سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :3

ó

حُسن جي بنده پروري آهي،
منهنجي دنيا ۾ روشني آهي.

 

تنهنجي اکيون ڇو آليون آهن،
مون ته هٿ تي چمي ڏني آهي.

 

خوش رهو اي حَسين انسانو!
هِت به جنت ٺهي پئي آهي.
 

منهنجي بربادين تي تو نه رُنو،
هونئن ته دنيا سڄي رُني آهي.

 

ڪو ته آهي چمن ۾ اڄ مُرڪيو،
من جي مکڙي ٽڙي پئي آهي.

 

دل جي نادانين تي کِل نه ’وفا‘!
دل ازل کان وٺي چري آهي.

 

ó

 

ó

ظُلم ۽ ڪفر سان لڙائي آ،
منهنجي هر سوچ ڪربلائي آ.

 

تنهنجي فطرت ۾ منهنجي مجبوري،
ڄڻ جهنم ۾ پارسائي آ.

 

دشمني، دوستيءَ کان مخلص آ،
مون ته هر وار آزمائي آ.

 

مون سان گڏجي رهين يا دُور هُجين،
هاڻ هر حال ۾ جُدائي آ.

 

منهنجي ترديد تي رُئلڻ وارا!
تنهنجي تجديد جي ڀَلائي آ.

 

پاڻ کي ٿو ’وفا‘ خدا سمجهان،
ڪيتري قدر هيکلائي آ.

 

ó

 

ó

ٿَڌِي ڪَرِ نه بُسري، ڪهاڙي نه ڪَٽِ،
محبت جي غيرت! ارادا نه مَٽِ.

 

نه عاصين تي رحمت جو ڇڻڪارُ ڪر،
الاهي! ثوابن جون پاڙون نه پَٽِ.

 

ڀلي ڌوڙ پئي پاءِ دنيا! مگر،
اسان جي اُميدن جا لاشا نه لَٽِ!

 

سدائين هوا جي ڪُلهن تي سوار،
حَسينن جا انجامَ واري جي وَٽِ.

 

انڌيرن ۾ ٿاٻا محبت جهلي،
سڙي وئي ’وفا‘ جي چراغن جي وَٽِ!

 

ó

 

ó

هاڙهه هوندا، يا سيارا هوندا،
هاڻ ڳوڙهن تي گذارا هوندا.

 

سي ته ماڻهو به فرشتا چئبا،
توکي جي پاڻ کان پيارا هوندا.

 

رَيتِ جي ڍير تي رُئندڙ ڪڪري!
کوڙ انسان اڃارا هوندا.

 

تنهنجي نيڻن جي افق مان جي ٽُٽا،
منهنجي قسمت جا ستارا هوندا.

 

تنهنجي وارن جي وَرن جو سوڳنڌُ،
هاڻ هر موڙ تي ڍارا هوندا!

 

ناخدائن کان بچي ويو هين ’وفا‘!
تنهنجي قسمت ۾ ڪِنارا هُوندا.

 

ó

 

ó

سِينڌ تُنهنجي جو لَٽي ويو آهي،
هانءُ منهنجو به پَٽي ويو آهي.

 

عشق ٿيو آهه جڏهن ڀي مجبور،
جڳَ کان هر راند کَٽي ويو آهي.

 

حُسن جا ويڻَ، جوانيءَ جي ميارَ،
ضبطُ سينو ئي ڦٽي ويو آهي.

 

تنهنجي زلفن جو بهشتي پاڇو،
منهنجي هر سوچ مَٽي ويو آهي.

 

پاڻ تي ڌوڙ وسائڻ وارو،
تنهنجا پيرا به چَٽي ويو آهي.

 

توکي آيو آ تڏهن دل جو خيالُ،
غم جڏهن موڙ ڪَٽي ويو آهي.

 

پيار جي هٿ مان ’وفا‘ جو ڳيرو،
وقت جو بازُ جَهٽي ويو آهي!

 

ó

 

ó

يا چهرن تي پردا وَرائي ڇڏيو،
يا منهنجي نظر کي مَڃائي ڇڏيو.

 

سويرن جي تائيد جا دشمنو!
مون کي گولين سان اُڏائي ڇڏيو.

 

جي چاهيو ته مخمور اکيون کڻي،
زمين آسمان سان ملائي ڇڏيو.

 

نه پيرن اگهاڙا گهُمو باغ ۾.
متان ڪنهن جا جذبات گهائي ڇڏيو.

 

بهارن جي ڪهڙي ٿا موسم پُڇو،
جڏهن ڀي اوهان مُسڪرائي ڇڏيو.

 

’وفا‘! موت جي ڇا تقاضا ڪبي،
جڏهن زندگيءَ ئي وڄائي ڇڏيو.

