻ قلم کنيو ۽ ان کوٽ کي پورو ڪيو. هن ناولن ۾ اهو ڏيکاريو آهي ته سنڌ جي ماڻهن ۾ وفاداري، خلوص ۽ مهمان نوازيءَ جا گڻ آهن. صحافت جي حوالي سان به سندس گهڻيون خدمتون آهن. هن اديب، خاص ڪري شاعري، ڪهاڻين/افسانن/ ناولن، صحافت، ڊرامن، لسانيات، مضمونن ۽ نصابي ضرورتن تي ڪافي لکيو آهي. سراج جي ادبي خدمتن کي سهيڙڻ، وقت جي اهم ضرورت آهي. سراج اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا ڪنهن به تعارف جي محتاج ڪانهي. سندس لکڻ ۽ سوچڻ جو انداز منفرد آهي، سندس شمار انهن اديبن ۾ ٿئي ٿو، جن جي محنتن کي تمام گهڻو پڙهيو ۽ پسند ڪيو ويو آهي.

نوجوان اديب بدر ابڙي جو ڪتاب ’تنقيد نگاري، ارتقائي جائزو‘ جڏهن سراج جي هٿن ۾ آيو ته هن لکيو: ”بدر ابڙي سوچ جو دامن نه ڇڏيو آهي، نه رڳو اهو، پر اسان پارن کي به دعوت ڏني اٿس ته ادب ۾ سائنسي سوچ کڻي اڳتي وڌڻ ۾ اچو ته گڏجي پيش قدمي ڪريون.“

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي صحافت جي ارتقا تڏهن کان ٿي، جڏهن ليکڪن لکڻ شروع ڪيو، خاص طور نثر نويسيءَ ۽ مضمون نويسيءَ جو دور شروع ٿيو. سنڌ ۾ ڪيتريون اخبارون، مخزنون ۽ رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جيڪي سنڌي صحافت جو بنياد بڻيا. اخبار هلال پاڪستان، سنڌي صحافت بابت سنڌي ادب ۾ نمايان اضافو آندو، جنهن جي عوامي دور (1972ع کان 1977ع) ۾ ايڊيٽر سراج هو. ’جاڳو‘ اخبار ۾ ڇپيل سندس ڪالم ’رتي جي رهاڻ‘، سنڌي اديبن، خاص ڪري سنڌي عوام لاءِ بهترين معلومات فراهم پئي ڪئي آهي. ’رتي جي رهاڻ‘ ۾ سراج هڪ هنڌ لکي ٿو: ”انساني سماج جي سڀ کان بنيادي خصوصيت اها آهي ته اهو هر پل، هر گهڙيءَ بدلجندو ٿو رهي. پيداواري رشتا به بدلجندا رهيا آهن، جن جي اثر هيٺ سماجي رشتا به تبديل ٿيندا رهيا. اهو سمورو ارتقائي عمل جيڪڏهن خودسر ۽ پاڻ هُرتو چئجي ته غلط نه ٿيندو. جيتوڻيڪ ان وچ ۾ انسان جي پنهنجي شعوري ڪوششن اُن تبديليءَ جي رفتار، خاصيت، ڊيگهه ويڪر ۽ اونهائيءَ تي دور رس اثر وڌا.“

سراج جون سنڌي ٻولي ۽ لسانيات لاءِ اعليٰ خدمتون آهن. هو سنڌي ٻوليءَ جي بنياد لاءِ نئين نظريي جو محرڪ آهي. سراج جي راءِ موجب ”سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه آهي، پر سنسڪرت سنڌيءَ جي ڄائي ٿي سگهي ٿي.“ سراج پنهنجي نظريي وسيلي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ’مشرق توڙي مغرب جي تهذيب ۽ ٻولين جو اصل مقام ۽ بنياد سنڌو ماٿر آهي، جتان سنڌ جا ماڻهو اولهه طرف وارن خطن ڏانهن پنهنجي تهذيب ۽ زبان کڻي ويا ۽ اُتي پنهنجي تهذيب ۽ زبان کي ڦهلايائون.“ سراج صاحب سوامي شنڪرنند واري نظريي کي ئي سنڌي ويس وٺايو آهي. رسالي ’مهراڻ‘ ۾ سراج لکي ٿو ته هتان ”چند سميري مهرون لڌيون ويون آهن.“ ڊاڪٽر نوح ڪريمر جي مضمون بابت پنهنجي خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس ته ”سميري تمدن ۽ سنڌو تهذيب جون 30 (ٽيهه) مهرون لڌيون ويون آهن.“ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي اصليت، عظمت ۽ اهميت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. ٻوليءَ جي پسمنظر ۾ جيڪا اسان جي روشن تاريخ آهي، اها سڄاڻ اکين سان ڏسي سگهن.“

