سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا

آثم ناٿن شاه

صفحو :8

هــائــيــڪــا

 

ها! پر ڪنهن جي ڪاڻ،
وڻجارا! آندءِ هـِـتي-
ساڻُ کڻي سرهاڻ؟

 

*

دنيا ۾ ڀـُـونچال(1) ،
ڌرتي! تنهنجي پيٽ ۾-
ايٽم- استعمال!
*

ڪيڏو ٻارُ شريرُ:
تـِـيسو(2) هرهڪ ڳالهه تي-
ڪاوڙِ هاريو کيرُ!
*

ڪـُـڙميءَ سان هيءَ ڪار(3)!
هـُـن جي پوکيل پوکَ کي-
کائي ويٺي جهارِ!!
*

ڪـُـڙميءَ ساڻ ڪلورُ(4)،
نانگ نپوڙيو ٿو ڇڏي-
جهرڪين کان مجبورُ!
*

ڪـُـڙميءَ ڪهڙا ڀاڳَ؟
ڌَنُ بڻائي ڌوڙ مان-
ميڙي ويٺو ڊاڳَ!

 

*

ڪـُـڙميءَ ڪهڙو حال،
داڻا(1) دنيا واسطي-
پنهنجي لاءِ پـَـلالُ!
*

هيڏو- سارو سيءُ،
ٻاهر بوتو(2) برف جو-
اندرِ کـُـورو جيءُ!
*

بارش: چـِـگدو(3) - چـِـڪَ،
ٻاهر پيو پارو ڄـَـمـِـي-
اندر، پـَـگهـِـري سـِـڪَ!
*

مٺڙي سـُـرَ ۾ سـِـينڍَ(4) ،
ويٺو ڏِئي ڪو مـَـامَ ۾-
ڪنهن ناريءَ کي نينڍَ(5) !
*

سائيڪل تي سوارُ،
ماڻهو نڪتو آ، ڪرڻ-
طوطن جو واپارُ!

 

*

ڪيڏي اَمڙيءَ(1) ڳـَـڻَ،
گهرِ ٻـَـچڙي کي بـُـک لڳي-
ڏوُرِ سـَـڱويس(2) ٿڻَ!
*

هي ميلا، هي ميڙَ،
سهرا ڳائڻُ سنڌُ جا-
يارَن جي آ چيڙَ!
*

جوئر جا ٽي سنگَ،
تن کي ڀي ڪاڻي(3) لڳي-
جـِـيجان! ڀـَـڃُ مارَنگَ(4) .
*

امريڪي راڪيٽُ،
قادر جي ڪاريگري-
ٿيندي مـَـليا- ميٽُ(5) !
*

روُسي ميزائيلُ،
ڌرتيءَ وارن خلقيو-
آهي عزرائيلُ!

 


 

*

چيني ايٽم- بـَـمُ،
ساري مخلوقات جو-
ڄاڻُ چٿيو هڏُ- چم!
*

چانڊوڪي: چـِـتُ- چورُ، (1)
ڪنهن جي ڪاريءَ چـَـڳَ تي-
رات نـِـميو(2) ٿي نورُ!
*

سيجَ سـُـتو انسانُ،
رات رُڪوع ۾ چنڊُ هو-
سانتيڪو(3) سبحانُ!
*

ڀـَـر ۾ ڀـُـڻڪي مـَـکِ،
ڪنهن جي ڳاڙهي ڳلَ تان-
تـِـرڪي ويئي اَکِ!
*

سانوَل! تـُـنهنجو سـُـنـَـهن،
تـُـنهنجي آڏو ڪيئن ڪڇان؟
نـِـڙگهٽ تي آ ننهن!

 

*

ڪوٺو: ’ڪان- ڪان(1)‘ ڪانءُ،
باسـِـيم اڄ مانيون مـِـٺيون-
وٺـَـندي تـُـنهنجو نانءُ!
*

ڪانـَـه سـِـرانديءَ ٻانهن،
ڊيلَ بنا رَڙ مورَ جي:
منهنجي دل جي دانهن!
*

بـُـت تي اُچو ڪوٽُ،
قيمت جنٽلمين جي-
هڪڙو ’سائو نوٽ!‘
*

ڇاٽون- ڇپر: ڇيڄُ(2)،
ٻولن ٻالڪ سنڌ جا-
”ڀيڄُ ڀٽائي ڀيڄُ!“
*

گل ڦل، ٻوٽا- ٻورَ،
ڇانئون- ڇـَـپـَـر مـُـلڪ جا:
هاري ۽ مزدورَ.

