سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: سقراط جي گفتگو

باب: --

صفحو :14

 

30

پر جڏهن هو بدن ڇڏي ٿو ته خراب ۽ ناپاڪ آهي، ڇو ته سدائين هن سان صحبت رکي اٿس، ۽ هن جي خدمت ڪئي اٿس، ۽ هن سان محبت رکي اٿس، ۽ هن جي ڪري ۽ هن جي خواهشن ۽ لذتن جي ڪري روڳي ٿي پيو آهي، ۽ تنهنڪري ڪنهن به شيءِ کي سچو نٿو سمجهي، پر فقط انهن شين کي سچو ٿو سمجهي جيڪي جسماني آهن، ۽ ڇهي سگهجن ٿيون، ۽ ڏسي سگهجن ٿيون، ۽ کائي سگهجن ٿيون، ۽ پي سگهجن ٿيون، ۽ ماڻهن جي نفساني هوسن لاءِ ڪم اچي سگهن ٿيون؛ ۽ جيڪڏهن هو انهن شين کي دڪارڻ سکيو آهي، ۽ انهن کان ڇرڪڻ يا انهن کان ڀڄڻ سکيو آهي، جيڪي اک کان اوجهل ۽ ڳجهيون آهن، ۽ فيلسوفي جي رستي ئي معلوم ڪيون ۽ سمجهيون وڃن ٿيون؛ ته پوءِ تون ڀائين ٿو ته اهڙو روح هن دنيا مان موڪلائڻ وقت پاڪ ۽ روڳ بنا هوندو؟

هن ورندي ڏني ته، تحقيق، نه.

آءُ ڀانيان ٿو ته بدن جي اڻ کٽندڙ صحبت، سنگت ۽ سنڀال جي ڪري هن ۾ جسماني جذو پيهي وڃي ٿو ۽ هن جي فطرت جو لازمي حصو ٿي پوي ٿو.

هائو.

۽ منهنجا پيارا دوست، جسماني جذو سخت، ڳرو، خاڪي ۽ آشڪار آهي؛ ۽ انهي جي ئي ڪري اهڙو روح بار هيٺ اچي وڃي ٿو ۽ ظاهري دنيا ڏانهن وري گهلجي ٿو اچي، ڇو ته هو بهشت واري ڳجهي دنيا کان ڊڄي ٿو، ۽ چون ٿا ته، قبرن ۽ قبن مٿان پيو ٿو ڦري، جتي روحن جون خيالي شڪليون ڏٺيون ويون آهن، اهي انهن روحن جا پاڇا آهن جي بدن کان الڳ ٿيڻ وقت ناپاڪ هئا ۽ اڃا آشڪار شين کي چنبڙيل آهن، ۽ اهوئي سبب آهي هنن جي اڃا ڏسڻ ۾ اچڻ جو.

سقراط، گهڻو ڪري ائين ئي هوندو.

ڪيبيز، بلڪل ائين آهي. ۽ اهي چڱن يا نيڪوڪار انسانن جا روح نه آهن، پر بدڪار ماڻهن جا روح آهن، جن کي بدڪارين جي ڀنور ۾ حياتي گذارڻ سبب سزا طور اهڙين جاين ۾ رلڻو ٿو پوي، ۽ هنن جي سرگرداني هلندي ٿي رهي، انهن جسماني شين لاءِ خواهشن جي ڪري، جا هنن ۾ اٽڪي پئي آهي، ۽ پوءِ انهن خواهشن جي حاصلات لاءِ نيٺ هو وري ڪنهن بدن ۾ گرفتار ٿا ٿين.

31

هو چوندو رهيو ته، هو گهڻو ڪري اهڙن جانورن جي جسمن ۾ گرفتار ٿين ٿا، جن جون عادتون اهڙيون آهن جهڙيو سندن حياتيءَ جي عرصي دوران هيون.

سقراط، ائين چوڻ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟

آءُ چوان ٿو ته، جن ماڻهن هوس پرستي، عيش عشرت، ۽ شراب خوري اختيار ڪئي، ته انهن جا روح گڏهن ۽ ٻين اهڙن جانورن جي جسمن ۾ گهڙين ٿا. تون نٿو ڀائين ته ائين آهي؟

برابر، گهڻو ڪري ائين ئي هوندو.

۽ جن بي انصافي، ظلم ۽ ڦرلٽ اختيار ڪيو، سي بگهڙن، بازن ۽ سرڻن جي جسمن ۾ وڃن ٿا، ڀلا اهڙا رو ٻيو ويندا به ڪيڏانهن.

ڪيبيز چيو ته، بنان شڪ جي هو اهڙن جانورن ۽ پکين ۾ وڃن ٿا.

هن چيو: قصو ڪوتاهه ته، بلڪل صاف آهي ته، هر ڪو روح پنهنجي جسم جي عمل نسبت ڪنهن پاسي وڃي ٿو؛ يعني هر ڪو روح اهڙي جانور جي جسم ۾ گهڙي ٿو جنهن جون عادتون سندن جهڙيون آهن.

هن جواب ڏنو ته، تحقيق ائين ئي آهي.

هن چيو ته، ۽ انهن مان جيڪي سڀني کان سکيا آهن، ۽ سڀ کان گهڻي جاءِ ڏي وڃن ٿا، سي اهي آهن جن جون عوام دوست ۽ محبوباڻيون خصلتون اختيار ڪيل آهن، جن خصلتن کي پرهيزگاري ۽ انصاف سڏيندا آهن ۽ جي فيلسوفيءَ ۽ منطق کان سواءِ عادت ۽ استعمال جي وسيلي هٿ ايندا آهن.

ڀلا ڇو اهي سڀ کان سکيا آهن؟

ڇو ته هو وري پاڻ جهڙيءَ نرم ۽ محبوباڻيءَ فطرت ۾ موٽي ايندا آهن، جيئن ته مکين، پوپٽن ۽ ماڪوڙين جهڙين سڀاءَ ۾؛ يا نه ائين هوندو ته، هو وري انسانن جي جسمن ۾ موٽي ايندا، جن مان جڙن ٿا نهايت اشراف ماڻهو.

گهڻو ڪري ائين ئي هوندو.

