سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :9

ó

رزاق تون، ڪمايان مان،
ٻي ڪهڙي ڌوڙ پايان مان!

 

ماڻهو ٿي، آءٌ ماڻهوءَ تي –
بندوق ڪيئن هلايان مان.

 

تون منهنجو لُڙڪ لُڙڪ آهين،
چشمن تي ڪيئن نه چايان مان.

 

دنيا سڄي اگهاڙي آ،
توکي ڪِٿي لِڪايان مان؟

 

ڪهڙي نه زندگي آهي،
روئي پيو کِلايان مان!

 

خود پئجي امتحانن ۾،
توکي ٿو آزمايان مان.

 

اِسلام جي بقا آهي،
ڇو ڪفر کي مِٽايان مان.

 

هر ڪو ’وفا‘ مان ڪَڪِ آهي،
ڪهڙا ڳڻي ٻڌايان مان.
ó

 

ó

ظلم کي نارَوا نٿو سمجهين،
ڄڻ خدا کي خدا نٿو سمجهين.

 

ڪيترو پيار کان پري آهين،
منهنجي ڪا ڀي ادا نٿو سمجهين.

 

هوندين لقمان، پر زماني لئه!
منهنجي دک جي دوا نٿو سمجهين.

 

صرف سمجهڻ نه ٿو گهُرين شايد،
ورنه ماڻهو آن، ڇا نٿو سمجهين!

 

تون جهنم ۾ خوش، نه جنت ۾،
ڪا به آب و هوا نٿو سمجهين.

 

هيءُ ته سمجهين سخا ضروري آ،
ڪيئن ڪبي آ سخا، نٿو سمجهين.

 

ڄڻ ته ماڻهو نه آهين، صحرا آن،
جو ’وفا‘ جي صدا نٿو سمجهين.
ó

 

ó

تُنهنجي چهري تان جو نقاب لٿو،
اڀريو مَسَ هو آفتاب، لٿو.

امن ۽ آشتيءَ جو داعي هو،
جو صحيفو ۽ جو ڪتاب لٿو.

مون تي نازل عذاب/ڪربَ ٿيا،
تو مٿان حسن ۽ شباب لٿو.

عيش عِشرت لٿو حسين لئه،
عاشقن لئه ڇُري، قصاب لٿو.

 

ائين ڪو ماڙيءَ تان جهوپڙيءَ ڏي لٿو،
جيئن جهرڪيءَ جي ڪَڍَ عقاب لٿو.

 

صرف مظلوم ۽ غريب مٿان.
هر پڇاڻو ۽ احساب لٿو.

 

نيڪ ۽ بد جي ’وفا‘! تميز لٿي،
ڪو گنهه ۽ نه ڪو ثواب لٿو.
ó

 

ó

اڪيلو پيو برف وانگر ڳرين ٿو،
ملڻ جي تڏهن ڀي نه ڪوشش ڪرين ٿو.

 

تون خود پنهنجي رستي جي ديوار آهين،
نه اڳتي وڌين ٿو، نه پٺتي ورين ٿو.

 

چيومانس: ”ايذاءُ آ عشق تنهنجو“
چيائين: ”مون کي ڇا، ڪرين ٿو – ڀرين ٿو؟“.

 

بدن کي نه سينگار ماڻهن جي خاطر،
اکيون پَٽ! ٺهڻ جي بهاني کرين ٿو.

 

تون لاڙي نه آهين، ٿري آهين شايد،
نه تانگهو ترين ٿو، نه اونهو ترين ٿو.

 

الئه ايترو حُسن ڪنهن کان وتو ٿئي،
سراپا صنم! بلب وانگر ٻرين ٿو.

 

جهنم رسيد آهين ان جي بدولت،
’وفا‘ جنهن جي نالي وٺڻ سان ٺرين ٿو.
ó

 

ó

هُن کي هر هر مون آزمايو هو،
کيس پنهنجو ڪرڻ اجايو هو.

 

قاتلن، مقتلن کان ساک وٺو،
مون جهُڪايو نه، سر ڪَپايو هو.

 

ان کي لڙڪن ۾ مون تلاش ڪيو،
جنهن کي ٽهڪن ۾ مون وڃايو هو.