 

*پيشانين ۾ نـُـورَ،
ماڻڪ، موتي مـُـلڪ جا-
هاري ۽ مزدورَ.
*

خوشبو، واسَ کٿـُـورَ،
چـَـندن، موتيا مـُـلڪ جا-
هاري ۽ مزدورَ.
*

سيني ۾ سوَ سـُـورَ،
سـِـسـِـڪيون، سـُـڏڪا مـُـلڪ جا-
هاري ۽ مزدورَ!!
*

مون- تـَـن، تنهنجي ڪانڍَ(1)،
مينهوڳيءَ ۾ جيئن هجن-
ڀـِـتِ تي ڪـِـوِليون: لانڍَ(2) !
*

وَهمن جي ماري:
سادي- سـُـودي اَڻ- پڙهي،
منهنجي گهر واري(3) !

 

*

نيشُ(4) ، نئون- نيرِي(5) :
مان شاعر سچ جو-
وهمن جو ويري!
*

پائي ماڻهوءَ ويسُ،
رُئندن کي روئاريئون-
اُڇلي ڳوڙها- گيسُ!
*

دل تي ڪارا داگَ(1) ،
ڇوريءَ ڪـُـکِ چيري ويا-
بديشي
(2) بـُـل ڊاگَ!
*

منهنجي آکاڻي:
اڄ ڀي گهر ناهي مليو-
پئسن تي پاڻي!
*

چـَـهبـُـڪ جهڙي چيلهـِـه،
گوريءَ گهڙو ڪڇ تي-
چالِ وَٽي پـَـئي ميلهـِـه
(3) !

 

*

سـُـونهن وڌو ساٽو(4) ،
ڇـُـڙڪـِـي
(5) پيو ڇـِـرڪَ ۾-
ڳڀروءَ جو ڳاٽو!
*

سنڌوءَ سـُـونهن مـَـها،
بيهـَـڪ ڇورين بـُـتَ جي-
ٻيٽن منجهه چـَـها
(1) !
*

اربيلي- اَلهڙ(2) ،
وَٽجي ڪـِـريا نينگرا-
ڇورِي يا تـَـلهـَـڙَ
(3) !
*

جيڏو ڇولين- ڇوهه،
ڪنهن ڪنهن چهري ۾ ڏٺم-
تيڏو ماڻو- موهـُـه.
*

جيڏو جبل- روهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ مـَـنَ ۾-
تيڏو وڏو ڊوهه!

 

*

ماڻهن جي چوري(4) ،
شايد بـَـچـِـي ڀـُـونءِ جي-
عمر وڃي ٿوري!
*

مينديءَ جو ٻوٽو،
پـُـورَ
(1) - وَهيءَ جو پيارُ آ-
جنت جو جهوٽو!
*

پـَـٻـُـڻ جو ڏوڏو،
عشق ڪنواري- سـُـونهن جو-
پـِـينگهي جو لـَـوڏو!
*

بازَ جـَـهٽي جهرڪي،
پيرن هيٺـَـان: سوچ جي-
ڀـُـونءِ وئي سرڪي!
*

هئه! ڇو دِل هرڪي(2) ؟
سورهن- ساليءَ ڏي ڏٺم-
پيرُ ويو تـِـرڪي!

 

*

سانجهيءَ ڏيئي سـَـٽَ،
تيرنهن - تالي
(3) ڪامڻي-
ويئي اُڊيڙي ڦـَـٽَ!

 

*

مـَـنَ ۾ موهـُـه ۽ مـُـنهن ۾ موشو(1) ،
نارِ هٺيلي! تـُـنهنجي هاٺي
(2) -
گـَـزَ
(3) - لئيءَ جو ڪچڙو گوشو!
*

ڪـَـرڪيون ڇو ڪـُـونجون؟
ياد ڏيارينديون ويون-
جهونگارون ڪنهنجون!

 

*

ڪـُـونجون ڇو ڪـَـرڪيون؟
اَڄ نه ٻـُـجهن جـُـوءِ ۾-
کيرِن
(4) جون کـَـرڪيون(5) !
*

ڪـُـونجون ڪـَـرڪيون ڇو؟
پائي ڳـَـل ڳراٽڙي-
روئڻ لاءِ نه ڪو!!
*

وَڻ وَڻ جي ڪاٺي،
ميلي: ماڻهو کوڙَ، پر-
هئه هئه هڪ هاٺي!
*

خـَـلقَ وڃي گهورِي(1) ،
ميلي: ماڻهو کوڙَ، پر-
وَهه- وا، هڪ ڇوري!
*

جوڀـَـنَ- اَنڌا ڌُنڌَ، (2)
ميلي: ماڻهو کوڙَ، پر-
ماريو هڪڙيءَ منڌَ
(3) !