 

32

خدائن جي قبيلي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت فقط فيلسوف يا علم جي عاشق کي آهي، جو هتان وڃڻ وقت بلڪل پاڪ آهي، ۽ تنهنڪري منهنجا دوستو، سمئس ۽ ڪيبيز، سچو فيلسوف سدائين پرهيزگار ٿي رهي ٿو، ۽ بدن جي سڀني خواهشن کان دور گذاري ٿو، ۽ پاڻ کي خواهشن جي هٿ ۾ نٿو ڏئي ڇڏي. هو عام ماڻهن ۽ زر پرستن وانگر پنهنجي مال ۽ ملڪيت کي خرچ ڪرڻ کان نٿو ڊڄي؛ نڪي هو عزت ۽ اختيار جي صاحبن وانگر بدڪاريءَ جي ڪري بدنامي ۽ بي عزتي کان ڪو کائي پرهيزگاري اختيار ڪري ٿو.

ڪيبيز چيو ته، سقراط، اها هن جي گهٽتائي ليکبي جيڪڏهن هو انهن سببن جي ڪري ائين ڪري.

هن جواب ڏنو ته، تحقيق، اها هن لاءِ گهٽائي ٿيندي. ۽ تنهنڪري اهي سڀئي ماڻهو جن کي پنهنجي روحن جو ڪو خيال آهي، ۽ جيڪي پنهنجون حياتيون رڳو پنهنجي جسمن جي ٺاهڻ ۽ سينگارڻ تي صرف نٿا ڪن، سي اهڙن ماڻهن کان دور رهن ٿا، ۽ انهن جا رستا اختيار ڪين ٿا ڪن، ڇو ته هو سمجهن ٿا ته اهڙي عمل ڪرڻ وارا بي خبر آهن، ۽ کين خبر ڪانهي ته ڪهڙي واٽ پيا وڃن. پر فيلسوف اوڏانهن هلندا ويندا آهن جيڏانهن فيلسوفي کين نيندي آهي، ڇو ته هنن کي اعتماد آهي ته فيلسوفيءَ کي سامهون ٿيڻ نه کپي، ۽ نڪي انهيءَ جي هٿان جيڪو ڇوٽڪارو ۽ پاڪائي پلئه پوي، تنهنجي آڏو اچڻ کپي.

اهو ڪيئن، سقراط؟

 

33

هن جواب ڏنو ته، آءُ توکي ٻڌايان ٿو ته ڪيئن، جڏهن فيلسوفي روح کي رسي ٿي، تڏهن هو بدن سان بلڪل ٻڌل ۽ جڙيل آهي. هو (روح) ڪجهه به ازخود سمجهي نٿو سگهي، پر فقط ايتروئي معلوم ڪري ٿو، جيڪو ڪجهه وٽس سندس قيد خاني جي سيخن مان يعني بدن جي وسيلي اچي ٿو،مطلب ته هو بلڪل جهالت ۾ غرق آهي. فيلسوفي ڏسي ٿي ته هن گرفتاريءَ ۾ خوفناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته اها هوس جي ڪري ٿئي ٿي، ۽ قيد ۾ ڦاٿل پنهنجي گرفتاري ۾ پاڻ رفيق آهي. آءُ ورائي چوان ٿو ته، علم جي عاشقن کي خبر آهي ته جڏهن روح اهڙيءَ حالت ۾ آهي تڏهن فيلسوفي هن کي سهارو ڏئي ٿي، ۽ هن کي نرمائي سان همتائي ٿي، ۽ هن کي سندس گرفتاري مان ڇڏائڻ جا جتن ڪري ٿي، ۽ هن کي ڏيکاري ٿي ته جيڪي اک سان ۽ ڪن سان ۽ ٻين حواسن سان معلوم ڪجي ٿو، سو بلڪل دولابي سان ڀريل آهي، ۽ هن کي نصيحت ڏئي ٿي ته حواسن کان الڳ گذارڻ گهرجي، ۽ انهن کي فقط ضرورت وقت ڪم آڻڻ گهرجي ۽ فيلسوفيءَ هن تي زور آڻي ٿي ته پنهنجو پاڻ ۾ خيال رکڻ کپي، ۽ آڌار پاڻ تي ئي ڌرڻ کپي، ۽ سچي هستيءَ تي جنهن جي پروڙ پاڻ مان پيدا ٿئي ٿي؛ ۽ قبول ڪرڻ گهرجي ته ڪابه شيءِ جنهن ۾ بدل ٿي سگهي ٿي، ۽ جيڪا ٻين طاقتن سان معلوم ڪري سگهجي ٿي، تنهن ۾ سچ نه لڀندو، ڇو ته اهڙيون شيون ظاهر ۽ پڌريون آهن، ۽ جيڪي هو پاڻ (يعني روح) ڏسي سگهي ٿو سو ڳُجههُ آهي ۽ منطق سان معلوم ٿئي ٿو. سچي فيلسوف جو روح سمجهي ٿو ته هن گرفتاريءَ مان رهائي کي آڏو اچڻ غلط آهي، ۽ تنهنڪري جيترو ٿي سگهيس ٿو هو اوترو لذت، خواهش، ڏک ۽ خوف کان الڳ گذاري ٿو، ڇو ته هو ڀائني ٿو ته جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا سخت لذت، يا خوف، يا ڏک يا خواهش اچي ٿي تڏهن، هن کي نه رڳو رواجي مصيبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون؛ پر بيماري، يا ڪو ٻيو وڏو نقصان پڻ جيڪو خواهشن کي ڇڙواڳ ڇڏڻ سان ٿئي ٿو، بلڪهن کي سڀ کان سخت پوئين مصيبت جنهن جو هو خيال نٿو رکي سهڻي پوي ٿي.

ڪيبيز چيو ته، سقراط، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟

منهنجي معنيَ آهي ته، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي روح کي سخت لذت يا روڳ لڳي ٿو، تڏهن هو لاچار ائين سمجهي ٿو ته انهن احساسن ۾ سمايل شيءِ، کڻي ڪهڙي به هجي، ته به ضرور بلڪل صاف ۽ سچي هوندي، جيتوڻيڪ ائين نه آهي. اهڙيون شيون گهڻو ڪري ظاهر ۽ چٽيون آهن، برابر؟

برابر.

