سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: سنڌ جو سفر

باب: --

صفحو :2

مڪليءَ جو سير:

        4 تاريخ آءُ موڪل وٺي، مڪليءَ جي سير تي ويس. آءُ صبح جو سوير اوڏانهن روانو ٿيس ۽ 4 بجي تائين اتي گهمندو رهيس. هيءَ مشهور ٽڪري ٺٽي کان هڪ ميل جي مفاصلي تي آهي، ۽ شهر جي اولهه کان اتر ڏانهن وڃي ٿي. اٺ ميل ڊگهي ۽ هڪ ميل کن ويڪري آهي ۽ سندس سراسري اوچائي 55 فوٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته هن ٽڪريءَ تي اهو نالو اتي رهندڙ هڪ مهاڻيءَ عورت تان پيو آهي. جنهن جو ڪنهن  زماني ۾ اتي مڇين ۽ پَلن جو ڪاروبار هوندو هو. هن مختصر ٽڪريءَ 500 کن قبن واريون، ۽ بيشمار اهڙيون قبرون آهن، جن تي ڪابه ڇت ڪانه آهي. هيءُ ڄڻ هڪ تمام وڏي آباديءَ وارو شهر خموشان آهي. مون کي فقط هيٺين وڏين جاين کي چڱيءَ طرح ڏسڻ جو وقت ملي سگهيو.

        1. عيد گاه، جا هڪ شاندار مسجد آهي، جتي هر سال ٻه دفعا شهر جا سمورا مسلمان گڏ ٿي خداوند ڪريم جي حضور ۾ شڪراني جي نماز ادا ڪندا آهن، اها مسجد (عيدگاه) سنڌ جي هڪ گورنر يوسف خان جي ٺهرايل آهي، ان تي وڏن سهڻن نستعليق اکرن ۾ هيٺين عبارت جو هڪ ڪتبو لکيل آهي.

        ”هي عبادت گاه طاقتور حاڪم يوسف خان جي ٺهرايل آهي. هن ان کي اهڙوئي عظيم الشان بنايوآهي، جهڙي عظيم سندس قسمت آهي“. [1]هن عمارت جي تڪميل جو سال 1043هه مطابق 1633ع ڄاڻايل آهي.

2. ٻن اڳوڻن وزيرن، مرزا جانيءَ ۽ مرزا غازيءَ جا مقبرا _ هي 1695ع جا ٺهيل آهن.

        3. طغرل جي ٺهرايل شاهي مسجد، جنهن جي تعمير 1090ع بمطابق 1679هه ۾ ٿي آهي.

        4. ٺٽي جي ٻن سابق گورنرن مرزا عيسيٰ ۽ مرزا عنايت الله جا مقبرا. هي نهايت عمدي پيلي رنگ جي پٿرن جا ٺهيل آهن، جن تي سهڻيون گلڪاريون اُڪريل آهن. هي مقبرا مڪليءَ جي سڀني عمارتن ۾ سهڻا آهن.

        5 . هڪ وزير جو مقبرو، جو 1084هه مطابق 1638ع ۾ جڙيو آهي.

        6. هڪ نواب جو مقبرو، جو 966هه ۾ مطابق 1558ع ۾ جڙيو آهي.

        7. قاضي پير اسد جو مقبرو، جو 9 فوٽ ڊگهو آهي. ان جي تعمير جو سن پڙهڻ ۾ نٿو اچي.

        8. بغداد واري بزرگ سيد پيران پير عبدالقادر جيلانيءَ جي فرزند سيد عبدالله جو مقبرو.

        9 . ميران محمد جو مقبرو، جو 1059هه مطابق 1649ع ۾ جڙي راس ٿيو آهي.

        10. شيخ ضياءَ جو مقبرو، جو 1129هه مطابق 1719ع ۾ ٺهيو آهي.

        11. هڪ بادشاهه جو مقبرو، جو 1109هه مطابق 1797ع ۾ تعمير ٿيل آهي.

