سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سير ۽ سفر

غلام مصطفيٰ شاه

صفحو :17

1-                 آگسٽ 1972ع

 

الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه

(سنڌ جو عظيم استاد ۽ دلير فرزند)

        انگريزن جي هن ملڪ ۾ پير پائڻ  کان وٺي سنڌ جو صوبو تعليم ۾ ٻين ڪيترن صوبن کان پٺتي پئي رهيو آهي. خاص طور سنڌي مسلمان، سنڌ جي هندو جي ڀيٽ ۾ ڪافي پٺتي رهجي ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو زندگيءَ جي سمورن شعبن جهڙوڪ: واپار، ڪارخانا، نوڪرين وغيره تي اسان جي ديس ڀائين جو قبضو ٿي ويو ۽ مسلمان جيئن پوءِ تيئن معاشي ۽ اقتصادي طرح ڪنگال ٿيندو پئي ويو. سنڌ جا مسلمان نماڻا  نيڻ کڻي اهڙي اڳواڻ جون راهون نهاري رهيا هئا، جو پنهنجي پروقار شخصيت ۽ قائداڻي قابليت سان کين علم جي رستي تي لڳائي ۽ زندگي جي راهه تي تڪڙي وک وجهڻ سيکاري، جيئن هو دنيا جي ٻين ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي همسري ڪري سگهن. اوچتو پاڪستان ٿيو. ڏيهي ويا پرڏيهي آيا. سنڌ جي وڌندڙ تعليم تي اُن جو وڏو اثر پيو. سنڌ جي مسلمانن ۾ اسرڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ جي جا اميد ٿي هئي، سا هيڪر ته مايوسيءَ ۾ مٽجي وئي، هر ڪو ائين چئي رهيو هو، ته هاڻي ڇا ٿيندو!

        سنڌ جي سرزمين مردم خيز آهي. جڏهن به کيس مايوسي ۽ نامرديءَ جا ڪارا ڪڪر ويڙهي ويا آهن. تڏهن ڪو نه ڪو روشنيءَ جو اهڙو ڪرڻو پيدا ٿيو آهي، جنهن شهرن ۽ ڳوٺن، جهنگن ۽ جهوپن مان اونداهي ٻاٽ کي ٻاهر ڪڍي روشني ڪري ڇڏي آهي. سائين غلام مصطفيٰ شاهه سنڌ جي واسطي اهڙو نور جو ڪرڻو بنجي اُڀريو ۽ ساري سنڌ  کي تعليم جي روشنيءَ سان منور ڪري ڇڏيو. ٻهراڙيءَ جي جهوپڙين ۽ جهڳين مان جهالت جي ڪاري ٻاٽ اوندهه کي تڙي ڪڍڻ ۽ علم ۽ عمل جا ڏيئا روشن ڪرڻ ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سا هڪ تاريخي حقيقت آهي. شاهه صاحب سنڌ جي ٻهراڙين  ۾ وڌيڪ پيارو آهي. ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب سنڌ جي ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن واري دور ۾ اهو محسوس ڪيو، ته سنڌ جي تعليم وڌائڻي آهي ته اها ڳوٺن کان ئي وڌڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻهراڙيون ئي اسان جي  تهذيب ۽ تمدن، ٻولي ۽ ادب جو بنياد آهن. ان ڪري شاهه صاحب شهرن سان گڏوگڏ ننڍڙن ڳوٺن ۾، جتان جا رهاڪو هاري، ناري ۽ مال چاريندڙ مارو هئا، ابتدائي اسڪول کولرايا. اڳ ڳوٺن جي ڇوڪرن کي وڏو مفاصلو ۽ منزل ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پري وڃڻو پوندو هو. هينئر تعليم سندن جهڳين ۽ جهوپن جي دروازن تائين اچي پهتي. سنڌ ۾ ابتدائي تعليم کي اهڙو عام ڪرڻ جو مثال اسان کي سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

                شاهه صاهب جيئن ته پاڻ به ٻهراڙيءَ  ۾ ڄائو نپنو آهي، تنهن ڪري کيس سنڌ جي سرزمين ۽ ان جي ٻهراڙين سان ايڏي ته دل آهي، جو سندن ڪچهريءَ ۾ بحث جو موضوع گهڻو ڪري اهوئي هوندو آهي، ته ڪيئن انهن ٻهراڙين کي ترقي  وٺرائجي. پاڻ چوندا آهن: ”چوڻ لاءِ ته اسين سڀ چئون ٿا، ته اسان جي ملڪ جي سموري اقتصاديات ٻهراڙين تي ڀاڙي ٿي، ڇاڪاڻ ته قومي آمدني جو اٽڪل اسي سيڪڙو  ٻهراڙين ۾ رهندڙ اسان جا پورهيت، هاري اپائين ٿا، پر کين پلئه ڇا ٿو پوي، انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا، ڳڀي ڳڀي لاءِ حيراني ۽ پريشاني!“