۽ ائين ڪين آهي ته هن حالت ۾ روح بلڪل بدن جي گرفتاريءَ هيٺ آهي؟

اهو ڪين؟

ڇو ته سڀ ڪنهن لذت ۽ درد کي هڪڙي قسم جي ڪلي آهي جا هن کي بدن سان کپائي ۽ کوڙي رکي ٿي، ۽ هن کي جسماني سيرت ڏئي ٿي، ۽ هن کي ڀنڀلائي وجهي ٿي ته جيڪي به بدن چوي ٿو سو سچ آهي؛ ۽ تنهنڪري آءُ ڀانيان ٿو ته، بدن جهڙين خواهشن ۽ لذتن هئڻ سبب هو پاڻ، هن (بدن) جهڙا رستا ۽ حياتيءَ جا طور طريقا اختيار ڪري ٿو. جڏهن هو بدن ڇڏي ٿو تڏهن ضرور بدن جي صحبت ڪري خراب ٿيل آهي، ۽ ٻيءَ دنيا ۾ پهچڻ وقت پاڪ ۽ پوتر نه آهي؛ ۽ تنهنڪري هو جلد موٽي ٻئي جسم ۾ اچي ٿو، ۽ هن ۾ ائين پاڙ پويس ٿي جيئن ٻج پوکبو آهي. تنهنڪري هن جو مقدس، پاڪ ۽ منتشر ڪجهه به لاڳاپو نٿو ٿئي.

ڪيبيز چيو: سقراط، اها ڳالهه بلڪل برابر آهي.

 

34

ڪيبيز، تڏهن چئبو ته، انهن سببن جي ڪري ئي علم جا سچا عاشق پرهيزگار ۽ دلير ٿيندا آهن، ۽ نه ڪي دنيوي سببن جي ڪري. يا تون ٻيءَ طرح ٿو ڀائين؟

نه، بلڪل نه.

تحقيق نه، فيلسوف جو روح ائين سمجهي ٿو ته فيلسوفيءَ جو ڪم آهي کيس آزاد ڪرائڻ ۽ هو ڄاڻي ٿو ته کيس فرحت ۽ درد جي غلامي هيٺ وري اچڻ نه کپي، جنهن مان کيس فيلسوفي آزاد ڪري ٿي، ۽ پينيلوپ وانگر، هيڪر اڏي ڪري، وري انهيءَ کي ڊاهيندي نه رهجي، پر ڪاتاري وانگر پارچي کي اکيلڻ بدران انهيءَ کي ڪتيندو رهجي. هو انهن ڳالهين مان پاڻ لاءِ آرام حاصل ڪري ٿو، ۽ عقل پٺيان هلي ٿو ۽ سدائين انهيءَ ۾ رهي ٿو، ۽ انهن جي زور تي پلجندو رهي ٿو. هو ڀانئي ٿو ته اهڙيءَ طرح ئي کيس هيءَ حياتيءَ گهارڻ گهرجي. ۽ جڏهن فوت ٿيڻ جو وقت اچي ٿو تڏهن هن کي ڀروسو آهي ته هو اوڏانهن يا ن پار ويندو جيڪو سندس جهڙو ۽ سندس وانگر آهي، ۽ جتي هو انساني آزارن کان بلڪل آزاد رهندو. سمئس ۽ ڪيبيز، جيڪو روح اهڙيءَ طرح پليو ۽ سکيو آهي، سو روح، موت کان ڪڏهن به خوف ڪين کائيندو ۽ نه ئي وري کيس اهو الڪو رهندو ته ڪو هو بدن کان موڪلائڻ وقت هو ذريون ذريون ڪري چيريو ويندو يا هوائن جي هٿان اڏايو ويندو، ۽ ٻيءَ ڪنهن طرح ختم ٿي ويندو، ۽ حياتيءَ کان بلڪل پالهو ٿي ويندو.

 

35

انهن لفظن کان پوءِ وڏي خاموشي ڇانئجي ويئي. سقراط پاڻ پنهنجي مباحثي تي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، اسان مان به گهڻن جي ساڳي حالت ٿي ويئي. ڪيبيز ۽ سمئس ٿورو وقت پاڻ ۾ ڳالهايو. جڏهن سقراط جي هنن تي نظر پئي، تڏهن چيائين ته، ڇا اوهين ڀانيون ٿا ته اسان جو بحث اڃا پورو/ مڪمل نه آهي؟ جيڪڏهن هن کي چڱي طرح جاچبو ته هن ۾ اڃا گهڻائي نقطا ملي سگهندا جي شڪ اٿاريندا ته جن تي بحث ٿي سگهندو. جيڪڏهن اوهين ڪنهن ٻئي سوال تي غورٿا ڪريو ته پوءِ مون کي ڪجهه به چوڻو نه آهي. پر جيڪڏهن اوهان کي هن سوال بابت ڪا مشڪلات آهي ته مون کي ٻڌائڻ کان نه نٽايو، ۽ جيڪڏهن اوهان جي راءِ هجي ته مباحثي کي اڃان ڪنهن بهتر نموني ۾ اظهار ڪجي، ته هاڻ اوهان پنهنجا خيال بيان ڪريو؛ ۽ مون کي به پاڻ سان شامل راءِ ڪريو، جيڪڏهن ڀانيو ته منهنجي صحبت ۾ اوهين وڌيڪ ڪجهه حاصل ڪري وٺندو.

سمئس جواب ڏنو ته، چڱو ته، سقراط، آءُ توسان سچي ڳالهه ڪندس. اسان ٻنهي کي هڪڙي مونجهاري منجهائي وڌو آهي، ۽ اسين ٻئي هڪ ٻئي تي زور آڻي رهيا آهيون ته توکان هن بابت پڇون. توکي جيڪي چوڻو آهي تنهنجي ٻڌڻ لاءِ اسين بيچين آهيون؛ پر اسين توکي تڪليف ڏيڻ نٿا چاهيون، ڇو ته اسان کي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هن وقت سوال پڇڻ توکي ناپسند لڳي.