        12. بابا عيسيٰ لنگوٽيا بند جو مقبرو، جيڪو 920هه مطابق 1514ع جو جڙيل آهي.

13. جوکيا قوم جي مرشد سيد علي شيرازي جو مقبرو، جيڪو 1190هه مطابق 1776ع ۾ ٺهي راس ٿيو آهي.

        مون کي پنهنجي سرڪاري ذميدارين جي سلسلي ۾ هن دفعي 13نقطن واري ان رٿيل معاهدي کي فارسيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو فخر نصيب ٿيو، جيڪو انگريز ميرن جي ڪومت تي، مڙهڻ وارا هئا، مون سڄي رات جاڳي هيءُ ڪم ڏهن ڪلاڪن اندر پورو ڪيو. صبح جو هي ترجمو منظوريءَ لاءِ ريزيڊنٽ صاحب جي اڳيان پيش ڪيم، جنهن (پنهنجي ڏکئي خط ۾ لکيل) انگريزي مسودو هٿ ۾ جهلي مون کي ان جي فارسي ترجمي پڙهڻ جو حڪم ڏنو، جو صحيح ثابت ٿيو، ۽ ريزيڊنٽ ان جي منطوري ڏني. ڪئپٽن ايسٽوڪ منهنجي خدمتن لاءِ پسنديدگي ڪندي، پنهنجي کيسي مان مون کي 500 رپيا انعام ڏنا ۽ ريزيڊنٽ ان کان به وڌيڪ انعام ڏيڻ جو واعدو ڪيو.

        پنجين تاريخ جو، اسان جي پهريدارن هڪڙي مڪاني بلوچ باشندي کي خون ڪري وڌو. هن کي ڪئمپ ۾ ديسي شراب وڪڻندي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس دُرن جي سزا ڏني وئي هئي. هن غريب ڏوهه ته ڪيو هو، مگر کيس ان جي سزا جي ڪابه خبر نه هئي. جڏهن کيس پڪڙي گارڊ ڪوارٽر ڏانهن نيو پئي ويو، ته هو پنهنجي تلوار ڍال کان ڪم وٺڻ لڳو هڪ پهريدار تي هن تلوار جا ٽي وار ڪيا، جن ۾ هن جي بندوق جو قنداق به ڀڄي پيو. چوڪيدار جي ڦٽي هو اٿي ڀڳو. مگر جڏهن سرجان ڪين ۽ ڪرنل مئڪڊونالڊ جي تنبن وٽ آيو، ته مٿس گوليون ڇٽيون، جن مان هڪ سندس سيني مان پار ٿي وئي ۽ جوان اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو. زمين تي ڪرڻ شرط سندن روح خاڪي جسم مان پرواز ڪري چڪو هو. ان طرح هو چهبڪن جي سزا کان بچي ويو!

        اڄ رات وري به اسان جي ڪئمپ تي حملي ٿيڻ جا افواهه  اٿيا. لکپت جي ويجهو پنجويهه سنڌين جي هڪ ٽوليءَ انگريزي فوج جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڦريو هو، جيڪي اسان جي پٺيان اچي رهيا هئا.

 

حيدرآباد ڏانهن:

        جنوريءَ جي 16تاريخ ، ڪئپٽن ايسٽوڪ کي حيدرآباد رواني ٿيڻ جا حڪم پهتا، ۽ اسين روانگيءَ جي تيارين ۾ لڳاسون، ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اسين پتڻ ڏي وياسون، جتان اسين هڪ ننڍڙِي آگبوٽ تي سوار ٿي روانا ٿي وياسون. هتان ڪئپٽن جيمس آئوٽرام (Capt: J. Outram) به اسان سان شامل ٿي ويو.