 

لڙڪ بنجي وَهي ويو ڳل تان،
جنهن کي اکين ۾ مون لِڪايو هو.

 

زندگي ڀر مون جنهن جو ورد ڪيو،
منهنجي مَيت تي ڀي نه آيو هو.

 

تنهن ڪري ويون اباڻي جُوءِ ڇڏي،
هرڻين کي ڪُتَن تپايو هو.

 

پنهنجي سيني تي تير تير جهَلي،
مون ’وفا‘! پيار کي بچايو هو.
ó

 

ó

لڇڻن کان انڪاري هو،
چمڙي جو واپاري هو.

 

جنهن سان وِچڙيو ڪو نه بچيو،
ٽي – بيءَ جي بيماري هو.

 

ٻيلي اهڙو وڍ پيو،
وڻ وڻ ٽاري ٽاري هو.

 

ڏاهو ماڻهو ڪو نه ڏٺم،
ڪو حافظ، ڪو قاري هو.

 

عملن جي زنجيرن ۾،
جڪڙيل نورِي ناري هو.

 

لَپ ۾ داڻا، ڪڇ ۾ ڪانُ،
مارڻ جهڙو ماري هو.

 

هيٺان – مٿان ماڻهن سَٿ،
ٻهراڙيءَ جي لاري هو!

 

شاديءَ کان پو شوخ ’وفا‘!
چادر – چوديواري هو.
ó

 

ó

سختين ۾ هر سچو آهي،
سچ ڳالهائڻ ڏچو آهي.

 

نفرت!؟ وڃو، وڃو، ڪانهي،
الفت!؟ اچو، اچو آهي.

 

زر سڀ ماڻهو ماري ڇڏيا،
ڪو به نه ڪنهن جو بچو آهي!

 

رتَوڇاڻ لڳا پيا آهيون،
شاهد ٻچو – ٻچو آهي.

 

هٿ جو چرچو ڪو نه سهي ٿو،
چُوڙيءَ وانگر ڪچو آهي.
ó

 

ó

عشق مجازي،
عورت سازي.

 

موٽڻ مهڻو،
ٻَڌ نه غَازي.

 

مُنهن مُونن ۾،
دست – درازي،

 

جهڙ ڦر، ماڻهو،
تِرڪڻ بازي.

 

بي انصافي،
نوٽ – نوازي.

 

سچ کي گاريون،

ڪُوڙ – طرازي.

 

شيش محل ۾،
پٿر – بازي!

 

پيار بُتن سان،
نيڪ–نمازي!!

 

مَرڪ ’وفا‘جو،
سر جي بازي.

ó

 

ó

ويهِي ڪَلَرَ جيئن منهنجي پاڙ ۾،
هاڻ ڪنهن ٻُوٽي جي آهين تاڙ ۾؟

 

صرف ڪَمُ ناهي هٿوڙين جوصرافَ!
فن به گهرجي زيورن جي گهاڙ ۾.

 

جهوپڙيءَ ۾ جسم سوچيندو رهيو،
روحُ بُل کائي ڪِريو چو – ماڙ ۾.

 

ذات پنهنجيءَ ۾ چتائي جو ڏٺم،
منهنجو خنجر زن هو منهنجي آڙ ۾.

 

آخرش آب و هوا ثابت ڪيو،
فرق جيڪو آ، اُتر ۽ لاڙ ۾.

 

نڪُ ۽ ڪَنَ ڪير ٽوپائي’وفا‘!
سون ۽ چاندي وڃي پَئي ڀاڙ ۾.

 

ó

ó

دريا تي وَسن بادل، صحرا ۾ لڳن جهولا،
ڪيڏيون نه ننڍيون سوچون، ڪيڏا نه وڏا ڀولا.

 

ڏاڙهن جي مٿان چوليون، چولين جي مٿان چولا،
ڏَسِ ڪيئن، دوائن جي بيمار ڪندا ڳولا.

 

شَههَ رڳَ جي قريب آهي هي سوچ عجيب آهي،
ادراڪ جا مونجهارا پُڻ ڇاڻ سندا رولا.