هن جواب تي سقراط مشڪيو، ۽ چيائين ته، مار! سمئس، جيڪڏهن آءُ اوهان کي ئي يقين ڏياري نٿو سگهان ته، آءُ پنهنجي هن قسمت کي مصيبت نٿو ليکيان، پر اوهان کي اڃان به ڊپ ٿوٿئي ته متان آءُ هن وقت اڳئين کان وڌيڪ رنج ۽ الم ۾ هجان، ته پوءِ مون کي ٻين ماڻهن کي هن بابت پڪ ڏيارڻ مشڪل ٿيندو. اوهين ڀانيون ٿا ته آءُ هنجهن (هنجهه پکي) کان به گهٽ درويش آهيان، جي، جڏهن ڏسندا آهن ته مرڻ جو وقت آيو آهي، تڏهن پاڻ اڳ کان وڌيڪ زور سان ڳائيندا آهنم ڇو ته خوشي ٿيندي اٿن ته هاڻي خدا جي حضور ۾ وڃڻ وارا آهيون، جنهن جا خادم آهيون. اوهان کي سڌ هجڻ کپي ته، ماڻهن کي جيڪو موت نسبت خوف رهي ٿو، تنهن جي ڪري ئي هو منجهن نسبت غلط چوندا رهندا آهن ته، هو پنهنجو موت ڏسي رڙن ٿا، ۽ غم وچان زور سان ڳائين ٿا. هنن کان وسري وڃي ٿو ته ڪو به پکي، جڏهن هو بکايل آهي، يا ٿڌ لڳي اٿس، يا تڪليف واري حالت ۾ آهي، تڏهن ڳائي نٿو سگهي؛ تڪليف ڪري، نڪي ڪويل ڪوڪي ٿي، نڪي تتر تنواري ٿو، ماڻهن جي چوڻ موجب، پکي غم جي ڪري ڳائي سگهندا آهن، ليڪن منهنجو خيال آهي ته، نڪي اهي پکي، ۽ نه ئي وري هنجهه حسرت مان ڳائيندا آهن. مون کي اعتقاد آهي ته انهن پکين کي غيبي طاقت آهي، جنهنڪري هنن کي ٻيءَ دنيا جي عمدين شين جي اڳئين پروڙ پوي ٿي،ڇو ته هو اپالو خدا جا پکي آهن ۽ تنهنڪري هو پنهنجي مرڻ جي ڏينهن ايترو ڳائين ٿا ۽ خوشي ڪن ٿا، جهڙي پنهنجي حياتيءَ ۾ اڳي ڪڏهن به ڪانه ڪئي اٿن. آءُ ڀانيان ٿو ته آءُ پاڻ به هنجهن وانگر آهيان، ۽ ساڳي ئي خدا جي خدمت ۾  مقرر ٿيل آهيان، ۽ مون کي هنجهن وانگر پنهنجي مالڪ وٽان ڳجهي طاقت مليل آهي؛ ۽ آءُ هن حياتيءَ کي ڇڏڻ ۾ ارهو نه آهيان، تنهن ڪري منهنجي خفا ٿيڻ جو خوف نه ڪريو، ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب ڀلي مون کان تيستائين سوال پڇندا رهو. جيستائين اٿينس واسين جا يارهن عملدار (قيدين تي نظر ڪندڙ) اوهان کي اجازت ڏين.

سمئس چيو ته، چڱو، آءُ توکي پنهنجي مشڪلات ڏسيندس، ۽ ڪيبيز توکي اهو ٻڌائيندو ته، ڇو هو تنهنجي گفتار تي راضي نه آهي. سقراط، آءُ ڀانيان ٿو، ۽ آءُ جيڪي چئي سگهان ٿو ته تون به ڀائيندو هوندين ته، هن حياتيءَ ۾ اهڙن مسئلن جي شناس بلڪل ڏکي ۽ شايد ٿيڻي ڳالهه آهي، تنهن هوندي به آءُ انهيءَ انسان کي بلڪل خسيس مخلوق سمجهندس جو جيڪي انهن مسئلن نسبت چيو وڃي ٿو تنهن کي هر طرح نٿو جاچي، ۽ ڪوشش ڪندو نٿو رهي، جيسين هو سوال بابت هر طرف کان جانچ ڪري نه سگهيو آهي. اسان تي فرض آهي ته هنن ٻن ڳالهين مان هڪڙي اختيار ڪريون: اسان کي هنن ڳالهين جي حقيقت سکڻ کپي، يا ته پنهنجي پاڻ ڳولا ڪرڻ کپي؛ يا جيڪڏهن ائين ڪرڻ ناممڪن آهي ته، اسان کي کپي ته انساني حڪمت جون سڀ کان عمديون ۽ مضبوط ڳالهيون قبول ڪريون، ۽ انهن جي تختي تي چڙهي حياتيءَ جي سفر جون سٽون سهون، جيڪڏهن اسان کي هن سفر ۾ وڌيڪ سلامتيءَ ۽ بچاءَ لاءِ ڪو ٻيو وڌيڪ طاقتور جهاز، ڪنهن غيبي الهام جهڙو، ملي نه سگهي ته.

۽ هاڻي، جيڪي تون چئي رهيو آهين تنهن کان پوءِ، مون کي توکان هڪڙي سوال پڇڻ ۾ شرم محسوس نه ٿيندو، ۽ پوءِ مون کي پاڻ کي ڏوهه ڏيڻو نه پوندو ته جيڪي مون کي خيال ۾ آيو سو مون نه چيو. ڪيبيز ۽ آءُ تنهنجي بحث تي تصور ڪري رهيا آهيون، ۽ اسين ڀانيون ٿا ته اهو ڪافي نه آهي.


 

36

سقراط چيو ته، منهنجا، دوست، آءُ چئي سگهان ٿو ته تون صحيح آهين. پر مون کي ٻڌاءِ ته، ڪٿي ۽ ڪهڙي هنڌ منهنجو بحث برابر/ ٺيڪ نه آهي؟

هن جواب ڏنو ته، منهنجي لاءِ اهو ڪافي نه آهي، ته اهو ساڳيو دليل هڪڙي سر، ۽ هڪڙي سرندي، ۽ سندس تارن لاءِ به ڏئي سگهبو، ائين چئي سگهبو ته هڪڙي وڄندڙ سرندي ۾ سر هڪڙي ڳجهي ۽ بي جسم، ۽ بلڪل سهڻي، ۽ مقدس شيءِ آهي، ۽ سرندو ۽ سندس تارون جسم واريون آهن، ۽ مرڪب ۽ خاڪي آهن، ۽ فاني شين جهڙيون آهن. هاڻ کڻي فرض ڪريو ته، جڏهن سرندو ڀڄي پوي ٿو ۽ تارون ڪپجي يا ڇڄي پون ٿيون، تڏهن ڪو ماڻهو، جيڪو تو دليل ڪم آندو آهي، تنهن ساڳئي تي کڻي زور ڏئي، ۽ چوي ته سر ڪڏهن به ناس نه ٿيو هوندو ۽ هو اڃان ضرور زنده هوندو، ڇو ته ائين ڪڏهن به نه هودنو ته سرندو ۽ تارون پنهنجي فاني فطرت هوندي به حيات رهن، جيتوڻيڪ اهي تارون ڀڄي پيون آهن، ۽ ”سر“ جو ساڳيئي نسل جو آهي جهڙوڪ مقدس ۽ لايموت شيون ۽ انهن وانگر ئي آهي سو ناس ٿي وڃي ۽ ناس به فاني سرندي کان اڳ ۾ ٿئي، هو چوندو ته سر پاڻ ضرور ڪنهن هنڌ اڃا حيات هوندو، ۽ جيسين ڪجهه هن کي ٿئي، تنهن کان اڳ ۾ ڪاٺ ۽ تارون چٽ ٿي وينديون ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته، سقراط، توکي ضرور خبر هوندي ته جن عناصرن مان اسان جو جسم جڙيل آهي، تن جي ميلاپ ۽ جوڙ مان ئي گهڻو ڪري روح جنم ورتو آهي، جيئن ته گرمي ۽ سردي، سوڪ ۽ آلاڻ، ۽ ٻيا عنصر جڏهن پاڻ ۾ چڱي طرح ۽ پوري انداز ۾ ملايا وڃن ٿا ته روح جنم وٺي ٿو. هاڻي جيڪڏهن روح هڪڙو سر آهي ته ائين صاف آهي، ته، جڏهن جسم حد کان وڌيڪ سست ٿئي ٿو يا بيمار يا ٻين مصيبتن سبب وڌيڪ تڪليف هيٺ اچي ٿو، تڏهن روح جيتوڻيڪ سڀ کان وڌيڪ مقدس شيءِ، ضرور يڪدم ناس ٿيڻ کپي، جيئن ٻيون اهڙي فطرت رکندڙ شيون ٿين ٿيون، ۽ جيڪي هر هڪ جسم مان بچي سو ضرور ڳچ وقت تائين سلامت رهي، جيسين ڪ اهو سڙي سڪي وڃي يا خراب ٿي وڃي. تڏهن اسين اهڙي ماڻهوءَ کي ڇا چئي سگهنداسون، جو چوي ته روح جسم جي عناصرن جي ميلاپ مان جڙيو آهي، ۽ تنهنڪري پهريائين ناس ٿئي ٿو، يعني بلڪل انهيءَ وقت جنهن کي موت سڏجي ٿو؟