 

ó

 

ó

تو جي مُرڪِي مُرڪِي منهنجا، رئندڙ چاڪَ چِڪايا هوندا،
روئي روئي مون ڀي تنهنجا، دل تي پاند پُسايا هوندا.

 

لڙڪن جو هر واهه ته ڏيئي بُل ٽپي ويو آهين ليڪن،
هاڻي تنهنجي وک وک سامهون، ساگر سَرسُ سوايا هوندا.

 

سُهڻا! تنهنجي سينڌ جي سامهون، پيارا تنهنجي سينڌ جي سڏ تي،
ڪوڙين ڪنڌ جهُڪي ويا هوندا، لکن ڪنڌَ ڪپايا هوندا.

 

تنهنجا ويڙهه ڏٺا جي هوندا، منهنجي هٿ ۾ منهنجي يارن،
تو به ته ساهيڙين جي سامهون، پنهنجا وارَ سُڪايا هوندا.

 

پنهنجي سورهين سالگرهه تي، توکي ڪهڙي گهُرج ’وفا‘ جي،
تووٽ لک مون جهڙا ايندا، لک مون پارا آيا هوندا.

 

ó

 

ó

رخسارن کي ڏاڙهون چئبو، اکيون ڀي پيمانا چئبا،
جيتر ساههُ سريءَ ۾ آهي، تنهنجا ئي افسانا چئبا.

 

اوتي ڪو نه سگهيا جي ڪنهن جي خشڪ نڙيءَ ۾ پيار جو پاڻي،
کوکِليون سي دليون سڏبيون سي مَنَ ڪانگڙ ڪانا چئبا.

 

تنهنجي جسم جي گرمائش تي، بڻجي ميڻ رجي ويا آهن،
کُٽڪا ڀي ڪي چَريا آهن، جذبا ڀي ديوانا چئبا.

 

جَن ۾ لڙڪ نه آهن منهنجا، جَن ۾ تنهنجا ٽهڪ نه آهن،
سي دريا ڀي آهن رڻ پٽ، سي گلشن ويرانا چئبا.

 

ميڻ بتي جيان رات سموري هيکل رجندي رهندي آهين،
تنهنجي ڳوٺ جا ڳاهڙا ڳڀرو ڀي ڪوڙا پروانا چئبا!

 

ó

 

ó

جيسين جڳ ۾ جيئرا رهندا، تو مون جهڙا ماڻهو،
محمل محمل ماڻهو هوندا، صحرا صحرا ماڻهو.

 

ڪچيءَ ڀت سان ٽيڪ ڏئي اي! رُئندڙ ڦوهه – جواني،
توکي ڪيڏا سور ڏئي ويا تنهنجا پنهنجا ماڻهو.

 

مون کي راڻو چوندا توکي منهنجي مومل،
تنهنجي منهنجي ڳوٺ جا آهن ڏاڍا چريا ماڻهو.

 

رُڃ سان ڪاٿي اُڃ لهي ٿي خشڪ چپن جي پيارا!
توسان ڪهڙا درد ونڊيندا، پاڇا پاڇا ماڻهو.

 

رُوپ جواني، اڻ – جهل جذبا، سانوڻ جون برساتيون،
پٿر پٿر ماڻهو آهن، تنها تنها ماڻهو!

 

مان سڀ ڪجهه سمجهان – ڄاڻان، تون ڀي ٻار نه آهين،
ڪيڏا بي حِس آهن تنهنجي، منهنجي گهر جا ماڻهو.

 

راتِ پکيڙي ڇڏيا آهن، تاج محل تي ڪاڪُل،
ڪارا ڪارا بُرقعا آهن، ڀورا ڀورا ماڻهو.

 

نيڻ شرابي، مست جوانيون، انگ انگ ۾ خوشبو،
ڪنهنجي ڪنهنجي ڀاڳ ۾ هوندا، اهڙا سهڻا ماڻهو.

 

ó

 

ó

ساري پاڙي جي سهيلي آهي،
تنهنجي دل پو به اڪيلي آهي.

 

منهنجي دل آهه ڪبوتر ڪارو،
تنهنجي اکِ ڄڻ ته گُليلي آهي.

 

منهنجي ڳوڙهن جو ڀلا وسُ ڪهڙو؟
تنهنجي ڇاتِي ئي ٿريلي آهي.

 

روز لُٽجن ٿيون نيون اميدون،
دل وڏيري جي حويلي آهي.

 

آءٌ حالات جي مُنهن ۾ آهيان،
شينهن جي وات ۾ ڇيلي آهي.

 

ڳوٺَ جنهن ۾ تون رهين ٿو، هي ’وفا‘-
ان سڄي ڳوٺ جو ٻيلي آهي.

