سيڪشن؛    علميات

ڪتاب: اخلاق حميده

ڀاڱو ٽيون

صفحو :4

اخلاق حميده

ميرزا علي نواز بيگ

ڀاڱو ٽيون

سهڻا اخلاق

 

انسانيت ۽ آدميت واسطي، زندگاني ۽ معاش پيدا ڪرڻ جا قانون، ۽ زماني جي ماڻهن جي دلين ڏکوئڻ کان پرهيز ڪرڻ جا قاعدا سکڻ، بلڪل ضروري آهن. جيڪي ماڻهو نيڪوڪاري ۽ پرهيزگاريءَ سان هلن ٿا، ۽ جيڪي نفس خطاڪار جي اشاري سان حقانيت جي سڌي رستي کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا، سي عقوبتن ۽ مصيبتن جي چنبي ۾ ڦاسي پون ٿا. سعادتمندن ۽ نيڪوڪارن کان مخفي نه آهي ته دنيا ۽ عقبيٰ جي خجالت ۽ شرمساري فقط انسانذات سان خير خواهي، گلا کان پري رهڻ، ۽ خاص ۽ عام سان لطف ۽ مهربانين ڪرڻ سان دفع ٿي سگهي ٿي.

جيڪي ماڻهو معاش ۽ زندگيءَ جي علم کان واقف آهن، ۽ خدا تعاليٰ جي حڪمن ۽ احڪامن پهچائڻ وارا آهن، تن مان هر هڪ تي واجب ۽ لازم آهي ته پنهنجي وجود کي، سڀڪنهن خرابيءَ کان پاڪ ۽ صاف رکي، بيفائدي گفتگو ۽ بڇڙن افعالن کان پنهنجي حفاظت ڪري، ۽ پنهنجي حسن خلق ۽ پاڪيزه طبعيت ۽ نيڪو ڪاريءَ سان، سعادت ۽ نيڪنامي حاصل ڪري. هن جي دلڪشا احاطي جي در جي ڪنجي، بلند فطرتي جي اختيار ۽ قبضي ۾ رهي ٿي. انسانيت ۽ اهليت، احتيار ۽ قبضي ۾ رهي ٿي. انسانيت ۽ اهليت، بيگاني خواه آشنا جي دل تي اثر ڪري ٿي، ۽ احتياجمندن ۽ عاجزن جي مددگاريءَ ۾ ڪابه ڪوتاهي نٿي ڪري.

تحقيق خدا تعالي جون نعمتون ۽ ٻنهي جهانن جو فيض ان کي حاصل ٿي سگهندو، جيڪو خلق جي عيبن ظاهر ڪرڻ کان پرهيز ڪندو ۽ هنن جي دلين کي پنهنجي نفاق جي ڏنگ سان زخمي نه ڪندو. جيڪو ماڻهو دل آزاري ڪري ٿو، سو آسماني آفتن کان ڪڏهن به امن ۾ نه رهندو، ۽ هن جي موجودگي جي شمع، ڪنهن به مجلس ۾ روشنائي نه ڪندي، ۽ ماڻهو هن جي صحبت کان ڪنارو ڪرڻ لڳندا ۽ هن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا. جيسين هو ڪوشش ڪري وير جي خاڪ، ۽ خصومت جو غبار خلق جي دل جي آرسيءَ تان لاهي، هن جي دلين کي پنهنجي مهربانيءَ ۽ مٺيءَ زبان جي دام ۾ قيد نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو پنهنجن ناجائز مطلبن حاصل ڪرڻ واسطي، خلق جي حاجتن ۾ خلل ۽ نقصان وجهندو، سو ڪڏهن به آشنائي ۽ نمڪخواري جي رستي تي مرداني طرح قدم رکي نه سگهندو ۽ جيئن گهرجي تيئن محبت ۽ خيريت جي قاعدن جي رعايت نه رکندو ته پوءِ نتيجو اهو ٿيندو، جو هن جي راحت جو متاع، انتقام جي حادثن سببان تاراج ٿي ويندو ۽ دل ڏکويلن جي آهن جو اثر، هن جي بهبودي ۽ اعتبار کي چٽ ڪري ڇڏيندو. ڪنهن به طرح هن جي دل تي خوشي ظاهر نه ٿيندي.