 

*

ڀٽڪي بيکَ نه منگُ(4) ،
جوڀـَـنُ ۽ لغڙي پـَـنا-
ٻيئي ڦيٽـُـڙ رَنگُ!
*

هيڏيءَ سوڀيا(5) - سـَـنگِ(6) ،
هلڪي ماڻهوءَ سامهون-
ڳورو هـَـٿُ نه ٽـَـنـِـگ!
*

جوڀن- ٺـِـڪريون ميڙ،
هـِـن- هـُـن ماڻهوءَ جي اڳيان-
هيئن نه هٿ ڊِگهـِـيڙ!
*

ايڏيءَ سوڀيا ساڻُ،
ماڻهو ماڻهوءَ جي هٿين-
وِڪڻ نه پنهنجو پاڻُ!
*

پيارُ ڏئي پيتيون،
پنهنجي ڪايا ڪامڻي!
ڪيئن ڪيئه ڇيتيون
(1) ؟

 

*

آ، ته ڪٿي ويهون،
پو ڏَس: تون ڪاٿئون ڪـِـري-
ڇوري! ٿينءَ ڇيهون
(2) ؟
*

بـُـک- بـَـلا جا ڏَنگَ،
ڏوڪڙ تي ناري ڏَسي-
هـَـڏَ
(3) نه ڏَسڻ جا اَنگَ!
*

حيرتَ ڪانهي حدَ،
ماڻهوءَ کان پاڇو ڊگهو-
ڪوهـُـه
(4) ڪڇين ٿو قدَ؟
*

اَڳڙين- ڀريا پورَ،
ماڻهوءَ کان هاٿي ٿـُـلهو-
ڪوهـُـه ڪرين ٿو تورَ؟
*

پڌرا ڪر نه پاپَ،
ماڻهوءَ کان اُونهو سمنڊُ-
ڪوهـُـه ڪرين ٿو ماپَ؟

 

*

ڳـَـڻ نه سـَـکڻا ٿانوَ،
ماڻهوءَ کان سو بـَـڙُ(1) چڱو-
جيڪو ڏئي ٿو ڇانوَ!
*

جهڙو پـَـٻُ جبلُ،
ماڻهو سو مهانُ آ-
جيڪو آهـِـه اَٽلُ!!
*

ڪـُـهٽي(2) واٽ ويا،
آزاديءَ جي عشق جو-
بانڪا بـَـکُ ٿيا!
*

هاڻي هـِـتِ هئا،
هتان نڪري، هـُـت وڃي:
مـِـنٽن منجهه مـُـئا!
*

هـُـو، جي هـِـتِ هئا،
مرڪي اُٿيا مون وٽان-
سي ڪيئن مـُـڙس مئا؟

 

*

هـُـو، جي هـِـتِ هئا،
منهنجون ڪـَـوِتائون پڙهي-
وڙهندي مڙس مئا!
*

هـُـو، جي مـُـڙس مئا،
سي سڀ جيجل سنڌ جا-
سورهيه پـُـٽ هئا!
*

امرتا پريتم(1) !
سنڌ/ پنجاب پريس جو-
آ ته ڪيون ماتم!!
*

هڪڙو خانُ- پٺاڻُ،
اَڌ درجن کن ٻارڙا-
اسڪوٽر تي ساڻُ!
*

هيءُ جو بهاري(2)،
چمڙيءَ کان تنهن کي وَڌڪ-
دَمڙي آ پياري!!

 

*

ٻارن جي هڪ ٽيمَ(1)،
لـَـڪڙن سان وَل کي سـَـٽي-
ڇاڻن بيٺا شـَـيـِـمَ(2) !
*

جوڀن واپاري،
ڇوريءَ ڳاڙهي وات ۾-
”شاهي(3) سوپاري!“
*

سيٺياڻي بيگمَ:
ڳالهائڻ جي وقت ڀي-
چـَـٻي پئي چيگمَ!
*

اَکِ نه کولي تو،
پاڻَ ڏني نيلام ۾-
پنهنجي ٻولي(4) تو!
*

سـُـڌ نه لڌي تو،
سکڻي ڪـُـني سـِـج تي-
ويهي رَڌي تو!