سراج الحق ميمڻ صحافت ۽ لسانيات کان سواءِ ڪهاڻين جا مجموعا ’اي درد هلي آءُ‘ ۽ ’اٺون ماڻهو‘ اسان کي ڏنا آهن، سندس ناولن ۾ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’مرڻ مون سين آءُ‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘، ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، اچي وڃن ٿا ۽ سندس ڊرامن ۾ ’ويران اکيون زخمي دل‘، ’ٻيجل‘، ’گهاتو گهر نه آيا‘، ’پروفيسر‘ ۽ ’اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن‘ اچي وڃن ٿا. ان کان سواءِ سراج شاهه ڀٽائيءَ جي دور کان هڪ سؤ سال پوءِ جي لڌل هڪ نسخي تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. سراج جو خيال آهي ته اديب پنهنجي سماج ۽ معاشري ڏانهن ذميوار آهي، ڇاڪاڻ ته هو اُن سماج ۽ معاشري جي ئي پيداوار آهي. مضمون ’لطيف ۽ وحدت الوجود‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”انسان ۽ ڪائنات جي اها وحدت ۽ وحدت ڏانهن اُن سفر ۾ جيڪي مرحلا، تبديليون، عمل ردعمل سامهون اچن ٿا، تن اسان کي اشرف المخلوقات بنايو آهي. ٻين لفظن ۾ ’نه هجڻ‘ کان ’هجڻ‘ تائين پهچايو آهي. اڻ وجود کان وجود تائين رسايو آهي.“ سراج سندس مضمونن، ڪهاڻين ۽ ناولن ذريعي سنڌ ۽ سنڌي سماج جي گهڻي خدمت ڪئي آهي. سندس ناولن کي اسان ٽئين دور جي اهم ناولن يعني 1947ع کان اڄ تائين جي لکيل ناولن ۾ شمار ڪري سگهون ٿا.

نامور اديب جمال ابڙو ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي پيش لفظ ۾ سراج لاءِ لکي ٿو: ”سراج سنڌي قوم جي سڀني مسئلن کي، ناول دوران سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سندس سمجهو ۽ دور رس نگاهه، ماضي، حال ۽ مستقبل کي يڪجاءِ ڪري تاريخي پسمنظر ۾ حقائق کي بي نقاب ڪيو آهي. سندس تڙپندڙ دل، ماضيءَ جون رت اڏيون، حال جون ڪاوشون ۽ مستقبل جون اُميدون ۽ خدشا کنيو، ڏاڍي نهٺائي ۽ نماڻائيءَ سان دوائون ۽ دعائون جهليو بيٺي آهي.“

سراج جو چوڻ آهي ته ”روايت زنده تبديليءَ جو نالو آهي ۽ قدامت پرستي هر قسم جي غلط يا صحيح روايتن کي چنبڙي پوڻ جو نالو آهي، ان ڪري زندگي بخش روايتن کي چنبڙي پوڻ قدامت پرستي هرگز نه آهي. اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ هزارين سال پراڻيون روايتون موجود آهن، جيڪي نه هجن ته هوند سنڌي معاشرو سنڌي ئي نه رهي. اهي روايتون اسان جي زندگي آهن ۽ انهن کي چنبڙي پوڻ زندگيءَ کي چنبڙڻ آهي، انهن جو قدامت پسنديءَ سان ڪو واسطو ڪونهي.“ گرامر يا ويا ڪرڻ لاءِ سندس چوڻ آهي ته ”گرامر يا ويا ڪرڻ هن وقت دنيا جي ترقي يافته ٻولين ۾ سائنسي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ ايترا دقيق موضوع ۽ اصطلاح شامل ٿيا آهن، جو خود لساني ماهرن کي مشڪلات ٿيو پوي.“

مطلب ته سراج الحق ميمڻ اسان جي سنڌي ادب کي ترقي وٺائڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڪيل هر ادبي خدمت ۽ تخليق مان سنڌ جي هر خطي کي لاڀ حاصل ٿئي ٿو ۽ سنڌي ماڻهو سندس تخليق کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ پڻ ان ڪوشش تي عمل ڪن ٿا.

(شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾پيش ڪيل مونوگراف مان ورتل)

 

پڙاڏو سوئي سڏ (خط)

ذوالفقار هاليپوٽو

منهنجا مانوارا سائين سراج، اسلام عليڪم!