ڪامل جوان مرد اهو آهي، جيڪو نفس خطاڪار جو فريب نه کائي ۽ جيسين پنهنجي حال جي آرسيءَ ۾ پنهنجا عيب ڏسندو هجي، تيسين ٻين جي خطائن جو نالو نه وٺي ۽ نه ماڻهن جي نام ۽ ننگ جو پردو بي حفاظتي سان ڦاڙي. ڇاڪاڻ ته اهڙي روش هن کي خداوند عالم جي التفات کان گهڻو پري ڪري ڇڏيندي. ماڻهن جي آرام ۽ آسائش ۾ خلل اندازي ڪرڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهڙي روش هن جي بهبوديءَ کي به نقصان پهچائيندي ۽ هن جو الو نيڪبختي جي ياد داشت تان محو ڪري ڇڏيندي. خواجه حامد جي زال ورانگر، جنهن هڪ اصفهاني جوان جي مال جي طمع ۾ پنهنجن پيرن کي نفسانيت جي طلسم ۾ ٻڌي، پنهنجي عمر جي وڻ مان راحت ۽ آسودگيءَ جو ميوو کاڌو، پر پوءِ پاڻ مصيبت جي دام ۾ ڦاسائي ڇڏيو.

اها ڳالهه هن طرح بيان ٿا ڪن ته اڳئين زماني ۾ ڪي ماڻهو رفاقت ۽ دوستيءَ ۾ نهايت مشهور هئا، ۽ محبت ۽ يگانگيءَ ۾ يڪتا هئا. هڪ دفعي هنن کي اصفيان کان خراسان وڃڻ جو اتفاق ٿيو. ڪجهه مسافريءَ کان پوءِ درمغان ولايت ۾ پهتا، جتي ٿورا ڏينهن ترسي ڪي ڪم ڪاريون پورا ڪري اڳتي روانا ٿيا.

اڃا ڪجهه ميل پنڌ ڪيو هئائون ته هنن مان، هڪڙي کي ياد پيو ته هن جي ناڻي جي ڳوٿري درمغان ۾ رهجي ويئي آهي، تنهنڪري پنهنجن رفيقن کي انهيءَ ڳالهه کان واقف ڪيائين، ۽ چيائين ته ”مون وٽ جيڪي موجودات ۾ هو سو اهو ئي هو، تنهنڪري واجب آهي ته پٺتي موٽي وڃي ان جي ڳولا ڪريان.“ مگر ان جوان، اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ چيائين ته ”توهان منزل تي هلي منهنجي واسطي ترسي پئجو، آءٌ جيتريقدر جلد ٿي سگهندو اوتريقدر جلد موٽي ايندس.“ يارن کان موڪلائي، درمغان ڏانهن روانو ٿيو. پوءِ قافلو اڌ رات جو وڃي منزل تي پهتو، ۽ صبح تائين ان جوان جي موٽي اچڻ لاءِ منتظر رهيا، مگر هن جو ڪو به نشان پيدا نه ٿيو.

جڏهن سج اڀريو، تڏهن رفيقن کي ان جوان جي موٽي نه اچڻ ڪري ڪجهه فڪر ٿيو، ۽ انهن مان هڪ شخص، جنهن جي هن سان زياده محبت هئي، تنهن بيتاب ٿي چيو ته ”مون کي پنهنجي دوست جي غير حاضريءَ سبب نهايت بي آرامي آهي ۽ مون کي انديشو آهي ته مبادا ڪنهن حادثي جي ڪري، هُن کي خلل پهتو هجي. جيئن ته موفق دوست ۽ همدم مشفق کي رفاقت جي رسي ۾، ڪوبه رنج ڏيڻ پشيماني کان خالي نه آهي، دوست جنهن جي الفت جي باغ مان وفاداريءَ جي گل جي بوءِ مغز تائين پهچي وڃي ٿي، تنهن جي قدمن تان پنهنجي جان کي نثار ڪرڻ عين مقصد آهي. انهيءَ ڪري ٻنهي جهانن جي سعادت حاصل ٿيندي آهي. تنهنڪري مون کي لازم آهي ته هن جي دير ڪرڻ جي حقيقت معلوم ڪريان.“ انهيءَ خيال سان پٺ تي موٽيو.