        پاڻ سچو سڪون ۽ آرام ٻهراڙين ۾ ئي سمجهن ٿا ۽ کين سنڌ جي ترقيءَ جو راز به ٻهراڙين جي زندگيءَ ۾ ئي نظر اچي ٿو،. تنهن ڪري. ”سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن“ جو عملي پروگرام هٿ  ۾ کنيائون،

        سنڌ جي ڳوٺن ۾ تعليم جو صحيح آغاز سن 1960ع ۾ ٿيو، جڏهن پاڻ ڊائريڪٽر تعليم هئا، انهيءَ دور ۾ ئي سنڌ جي شهرن ۾ ڪاليج ۽ ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول کليا. تنهن ڪري انهيءَ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته، ناحق ۽ ظلم جي گهاڻي ۾ ڳهندڙ پورهيت ۽ هاري جي ٻچن کي علم جي دولت سان مالا مال ڪرڻ ۾ سندن خدمتن جو وڏو هٿ آهي.

        سندن اخلاق، اخلاص، محبت ۽ مٺي زبان سنڌ جي ماڻهن جي دلين کي موهي ڇڏيو آهي. توڙي اهي شهري هجن يا ڳوٺاڻا، سندن اخلاق جي سرهاڻ سنڌ جي چئني ڪنڊن ۾ پکڙيل آهي. جي ماڻهو ساڻن مليا آهن، سي مٿان گهوريا پيا وڃن، پر جن ماڻهن سندن ڳالهيون ٻڌيون آهن، سي به سندن واکاڻ مان ڍاپن ئي نٿا، غريب غربو وٽن ائين هليو ايندو، ڄڻ ڪنهن مائٽ سان ملڻ ويندو هجي. سائين به انهن سان ائين ملندو، ڄڻ ته ٻنهي ۾ ڪو فرق ئي ڪونهي.

”سمي سيئي سيڻ ڪيا، هيڻا جن جا هڏ.“

 کين غريبن ۽ ڳوٺاڻن جي ٻارن سان گهري دلچسپي آهي. سندن مالي مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا. پنهنجي هڙان ته سندن مدد ڪن، پر پنهنجن سرنديءَ وارن سڄڻن کان به سندن مدد ڪرائين. اهوئي سبب آهي جو هر ڪو ماڻهو ڳوٺاڻو تعليم يافته نوجوان کين پنهنجو پيارو سمجهي ٿو.

        سيد غلام مصطفيٰ  شاهه حيدرآباد ضلعي جي گوني تعلقي جي هڪڙي ننڍي ڳوٺ قادر ڏني شاهه ۾ سن 1919ع ۾ جنم ورتو. سندن گهراڻو علم، شجاعت ۽ سخاوت ۾ اڳ ئي گهڻو مشهور  هو. وڏن وارا ڳڻ سائين کي  ورثي ۾ مليا. سندن هڪ ڏاڏي سيد حاجي هاشم شاهه، اٽڪل پنجهتر سال اڳ سنڌ جي مشهور عالم مولوي محمد عثمان نورنگ زادي کان قرآن شريف جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرايو. سيد  عبدالرحيم شاهه جو قائم ڪيل ديني تعليمي ادارو مدرسه هاشميه سجاول جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. جتان ڪيترائي ماڻهو ديني تعليم جي تحصيل ڪندا رهيا آهن. سجاول جي جامع مسجد به سيد عبدالرحيم شاهه جي ٺهرايل آهي. سنڌ جي ايڏي وڏي مسجد ڪنهن حاڪم يا بادشاهه کان سواءِ ڪنهن هڪ زميندار جي جوڙايل نه ملندي. هن مسجد کي پنهنجي ايڏي وڏي ملڪيت آهي، جو ان جي آمدنيءَ مان مسجد جي سار سنڀال بي فڪريءَ سان ٿي سگهي ٿي. سيد عبدالرحيم شاهه جو وقف سڄي پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو وقف آهي، جنهن مان حيدرآباد  ۾ شاهه ولي الله ائڪيڊمي هلي رهي آهي. جيڪا سنڌ ۾ شاهه ولي الله جي فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ وڏو ڪم  ڪري رهي آحي.  ان کي پنهنجي قيمتي لئبرري  آهي ۽ شاهه ولي الله جي پيغام کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ وقف ڪندڙ جي نالي پٺيان سنڌي زبان ۾ ”الرحيم“ ماهوار رسالو به نڪري رهيو آهي. ان کانسواءِ ان اداري طرفان ڪيترا قيمتي علمي ۽ مذهبي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. غلام مصطفيٰ شاهه جي خاندان جي انهي فيض مان سڄي سنڌ عام طرح ۽ ڏکڻ سنڌ خاص طرح فائدو وٺي رهي آهي.