اُميد آهي ته خوش هوندا ۽ اوهان جي هٿن ۾ پهچڻ کان پوءِ منهنجي هن خط، اوهان جي چهري تي پڪ سان مرڪ پکيڙي ڇڏي هوندي، جو اسان واري لڏي مان آءٌ نٿو سمجهان ته ڪنهن اوهان ڏانهن ويجهڙائيءَ ۾ ڪو اهڙو تفصيلي خط لکيو هوندو. مون اوهان سان هن خط ذريعي، هڪ ڊگهي قلمي ڪچهريءَ جي سازش رٿي آهي.

سائين! سنڌ جي سڃاڻپ جي مينارن کي خطن جي ذريعي ٽربيوٽ پيش ڪرڻ جي مون جيڪا هيءَ روايت جياري آهي. اوهان کي انهيءَ چڪر ۾ ڦاسائي، هتان هتان جا احوال ڪري، پنهنجي پاڻ کي اهو حوصلو ۽ اعزاز ڏيڻ گهران ٿو ته مون زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو اوهان سان ڊگهي قلمي گفتگو ڪئي آهي، جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي. سنڌ ۾ خط نويسيءَ جو شاندار ماضي ڏسي آءٌ نٿو رهي سگهان ان ڳالهه ڪرڻ کان ته اوهان جهڙن کي ٻه اکر لکي ايندڙ نسلن کي اوهان واري نسل بابت غير رسمي طريقي سان آگاهي ڏجي. ان ڪم لاءِ سائين! خط کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪهڙو غير رواجي سلسلو ٿي سگهي ٿو.

سائين! هونئن ته اوهان جي ڪلفٽن واري گهر تي، اوهان سان ڪيترائي ڀيرا ڪچهريون ٿيون آهن. سرونٽس آف سنڌ سوائٽي (SSS) جي ميمبر طور اوهان وٽ ڪيترن ئي گڏجاڻين ۾ اوهان جي صدارت هيٺ ويٺا آهيون. اوهان کاڌي پيتي جا شوقين آهيو، سو اوهان جي ان ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي اسان اوهان وٽ زبردست کاڌا به کاڌا آهن ۽ باضابطه اجلاسن ۽ گڏجاڻين ۾ اوهان جو مختلف اشوز تي روبرو موقف به ٻڌو آهي.

اوهان جون لکڻيون به پڙهيون اٿم. اوهان جي ’هلال پاڪستان‘ اخبار جي ايڊيٽرشپ جي دور ۾ پوءِ ’ڊان‘ سوڌو ملڪ جي اهم اخبارن ۾ تجزيي نگار ۽ نقاد طور لکيل شاندار مضمون، تجزيا ۽ فڪري بحث به پڙهيا اٿم. سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ وطن بابت اوهان جون مستند ٿيسز به ٻڌيون اٿم، پر اڄ آءٌ اوهان سان هن خط رستي ٻيون به ڪي ڳالهيون ڪرڻ گهران ٿو.

ڪي جي روح رچنديون، ڪيم سڄڻن ساڻ،

اُنهــن جي ســرهاڻ، سانڍيـل ســـدا سـاهه ۾.

سائين! اوهان جي طبعيت بابت هر وقت اوهان جي حيدرآباد ۾ ويٺل دوستن ۽ خاص طور تي جويي صاحب سان حال احوال ٿيندو رهي ٿو. جويي صاحب جي پنهنجي به طبعيت ناساز رهي ٿي. کيس اوهان جو به وڏو اُلڪو رهي ٿو. منهنجي دعا آهي ته سنڌ جا هي ٻئي ستارا (سراج صاحب ۽ جويو صاحب) صحتمند رهن ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي آسمان تي ڪيترائي ڏهاڪا ٽمڪندا رهن.

ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن چير،

سدا ويهن سامهان، عاشق اتر هير،

تسا ڏيئي تن کي، ساڙيائون سرير،

جي فنا ڪيا فقير، هلو تڪيا پسون تــن جا.

(لطيف)

سائين! ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ غلام رباني آگري صاحب جي 77ئين سالگرهه ۽ خليفي اعجاز ڏانهن لکيل سندس خطن جي ڪتاب ’خطِ غبار‘ جو مهورت ٿيو. سائين! سچ پڇو ته ايترو ته مزو آيو، جو ان رهاڻ جو اڃا تائين هينگ اوور آهي. سمورن ٻين اختلافن جي باوجود غلام رباني آگري جي هڪ انوکي قصه گو ۽ مشاهير نويسيءَ جي ماهر هجڻ ۽ نثر ۾ هڪ نئون انداز ايجاد ڪرڻ وارو ڪم سنڌي ادب تي وڏو احسان آهي.