اڃا ڪجهه ميل پنڌ ڪيائين ته پنهنجي دوست جي ملاقات جو فيض حاصل ٿيس، پڇيائينس ته ”اي يار، عزيز! تنهنجي دير ڪرڻ جو باعث ڪهڙو هو؟“

ان جواب ڏنس ته ”اگرچ گم ٿيل شيءِ لڌيم، مگر عجيب واقعو پيش آيو هوم جنهن مان منهنجي حياتيءَ جو ڪبوتر، حادثي جي: عقاب جي چنبي مان صحيح سلامت ٻاهر نڪري آيو. درمغان مان موٽندي، جڏهن سج لهڻ کي قريب ٿيو، تڏهن دل ۾ خيال ڪيم ته هن وقت رفيق ته منزل تي پهچي ويا هوندا ۽ هاڻي سج لهي ويو آهي، رات جي اونداهي ٿيڻ واري آهي تنهنڪري احتياط جي قاعدي موافق چڱو ٿيندو جو رات جو اڪيلو هن رستي تان وڃان، اهڙيءَ صورت ۾ بهتر آهي ته ڪنهن هنڌ ترسي پوان، ۽ صبح جو اڳتي روانو ٿيان.

”درمغان جي هڪ ڳوٺ ۾، جيڪو عام رستي جي ڀرسان هو، تنهن ۾ لڙي ويس. شهر ۾ هر طرف پئي گهميس ته ڪنهن گهر ۾ وڃي رات گذاريان. ايتري ۾ انهيءَ ڳوٺ جو هڪ شخص ملي ويم، جنهن مون کان حال دريافت ڪري چيو ته ”اي جوان! مون کي گهر آهي جو خدا جي دوستن جي لهڻ جي جاءِ آهي، ۽ هر وقت منتظر هوندو آهيان ته نيڪ سيرت جوانن جي خدمت ڪري، پنهنجو تارُون سعادت جي ماکيءَ سان مٺو ڪريان. تنهنڪري  اميد ٿو رکان ته مهرباني ڪري اڄوڪي رات منهنجي گهر هلي ترس، ۽ منهنجي ڪکن جي جهوپڙيءَ کي پنهنجي تشريف جي نور سان روشن ڪر.“ مون کي هن شخص جي دلجوئي ۽ تازه روئي دل تي اثر ڪيو، ۽ آءٌ گهوڙي تان لهي هن جي گهر ۾ لنگهي ويس. پوءِ انهيءَ ساعت عمدو طعام منهنجي واسطي آڻي حاضر ڪيائين. غذا کائڻ کان پوءِ، جڏهن سمهڻ جو وقت ٿيو، تڏهن مون کي چيائين ته ”اي جوان! جيڪڏهن تو وٽ ناڻو يا ڪا قيمتي شيءِ هجي ته اها منهنجي حوالي ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ حادثا سڀڪنهن جي پٺيان لڳا پيا آهن. مبادا اميد جي برخلاف، احتياط جي نه هئڻ ڪري ڪو حادثو ٿي پئي!“ مون ناڻي جي ڳوٿري، جنهن ۾ قريباً هڪ هزار دينار پيل هئا. سا هن جي حوالي ۾ ڏني. ميزبان اها امانت پنهنجي حوالي ۾ ورتي ۽ آءٌ هنڌ تي بيفڪر ٿي سمهي پيس.

اڃا هڪ لمحو مس گذريو هوندو، ته دل ۾ خيال آيم ته هيءَ ڪهڙي بيوقوفي ۽ بيپرواهي هئي جيڪا مون کان ظاهر ٿي آهي، جو هڪ بيگاني شخص کي، جنهن کي اڄوڪي رات کان اڳي ڪڏهن به نه ڏٺو اٿم ۽ جنهن جي احوال جي ڪابه خبر نه اٿم، تنهن کي هزار دينارون جو بنا ڪنهن دستاويز ۽ شاهدن جي ڏئي ڇڏيم! جيڪڏهن سڀاڻي خيانت ڪري انڪار ڏئي ڇڏيم! ته پوءِ ڪهڙيءَ حجت جي مدد سان اها رقم وصول ڪري سگهندس! زماني جي خلق اڄڪلهه اهڙي بي ديانت ۽ حق ناشناس آهي، جو مال حاصل ڪرڻ واسطي ڀائر به هڪٻئي ۾ فريب ڪرڻ کان نٿا رهن، ۽ پٽ به پيءُ کان اهڙي ڏيتي ليتي واسطي حجتون ۽ شرط وٺن ٿا! هن بي احتياطي جي چڻنگ، منهنجي دل ۾ بيقراريءَ جي باهه کي ٻاري وڌو، تنهنڪري بي محابو ٿي، جاءِ کان ٻاهر نڪري هن شخص کي سڏ ڪيم ۽ چيومانس ته ”جيڪڏهن توکي تڪليف نه ٿئي ته منهنجي امانت مون کي آڻي ڏي، جو منهنجو ان ۾ ڪم آهي.“ هن شخص امانت آڻي منهنجي حوالي ڪئي ۽ مون اهو ناڻو وٺي جاءِ کان ٻاهر زمين ۾ پوري ڇڏيو ۽ پوءِ موٽي اچي هنڌ تي سمهي پيس.