 

37

سقراط، اسان کي گهوري ڏٺو، جيئن هو اڪثر ڪري ڏسندو هو، ۽ مشڪيائين. هن چيو ته، سمئس جو اعتراض واجبي آهي. جيڪڏهن اوهان مان ڪو مون کان وڌيڪ تيار آهي ته اهو ائي ڇو نه ٿو جواب ڏئي؟ ڇو ته سمئس هڪڙي زبردست حملي آور وانگر ڏسڻ ۾ ٿو اچي. پر هن کي جواب ڏيڻ کان اڳ ۾، آءُ ڀانيان ٿو ته اسان کي ٻڌڻ کپي ته ڪيبيز منهنجي بحث ۾ ڪهڙي خامي ڏٺي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح سان وقت هٿ ڪريون جنهن ۾ پنهنجي جواب تي ويهي ويچار ڪريون ۽ پوءِ، ٻنهي جي ڳالهه ٻڌڻ بعد، جيڪڏهن ڏسون ته هنن جي ڳالهه ٺهڪي ٿي اچي ته هنن جي پيش پئون، ۽ جيڪڏهن هنن جي ڳالهه برابر ڏسڻ ۾ نه اچي ته پنهنجي دليلن جي بچاءَ لاءِ بحث ڪريون. چڱو، ڪيبيز، ٻڌاءِ ته ڪهڙيءَ ڏکيائيءَ تو ۾ شڪ پيدا ڪيو آهي؟