آگري، اياز قادريءَ ۽ جمال ابڙي جو ذڪر هر هر آيو ۽ انهن ستارن جو تذڪرو ڪيئن ممڪن آهي ته اوهان جي ذڪر کان سواءِ ممڪن بڻيو هجي. اوهان کي هر دوست ياد ڪيو. جويو صاحب جڏهن به شيخ اياز ۽ سراج ميمڻ تي ڳالهائيندو آهي ته هن جي ٻولي ٻي ٿي ويندي آهي. جويي صاحب جي باڊي لئنگئيج مٽجي ويندي آهي. اوهان سان سچ ته بيحد پيار ڪندو آهي. سنڌي ادب جي ان انڊلٺ جو تذڪرو اوهان کان سواءِ ممڪن ناهي.

سائين! انسان کي حياتي هڪ ڀيرو ملي ٿي ۽ جيڪي ماڻهو اُن حقيقت کي سمجهندي انساني ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ پنهنجو حصو ڇڏين ٿا. اهي نه رڳو پنهنجي ضمير ۽ خمير اڳيان سرخرو آهن، پر پوءِ انهن جو پورهيو صدين تائين ياد رهي ٿو:

سُٽ اُنهن جو سڦرو، جن پر ۾ پڃايو،

راتيان ڏينهان ارٽ سان، ناتو نڀايو،

ماڻڪ مرجهايو، پسي تن جو پورهيو.

سائين! ڏٺو وڃي ته سنڌ سدائين هر شعبي ۾ شاهوڪار رهندي آئي آهي. رڳو همعصر تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته علم، ادب، تعليم، تحقيق ۽ سياست سوڌو هر ميدان ۾ سنڌ اندر شاندار ماڻهن جنم ورتو آهي ۽ اُنهن جي ئي خدمتن ۽ پورهئي جو نتيجو آهي، انهن جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ ڪمٽمينٽ جو ثمر آهي، جو اڄ سنڌ ڪيترائي سياسي، معاشي، سماجي بحران هوندي به، لاتعداد دشمن، وطن جا ويري ۽ غدار، ڌرتيءَ ڌڻين جي خون جا پياسا ڪردار هوندي به سنڌ اڄ به سائي آهي، موجود آهي ۽ اسان جي خوابن جي راڻي آهي.

سنڌ، اڄ جن شخصيتن جي پورهئي جي ڪري سدا سرهي رهندي آئي آهي، اُنهن ۾ پنهنجي مخصوص دور ۾ پنهنجي حصي جي قومي ڪردار جي ادائگيءَ جي ڪري، اوهان جو نالو به اسان لاءِ فخر جي نشاني آهي. صحافت، ادب ۽ سماجي جاڳرتا جي ميدان ۾ اوهان جو ڪردار ڪنهن کان ڳجهو آهي، جنهن ساک ۽ ڪردار سان اوهان سنڌ جو مقدمو وڙهيو آهي، اُن کي پڏائڻ، سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي:

چنڊ پيو ناري ۾ وهنجي،

پرڻي رات ڪنوار جيان،

باک ڦٽي آ، ڏينهن اچي ٿو،

ڳاڙهي گهوڙي سوار جيان.

(شيخ اياز)

سائين! اوهان ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه پاران شهيد بينظير ڀٽو جهڙي اڳواڻ کي ’سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ‘ جي پليٽ فام تي ويهاري، سنڌ جي علمي، ادبي ۽ فطري لڏي سان ڳنڍڻ جي شاندار ڪوشش کان وٺي، سنڌ جي معصوم ٻارن جي تعليم لاءِ حيدرآباد ۾ ’سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ‘ (SET) جي پليٽ فارم تان پنهنجون ڪروڙن رپين جون ملڪيتون ٽرسٽ جي حوالي ڪرڻ جهڙيون بي لوث خدمتون، اسان جي نظرن ۾ اوهان جي قد کي اڃا اوچو ڪن ٿيون.

اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽرسٽ ۽ سوسائٽيءَ جهڙا ٻئي اهم فورم، اڄ ڪي گهڻا فنڪشنل ناهن ۽ اسان کي اهو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته اسان جا دوست انهن کي هلائڻ ۾ گهڻا ڪامياب نه ويا آهن. آءٌ ان بحث ۾ نٿو وڃان، جو آءٌ سنجيده بحث ڪرڻ بدران اوهان سان هلڪيون ڦلڪيون ڳالهيون ڪرڻ گهران ٿو. اوهان سان هڪ ننڍي دوست، ساٿي ۽ شاگرد جي حيثيت ۾ غير رواجي مڪالمو ڪرڻ گهران ٿو، پر ايترو ضرور چوندس ته اسان کي ماڻهو چون ٿا ته اسان وارو لڏو، هر اداري تي تنقيد جا ڪات کنيو بيٺو آهي، پر جيڪي ادارا اسان جي سنگت کي مليا، سي اهي نه هلائي سگهيا.