ٿوريءَ دير کان پوءِ، جنهن ڪوٺيءَ ۾ ميزبان پنهنجي زال سان سمهيو پيو هو، تنهن مان مون کي ڳالهائڻ جو آواز ڪن تي پيو. آءٌ در جي پٺيان بيهي ٻڌڻ لڳس ته زال مڙس کي عتاب ڪري پئي چيو ته ”او بيعقل! چڱو ائين ٿيندو جو تنهنجو نالو احمق ۽ بيوقوفن جي ياداشت ۾ پهرين پهرين لکڻ گهرجي. هيءَ ڪيڏي نه وڏي خطا آهي، جيڪا تنهنجي نامسعود خيالن جي ڪري توکان صادر ٿي! ههڙي نعمت، جا هن مدت اندر ڪنهن به شخص کي حاصل نه ٿي هوندي ۽ غيب جي پردي مان توکي نصيب ٿي، جو هڪ مسافر شخص رات جي وقت بنا دستاويز ۽ شاهدن جي ناڻي جي ڳوٿري آڻي توکي ڏني، جنهن مان اسين هوند سالن تائين خوش گذران ڪري سگهون ها. توکي ڪهڙو امر مانع ٿيو، جو اهڙيءَ نعمت جو قدر نه ڪيئي، ۽ اهڙي گنج کان ڄاڻي واڻي منهن ڦيرائي ڇڏيئي، جڏهن اڌ دينار ڪمائڻ واسطي قسمين قسمين زحمتون ڪڍين ٿو ۽ طرحين طرحين سختين جو زهر چکين ٿو. هن واقعي ۾ هي تمام ناصواب ڪم ڪيئي. حقيقت ۾ توکان هيءَ تمام وڏي خطا عمل ۾ آئي آهي.

هن شخص زال جي ڳالهين ٻڌندي ڪاوڙجي چيس ته ”اي بيوقوف، جنهن مدت کان منهنجي گهر جي دائري ۾ پير رکيو اٿئي ۽ انهي مدت ۾ جيڪو نصيحت ۽ وعظ جو ٻج تنهنجي  ڪلراٺي زمين ۾ پوکيم تنهن مان تنهنجي اڍنگن لڇڻن جي ٽوهن کان سواءِ ڪجهه به نه ڄائو آهي. توکي شرم نٿو اچي جو عقل ۽ هوش جو پردو لاهي، هڪ طرف کڻي ڦٽو ڪيو اٿئي ۽ ههڙين بيهودين ڳالهين ۽ ڪوڙن ويچارن سان مون کي ۽ پاڻ کي رنج ڏئي رهي آهين! هيءَ جوانمردي ۽ شرافت نه آهي جو مسافر جي ناڻي کي پنهنجي نفع پهچائڻ لاءِ، خداشناسي ۽ عاقبت انديشي جي روشن راهه کان اکيون ڍڪي، هن جي امانت ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪريون. مهمان سان مهربانيءَ جي طريقي جي خلاف پيش اچڻ بلڪل بيمروتي آهي، اهو ڪنهن به مذهب ۽ ملت ۾ روا نه آهي. حق جل و اعليٰ ڳجهن جو ڄاڻندڙ آهي ۽ سڀڪنهن عمل جي نتيجي واسطي عدالت جي قانون موجب عمل ڪري ٿو. ڪنهن بيگناهه جي باري ۾ شيطانيءَ فڪر ڪرڻ لاءِ، دنيا ۽ آخرت ۾ شرمساري ۽ پشيمانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. الله تعالي جي خزاني ۾ گوناگون ۽ بيشمار عطائون آهن، ۽ هو هر هڪ ماڻهوءَ کي جنهن نعمت واسطي لائق ۽ مستحق سمجهي ٿو، بنا گهرڻ جي عطا ڪندو آهي.

ڪنهن به فتني جو ٻج، جي نيت جي ٻنيءَ ۾ پوکيندينءَ ته سواءِ نقصان جي ڪجهه به حاصل نه ڪندينءَ، جيڪي تون ڪندينءَ ته جهان به توسان ساڳي هلت ڪندو.