        سيد غلام مصطفيٰ شاهه هڪ بيباڪ ۽ جرئت وارو اديب ۽ مقرر آهي. سندن هر هڪ لفظ علم ۽ معلومات سان ڀريل، زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وجهندڙ، خلق ۽ اخلاص ۾ ٻڏل هوندو آهي. ان کانسواءِ سندن تقرير ۾  هلڪي وڻندڙ  طنز مزاج به هوندي آهي، جنهن ڪري شاهه صاحب جي تقرير نهايت غور،  فڪر ۽  مزي سان ٻڌي ويندي آهي. پوءِ ٻڌندڙ جا عوامي ميڙ هجن يا دانشورن جا جلسا. نوجوان ۽ شاگردن جو طبقو ته شاهه صاحب جي تقريرن کان خاص طرح ڏاڍو متاثر آهي.

        وڏن ماڻهن جي قومي ۽ انفرادي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪري وڏو تضاد ملندو. ’وڏي پڳ مَ پس، اندر مڙئي اڳڙيون.‘ ڪيترن وڏن ماڻهن جي ذاتي زندگيءَ تان جي پردو لهندو ته گند جا ڍير نظر ايندا. سندن ويجهن ماڻهن ۽ دوستن کي خبر آهي، ته ”هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا هوندا آهن، ته کائڻ جا ٻيا.“ پر شاهه صاحب جهڙو اندر جو اجرو تهڙو ٻاهر جو سچو. سچ ته سندس ذاتي ۽ انفرادي حياتي مثالي آهي. جنهن جي مٿان ڪي به پردا ۽ پوش چڙهيل ڪين آهن. شاهه صاحب اهوئي آهي، جيڪي اسين ڏسون ٿا.

        سندس سادگي ضرب المثل آهي. جنهن جو هر هنڌ اعتراف ڪيو وڃي ٿو، دينداري ۽ خدا جو خوف سندس هر عمل ۾ نظر ايندو. اهو ان ڪري آهي، جو شاهه صاحب سنڌ جي وڏن وڏن عالمن ۽ بزرگن جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهه پرايو آهي ۽ انهن جون  دعائون حاصل ڪيون آهن. مولانا دين محمد وفائي، مولانا شمس الحق افغاني، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مرحوم ڊاڪٽر سعيد، مولوي عبدالرزاق، مرحوم غلام علي الانا، مرحوم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ۽ مرحوم علامه آءِ آءِ قاضي سندس دعاگو ۽ رهبر رهيا آهن. سنڌ ۾ اهڙا ڪي ٿورا جوان ملندا، جن کي الله تعاليٰ اهڙن بزرگن جي صحبت ۽ ترتيب نصيب ڪئي هجي.

        شاهه صاحب جن ابتدائي تعليم کان وٺي نهايت ذهين ۽ هوشيار شاگرد رهيا آهن. پرائمري تعليم تعلقي ميرپور بٺوري ۾ ٻني جي ڀرسان راهوٺ جي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائون. مڊل اسڪول جي ابتدائي انگريزي تعليم سجاول ۾ ورتائون ۽ باقي رهيل تعليم سنڌ جي برک ۽ نامياري اسڪول، سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪيائون۽ مئٽرڪ اتان پاس ڪيائون. پاڻ اتي مانيٽر ۽ چيف پريفيڪٽ به رهيا.