ڪيبيز جواب ڏنو ته، آءُ توکي ٻڌائيندس آءُ ڀانيان ٿو ته مباحثو اڃا اُتي جو اُتي ئي آهي، ۽ اسان جو اڳيون اعتراض اڃا قائم آهي. تو تمام هوشياريءَ سان، ۽ جيڪڏهن ائين چوڻ ۾ تڪبر نه هجي ته، بلڪل برابري سان ڏيکاريو آهي ته اسان جا روح جسماني شڪل ۾ گهڙڻ کان اڳ حيات هئا. هن نقطي نسبت جيڪا مون قبوليت ڏني آهي، تنهن کان آءُ انڪار نٿو ڪريان. پر مون کي يقين نٿو اچي ته ڪو اهي اسان جي مرڻ پڄاڻان حيات رهندا. آءُ، سمئس جي اعتراض سان متفق راءِ نه آهيان، ته ڪو روح جسم کان وڌيڪ مضبوط ۽ جٽائدار نه آهي. آءُ ڀانيان ٿو ته ڳالهين جو هو گهڻو سرس آهي. اتي ڪو بحث وارو جواب ڏئي سگهندو ته، چڱو، تڏهين توکي اڃا شڪ آهي، جڏهين تون ڏسين ٿو ته انسان جو هيڻو ڀاڱو موت پڄاڻان حيات رهي ٿو؟ تون نٿو ڀانئين ته هن جو وڌيڪ پائدار حصو اوترو عرصو حيات رهندو؟ تنهنڪري ڏس ته جيڪي آءُ چوان ٿو تنهن ۾ ڪا معنيَ لڀي ٿي؟ آءُ ڀانيان ٿو ته آءُ، سمئس وانگر، پنهنجو مطلب رنگين زبانيءَ ۾ وڌيڪ چڱي طرح ظاهر ڪري سگندس. مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪوبه ماڻهو تنهنجي دليل جهڙو دليل ڏئي ثابت ڪري سگهي ٿو ته، ڪو ڪوري جو وڏيءَ عمر ۾ مري ٿو سو سچ پچ ناس نٿو ٿئي، پر ڪنهن نه ڪنهن هنڌ زنده رهي ٿو، انهي سبب ڪري ته جا پوشاڪ ڪوريءَ پنهنجي لاءِ اُڻي هئي ۽ جا هو پهريندو هو، سا نانس نه ٿي آهي. ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته، هو کڻي انهيءَ کان پڇي ته، انسان وڌيڪ جٽاءُ ٿو ڪري ڪين ڪو ڪپڙو جو هر وقت ڪم آيو آهي؟ ۽ جڏهين جواب مليس ٿو ته، انسان گهڻو وڌيڪ پائدار آهي، تڏهن هو کڻي ڀانئي ته مون بنان ڪنهن شڪ جي ثابت ڪيو آهي ته انسان بنهه سلامت آهي. ڇو ته جيڪي انسان کان گهڻو گهٽ عرصو باقي رهي ٿو، سو به ناس نه ٿيو آهي، پر، سمئس، آءُ ڀانيان ٿو ته ائين نه آهي، تنهنڪري جيڪي آءُ چوان ٿو تنهن کي تون به جاچ، سڀڪو سمجهي سگهي ٿو ته اهڙو دليل نسوري ناداني آهي. وري جيتوڻيڪ ائين برابر آهي ته، هن ڪوريءَ گهڻائي اهڙا لباس پنهنجي لاءِ اُڻيا ۽ انهن کي جوڙي ڦٽو ڪيائين، ۽ هو پوئين لباس کان سواءِ ٻين سڀني کان وڌيڪ عرصو زندهه رهيو، پر پوئين کان اڳ ۾ ناس ٿيو. پر ان ڳالهه هوندي به چئي سگهبو ته، انسان پنهنجي چوغي کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ يا هيڻو نه آهي. آءُ ڀانيان ٿو ته روح جو جسم سان لاڳاپو اهڙي ڪنهن نموني ۾ اظهار ڪري سگهبو. ڇو نه ڪو ماڻهو پوري واجبي طرح چئي سگهي ته انهيءَ دستور موجب روح گهڻي وقت تائين هلي ٿو، ۽ جسم ضعيف اهي ۽ گهٽ وقت هلي ٿو؟ پر، هو وڌيڪ هينءَ به چئي سگهي ٿو ته، سڀڪو روح گهڻائي جسم چوڙي ٿو، خاص ڪري، جيڪڏهن هو گهڻا سال هلي ٿو. ڇو ته جيڪڏهن بدن انسان جي حياتيءَ جي وقت ۾ ئي بي قراريءَ ۽ تباهيءَ جي حالت ۾ رهي ٿو، ۽ روح سدائين هن جي جهوني ڀاڱي کي درست ڪندو رهي ٿو، تڏهن ضرور ائين ٿيندو ته روح ناس ٿيڻ وقت، پنهنجي پوئين پوشاڪ ۾ پهريل هوندو، ۽ فقط انهيءَ کان ئي اڳ ۾ ناس ٿيندو. پر جڏهن روح ناس ٿي ويندو، تڏهن بدن پنهنجي ضعيفي ظاهر ڪندو ۽ جلدئي خراب ٿي ويندو. تنهنڪري اڃا اسان کي، هن دليل جي زور تي، يقين ڪرڻ جو حق نه آهي، ته ڪو اسان جا روح اسان جي مرڻ پڄاڻان حيات رهندا، ۽ ڪو ماڻهو کڻي هن کان به وڌيڪ ڪنهن تنهنجي دليل ڪم آڻيندڙ حمله آور وٽ قبول ڪري؛ ته اسان جا روح اسان جي ڄمڻ کان اڳ واري عرصي ۾ به حيات هئا، پر اهو به مڃي ته ڪوبه سبب نه آهي ته، ڇو نه انهن مان ڪي آئينده به حيات رهن، ۽ وري وري هستيءَ ۾ اچن، ۽ وري، اسان جي مرڻ پڄاڻان مرن، ڇو ته روح پنهنجي فطرت موجب گهڻا ئي دفعا هستيءَ ۾ اچڻ جي سگهه رکي ٿو. هو ايترو چئي سگهي ٿو، ته بنان قبول ڪرڻ جي ته انهن سڀني جنمن ۾ هن کي ڪوبه نقصان نٿو رسي، يا ڪنهن نه ڪنهن موت واري وقت هو صفا ناس ٿي نٿو وڃي؛ ۽ هو اهو به چئي سگهي ٿو ته ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اهو موت ڪڏهين ٿيندو، جڏهن روح به ناس ٿي ويندو، ڇو ته اها ڳالهه معلوم ڪرڻ انسان لاءِ ناممڪن آهي؛ پر جيڪڏهن هيءَ ڳالهه برابر آهي ته ائين انسان جي موت نسبت يقين اجايو آهي، جيسين ڪِ هو ثابت ڪري ڏيکاري ته روح بلڪل لازوال ۽ اڻ مٽ آهي- نه ته سڀ ڪنهن انسان کي جو مري ٿو انديشو رکڻو پوندو ته هن دفعي جسم کان جدا ٿيڻ سندس روح کي صفا ناس ٿيڻو پوندو.

 

38

هنن ڳالهين ٻڌڻ سان اسان سڀني ۾ گهڻي بي آرامي پيدا ٿي، جيئن پوءِ اسان هڪ ٻئي کي ٻڌايو، اڳئين بحث جي ڪري اسان کي پوري خاطري ٿي ويئي هئي؛ ۽ هاڻي هنن اسان جي خاطريءَ کي الٽو ڪري ڇڏيو، ۽ ايندڙ دليلن لاءِ، توڻي اڳئين دليلن لاءِ، اسان ۾ بي اعتباري پيدا ڪرائي ڇڏي، ۽ اسان ۾ شڪ جاڳايو ته، اسان جي فتويَ ڪهڙي ڪم جي آهي، ۽ اسان ۾ گمان اٿاريو ته، ڪٿي ڪا خاطري به حاصل ٿي سگهندي يا نه.

ايڪيڪرئٽيز-خدائن جو سنهن آهي ته، فيڊو، آءُ تنهنجي اندر جو احوال سمجهي سگهان ٿو. جڏهن تو پئي ڳالهايو، تڏهن آءُ پاڻ ڀانئڻ لڳس ته پوءِ آئنده لاءِ اسان ڪهڙي مباحثي تي اعتبار ڪري سگهنداسون؟“ سقراط جو مباحثو بلڪل يقين ڏياريندڙ هو، ۽ هاڻي اهو خاطري کان گهڻو پري پيو لڳي. ڇو ته انهيءَ ڳالهه ته، روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي تنهن سدائين منهنجي مٿان عجيب اثر پيدا ڪيو آهي، ۽ جڏهن تو انهيءَ جو ذڪر ڪيو، تڏهن مون کي يادگيري آئي ته منهنجو پاڻ انهيءَ ۾ اعتقاد هو. هاڻي مون کي وري نئين سر ڳالهه ڳڻڻي پوندي ۽ ڪو ٻيو دليل ڳولڻو پوندو، جو مون کي يقين ڏياري ته، انسان جو روح سندس موت وقت ساڻس گڏ نٿو مري. تنهنڪري آءُ توکي عرض ٿو ڪريان ته، مون کي ٻڌاءَ، ڪيئن سقراط مباحثي کي هلايو؟ هن جي منهن مان ڪي بي آراميءَ جون نشانيون ظاهر ٿيون، جيئن تون چوين ٿو ته اوهان جو ‎حال هو، يا هن سانت ۽ سڪون سان پنهنجي مباحثي جي حمايت ڪئي؟ ۽ هن، پنهنجي بحث جو خاطريءَ جهڙو بچاءُ ڪيو ڪِ نه؟ مون کي جيترو به ٿي سگهي سموري ڳالهه سربستي ٻڌاءِ.