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ڀيري، ڪو شخص گهر ۾ ويٺو هو ۽ هٿ ۾ ڪاٺي هيس. اتفاق سان اوڏيءَ مهل هڪ ماڪوڙي گهڻي تلاش ۽ ڪوشش سان، داڻو هٿ ڪري وات ۾ کنيو پي ويئي. هن شخص ڪاٺيءَ کي ماڪوڙيءَ جي طرف سيريو، جنهنڪري ماڪوڙي ڊپ کان داڻو وات مان ڪيرائي، بنا مقصد حاصل ڪرڻ جي هلي وئي. انهيءَ شخص کي ٻني هئي، جنهن جي پيدائش تي پنهنجي گذران جي شمع کي روشن ڪندو هو. ٻنيءَ جي پيدائش لڻي صفا ڪري رکي هئائين، ۽ ارادو هوس ته جلد کرو کڻي وينداسون. ٻن ڏينهن کان پوءِ هاري اچي خبر ڏنيس ته ”ڪالهه ٻارِ کي اوچتو باهه لڳي ويئي ۽ سمورو اَنّ سڙي خاڪ ٿي ويو، هڪ داڻو به نه بچيو-“ هن شخص جڏهن غور ڪيو، تڏهن سمجهائين ته هن ماڪوڙيءَ کي جيڪو نقصان پهچايو هوم، ان سبب ڪري منهنجيءَ پيدائش کي هي خلل پهتو آهي.

اي زال، حق سبحانه و تعالي پنهنجي نعمت جي گنجخاني مان هر ذي حيات واسطي رزق جو در کولي رکيو آهي، جنهن مان هر روز سواءِ تڪليف جي سڀڪنهن کي ملي وڃي ٿو. ان ۾ اها گنجائش نه آهي ته ڪو ماڻهو، خصوصاً پنهنجي نفعي واسطي حرص جو نُنهن ٻئي جي مال ۾ هڻي ڪڍي. مسلمانيءَ جي لاف هڻي اهڙا کوٽا ڪم ڪرڻ ڪري، پنهنجو ڪم نالو سعادتمندي ۽ نيڪبختيءَ جي شمار مان ڪڍي، گنهگارن ۽ بدڪارن جي جماعت ۾ داخل ڪرڻ، ڪهڙي عقلمندي آهي! هن زال کي جيئن ته ناڻي جي محبت دل ۾ ويهي ويئي هئي، تنهنڪري اهي ڳالهيون فضول سمجهي پنهنجي مڙس کي چيائين ته ”انهن ڳالهين تي مون کي ڪڏهن به اعتماد ڪونه هو ۽ نه ٿيندو. غيبي عطائون جيڪي چوين ٿو سي اهڙيون شيون نه آهن، جي تنهنجن پيرن سان رڙهي اچن. اهو ته ڪڏهن به ڪنهن نه ڏٺو ته جبرائيل آسمان مان ڪا ناڻي جي ڳوٿري يا مال آندو هجي! دنيا عالم اسباب آهي ۽ هن قسم جا وسيلا ۽ رستا غنيمت سمجهڻ گهرجن. ههڙو شڪار جو ڪنهن به ڪوشش کان سواءِ پنهنجن پيرن سان هلي شڪاريءَ جي گهر ۾ اچي ۽ صحيح سلامت ٻاهر هليو وڃي ته اها وڏي بي همتي آهي.

”مفلسي ۽ تنگي اشارو ڪري رهي آهي ته جڏهن اڄ رات جو ڪو به هن حال کان واقف نه آهي، تڏهن هن جوان کي قتل ڪري، هن جو ناڻو، سامان، گهوڙو ۽ هٿيار پنهنجي تصرف ۾ آڻيون ته جيئن ڪجهه ڏينهن تائين اسان جي گذران جو ذريعو ۽ اسان جي راحت جو وسيلو ٿئي.“ مڙس چيس ته ”اي زال، ائين نه چؤ، بيدين به پنهنجي قلب جي ڪاروائيءَ هوندي مهمان جي رعايت ڪندا آهن، ۽ ههڙن بڇڙي ڪم جا مرتڪب نه ٿيندا آهن. هن قسم جي بيباڪي جي محروم ۽ پري ٿيڻ جو باعث آهين.“ جڏهن زال ڏٺو ته مڙس ساڻس هن ڳالهه ۾ شامل راءِ نٿو ٿئي، تڏهن ماٺ ڪري ويهي رهي.