 

*

هنيئه ٿاڦوڙا،
ڪنول، ڪينجهر ۾ ڇڏي-
پٽيئه پاٻوڙا!
*

کاڌءِ نه گولي،
چـُـوڙيون پائي ٿو چوين:
”ٻولـِـي ڙي ٻولـِـي!“
*

اَڻ- جـَـهل جوڀنَ جوتِ،
اڄ تون چاهين جيتري-
مون ۾ اچي اوتِ!
*

پياليءَ ۾ جئن چاءِ،
اڄ تون اِئين پاڻ کي-
مون ۾ اچي پاءِ!
*

مهڪي منهنجو ماسُ،
مون ۾ پيهي(1) رهه اِئين-
ڦوٽن(2) ۾ جئن واسُ!

 

*

سـِـنڌُ جي سنڌياڻي،
ڪالهه ڪراچيءَ ۾ اچي-
ٿي وَئي َدکنياڻي
(3) !
*

سنڌُ جي هندياڻي(1)،
سالن بعد به هند
(2) ۾-
ساڳي سنڌياڻي!
*

مـِـٽيءَ پنوڙا!
”مکِ نه ٿي ماري، مگر-
مـَـکِ جا مـَـروڙا.“
*

ڪيئن کڻي ٿو ڪـَـرُ(4) ؟
نڪُ اُهو ناهي وڏو-
جنهن تي آهي مـَـرُ
(5) !

 

*

لڳندي آ ڇوٽي،
مـَـرُ
(6) کان آجي نـَـڪَ اڳيان-
’ڪي-ٽوءَ‘ جي چوٽي!
*

پو، جو چاهين بـَـڪُ(7)،
اڳ ۾ سنڌوءَ جـَـل مان-
ڌوئي آ تون نـَـڪُ!!
*

مولا! معافي-
لوڌِ ڪـُـتن جي پوئتان:
اڳتان قـَـذافي !
*

ڪيئن هجي ڪافي؟
ڪوڙئين واڳـُـن وِچ ۾-
هڪڙو قذافي!
*

او بي انصافي!
واهر ڪانهي، ڇا ڪري-
ڪـَـرنل قذافي!!

 

*

ٿي پـَـئي تلافي،
پـَـر، جي پيدا ٿي پون-
ٻيا ڀي قذافي.

 

*

اُڏري آيو هوس،
سوُنهن سڏيو، مان سـِـج جئن-
اُڀري آيو هوس!
*

نيئرَ(1) ڇـِـني نڪتس،
ٻوسٽ ٿي هـِـي سونهن کي،
هيرَ(2) بڻيس: پهتس.
*

هٿ نه ايندو سانءِ،
سونهن! مون کي سوگهو پڪڙ،
گم ٿي ويندو سانءِ!
*

ڏاها شيخ اياز!
ڇو نه پروڙيا ڪنهن اڃا-
تـُـنهنجا رِندي راز؟

 

*

احمد شاهه اُستاد(1) !
ڇونه اُٿيا تيشا کڻي-
تو وارا فرهاد؟
*

مـُـحسن ڪـَـڪـَـڙائي!
تـُـنهنجي آهه، نه ڇو اڃا-
اُڀَ سان ٽڪرائي؟
*

سـَـرڪش، او سـَـرڪش(2) !
ڇا، سڀ خالي ٿي ويا-
تـُـنهنجا ڀي تـَـرڪش؟
*

شاعر: قاضي(3) گـُـل!
ڏَسِ ته ڏياريا شاعريءَ-
توکي ڀي ڪي بـُـل؟
*


 

(1) ڀوَنچال = زلزلو.

(2) تـِـيسو = ضد، ڦـَـڏو.

(3) ڪار = ڪارِ ٿيڻ (اصطلاح) جـُـٺِ ٿيڻ، تڪليف اچڻ.

(4) ڪلور = ويلُ، ناحق.

(1) داڻا = اناج.

(2) بوتو = بدن.

(3) چـِـگدو = چغدو،  گـَـپَ.

(4) سينڍَ = چـَـپن سان سـِـيٽي وڄائڻ.

(5) نينڍَ = ڪوٺَ- پيغام.

(1) اَمڙيءَ = اَمڙ (ماءُ) کي.

(2) ڏوُرِ سـَـڱويس = ٿڃ ڀرجي اچڻ.

(3) ڪاڻي = پوکَ جي بيماري (جنهن ۾ داڻا سڙي ڪارا ٿي ويندا آهن).

(4) مارَنگَ = مـِـٽيءَ مان بڻايل ٽي ڳوڙها (جن تي تئو يا ديڳڙي رکي رَڌپچاءُ ڪبو آهي).