 

ó

 

ó

مان ۽ اوسيئڙا، سائين!
تنهنجي دل منهنجا سائين!

 

دنيا، دنيا ٿي ويندي،
دنيا، دنيا آ سائين!

 

بر-ٿر، جل – ٿل نيٺ ڪندا،
اکين جا دريا سائين!

 

سياڻو ٿي، مُشڪل ملندءِ –
مون جهڙا چَريا، سائين!

 

کِلُ نه، اڃا تازا آهن،
زخمن جا ٽاڪا، سائين!

 

نظرن سان نيلام نه ڪر،
دلين جا سودا سائين!

 

اڇلي ڇڏيا راهبرن،
رستن تي ڪاوا، سائين!

 

سنڌڙيءَ کان سستا آهن،
سوريءَ جا جهٽڪا، سائين!

 

ó

 

ó

سنڌڙيءَ سُورَ اِلاهي ڙي!
ڏيندا ڏيهه گواهي ڙي!

 

ڪاٿي منزل، ڪاٿي ماڳ،
ڪاٿي پٽبي ساهي ڙي!

 

شينهنِ وانگر جاڳي پيا،
سِنڌڙي تنهنجا واهي ڙي!

 

گوڏا کوڙي ڪيئن وِهندا،
هر منزل جا راهي ڙي!

 

دنيا! پنهنجو ڪوڙ سنڀال،
پنهنجو ورثو ڦاهي ڙي!

 

جاڳو، ٻيلي مُڙس ٿيو،
مانجهي، پانڌي، گاهي ڙي!

 

ڪونه ڇڏيندو سنڌُ ’وفا‘،
ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي!

 

ó

 

ó

ڀيليو ڇو ٿا گاههُ ته ناهيان!
نرم سهي، بي ساهه ته ناهيان.

 

ايڏو ڇو ٿا ڇرڪو مون کان،
دوزخ جو آڙاهه ته ناهيان.

 

نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان،
آدم هان، الله ته ناهيان،

 

قيد ٿيان سوني پڃري ۾!
لوڀيءَ جو ويساهه ته ناهيان.

 

ڇو ٿا مون کي ڦاسيءَ چاڙهيو،
ايڏو حق – آگاهه ته ناهيان.

 

منهنجو مذهب پيار، محبت،
ڏسجو: مان گمراهه ته ناهيان!؟

 

آکيرن مان ساسي ٽاهيان،
مان ماريءَ جو ٽاهه ته ناهيان.

 

نوٽن تي ڪيئن نينهن نچايان،
مان نچڻيءَ جو چاهه ته ناهيان.

 

ڪيئن آباد ڪيان ٿر، ڪاڇو،
آءٌ ’وفا‘! درياهه ته ناهيان.

 

ó

 

ó

ڪير مُئو تلوار کي ڇاهي،
ڪير بچو، سرڪار کي ڇاهي!

 

حرفُ مسيحائيءَ تي ايندو،
صدين جي بيمار کي ڇاهي!

 

تون ئي ڪانگَ اڏائيندين پيو،
پرديسيءَ جي پيار کي ڇاهي!

 

دوزخ ۾ ڀي ماڻهو آهن،
جنت جي ٿڌڪار کي ڇاهي!

 

جهڙي مومل، تهڙي سُومل،
هرجائيءَ جي پيار کي ڇاهي!

 

گهاڻو، آرو، ڦاسي، گولي،
ظالم جي معيار کي ڇاهي!

 

صرف ’وفا‘ گهرجي چاهت کي،
ورنه ڪنهن ڪِردار کي ڇاهي!

 

ó

 

ó

سڄي جهان جا جهندا کڻي بلند هئا.
مگر صلب تي تنهنجا نيازمند هئا!

 

هڻي ويو هو نڙيءَ ۾ ڪو چَڪُ ننڊ پئي،
اکيون کُليون ته ڏٺم دوستيءَ جا ڏند هئا!

 

سگهيس ڇڏائي نه ڪنڊن کان پنهنجي دامن کي،
گُلن جا رنگ مون کي ڪاٿي ناپسند هئا.

 

اسان جو عشق ته چريو هو، ٿي ويو برباد،
اوهان جي حُسن جا جلوا ته هوشمند هئا.

 

ڪيائون دشمني، پر دوستي جي پردي ۾،
عجيب قسم جا يارن جا ڦير – ڦند هئا.

 

سمورو شهر رُنو ٿي اُداس سانوڻ جان،
نِبارُ
(1) لڙڪ انهن ۾ ’وفا‘! ڪي چند هئا!

 

ó


 

(1)  نِبار: خالص، نج

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org