مون جو هن زال کي هن وسوسي جي هنگامي ۾ سرگرم ڏٺو ۽ مشاهدو ڪيم، تنهنڪري ڊپ ۽ خوف ٿيم ته مبادا حادثي جي خاڪ منهنجي عافيت جي دامن تي پئجي وڃي، سو هڪ وڻ تي چڙهي ويس ۽ ان جي گهاٽين ٽارين ۾ لڪي ويهي رهيس. قضا سان هن زال کي اڳين مڙس مان  هڪ پٽ هو جو شرارت ۽ بدڪرداريءَ ۾ ابليس لعين جي برابر هو ۽ بڇڙن ڪمن جي پٺيان خطاڪاري ۽ گنهگاري جي رستي تي سرگردان رهندو هو. اڪثر وقتن تي، هن کان ماڻهن جي مال ۽ جان کي وڏا نقصان پهچندا هئا، ۽ سڀڪنهن ناصواب ڪم جي پٺيان بيباڪيءَ سان ڊوڙندو وتندو هو.اتفاق سانءَ انهي رات به هميشه جي عادت موافق، نفس خطاڪار جي اشاري تي فتني ۽ فساد جي نيت سان، گهر کان ٻاهر نڪري ويو هو ۽ اڌ رات جو مستيءَ ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ گهر موٽي آيو ۽ مهمانخاني ۾ داخل ٿيڻ سان، هنڌ وڇايل ڏسي، منهنجي جاءِ تي بيخودي ۽ مدهوشي ۾ سمهي پيو.

جڏهن گهر جو مالڪ ننڊ ۾ سمهي پيو تڏهن اها زال، هن جي بيخبري ۾ گهر مان ٻاهر نڪتي ۽ هڪ پٿر هٿ ۾ کڻي، منهنجي مارڻ جي ارادي سان ڪوٺي ۾ اندر لنگهي آئي. اچڻ سان اهو پٿر اهڙي ته زور سان هن جي مٿي تي هنيائين جو هن جي زندگي جو آکيرو ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو ۽ هن جي حياتي جو پکي موت جي پروازگاهه ڏانهن اڏامي ويو. هن زال ڪيتري به ناڻي جي ڳوٿري جي ڳولا ڪئي، مگر ان جو ڪوبه پتو معلوم نه ٿيس ۽ پريشان حال سان موٽي گهر ويئي ۽ مڙس کي جاڳائي انهيءَ واقعي کان خبردار ڪيائين. هن شخص افسوس جا هٿ ملي چيس ته ”اي نالائق، هن وڏي گناهه جي پٺيان بازپرس به وڏيح