        گذريل ساري رات ڏاڍو مينهن وسندو رهيو، جنهن ڪري اڄ صبح سخت ٿڌ هئي. سڄي ڏينهن ۾ ويهارو کن ميل سفر ڪري، هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي ڀر ۾ اچي، اسان لنگر هنيو، واٽ تي ڪيترن ئي شڪار گاهن وٽان لنگهياسون. هي درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ٻيلن جا شاهي ٽُڪر آهن، منجهن هر قسم جو شڪار موجود رهي ٿو، چئن ڏينهن جي دريائي سفر کان پوءِ 20 تاريخ اسين حيدرآباد پهتاسون، درياءَ جي ٻنهي پاسن وارو ملڪ ۽ ٽَڪريِن جو نظارو وڻندڙ هو.

        سهڻن جا پکين جا ولر اڪثر درياءَ مٿان ترندا نظر ايندا هئا. 18 تاريخ صبح جو اسان هڪ شاهي واڳون ڏٺو، جو درياءَ جي ساڄي ڪناري تي ننڊ ڪري رهيو هو، ڪئپٽن آئوٽرام هن کي بندوق هنئي. پر گولي سندس رُڪ جهڙيءَ پٺيءَ تي هڪ ڀتر وانگر لڳڻ بعد، هٽي پوئتي وڃي ڪري، جانور تي بندوق جي ڌڪ جو فقط ايترو اثر ٿيو، جو سندس ننڊ ڦٽي پئي ۽ هو تيزيءَ سان پاڻي اندر هليو ويو.

        هڪ نوجوان اميرزادو دوست علي خان ولد خير الله خان جيڪو ميرن جو قريبي عزيز هو، سو اسان جي استقبال لاءِ آيل هو. لنبي خوش خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ، هن اسان کان موڪلايو. ۽ اسين ريزيڊنسي ۾ لٿاسون منشي ڄيٺانند، انگريزن جي مڪاني ايجنٽ، کي درٻار ڏانهن روانو ڪيو ويو ته وڃي پڇا ڪري اچي ته مير ڪهڙي وقت انگريزي وفد کي درٻار ۾ گهرائڻ پسند ڪندا. هن موٽي اچي ٻڌايو ته ان ڏينهن ميرن سان ملاقات نه ٿي سگهندي، ڇوته اهو هنن جي سنوارت يا وارن کي حجم کان درست ڪرائڻ جو ڏينهن هو. هفتي ۾ ٻه دفعا هو سنوارت ڪرائيندا هئا.

        22 جنوري تي سڀني کان اڳ ۾ مير صوبدار خان پنهنجي سڀ کان ڀروسي واري ماڻهو پير بدرالدين کي اسان ڏي موڪليو، جنهن مير صاحب وٽان مخفي پيغام آندو ته هو انگريزن جو هميشه دلي دوست رهيو آهي ۽ دائما وفادار رهندو. تنهن ڪري کيس سندس سوٽن جي ڪاررواين لاءِ جوابدار نه ٺهرايو وڃي. هن وڌيڪ تقاضا ڪئي ته ڪئپٽن ايسٽوڪ ساڻس ملاقات کان اڳ کيس اهڙي خاطري ڏئي، ان تي ڪئپٽن ايسٽوڪ مون کي پير بدرالدين سان گڏي موڪليو ته جيئن هزهاءِ نيس کي وڃي گهربل خاطري ڏيان.

 

سنڌ جو تختگاهه:

        ٽي ميل کن پنڌ ڪري اسين حيدرآباد جي قلعي جي ويجهو پهتاسون، جنهن جي باري ۾ آءُ اڳي ئي گهڻو ڪجهه ٻڌي چڪو هئس. ويجهو اچڻ تي مون کي ان ۾ ڪابه خاص ڳالهه نظر ڪانه آئي. هيءُ هڪ پنج ڪنڊو قلعو آهي، جو هڪ ٽَڪر مٿان پڪين سرن ۽ گچ سان جوڙيو ويو آهي. عام قلعن جي دستور موجب هن جي چوڌاري ڪابه کاهي کوٽيل ڪانه آهي. هن ۾ ميرن جا ڪٽنب، سندن ويجها عزيز ۽ ٻيا خاص ماڻهو رهن ٿا. شهر وچان لنگهندي بلوچن جون ڪيتريون ٽوليون پنهنجن چلمن ۽ گانجن جي سلفين سان، رستي تي ويٺل نظر آيون. هنن مون کي گهوري پئي نهاريو، ۽ ڪي پنهنجي ٻوليءَ ۾ مون کي بد شد پڻ ڳالهائي رهيا هئا. مون پنهنجي دوست بدرالدين کي مخاطب ٿي چيو ته ”هن لاءِ اوهين ڇا ٿا چئو؟ ڇا اوهان جي ملڪ ۾ پرديسين سان ههڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي؟“ هن وراڻيو، ”اوهان کي خبر ناهي ته صراحيءَ ،مان اهوئي نڪرندو آهي، جيڪي منجهس هوندو آهي. هي جهنگلي ڳوٺاڻا سپاهي آهن. هنن کي فرنگين لاءِ ڌڪار آهي. ۽ اوهان کي به فرنگين جو ماڻهو سمجهي بڪي رهيا آهن. تنهن ڪري هنن جي بڪواس جو ڪوبه خيال نه ڪريو خود ريزيڊنٽ صاحب پاڻ به هنن جي بڪواس تي ڪو ڌيان ڪونه ڏيندو آهي.“

        مان پنهنجي دوست جي صلاح تي عمل ڪرڻ کي سياڻپ واري ڳالهه سمجهي، ائين ئي ڪيو. اسين جلد ئي مير صوبدار خان جي محل ۾ پهتاسون، ۽ مون کي مير صاحب اڳيان پيش ڪيو ويو. هو پنهنجي ڏهن ورهين جي سُهڻي پُٽ فتح عليءَ سان گڏ گاديلي تي ويٺو هو. هڪ سيڪريٽري، ۽ هڪڙو خدمتگار پڻ وٽس موجود هئا. ڪمرو ڪافي ڪشادو هو، پر منجهس ڪوبه فرنيچر ڪين هو. مان السلام عليڪم چئي مير صاحب سان هٿ ملايو ۽ پوءِ هيٺ ٻين سان گڏ وهڻ وارو هوس، ته مير صاحب مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو، جا خاص منهنجي لاءِ آندي وئي هئي. خوش خير عافيت ۽ دعا سلام کان پوءِ مون جيڪو پيغام مير صاحب لاءِ آندو هو، اهو کيس ٻڌايم، جو مير صاحب نهايت ئي توجهه سان ٻڌو ۽ کيس تسلي ٿي. ان کان پوءِ يورپي ماڻهن جي ريتن رسمن ۽ آداب نشست و برخاست وغيره بابت ڳالهيون ٿيون، جنهن کان پوءِ مون مير صاحب کان موڪلايو. ٻه گهوڙي سوار مير صاحب مون سان گڏي موڪليا، ته هو مون کي ريزيڊنسي تائين پڄائي اچن، ۽ وحشِي بلوچن جي هٿان بي عزت يا ذليل ٿيڻ کان مون کي بچائين. اسان اڃا پنڌ مس ڪيو هو، ته ٻيا گهوڙي سوار گهوڙا ڊوڙائيندا آيا ۽ مون کي ٿوري دير لاءِ پوئتي موٽڻ واسطي عرض ڪيائون، مير صاحب مون سان ڪجهه وڌيڪ ڳالهائڻ ٿي گهريو. مان ان سان واپس وريس ۽ پنهنجو آندل اوائلي پيغام وري دهرايم، جنهن جا ڪي لفظ مير صاحب چڱيءَ طرح نه سمجهيا هئا.