        ڪاليج جي تعليم ڊي -  جي سنڌ ڪاليج ۾ شروع ڪيائون، پر پوءِ اتان ڇڏي عليڳڙهه ويا، جتي بي.اي، ايل. ايل. بي ڪيائون. سن 1946ع ۾ هندستان سرڪار کين اسڪالر شپ ڏيئي، ولايت موڪليو ۽ اتي ڪنگس ڪاليج ڊرهم يونيورسٽيءَ  مان ايم. ايڊ جو امتحان پاس ڪيائون.

        مسلمانن کي تعليم ۾ ترقي وٺائڻ لاءِ سن 1942ع ۾ پير الاهي بخش جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ سنڌ مسلم  ڪاليج قائم ٿيو. اهو سڄي سنڌ ۾ هڪڙو ئي مسلمانن جو ڪاليج هو.  ڪاليج ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ اهڙن نوجوانن جي ضرورت هئي، جيڪي سنڌ جي نوجوان مسلمانن کي نه فقط بهترين تعليم ڏين، بلڪ انهن ۾ صحيح قومي جذبو ۽ اخلاق به پيدا ڪن. سياسي شعور وڌائن ۽ شاگردن لاءِ هڪ عملي مثال ٿي ڪم ڪن. سن 1943ع ۾ محترم پير الاهي بخش مرحوم غلام علي نانا، محترم جي. ايم. سيد ۽ پروفيسر حبيب  جي اصرار تي سندن ڏاڏي سيد عبدالرحيم شاهه جي اجازت سان شاهه صاحب سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ تدريس جو ڪم شروع ڪيو. سن 1948ع ۾ ولايت کان واپس اچڻ کانپوءِ ٿورو وقت گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ رهيا ۽ سن 1950ع ۾ ٿورو وقت شڪارپور ۾ به رهيا.  جنهن کانپوءِ سن 1950ع کان پنهنجي پراڻي اداري سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ پرنسپال ٿي آيا. اهو زمانو نهايت افراتفريءَ جو زمانو هئو. هندو لڏي رهيا هئا ۽ هندستان مان ڪيترا مسلمان تباهه حال، قافله در قافله سنڌ ۾ خاص طرح ڪراچي ۾  داخل ٿي رهيا هئا. شاهه صاحب ايندي ئي ڪاليج ۾ پڙهائي ۽ ٻيو انتظام اهڙو معياري رکيو جو سنڌ مسلم ڪاليج پاڪستان جي  چوٽيءَ جي ڪاليجن کي مات ڏئي ويو. جنهن ڪاليج ۾ سئو شاگرد هئا، ان ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگرد تعليم وٺڻ لڳا. شاهه صاحب جي ڪوشش سان سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج قائم ٿيا ۽ آرٽس ڪاليج ۾ ايترا شعبا قائم ٿيا، جو اهي ننڍي پئماني تي يونيورسٽيءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا. شاهه صاحب کي ڪاليج سان عشق هو. ڪراچي يونيورسٽي جي موجوده وائيس چانسلر هڪ موقعي تي سنڌ مسلم ڪاليج ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو تعارف هنن لفظن سان ڪرايو:

”من تو شدم، تو من شدي

من تن شدم، تو جان شدي.“

        حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ مسلم ڪاليج، ڪراچي  شهر ۽ سنڌ جي تعليم جي تاريخ سن 1950ع کان 1960ع تائين شاهه صاحب سان تعلق رکي ٿي ۽ پاڻ ان تي اثرانداز هئا.

        شاهه صاحب جن اٽڪل ارڙنهن سال درس ۽ تدريس جي زندگيءَ سان نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان، پر ٻاهرين ملڪن ۾ به هڪ مقبول ۽ محبوب استاد تسليم ڪيا ويا. سندن سنڌ مسلم ڪاليج جي پروفيسري ۽ پرنسپالي جي دور ۾ مني لک کان مٿي شاگرد سندن نظراداري هيٺ تعليم حاصل ڪندا رهيا. جن مان ڪيترا موجوده وقت ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن ۽ پنهنجي ملڪ جي بي لوث خدمت انجام ڏئي رهيا آهن. سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي خلوص، محبت،ديانتداري، جفاڪشي، سچائي ۽ همدردي جي تعريف سندن هر هڪ شاگرد جي زبان تي آهي. سنڌ  مسلم ڪاليج جو سندن ايامڪاري وارو دؤر، سن 1950ع کان 1960ع تائين، ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر، وڏي اهميت ۽ شهرت وارو دور هو. سنڌ مسلم  ڪاليج جو اهو دور ۽ انهيءَ جون شاندار روايتون ڪاليج جي هر هڪ شاگرد جي دل تي اُڪريل آهن. سندن ان دور جي برجستگي، دليري، سچائي ۽ محنت جون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن جي لکڻ لاءِ هڪ جدا ڪتاب جي ضرورت ٿيندي.

        هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خاص طرح ۽ پنجاب، فرنٽيئر ۽ اوڀر پاڪستان ۾ عام طور سندن شاگردن جو وڏو  تعداد ملندو. وچ اوڀر ۽ اڀرندي آفريقا ۾ سندن گهڻا شاگرد موجود آهن.

        تعليمي ميدان ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي زندگيءَ جو سونهري باب سندن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلريءَ کان شروع ٿئي ٿو. شاهه صاحب جي پروقار عزم، تعليم ۾ ماهراڻي دلچسپي، قائداڻي بلندنگاهي، ملڪي عظمت لاءِ بي پناهه محبت ۽ مشفقاڻي طبيعت جي هاڪ اتان ملڪ ۾ وڌيڪ مشهور  ٿي.

        شاهه صاحب جي ذهن ۾ يونيورسٽيءَ جو مفهوم ۽ سنڌي معاشري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اهميت بخوبي موجود هئي. سنڌ يونيورسٽي ۾ شاهه صاحب جو پير رکڻ ۽ يونيورسٽيءَ جي بي روح بوتي ۾ جان پئجي وئي، ڄڻ ڪنهن جادوگر طلسم ڦوڪي ڇڏيو هجي. يونيورسٽي جي اُجڙيل چمن ۾ بهار اچي ويئي. وساڻل ڏيئا ڀڙڪو ڏئي ڏياٽن وانگر ٻرڻ لڳا. سنڌ يونيورسٽي هاڻي سنڌ جي عالمن، اديبن، مفڪرن ۽  دانشورن جو مرڪز بڻجي وئي، جيڪو هن اداري جو صحيح مقصد هو. هونئن ئي شاهه صاحب سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي دنيا سان روشناس ڪرڻ ۽ سنڌي روايتن جو قدر ڪرائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، ويتر جو کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، تنهن سندس لڪل خوبين ۽ صلاحيتن کي وڌيڪ  ٻهڪايو. سنڌ يونيورسٽي سان شاهه صاحب جي وابستگيءَ جي ڪري نه رڳو سنڌ جي نوجوانن ۾ نئين سوچ  ۽ فڪر ڪر موڙيو، پر سنڌ جي عالمن ۽ اديبن کي  به غور ۽ فڪر جا نوان پنڌ ۽ پيچرا هٿ آيا. پڙهيل لکيل طبقي  ۾ نئون روح پيدا ٿيو. سنڌ جي استاد کي پنهنجي حياتيءَ جي آسن، اميدن ۽ نراسائيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏي پئي هئي، جنهن ۾ شاگرد ۽ استاد ماندا ماندا، ڦڪي ِ۽ بي مزي  زندگيءَ مان آتا اچي چڪا هئا، جتي هي طرف انتشار ۽ بدانتظامي جو راڪاس وات ڦاڙيو ويٺو هو ۽ جنهن کي ڏسي سنڌ جي هر هڪ گهڻگهري جي اکين ۾ ڏک جا ڳوڙها تري ايندا هئا. ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته سنڌ جي عظمت جو هي علمبردار ادارو مرض جي آخري درجي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ آخري پساهه پيو کڻي. شاهه صاحب مسيحا بڻجي، ان ۾ نئون ساهه وڌو، ان کي اٿاري بيهاريو ۽ ان جي نئين تعمير ڪئي.  پاڻ جيڪو ڪم صرف ڏيڍ سال ۾ ڪيائون، اهو سن 1946ع کان سن  1969ع واري ڪم کان هر طرح گهڻو مٿي هو. سيپٽمبر 1969ع کان وٺي سن 1971ع تائين يونيورسٽي سنڌ جي اميدن ۽ آسرن جو مرڪز بنجي چڪي هئي.

