سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: شانِ رسول

باب: --

صفحو :1

شانِ رسول

گل حسن گوپانگ ”شاد“

آرزو

مديني ڏي وڃڻ جي آرزو آ

پرين جي در پڄڻ جي آرزو آ

مديني جو ڪري مهمان موليٰ

محمد سان ملڻ جي آرزو آ

وڃي چائٺ چُمان جيڪر نبيءَ جي

انهي چائٺ چُمڻ جي آرزو آ

رهڻ هتڙي ڏکيو ڏاڍو لڳي ٿو

هتان هاڻي هلڻ جي آرزو آ

مديني کي ڏسي، ڏک ڏور ٿيندا

اتي خوش ٿي کلڻ جي آرزو آ

ڏسان روضي جا اکڙين سان منارا

منارن جي ڏسڻ جي آرزو آ

اُتان جو آب آهي، ”آبِ ڪوثر“

انهي پاڻي پيئڻ جي آرزو آ

پسائيندو مون کي پرور پيمبر

پيمبر جي پسڻ جي آرزو آ

بچل باقي حياتي جا ڏهاڙا

مديني ۾ رهڻ جي آرزو آ

مديني مان وران واپس نه شل ”شاد“!

مديني ۾ مرڻ جي آرزو آ

 

 روشن جهان ٿي ويا

 نروار ۽ نشانبر نوري نشان ٿي ويا

رهبر رسول آيو، روشن جهان ٿي ويا

توحيد ڪئي ترقي، اسلام جي اچڻ سان

ڪنڌ ڪفر جو ڀڄي پيو، بت بي نشان ٿي ويا

اخلاق مصطفيٰ جي سڀ ميڻ ڪيا مخالف

نامهربان جي ها، سي مهربان ٿي ويا

وڻ حڪم سان هلن پيا، پٿر پڙهن پيا ڪلما

هر لب تي معجزن جا لک داستان ٿي ويا

رب عرش تي گهرايو، هڪدم حضور جن کي

هڪ ٻئي سان راز اوريون ۽ رازدان ٿي ويا

نرمل نبي جي در جا، جيڪي ٿيا گداگر

گهٽ تن گداگرن کان، شاهن جا شان ٿي ويا

بوذر، بلال، اويسي، عاشق ٿيا نبيءَ جا

ملڪن کان ڀي مٿاهان، مستن جا مانَ ٿي ويا

ناڪامياب جي ويا، آيا نه جي نبيءَ ڏي

جيڪي نبيءَ ڏي آيا، ڪُل ڪامران ٿي ويا

محشر ۾ مؤمنن جي حضرت ڪندو حمايت

سؤلا صفا سڻاوا، سڀ امتحان ٿي ويا

ميلادِ مصطفيٰ تي شڪرانَ ”شاد“ ڪر تون

واحد وسايا ويڙها، خوش خاندان ٿي ويا

 

يتيمن يار ٿيو پيدا

خدا جي مهر ٿي جو مصطفيٰ مهندار ٿيو پيدا

اڙين آڌار ٿيو پيدا يتيمن يار ٿيو پيدا

مٺو منٺار ٿيو پيدا اکين جو ٺار ٿيو پيدا

غمن جي واسطي غمخوار ۽ غمٽار ٿيو پيدا

خوشي گهر گهر بپا ٿي، احمد مختار ٿيو پيدا

نشانبر نور نوراني نبي نروار ٿيو پيدا

نبي نروار ٿيو پيدا عيان اظهار ٿيو پيدا

سياهي ڪفر جي ۾ مطلع الانوار ٿيو پيدا

وڃي پهتيون فلڪ تي ڀي نبي جي نور جون لاٽون

وئي چانڊاڻ ٿي ۽ چؤطرف چمڪار ٿيو پيدا

زماني مان مِٽائڻ واسطي هر ڪوڙ ڪلفت کي

سچائي ۽ صداقت لئي سچو سردار ٿيو پيدا

سچي سردار جي آمد ڪيو برباد باطل کي

کڻي حق جو علم حق جو علمبردار ٿيو پيدا

نبي آيو نه ايندو سيّد الثقلين جو ثاني

گهروهِ انبيا جو سرور و سالار ٿيو پئدا

عيان جنهن کان ٿيا رازِ نهان حق جي حقيقت جا

پيارو سو پيمبر پيشوا پڳدار ٿيو پيدا

شفاعت ”شاد“ پارن تي ڪندو ميدانِ محشر ۾

ڪيا جنهن درد دل جا دور سو دلدار ٿيو پيدا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org