 

درٻار ۾:

        پوءِ مان  موڪلائي پنهنجي ٻن گهوڙي سوار نگهبانن سميت ڪئمپ ڏانهن موٽي رهيو هوس، ته رستي ۾ ڪئپٽن ايسٽوڪ کي ڪئپٽن آئوٽرام ۽ ليڪي (Leakey) سان گڏ حيدرآباد ڏانهن ايندو ڏٺم، جي ٽن حڪمرانن ميرن جي درٻار ڏانهن وڃي رهيا هئا. جيئن ته منهنجو به ساڻس گڏ رهڻ ضروري هو، ان ڪري مون کي ساڻن گڏ پوئتي موٽڻ لاءِ چيو ويو، ۽ مان ساڻن گڏ واپس حيدرآباد روانو ٿيس. ان ڏينهن مون کي ڏاڍو سخت ڪم ڪرڻو پيو ۽ سڄو ڏينهن بکيو رهيس. فقط صبح جو ريزيڊنسيءَ مان نڪرڻ وقت چانهه جي ڪوپ سان روٽيءَ جو ٽڪر کائي هليو هوس، ۽ هاڻي سج لهڻ وارو هو، پر اڃا ڪم جي پڄاڻي ڪانه ٿي هئي. درٻار ۾ پهچڻ تي مون ڏٺو ته هٿياربند بلوچن ۽ حاضرين جو ايڏو ته گهڻو انداز هو، جو اندر وڃڻ ئي مشڪل پئي لڳو. ماڻهن جلد ئي سُري پُري انگريزن لاءِ رستو ڪيو، پر مان پٺتي رهجي ويس. مون کي پنهنجي اندر لنگهي سگهڻ جي ڪابه اميد نظر ڪانه ٿي آئي، پر خوش قسمتيءَ سان جنهن مهل ڪئپٽن ايسٽوڪ مرين وٽ پهتو، ته هن کي هڪدم منهنجي يادگيري پئي ۽ هن   هڪل ڪئي: ”هيڏانهن لطف الله هي ڪاغذ سنڀال“ . هن جي ائين چوڻ شرط ئي خدمتگارن هڪدم انبوهه کي چيري مون کي آڻي وٽس پهچايو. جتي سندس قدمن وٽ ويهي مون ميرن سان سندن هليل ڳالهه ٻولهه جا نوٽ لکيا.

        چئن يارن واري شاهي صندل تي، جنهن جي مٿان هڪ سادو ايراني قالين وڇايل هو، ٽي مير حڪمران، نورمحمد خان، نصير خان، ميرمحمد خان ۽ نوجوان مير شهداد خان ويٺا هئا. ڀر ۾ تلوارون ۽ ڍالون پيون هين. اهوئي سندن تخت هو. انگريزي نمائندو۽ سندس ساٿي ڪرسين تي ويٺا، جيڪي خاص هنن لاءِ آنديون ويون هيون، پر درٻار منجهه داخل ٿيڻ تي کين پنهنجا بوٽ لاهڻا پيا هئا. باقي ماڻهو سڀ هيٺ غاليچن تي ويٺا هئا. هتي ويهڻ جي جاين ۽ ٻين ڳالهين بابت هندستان جي عام دربار وانگر ڪي به مقرر دستور نه هئا. هٿيار بند بلوچ ۽ سنڌي، جيئن کين وڻيو ٿي ۽ جتي وهڻ لاءِ جاءِ ٿي ملين، اتي ويهي ٿي رهيا. پاڻ ۾ وڏي آواز سان ڳالهيون ٻولهيون پئي ڪيائون، ۽ ور ور ڪري اسان ڏي ائين خارن ۾ پئي گهوريائون ڄڻ اسين سندن خوني قاتل هئاسون.

        نورمحمد خان نهايت داناءُ، بلند خيال ۽ بهادر انسان ٿي لڳو. درميانه قد ۽ درميانه عمر جو، هڪ سهڻو انسان هو.