         شاهه صاحب جو نظريه هو، ته سنڌ جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي ۽ سنڌ جي ترقي ۽ ڪمال جو بنياد يونيورسٽي آهي ۽ يونيورسٽي جا شاگرد آهن. سنڌي، سنڌي زبان، سي شاگرد ۽ سنڌي استاد سڀ هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن. شاهه صاحب انهن سڀني ڳالهين کي ڌيان ۾ رکي ڪم شروع ڪيو. شاهه صاحب يونيورسٽيءَ کي جسمي ۽ عمارتي، ظاهري ۽ معنوي خوبصورتي ڏني. يونيورسٽي بيابان مان بدلجي، هڪ ٻهڪندڙ شهر، هڪ دل فريب نظارو ٿي پيئي!!  نيون ۽ سهڻيون عمارتون، نوان  ۽ ڪشاده رستا. رستن تي سڄي  پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي سورهين، بزرگن عالمن ۽ اديبن جا نالا رکيا ويا. شاگردن لاءِ راندين، رهائش ۽ طعام جون بهترين سهوليتون فراهم ڪيون ويون. رستن تي روشني ۽ وڻن پوکڻ جي مهم به شاهه صاحب جي محنت ۽ دلچسپيءَ جو زنده ثبوت آهي. ان ٿوري عرصي ۾ سنڌ يونيورسٽي صحيح نموني  سنڌ جو ادارو، سنڌي ثقافت جو  مرڪز ٿي پئي ۽ سنڌ جي نوجوانن، استادن ۽ اديبن کي سندن عزت ۽ وقار جو اصلي مقام ملڻ شروع ٿيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سندس صحيح ۽ باوقار  جاءِ ملي، ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي  جو اهو ريزوليشن ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي سرڪاري زبان سنڌي ٿي رهندي، هڪ تاريخي ريزوليشن هو، جنهن سنڌ ۾ هڪ عجيب ذهني انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جو هر فرد سنڌي ٻوليءَ، سنڌي تهذيب، سنڌي روايتن ۽ سنڌي تاريخ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳو.

        سنڌ يونيورسٽي جي سنڌ سائنس مخزن سندن ٻيو وڏو ڪم آهي. شاهه صاحب  محسوس ڪيو ته ڪا به قوم سائنس جي علم کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي ۽ اهو ڪم تڏهن وڌيڪ اثرائتو ۽ افضل ٿي سگهي ٿو، جڏهن اها تعليم به ٻارن کي سندن مادري زبان ۾ ڏني وڃي، انهيءَ ڪري شاهه صاحب سائنس مخزن جو يونيورسٽيءَ مان جاري ڪرائي. اڄ اها مخزن ان درجي تي پهتل آهي، جو پاڪستان جي ٻي ڪنهن ٻوليءَ يا صوبي ۾ ان مخزن جي مٽ ڪا مشڪل ملندي.

        پاڻ استادن ۽ عالمن کي هميشه ائين چوندا رهيا آهن، ته چوڻ ۽ ڳالهائڻ به تعليم ڏيڻ جو هڪ ذريعو آهي،  پر حقيقتي خدمت لکڻ سان آهي. لکيل لفظ ئي جٽادار آهن. زباني لفظ هوا ٿي ويندا. استاد ۽ عالم جو لکڻ ۾ دلچسپي نٿو وٺي، اهو عليل ۽ بيمار آهي. شاهه صاحب جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته، سنڌي ادب کي اڃا به  وسيع ڪيو وڃي ۽ دنيا جي معياري ادب جي قطار ۾ آندو وڃي، اڄوڪي زماني جي  جديد تقاضائن کي پوري ڪرڻ جو واحد طريقو اهو آهي، ته نثر ۾ اظهار خيال جون وڌيڪ وسعتون ۽ صلاحيتون پيدا ڪيون وڃن ۽ ان کي وڌيڪ موثر بنايو وڃي. سنڌي زبان ۾ فڪر انگيز ۽ پرمغز مضامين ۽ ڪتاب لکيا وڃن شعر ۽ افسانه پنهنجي  جڳهه تي اهميت رکن ٿا، پر قومن جي ترقيءَ جو راز دماغ کي کولين ٿا پر قومن جي ترقي جو راز دماغ کي کوليندڙ نثر تي آهي.

        شاهه صاحب جو سنڌي زبان جي  واڌاري لاءِ ٽيون قدم سنڌي ٽائيپ رائيٽر آهي. کين اهو خيال هئو، ته سنڌي ۾ ٽائيپ رائيٽر ۽ شارٽ هينڊ هئڻ گهرجي. سن 1955ع يعني ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٽائيپ  رائيٽر ۽ شارٽ هينڊ ختم ٿي چڪا هئا، شاهه صاحب انهن  کي وري جيئارڻ ۽ ميدان تي آڻڻ ٿي چاهيو. نئون سنڌي ٽائيپ رائيٽر سندس اڻ ٿڪ همت، دوررس نگاهه ۽ سنڌي زبان جي خدمت ۽ علم دوستي جو هڪ غيرفاني يادگار آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، انهيءَ احساس جي پيش نظر سنڌي ٽائيپ رائيٽر کي سندس نالي منسوب ڪيو. انهيءَ عظيم ڪم ۾ پير حسام الدين شاهه راشدي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر جي. الانا.  مسٽر محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جسٽس فيروز نانا ۽ ميان تمنائي به سندس مدد ڪئي.