ڪتي ڪتي ڪالهه، اڄ نه آتڻ آئيون،

ارٽ اکلي مالهه، پوري ويئون نجهرا.

(لطيف)

سائين! آءٌ سمجهان ٿو ته اهڙي اعتراف يا غلطي مڃڻ ۾ پاڻ وڏائي آهي ۽ آءٌ اوهان جي اُن ٽيم جي حصي طور پنهنجي حصي جو بار کڻڻ لاءِ تيار آهيان.

سائين! ادي فهميده حسين جي نياڻيءَ جي شاديءَ جي موقعي تي اوهان کي فل سوٽ ۾ هشاش بشاش ڏسي سچ پڇو ته ڏاڍي خوشي ٿي هئي. اُن کان پوءِ وري ڪنهن وڏي تقريب يا فارمل ڪچهريءَ ۾ اوهان کي نه ڏٺو اٿئون. ادي فهميده به حقيقت پڇو ته اوهان جي جهڙوڪ ”ايمبيسڊر ايٽ لارج“ هجي، جو اوهان بابت ڪنهن به ڄاڻ لاءِ يا اوهان سان رابطي ۽ اوهان جي طبعيت جي خبر چار لاءِ اديءَ وٽان فورن اپ ڊيٽ رپورٽ مليو وڃي.

سائين! آگري صاحب واري پروگرام ۾ جنهن مهل پنهنجي تقرير دوران ادي فهميده اهو ٻڌايو ته الطاف آگري ۽ نصير مرزا پاران آگري صاحب جي چونڊ ڪهاڻين جي سهيڙيل ڪتاب جو مهاڳ اوهان لکيو آهي ته مون سوڌو پنڊال ۾ ڪيترن ئي دوستن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ جنهن مهل پروگرام پورو ٿيو ته مون اڳ وٺي ادي الطاف آگري کان پڇيو هو اوهان جي لکڻيءَ بابت، جو مون ڪافي وقت کان اوهان جي ڪا نئين تخليق نه پڙهي آهي. الطاف مون کي ڏسي مرڪندي چيو ته سنڌي ادب جي سٺي پڙهندڙ لاءِ اهو مهاڳ وڏي وقت کان پوءِ سراج صاحب جو هڪ لاجواب ۽ معياري تحفو آهي.

بابا نصير مرزا ٻڌايو ته اوهان اُن مهاڳ ۾ آگري جي حوالي سان جيڪي تحرير ڪيو آهي، اُن ۾ رڳو ڪهاڻين تي بحث ناهي، پر ان پوري دور ۽ آگري جي رفاقت، سندس هن فاني جهان مان لڏي وڃڻ واري ڏک تي ويچار ونڊڻ سان گڏ اوهان سنڌي نثر جي اُن صنف ۾ هڪ شاندار تحرير جو اضافو ڪيو آهي، بس هاڻ ڪتاب جو انتظار آهي ته جيئن ڪهاڻيون ۽ مهاڳ پڙهجي.

سائين! لفظ ’ٽرائيڪا‘ هڪ سياسي اصطلاح آهي ۽ مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. سنڌي ادب ۾ به هر دور ۾ هر صنف يا شعبي ۾ ٽرائيڪا جو جوڙ رهندو پئي آيو آهي.

مون پنهنجي پاران ’ٽرائيڪا‘ جي ياد اُن جوڙ جي صف بندي يا خانابندي هن ريت رکي آهي. افساني ۾ اياز قادري، جمال ابڙي ۽ غلام رباني آگري جي ٽرائيڪا، فڪري ميدان ۾ محمد ابراهيم جويي، سوڀي گيانچنداڻي ۽ سراج الحق ميمڻ جي ٽرائيڪا؛ ڪهاڻي ۾ نسيم کرل، امر جليل ۽ قمر شهباز جي ٽرائيڪا؛ وجودي ۽ احساسي تخليقي ادب ۾ شوڪت شوري، مشتاق شوري ۽ ماڻڪ جي ٽرائيڪا، عوامي شاعري ۾ محمد ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي ۽ تنقيدي ادب ۾ الهداد ٻوهيي، محبت ٻرڙي ۽ بدر ابڙي جي ٽرائيڪا. جديد ترقي پسند تخليقي ادب ۾ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ نارائڻ شيام جي ٽرائيڪا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org