 آهي. آخر پنهنجي سرڪش نفس جي چورت تي، پاڻ کي وڏي حادثي جي ڪُن ۾ اڇلائي وڌئي! ڏسجي ته هن مان ڪهڙا گل ٿا ٽڙن، ۽ هن واقعي جو وڻ ڪهڙو ڦل ٿو پيدا ڪري!“ زال چيس ته ”هي وعظ ۽ نصيحت جو وقت نه آهي، اٿ ته ناڻي جي ڳوٿري ڳولي، هن جوان جي لاش کي دفن ڪرڻ جي تجويز ڪريون. ڇاڪاڻ ته صبح جلد ٿيڻ وارو آهي، مبادا هي راز کلي پوي ۽ رسوائي ٿئي، ۽ هن فتني جي باهه ٻرڻ لڳي.“ پوءِ بتي ٻاري، مڙس سان گڏجي ٻاهر آئي، جڏهن ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿي، تڏهن سوجهري تي پنهنجي پٽ کي ڏٺائين جو فنا جي سمنڊ ۾ غرق ٿيو پيو هو. پوءِ ته گريبان ڦاڙي دانهون ڪرڻ لڳي. سندس مڙس کلي چيس ته ”هاڻي افسوس ۽ پشيمانيءَ ڪرڻ مان ڇا ورندو؟ سڀڪنهن ڪم جي شروعات ۾ ان جي پڇاڙي جو ويچار ڪرڻ ضروري آهي.“ قصو ڪوتاهه، ته ٻنهي رات جو قبر کوٽي، پٽ کي دفن ڪيو. پوءِ زال گهر ۾ وڃي پٽ جي موت جي غم ۾ پنهنجي مٿي کي ايتريقدر زمين تي هنيو جو پاڻ کي ماري وڌائين. جڏهن صبح ٿيو تڏهن آءٌ وڻ تان هيٺ لهي آيس ۽ وڃڻ جي فڪر ۾ هوس ته گهر جو مالڪ گهر مان ٻاهر نڪري آيو. مون کي چيائين ته ”مون کي معاف ڪج، جو مون کي هڪ عجيب واقعو پيش آيو آهي، جنهنڪري تنهنجي خدمت ۾ دير سان آيو آهيان. اگرچ انهيءَ سبب جي ڪري مون کي نهايت پشيماني ٿي آهي، پر تڏهن به هن مڪان تي تنهنجو اچڻ ڪيترين برڪتن ۽ فائدن جو باعث ٿيو آهي، جو هن نابڪار زال ۽ هن جي خطاڪار پٽ جي وجود نامسعود کان، جيڪي گمراهيءَ ۽ مردم آزاريءَ جي ميدان جون ممون هيون، تن کان نجات حاصل ڪئي اٿم. هنن کان مون کي وڏيون زحمتون پهچنديون هيون، ۽ ڪڏهن به آرام سان وقت نه گذرندو هوم. منهنجي احوال جي ڀڳل عضون جو تدارڪ تنهنجي موجودگي جي موميائيءَ سان ٿي ويو آهي، ۽ ههڙيءَ سخت مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيم- رات، هوءَ خطاڪ بدخُوءِ پنهنجي ڪوڙي فڪر جي ڪمان تي زهه چاڙهي، انهيءَ خيال ۾ هئي، ته بيداري جي تير سان تنهنجي جان کي خلل پهچائي، مگر ايزدي عنايت سان هوءَ پنهنجي بدنيتي جي اونهي کوهه ۾ پنهنجي پٽ سان ڪِري، جو پڻ خلل آزاري ۾ هن کان گهٽ نه هو، تنهن کي به هن جهان جي تختي تان پاڻ سان گڏ هميشه لاءِ ميٽي ويئي. هاڻي مهرباني ڪري اڄوڪو ڏينهن به هتي ترس ته جيڪو خدمت جو حق آهي سو بجا آڻيان، ڪو مناسب رفيق به پيدا ٿي پئي، جنهن سان گڏجي تون اڳتي روانو ٿين. متان انهيءَ ناڻي جي سببان رستي ۾ توکي وري به ڪو حادثو پيش اچي! جواب ڏنومانس ته ”جيڪو ماڻهو سچائيءَ راهه کان نٿو ڦري، تنهن کي هرگز خلل پيش نٿو اچي ۽ سڀڪنهن رستي ۾ رحمت الاهيءَ جي نگهباني ڪافي آهي مون کي ڪنهن به همراهه جي گهرج ڪانهي، منهنجا رفيق فلاڻيءَ منزل تي منهنجي واسطي منتظر ويٺا هوندا. موٽڻ وقت انشاالله تعالي ملاقات اچي حاصل ڪندس. آءٌ پوءِ هن کي ٿورا دينار ڏيئي، اڳتي روانو ٿيس.

هن ڳالهه جي اصلي مدعا هيءَ آهي ته زندگانيءَ ۾ جيڪي ناتجربيڪار ماڻهو آهن، تن کي هن مان سبق وٺڻ گهرجي. نفساني خواهشن کي رد ڪري پنهنجي عافيت ۽ نيڪناميءَ تي نظر رکي، پاڻ کي نفس طامع جي وسوسي ۽ دغا کان، حادثن جي کوهه ۾ ڪرڻ کان بچائي، بي اعتبار دنيا حاصل ڪرڻ واسطي فريب جو دام نه پکيڙجي. ڇاڪاڻ ته چڱن ۽ بڇڙن عملن جو بدلو هر وقت ملڻو آهي.جيڪڏهن ڀانئين ته ٻنهي جهانن جي سعادتن جو ميوو کائين ته فياض ٿي، ۽ ڪنهن به انسان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش نه ڪر. نيڪ نيت ۽ چڱا اُهي ماڻهو آهن، جيڪي رات ڏينهن خدا جي خلق جي خيرخواهيءَ ۾ آهن ۽ هنن جي زندگي ۽ معاش کي پنهنجي زندگي ۽ معاش سمجهي، هنن کي پنهنجن ڀائرن بجاءِ ڄاڻن ٿا ۽ ڪنهن به دل جي شيشي کي سختيءَ جي پٿر سان نٿا ڀڃن، ۽ نه ظلم ۽ تعدي جا ڪنڊا، اگهاڙن پيرن وارم ۽ عاجزن جي رستي تي ڪنهن دردمند جي عضون ۾ فقط سئي هڻبي ته سگهو ئي خدائي انتقام جي ترار سان، جان کي نهايت خوفناڪ زخم پهچندو. عبيد ڪرماني ۽ خواجه حسن تاجر وانگر خطا ڪاري جي کوهه ۾ ڪريو، پوءِ نيڪو ڪاريءَ جي باغ مان راحت جي گل جي بوءِ، دماغ تي هرگز نه پهچندي. هنن جي حقيقت هن طرح آهي:

اڳئين زماني ۾ عبيد نالي هڪ شخص ڪرمان ۾ رهندو هو. هو هميشه بدخوئي ۽ بيباڪي جو سبق، شيطاني مڪتب ۾ سکندو هو ۽ هن جي شرارت ۽ ناپاڪيءَ جي شعلي کان خاص ۽ عام جي راحت جي پوک سڙي ويندي هئي. ڪڏهن به بدخلقيءَ جي ناهموار ميدان مان قدم ٻاهر رکي، ڪنهن انسان سان موافقت ۽ اهليت جي گلستان ۾ صحبت نه ڪندو هو. جيسين ستمگاريءَ ني نقصانڪار غذا سان چپ آلا ڪري سگهجي، تيسين ماڻهپي ۽ انسانيت جي دسترخوان تان هڪ لقمو به نه کڻندو هو. اتفاق سان هن کي هڪڙي صالح ۽ پرهيزگار زال هئي، جا رات ڏينهن عصمت جي چار ديواريءَ اندر مڙس جي تابع فرمان رهندي هئي، ۽ هڪ لمحو به هن جي فرمانبرداريءَ ۽ سازگاريءَ کان منهن نه موڙيندي هئي. هو نابڪار بدڪار، هميشه ترش روئيءَ ۽ درشت گوئيءَ سان هن زال جي حياتي زهر ڪري هردم بهانا پيو ڳوليندو هو ۽ وسيلا پيو تيار ڪندو هو ته هن جي دل طعني ۽ تهمت جي خنجر سان زخمي ڪري. هڪڙي ڏينهن اهو ابليس سيرت شخص، گهر ۾ آيو. ان وقت هن جي مغز ۾ شرارت جي سرسام جو بخار چڙهي ويو هو تنهنڪري بنا سبب، پنهنجي زال کي مٿي تي پٿر هڻي ڪڍيائين، ۽ هوءَ غريب بيگناهه، ان پٿر جي لڳڻ سان مري ويئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏهن ڪاوڙ لٿيس ۽ غور جي اکين سان انهيءَ واقعي تي نظر ڪيائين، تڏهن ڄاتائين ته مون کان وڏي خطا سرزد ٿي آهي، پوءِ دل ۾ چيائين ته جلد ان جي تدبير ڪرڻ گهرجي، متان هن مان خرابي ۽ رسوائي ٿئي. تنهنڪري پريشان حال سان ٻاهر نڪتو، گهر جي در تي فڪر ۾ بيهي رهيو. حيران هو ته هي راز ڪهڙي دوست ۽ ڪهڙي مشفق سان بيان ڪريان، ۽ هن هنگامي جي چاڪ کي ڪهڙي چاري جي سئيءَ سان سبان! اتفاق سان خواجه حسن تاجر، جو پيرسن شخص هو ۽ ان شهر جي سڀني تاجرن کان مشهور هو، سو انهيءَ رستي کان اچي لنگهيو. هن شخص سندس نزديڪ وڃي انهيءَ واقعي جو احوال ٻڌايو، ۽ هن کان صلاح گهريائين ته مون کي ڪو رستو ڏيکار جو هي مقدمو سهوليت سان منهنجي گردن تان دفع ٿي وڃي؟ خواجه حسن ٿوري تامل ويچار کان پوءِ چيس ته ”هن معاملي جو علاج هيءُ آهي ته ”ڪنهن بيگاني جوان کي به گهر ۾ وٺي وڃي قتل ڪر، ۽ پوءِ فرياد ڪر ته پنهنجي زال  کي بيگاني مرد سان ڏٺم، تنهنڪري ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو اٿم. اهڙيءَ صورت ۾ تنهنجا پاڙيسري انهيءَ حال جا شاهد ٿيندا ۽ شايد انهيءَ وسيلي پنهنجي جان بچائي سگهين!“ هو ناعاقبت انديش، ههڙي بڇڙي ڪم جي صلاح هن کي ڏيئي پاڻ روانو ٿي ويو. هو بي سعادت شخص، پنهنجي گهر جي دروازي تي منتظر رهيو ته ڪو جوان لنگهي ته ان جو ڪم تمام ڪري.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org