فيڊو- ايڪڪٽرئٽيز، مون گهڻائي دفعا سقراط تي عجب کاڌو هو، پر هو اڳ ڪڏهن به مون کي اهڙو پسند نه آيو هو، جهڙو انهيءَ وقت آيو ٿي. هن جي حاضر جواب هئڻ ۾ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي؛ پر جنهن ڳالهه تي مون کي خاص طرح عجب لڳو سا هيءَ هئي: پهريون ته، هن، مڙني نوجوانن جي اعتراض کي مروت ۽ ميٺاج ۽ ادب سان ٻڌو؛ ۽ ٻيو ته، انهن جو جيڪو اثر اسان تي پيو، تنهن کي جلدائي سان جانچي ٿي ورتائين؛ ٽيون ته، عمديءَ طرح سان اسان جي زخمن تي پٽيون پئي رکيائين ۽ اسان ۾ اميد ۽ امنگ ٿي جاڳايائين، ڄڻ ته اسين ڪا جنگ هارائي ڀڄندڙ سپاهي هئاسون، ۽ هو اسان کي همٿائي رهيو هجي ته اسان سندس پويان لڳون ۽ مباحثي کي جانچيون.

ايڪيڪرئٽيز- ڪهڙي طرح؟

فيڊ- آءُ توکي ٻڌايان ٿو ته. آءُ هن جي سڄي پاسي کان کٽ ڀرسان هڪڙي اسٽول تي ويٺل هئس، ۽ هو مون کان گهڻو مٿي ويٺل هو. هو منهنجي مٿي تي هٿ ڦيرائڻ لڳو ۽ منهنجي ڳچيءَ تي پوندڙ وارن کي سهيڙي ڪري هٿ ۾ جهليائين- توکي معلوم آهي ته هو اڪثر منهنجي وارن سان راند ڪندو هو- ۽ چيائين ته، فيڊو، آءُ چئي سگهان ٿو ته سڀاڻي تون هنن سهڻن زلفن کي ڪپي ڇڏيندين.

مون جواب ڏنو ته، سقراط، آءُ به ائين ڀانيان ٿو.

جيڪڏهن منهنجي صلاح وٺين ته، ائين نه ڪجانءَ.

مون پڇيومانس ته، ائين ڇو نه ڪريان؟

هن چيو ته، تون ۽ آءُ اڄ پنهنجا وار ڪٽينداسون، پر تڏهن، جڏهن اسان جو مباحثو مري پوي ۽ اسين هن کي وري زنده ڪري نٿا سگهون ته. ۽ جيڪڏهن آءُ، تون ٿي پوان ۽ مباحثو سمجهه ۾ نه اچيم ته جيڪر آرگاس جي ماڻهن وانگر قسم کڻان ته آءُ تيستائين وڏا وار ڪين رکائيندس، جيستائين ڪِ وري جنگ جوٽي سمئس ۽ ڪيبيز جي دليلن کي نه جيتيندس.

مون جواب ڏنو ته، چوندا آهن ته، خود هرئڪليز پهلوان به ٻن جو مٽ ٿي ڪين سگهندو.

تڏهن، جيستائين اڃا روشني آيه، مون کي پنهنجي واهر لاءِ آيولاس دوست سمجهي، سڏ ڪر.

آءُ توکي پڪاريان ٿو، پر ائين به جيئن هرئڪليز، آيولاس کي سڏيو، بلڪ جيئن آيولاس، هرئڪليز کي سڏي ها.

 

39

هن جواب ڏنو ته، ڳالهه مڙيئي ساڳئي. پر پهريائين اسان کي هڪڙي غلطي ڪرڻ کان خبردار رهڻ گهرجي.

مون پڇيو ته، ڪهڙي غلطي؟

هن جواب ڏنو ته، بحث کي ڌڪارڻ واري غلطي، جيئن ماڻهو ترش مزاج ٿي پوندا آهن، ڇو ته بحث کي ڌڪارڻ اسان لاءِ سڀ کان وڏي مصيبت آهي. بحث لاءِ حقارت ۽ ترش مزاجي ساڳين سببن مان پيدا ٿينديون آهن. پوئين ڳالهه تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ بيحد بيواجبي اعتقاد رکيو ويندو آهي، جنهن کي سندس دوست ڀائيندو آهي ته بلڪل سچار، صادق، ۽ اعتبار جوڳو آهي، ۽ جڏهن ته جلدئي پوءِ ظاهر ٿيندو آهي ته هو خراب ماڻهو آهي ۽ اعتبار جو لائق بلڪل ڪين آهي. ائين وري وري ٿيندو آهي، ۽ جڏهن ڪنهن ماڻهو کي هي تجربو گهڻا دفعا ٿيندو آهي، خاص ڪري انهن جي هٿان جن لاءِ هو ڀائيندو آهي ته سندس سڀ کان ويجها ۽ پيارا دوست آهن، ۽ جڏهن هو اهڙن گهڻگهرن سان تڪرار ڪري ويهندو آهي، ته پوءِ هو سڀ ڪنهن انسان کي ڌڪاريندو آهي ۽ ڀائيندو آهي ته انهن مان ڪنهن ۾ به شرافت نه آهي. تو ائين ٿيندي ڪين ڏٺو آهي؟

مون چيو ته، هائو، تحقيق.

هن چيو ته، اها ڳالهه خواري جهڙي ڪين آهي؟ ۽ اهو ثابت ڪين آهي ته اهڙو ماڻهو انساني فطرت سمجهڻ سواءِ انسانن سان رغبت رکڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. جيڪڏهن هن انساني فطرت سمجهي هجي ها ته جيڪر هو ڄاڻي ها ته، حقيقت ۾ چڱا ۽ خراب انسان بلڪل ٿورا آهن، ۽ انسانن جو وڏو تعداد نڪي چڱو آهي ۽ نه ئي خراب.

مون پڇيو ته، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟

هن جواب ڏنو ته، بس ايترو جيڪي برابر آهي بنهه وڏين ۽ بنهه ننڍين شين جي نسبت سان. تنهن کان ڪا وڌيڪ عجيب ڳالهه تڏهن ليکبي آهي، جڏهن اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ڪو ماڻهو يا ڪتو، يا ڪا ٻي شيءِ جا يا ته بنهه وڏي هوندي آهي يا بنهه ننڍي هوندي آهي؟ يا وري، اڃان به اڻلڀ ڳالهه اها هوندي آهي، جڏهن ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ڪو ماڻهو بنهه تکو يا ڍرو آهي، يا بنهه ڪميڻو يا بنهه محترم آهي، يا وري بنهه ڪارو يا بنهه اڇو آهي، تو نه ڏٺو آهي ته، انهن سڀني حالتن ۾ نهايت درجي واريون شيون اڻلڀ ۽ ٿوريون هونديون آهن، ۽ رواجي درجي واريون جام ۽ گهڻيون هونديون آهن؟

مون جواب ڏنو ته، هائو، تحقيق.