(5) ميٽُ = تباهه- برباد.

(1) چـِــتُ- چورُ = ڀڳل، دل.

(2) نـِـميو = جـُـهڪيو- وَسيو.

(3) سانتيڪو = سانت ۾.

(1) ڪان- ڪان = ڪانوَ جي ٻولي.

(2) ڇيڄُ = ناچ، خوشي.

(1) ڪانڍ = اُڪنڍَ- اُڪيرَ.

(2) لانڍ = قطار.

(3) گهرواري = زال.

(4) نيشُ = مضبوط.

(5) نئون- نيرِي = ننڍو- نيٽو، جوانُ.

(1) داڳ = داغ، نشان.

(2) بديشي = ٻئي هنڌان آيل، ڌاريا.

(3)  ميلهه = ڳاهـُـه ڳاهڻ وارن ڏاندن جي ڪنڌ ۾ وجهڻ وارو پـَـلال جو نوڙُ

(4) ساٽو وجهڻ = سـَـٽي ڇڏڻ.

(5) ڇڙڪي=  اُکڙي.

(1) چها = لـَـئيءَ جي ٻوٽي جا سنهڙا سـِـڌا ٽارا.

(2) اَلهڙ=  بي پرواهه.

(3) تـَـلهـَـڙَ= ڇـَـمڪَ (چهبڪ).

(4) ماڻهن جي چوري = اغوا جون وارداتون.

(1) پـُـور =  پوري پوري جواني (ڀرپور جوڀن).

(2) هـِـرڪڻ  =  هـِـرکڻ، موهجي پوڻ، پسند ڪرڻ.

(3) تيرنهن- تالي = چالاڪ، فريبي.

(1) مـُـنهن ۾ موشو= حجاب، لـَـڄَ.

(2) هاٺي = هـَـڏ- ڪاٺُ

(3) گز = لئيءَ جي وڻن جو هڪ قسم جنهن جون ٽاريون سيون- سڌيون ٿينديون آهن.

(4) کيرن = ڳئن- مينهن جو ڌَڻ، ولر (کيرن جمع).

(5) کـَـرڪيون= ٽـَـليون، گهنڊڻيون.

(1) گهوري= گهوربي.

(2) انڌا ڌُنڌَ = ڀـَـلئون ڀـَـل، هيڪاندا، زوراور.

(3) مـُـنڌَ = عورت.

(4) منگُ = گـُـهرُ.

(5) سوڀيا = سـُـونهن.

(6) سنگ = ساٿِ، گـَـڏُ.

(1)  ڇيتيون = ٽـُـڪريون، ڇيهون ڇيهون.

(2) ڇيهونَ = ڀورَ ڀورَ.

(3) هـَـڏَ = هرگز (ڪڏهن به).

(4) ڪوهـُـه = ڇو، ڇالئه.

(1) بـَـڙَ = هڪ وَڻ (وڻ جو نالو).

(2) ڪـُـهٽي = خوفائتي، گندي، سـُـڃي

(1) اَمرتا پريتم = جڳَ مشهور ليکڪا: جنهن کي پنجاب پريس کان شڪايت هئي.

(2) بهاري = هندستان جي صوبي بهار جو رهاڪو.

(1) ٽيمَ = ٽولي.

(2) شـَـيمَ = هڪ قسم جي وَلِ جنهن جي ڦـَـرين مان ڪي ماڻهو ڀاڄي ڪندا آهن.

(3) شاهي = پـُـڙين ۾ بند سؤنف سوپاري.

(4) ٻولي = واڪُ.

(1) پيهي = سمائجي.

(2) ڦوٽن = اِلاچي.

(3) دَکنياڻي = حيدرآباد دکن جي.

(1) هندياڻي = هندو عورت.

(2) هند = هندستان ۾ (سنڌ مان لڏي ويل).

(3) پنوڙا = مٽيءَ جو چاڻو (مطلبي ماڻهو).

(4) ڪـَـرُ = ڳاٽُ، ڪنڌُ.

(6) مـَـرُ = نـَـڪ جي مـَـر: (محاورو) گـِـلا، ميار.

(7) بـَـڪُ = ڳالها”.

(1) نيئرَ = زنجير (پيرن جا).

(2) هيرَ = ٿڌڙي هوا.

(1) احمد شاهه اُستاد = استاد بخاري.

(2) سرڪش = سرڪش سنڌي.

(3) قاضي = قاضي مقصود گل.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org