        سندس دور ۾ سنڌ جي صحافت لاءِ به هڪ جاندار وقت آيو ۽ ان پنهنجي وقار ۽ غيرت جو نئون ثبوت ڏنو. سنڌي صحافت کي هڪ مرڪز مليو ۽ ان صحافت جي ميدان ۾ وڏو اثر پيدا ڪيو. منجهس جدوجهد جو مادو پيدا ٿيو.

        سنڌي استاد لاءِ به هيءُ هڪ شاندار دور هو. شاهه صاحب جي سنڌي استادن جي آڏو ڪيل تقرير هڪ لافاني مقالو آهي.

        شاهه صاحب جو اهو نظريو آهي ته سنڌ، سنڌ يونيورسٽي، سنڌي شاگرد، سنڌي استاد ۽ سنڌي اديب هڪ ئي جسم جا مختلف نالا آهن.  ان جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو شاهه صاحب جو هر فعل ۽ قول بلڪ سندن سڄي شخصيت سنڌ ۽ فقط سنڌ لاءِ وقف ٿي وئي.

         پڙهندڙن کي اهو ٻڌي، شايد خوشي ٿيندي ته سندن ڏاڏي جي والده جو نالو به ”سنڌ بيبي“ هو. شاهه صاحب جي سنڌ سان والهانه محبت ۾  يقيناً انهن بزرگن جو فيض ڪار فرمائي ڪري رهيو آهي.

        شاهه صاحب جي انهن پرخلوص ڪوششن جو عام طرح احترام ڪيو ويو ۽ هينئر پاڻ سنڌي عالمن، اديبن،  استادن ۽ نوجوانن ۾ عام طرح ۽ پڙهيل لکيل  طبقي ۾ خاص طور واحد مهندار جي حيثيت حاصل ڪري چڪا آهن. سنڌ جي هر تحريڪ ۽ ادارو، خواهه اهو ڪٿي به هجي، تنهن کي باوقار، موثر ۽ مفيد بنائڻ  سندن دلچسپي جي دائره عمل جي داخل آهي.

        سنڌ جي هن عظيم فرزند تي سنڌ ۽ پاڪستان کي ناز آهي، جيتوڻيڪ ڪن خود غرض،  تعصبي ۽ تنگ نظر ماڻهن سندن ڪارنامن کي محدود معنيٰ ڏيڻ جي بي سود ڪوشش ڪئي، تڏهن به شاهه صاحب جي مقبوليت وڌندي ويئي ۽ پاڻ سنڌ جو محبوب رهبر ليکجڻ لڳو.

        سنڌيءَ سان شاهه صاحب جي محنت ۽ انهيءَ لاءِ تڪليفون برداشت ڪرڻ، قربانيون ڏيڻ، ڪا لڪل ڳالهه ڪانهي. سنڌ جو ننڍو وڏو هاڻي انهيءَ راز کان واقف ٿي چڪو آهي. صدر ايوب جو قهري دور هو. گهرن جي ڀتين اندر به ماڻهو ڊڄي ڊڄي ڳالهائيندا هئا. ڪامورا شاهي جي رعب ۽ دٻدٻي جي ڪري اشراف ڪنڊون وسايو ويٺا هئا. سڀ ڪنهن  جو هٿ پنهنجي پڳ ۾ هو، ته شل خير جو وقت گذري، انهيءَ وقت ۾ شاهه صاحب خيرپور جي ڊويزنل ڪائونسل ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ميمبريءَ جو قسم سنڌيءَ ۾ کنيو. بس ڀنڀور کي باهه لڳي ويئي، ڀرون مٿي کڄي ويا. اکيون ڦوٽارجي ويون ۽ شاهه صاحب کي انهيءَ جرم جي سزا ۾ بدلي ڪري لاهور موڪليو  ويو. جتي ساڻس سنڌي ڳالهائڻ وارو به ڪونه هو. پر شاهه صاحب ٻوليءَ لاءِ اها ديس نيڪالي همت ۽ خوشيءَ سان برداشت ڪئي.

        سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ به شاهه صاحب کي اهائي اڻ تڻ هئي، جنهن اداري جو نالو سنڌ يونيورسٽي هو. انهيءَ ۾ سنڌيءَ جو نالو وٺڻ به ڏوهه هو. ملڪ ۾ اڃا تائين اهائي ظلم ۽ زبردستي جي فضا قائم هئي.  آسمان جا ڪارا ڪڪر ڇانئيل هئا. سوچ ۽ فڪر جي آزادي کسجي هئي. زبان ۽ قلم تي پهرا لڳايا ويا هئا. سنڌ ۾ ئي سنڌي ڳالهائڻ تي بندش پيل هئي. جن کي سنڌ وارن ڏتڙيل ۽ مظلوم سمجهي، اکين تي وهاريو، دلين ۾ جايون ڏنيون، اهيئي سنڌ وارن کان سندن قيمتي سرمايو، سندن ٻولي ۽ سندن تهذيب کسي رهيا هئا. سياستدانن ۾ هراس هو، عوام جي دلين ۾ دهشت ويٺل هئي. اهڙي وقت ۾ شاهه صاحب يونيورسٽي سنڊيڪيٽ اڳيان، سنڌيءَ کي يونيورسٽي جي سرڪاري ٻولي مقرر ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ  آڻائي پاس ڪرايو. انهي ٺهراءُ سان دهشت جو قلعو پرزا پرزا ٿي ويو. عام سجاڳي پيدا ٿي ويئي. سڀڪو ڪر موڙي  اٿي کڙو ٿيو، پر هڪ سرڪاري ڪاموري کي اها سجاڳي نه آئڙي. ظلم  ۽ ڏاڍ وري شروع ٿيو. نوجوان شاگرد سوَن جي تعدا ۾ کلندي، ڪڏندي جيل ۾ هليا ويا. ”سوريءَ سڏ ٿيو ڪا هلندي جيڏيون.“ شاهه صاحٻ ڏي وري قهر ۽ ڪاوڙ ڀريل نگاهون گهور ڪري نهارڻ لڳيون. سندس چوڌاري طوفان بدتميزي برپا ٿي ويو. سندس مخالفن  هر قسم جي بداخلاقي کان ڪم ورتو، مٿس حملا ڪيا ويا. 29 اپريل سن 1971ع واري رات بدترين سازش جي رات هئي. پر هيءُ اڏول بيٺو رهيو. هن جي اڳيان هڪ مقصد هو. انهيءَ مقصد لاءِ ڪا قرباني وڏي نه هئي. جيتوڻيڪ کيس يونيورسٽيءَ مان هٽايو ويو، تڏهن به هي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو. ٿورن کي خبر هوندي ته اڄ سنڌ ۾ جا سجاڳي آهي، سا شاهه صاحب جي انهن ئي ڪوششن جو نتيجو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي وري جيئارڻ لاءِ شاهه صاحب جون ڪوششون ۽ قربانيون تاريخ جو هڪ اهم باب، هڪ قيمتي سرمايو ٿي، هميشه ياد رهنديون.

        اسان جي دعا آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ کيس سنڌ ۽ پاڪستان جي خدمت جا جهجها موقعا فراهم ڪري، کين سندن بي لوث ۽ دليرانه خدمت جو اجر ڏي ۽ سنڌي نوجوان جي رهبر ۽ رهنمائي جي هر وقت توفيق  بخشي. شاهه صاحب جي زندگي ۽ سندس سنڌ سان محبت ۽ ان جي خدمت، سنڌ جي استاد، اديب ۽ عالم لاءِ عملي ۽ فڪري طرح هڪ قابل تقليد مثال آهي. ڌڻي تعاليٰ کيس ۽ سندس اولاد کي خوش رکي.

        اسان سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي هڪ تحريڪ ۽ عملي پروگرام جو نقطئه عروج سمجهون ٿا ۽ اميد اٿئون ته الله رب العزت ان تحريڪ کي اڃا اڳتي وڌائيندو ۽ ڪامياب ڪندو. قومن جي زندگي  ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ئي انهيءَ عظيم مرتبي تي پهچندا آهن ۽ هن ميدان ۾ اسين شاهه صاحب  کي پهرين صف ۾ سمجهون ٿا.

 

پروفيسر اياز قادري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org