هن جواب ڏنو ته، ۽ ساڳئي طرح، جيڪڏهن گنهگارن ۾ مقابلو ٿئي ته، تون نٿو ڀائين ته ڏسڻ ۾ ايندو ته سخت گنهگار ڪي ٿورا آهن؟

مون چيو ته، شايد ائين ئي ٿيندو.

هن جواب ڏنو ته، هائو، ائين ئي ٿيندو، پر هي نقطو نه آهي جنهن ۾ دليل ماڻهن جي مثل آهن. توئي هن نقطي جي بحث تي مون کي آندو آهي. تمثيل هيءَ آهي جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مباحثي کي سچو ليکي ٿو، جيتوڻيڪ مباحثي جي فن کان غير واقف آهي، ۽ پوءِ سگهوئي، برابر يا غلط طرح، ڀانئي ٿو ته اهو صحيح نه آهي، ۽ جڏهن هن سان هر هر ائين ٿئي ٿو، تڏهينهو نيٺ مباحثي ۾ اعتبار رکڻ بلڪل ڇڏي ڏئي ٿو. توکي خبر آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجو وقت بحث ڪرڻ ۾ صرف ڪندا آهن. سي نيٺ سمجهندا آهن ته، هو سڀني ماڻهن کان وڌيڪ عقلمند آهن، ۽ هو ڀائيندا آهن ته فقط هنن ئي لڌو آهي ته ڪٿي به، مباحثي ۾ يا شين ۾ درستي يا خاطري ڪانهي. ۽ هر هستي، يوريپس جي وهڪرن وانگر، سدائين ڦير گهير جي حالت ۾ آهي، ۽ ڪڏهن به ڪا گهڙي ماٺ ۾ نه ٿي رهي.

مون جواب ڏنو ته، هائو، اها ڳالهه بلڪل برابر آهي.

هن چيو ته، فيڊو، ۽ جيڪڏهين ڪو مباحثي جو طريقو اهڙوهجي جو سچو هجي، ۽ خاطري ڏياريندڙ به هجي، ۽ جو اسان جو ضمير سمجهي به سگهي، ته پوءِ وڏي ڏک جي ڳالهه نه ٿيندي، جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جنهن جي سامهون ڪي دليل آيا آهن جي هڪڙي وقت هن کي سچا نظر آيا ۽ ٻئي وقت غلط، سو نيٺ قلب جي ڪڙائي وچان سڀ ڏوهه، پنهنجي مٿان ۽ پنهنجي ناسمجهيءَ مٿان رکڻ بدران، مباحثي تي رکي، ۽ پنهنجي بچيل حياتي مباحثي کي ڌڪارڻ ۽ هن جي شڪايت ڪرڻ ۾ صرف ڪري، ۽ حق ۽ حقيقت جو علم وڃائي ويهي.

مون ورندي ڏني ته، تحقيق، اها ڳالهه وڏي ڏک جهڙي ٿيندي.

 

40

هن چيو ته، تڏهن پهريائين اسان کي خبر ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهو خيال اسان جي اندر ۾ نه پيهي وڃي ته سڄو مباحثو گهڻو ڪري ٺيڪ نه آهي. ان جي بدران اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسين پاڻ اڃا نادرست آهيون. ۽ اسان کي مردن وانگر چاهه سان درست ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. منهنجا دوستو، توهان کي اها ڪوشش پنهنجي ايندڙ سموريءَ حياتيءَ جي ڪري ڪرڻ گهرجي، ۽ مون کي پنهنجي موت جي ڪري، ڇو ته مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته هن وقت آءُ موت ڏانهن فيلسوف وانگر نهاري نٿو سگهان؛ آءُ هن وقت تڪرار ڪرڻ جي حالت ۾ آهيان، انهن اڻ پڙهيلن ماڻهن وانگر جيڪي جنهن سوال نسبت بحث ڪندا آهن ته انهيءَ جي درستيءَ ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏيندا آهن، بلڪه بحث هلندي رڳو اهو خيال هوندو اٿن ته ٻڌندڙن کي هائو ڪرائجي ته هو درست آهن. ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته اڄ آءُ انهن کان فقدط هڪڙي ڳالهه ۾ علحدو يا الڳ آهيان. يعني پنهنجن ٻڌندڙن کي هائو ڪرائڻ ۾ ته آءُ درست آهيان، سو تنهنجو آءُ خيال ڪونه ڪندس، بحث هلندي ائين ٿيو ته واهه، نه ته ٺهيو؛ پر پاڻ کي انهيءَ ڳالهه تي آڻڻ جو سچ پچ مون کي وڏو ويچار آهي. ڇو ته ڏسو، پيارا دوستو، منهنجو مباحثو ڪهڙو نه خود مطلبيءَ تي بيٺل آهي. جيڪڏهن جيڪي آءُ چوان ٿو سو درست آهي، تڏهن ته لٿي پٿي مرڻ کان اڳ واري مدي ۾ واويلا نه ڪرڻ سان، آءُ ٻيهر پنهنجن دوستن کي گهٽ اهنج رسائيندس. ۽ بي خبري سدائين لاءِ ڪين هلندي- جي ائين هجي ها ته وڏي مصيبت ٿئي ها- اها جلد ختم ٿي ويندي. هن چيو ته، سمئس ۽ ڪيبيز، آءُ مباحثي ڏانهن ٻيهر اچان ٿو. ۽ اوهين جيڪڏهن منهنجي صلاح وٺو ته، سقراط جو خيال نه ڪجو، پر حق ڏانهن ڌيان ڏجو؛ ۽ اوهين مون سان متفق راءِ تڏهن ٿجو، جڏهن سمجهو ته جيڪي ڪجهه آءُ چوان ٿو سو درست آهي؛ نه ته اوهان وٽ جيڪو به دليل هجي تنهن سان منهنجي سامهون ٿجو؛ ۽ خبردار رهجو ته، متان آءُ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جي فڪر ڪري، اوهان کي ۽ پاڻ کي ٺڳيان، ۽ ڏينڀوءَ وانگر پوئتي فقط ڏنگ ڇڏي هليو وڃان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org