        حڪومتي ڪاروبار جي باري ۾ فقط نورمحمد خان سان ڳالهيون ٻولهيون ڪيون وينديون هيون. جو مير نصيرالله خان ۽ مير محمد خان ورلي ڪو جواب ڏيندا هئا. جيڪڏهن کين ڪجهه چوڻو به هوندو هو، ته هو اهو مير نورمحمد خان جي معرفت چوندا هئا. مون تي ميرنورمحمد خان جي دليرانه رخ ۽ هن جي ڳالهين ٻولهين جي نموني گهڻو اثر ڪيو، جن ۾ سچائي، جذبو ۽ دلاوري ڀريل هئي.

        نصير خان به خوبصورت، پر بت ۾ ذرا ڳرو هو. سندس وڻندڙ چهري مان نرمي ۽ ڪشاده دلي بکي رهي هئي.

        ميرمحمد خان سهڻو، چاڪ چوبند بدن جو ۽ هڪ سپاهيءَ وانگر هو. سندس کاٻو هٿ ڍال تي ۽ ساڄو هٿ تلوار جي مٺئي تي هو. هي هئا هن نيم مذهب درٻار جا صدر.

 

نئون عهد نامو:

       دستوري خوش خير عافيت کان پوءِ ڪئپٽن ايسٽوڪ پنهنجي مقصد جي ڪؤڙي گوري پنهنجي ميزبانن کي ڏيڻ جو وجهه ورتو، ۽ منهنجي هٿن مان اهي ڪاغذ ورتا، جن ۾ نئين رٿيل عهدنامي جو مسودو هو. جنهن جو مون تازو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. ڪئپٽن ايسٽوڪ بلڪل چٽيِ فارسي تلفظ ۾ ان کي پڙهڻ شروع ڪيو. ميرن نهايت تحمل ۽ بردباريءَ سان هن مسودي کي ٻڌو. جيتوڻيڪ مير نورمحمد خان جي چهري مان ناراضگيءَ جا آثار بکي رهيا هئا. ڪنهن مهل سندس چهري جو رنگ بلڪل سرخ ٿي پئي ويو ته ڪنهن وقت سندس منهن جو پنو صفا لهي پئي ويو. ڪئپٽن ايسٽوڪ جو مسودو پڙهي پورو ڪرڻ مهل مجلس ۾ ويٺل بلوچن ۾ ڪافي جوش نظر پئي آيو.  اهڙي وقت ميرن جي طرفان تر جيترو اشارو اسان جي سڄي ٽوليءَ کي بيرحم بلوچن جي تلوار هيٺان ختم ڪرائي ڇڏڻ لاءِ ڪافي ٿئي ها. جي اگهاڙين تلوارن سان اسان جي مٿان بيٺا هئا، جيئن جلاد پنهنجي ڳنڀير فرض بجاءِ آڻڻ لاءِ مقتل ۾ تيار  بيٺل هوندو آهي.

        ميرنورمحمد خان اول پنهنجي ٻن ساٿين کي بلوچي زبان ۾ چيو ته ”جيڪو فرنگين جي وعدن تي اعتبار ڪري ان کي لعنت هجي“، ۽ پوءِ نهايت ڳنڀير نموني ۾ انگريز نمائندي  کي مخاطب ٿي فارسيءَ ۾ چيائين: ”مان سمجهان ٿو ته اوهان جا عهدناما ۽ معاهدا اوهان جي سهوليت ۽ مرضيءَ تي ڦري گهري سگهن ٿا. ڇا پنهنجي ملڪ مان فوجون لنگهائي  وٺي وڃڻ جي، اوهان کي اجازت ڏيون. اسان بنا هٻڪ اوهان جي دوستيءَ جي وعدن تي اعتبار ڪري، اوهان کي اهڙي اجازت ڏني. جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته پنهنجون فوجون اسان جي ملڪ اندر داخل ڪرڻ کان پوءِ اوهين اسان جي سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي، اسان تي هڪ نئون عهد نامو مڙهيندا، جنهن ۾ اسان کي ٽي لک روپيا ڍل ۽ 21 لک روپيا نقد فوجي خرچ لاءِ بروقت طلب ڪندا، ته اسين هوند پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کڻون ها، اوهان کي خبر هجي ته اسين بلوچ آهيون، ڪي سوداگر يا واپاري نه آهيون، جن کي اوهين سولائيءَ سان ڊيڄاري سگهندا. تنهن کان سواءِ اسين ملڪ جا اڪيلا حڪمران آهيون، پر ساري قوم جا مفاد حڪومت سان ڳنڍيل آهن!