 

”ڪمدار! اسان واري بندوق ڀري اچجان،
سُهڻا ٿا وڃن ڪڏندا هرڻين جان ڪيون ٽولا.“

 

مون علم جي پٿر کي آ پيٽ سان چنبڙايو،
توکان نه مِلي ماني، مون کان نه کتا ڇولا!

 

ڪيئن پيٽ مداريءَ کي بازر ۾ وٺي آيو،
ڪيئن ميڙ ۾ ماڻهن جي بُک تي ٿا نچن ڀولا.

 

جو سونُ ’وفا‘! چمڪيو سورج جي شعاعن تي،
سو ٿي ويو صرافن ۾، ماسا ۽ رتيون، تولا!
ó

 

ó

ڪوئي جلوو، نه ”طور“ حاصل آ،
شوقِ موسيٰ ضرور حاصل آ.

 

عِشق جي منفرد مقامن جي،
تجربن تي عبور حاصل آ.

 

تنهنجي نيڻن جو ماحصل آهي،
جو نشو، جو سُرور حاصل آ.

 

هيتري عشقيه حياتيءَ ۾،ـ
صرف ۽ صرف سور حاصل آ.

 

توکان وڇڙڻ کان پوءِ ڪيئن ڪندي،
زندگيءَ کي شعور حاصل آ،

 

ساري دنيا جي دوستيءَ ۾ ’وفا‘!
قُرب ڪونهي، ڪَلور حاصل آ.
ó

 

ó

جو به سيٽ ٿي ويو،
تيل – ميٽ ٿي ويو.

 

اڳ ۾ ڏيئي باهه، پو -
گاسليٽ ٿي ويو.

 

چُپ جا در، دريون ڀڃي،
مين گيٽ ٿي ويو.

 

مان بلند هوس پر -
پست پيٽ ٿي ويو.

 

ڪنهن کان ڪنهن کان بم کسيون،
جڳ ئي جيٽ ٿي ويو!
ó

 

ó

بحث ئي فضول آهي،
شاعر رسول آهي.

 

جو سچَ کي کِلائي،
سو غم قبول آهي.

 

انسانيت جو اونو،
بهتر اصول آهي.

 

سنجيدگيءَ جو مون تي،
اڄڪلهه نزول آهي.

 

افسوس! ماڻهپي تي،
ماڻهو ملول آهي.

 

شربت جي بوتلن ۾،
وِههَ جو حلول
(1) آهي!
ó

ó

ڀرئي ڀنڀور مان هڪڙو پنهل ڏي،
يا ان جو ڪو ٻيو نعم البدل ڏي.

 

جڏهن کان سانورو مُنهڙو مَٽي ويو،
رهي مائل ٿو مَنُ منهنجو ڪنول ڏي.

 

رهيس مسرور پنهنجي جهوپڙيءَ ۾،
نِهاريو مون نه ڪنهن ماڙي، محل ڏي.

 

مُحبت ڇا به آ، پر پيٽ ناهي،
نه سوچڻ جو مُحبت کي خلل ڏي.

 

مون کي تنهنجي اکين سان اُنس آهي،
ڪو دل کي زخم ڏي، سيني کي سَل ڏي!

 

نه پُڇ ڪنهن کان ’وفا‘! ناموس نالو،
فقط نيت کي ڏِس، نيت جو ڦل ڏي.
ó

 

ó

هر اشارو سلام جهڙو آ،
هن جو جسم ئي ڪلام جهڙو آ.

 

چشمِ اِنسانيت ۾ آقا ڀي،
دين جو سُنهن، غلام جهڙو آ.

 

جو زير – زور سان ٿِئي حاصل،
سو حلال ئي حرام جهڙو آ.

 

جيترو ٿي سگهي بچو هِن کان،
لوڀ، لالچ جذام جهڙو آ.

 

ڇو ٿا شاعر کي ايڏو گهٽ سمجهو،
هُو ته اعليٰ مقام جهڙو آ.

 

جو اچي ٿو ٽُٻي هنيون ٿو وڃي،
هُو عوامي حمام جهڙو آ.

 

يار آهن ’وفا‘! سياستدان،
منهنجو سڀ ڪجهه عوام جهڙو آ.
ó


 

(1)  حلول: ڳار، ڳري يا حل ٿي وڃڻ

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org