        ڪئپٽن ايسٽوڪ اهو سڀڪجهه نهايت خاموشيءَ سان ٻڌو ۽ عربيءَ ۽ فارسي جي مثالن سان ان جا مختصر جواب ڏنا. جن جو مطلب هو ته؛ ”اسان جي حڪومت، اوهان جي حڪومت کي ڪابه تڪليف ڏيڻ نٿي چاهي، پر ضرورت کان ڪوبه قانون مٿي نه آهي. ”دوستن کي ضرورت وقت دوستن جي مدد ڪرڻ گهرجي“. اسان جي هاڻوڪي فوجي مهم تي نه رڳو هندستان جي حفاظت پر خود اوهان جي ملڪ جي سلامتيءَ جو به دارومدار آهي“ وغيره . مير نورمحمد خان ٿورو مشڪيو ۽ پنهنجي سئوٽن کي بلوچي زبان ۾ ڪجهه چيائين، جو اسين سمجهي نه سگهياسون . تنهن کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي ڪئپٽن ايسٽوڪ کي چيائين ته ”ڪاش، جي مان لفظ ”دوست“ جي معنيٰ سمجهي سگهان ها، جيڪو اوهين استعمال ڪري رهيا آهيو. اوهان جي هنن طلبن جو اسين ڪوبه قطعي جواب هڪدم ڏئي نٿا سگهون، ڇوته هن معاملي بابت اسان کي انهن سڀني سان صلاح ڪرڻي پوندي، جن جا مفاد اسين پنهنجي مفادن تي قربان نٿا ڪري سگهون، ۽ جي هروڀرو اسان جي ضابطي هيٺ به ڪين آهن.“

        سج لٿي مهل، اسين درٻار مان روانا ٿياسون، دربار جي خاتمي تي  عطر يا گلاب جي پاڻي جي ڪابه ڇٽڪار نه ڪئي وئي هئي جيڪو هندستان جي ٻين درٻارن ۾ عام رواج آهي، ساري ڏينهن جي سخت ڪم بعد شام جو ساڍي ڇهين بجي مهل ٿڪي ٽٽي پنهنجي جاءِ تي اچي پهتاسون.

        23 تاريخ اسان ميرن جي جواب جو انتظار ڪيو، پر حالتون بگڙنديون رهيون هيون. انگريز جي مقامي ايجنٽ مخفي طرح اسان کي پيغام موڪلي عرض ڪيو ته اسين پنهنجي حفاظت لاءِ سجاڳ رهون، شايد هن جو چتاءُ بي سبب نه هو. اسان ان ڏينهن ٻه سئو کن هٿياربند بلوچن کي بنا سبب، اسان کان 500 والن جي مفاصلي تي ماٿريءَ ۾ ويٺل ڏٺو. منجهائن هڪ ٻن ڄڻن ٻه ٽي دفعا اسان جي جاءِ رهائش (ريزيڊنسي) جي بلڪل ويجهو اچي پڙتال پڻ ڪئي.


[1] اصل ڪتبو هن طرح آهي؛ ”خان مالک رقاب يوسف خان، ساخت طاعت گهي زبخت بلند. قديسان بهرسال الماشي کعبه اهل فضل يافته اند“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

   

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org