سيڪشن؛    ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 10  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

مان انسان آهيان

اياز قادري

 

                ”ڪنهن کي خبر نه هئي ته هو ڪير هو؟ هن جو نالو ڇا هو؟ هن جي ذات ڪهڙي هئي؟ هن جو مذهب ڪهڙو هو؟ هو ڪٿان آيو هو؟ انهيءَ هوندي به شهر جو ننڍو وڏو کيس سڃاڻيندو هو. هن کي ڪافي ورهين کان وٺي ڏسندا پئي آيا سانت ئي سانت، پنهنجي خيالن ۾ گم. ڪڏهن هو مندرن مان نڪرندڙ ناقوس جي صدا: آسمانن تائين ڦهلجي ويندي هئي، ٻُڌي مندر جي دروازي وٽ وڃي ويهندو هو. مندرن ۾ وڄڻدڙ گهنٽين جو شور ۽ پڄارين جا ڀڄن ٻڌي هو انهيءَ ۾ مگن ٿي ويندو هو. هو پڄارين کي ديوتائن اڳيان، وينتي ڪندو ڏسي، خاموش ٿي ويندو هو، ڄڻ ڪنهن فيلسوف وانگر اهڙي ڳوڙهي مسئلي تي ويچار ڪري رهيو هجي، جنهن جو حل کيس نه ملندو هجي. مندر مان نڪرندڙ مرد ۽ عورتون هن کي ڏسي چوندا هئا: ڀڳوان جو سنت آهي سندس ڀڳوان سان لنو لڳل آهي!“

                صبح جو جڏهن مسجد جي اوچن منارن مان موذن جي الله اڪبر جي صدا ڪائنات ۾ چوطرف پکڙجي ويندي هئي، ته هو خاموشيءَ سان اٿي اچي مسجد جي چانئٺ وٽ ويهندو هو. وضو ڪندڙن ڏانهن خاموش نظرن سان نهاريندو هو. جڏهن پيش امام قرآن شريف جون سورتون قرآت  سان پڙهڻ شروع ڪندو هو، ته ان جي مٺي آواز ۾ مست ٿي ويندو هو، ڄڻ کيس دلي مسرت حاصل ٿي رهي هجي. جڏهن نمازين کي سجدي ۾ ويندو ڏسندو هو ته هو وري سوچ ۾ پئجي ويندو هو- اهڙي مسئلي تي، جو هن کان حل نه ٿيندو هجي. مسجد مان نڪرندڙ نمازي کيس ڏسي چوندا هئا: ”ويچارو مجذوب آهي. الله جو پيارو ٻانهو آهي!“

                ننڍو وڏو، مرد، عورت، هندو مسلمان کيس فقير بابا ڪري سڏيندا هئا. کيس نه گهر هو نه گهاٽ. مالڪ جي زمين سندس بسترو هئي ۽ آسمان هن جي  محل جي ڇت جنهن ۾ چنڊ تارن جا لالٽين روشن هئا. ڪڏهن هو مندر جي ڏاڪڻ وٽ سمهي پوندو هو، ڪڏهن مسجد جي دروازي وٽ کيس ننڊ وٺي ويندي هئي،ورنه سڄي رات  پيو شهر ۾ گهمندو هو اهڙيءَ ريت جهڙيءَ ريت  ڪو بي قرار روح سڪون جي تلاش ۾ سرگردان هجي. اهڙيءَ ريت جهڙيءَ ريت اکٻوٽ راند وقت هڪ ساٿي ڪنهن هنڌ وڃي لڪي ۽ ٻيو ان کي تلاش ڪندو هجي. شهر جا رولو ڪتا هن کي  ڏسي ڀونڪڻ لڳندا هئا. مگر هن کي سڃاڻي وري پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري. چپ ٿي ويندا هئا، ڄڻ کين ازلي ننڊ وٺي ويئي هجي. چوڪيدار ”ڪير ڪير“ جي رڙ ڪندا هن جي ويجهو ايندا هئا، مگر هن کي سڃاڻي چوندا هئا: ”فقير بابا! هينئر رات گذرڻ واري آهي، وڃي آرام ڪريو“.

                هو مشڪي اڳتي هليو ويندو هو ۽ سپاهي هن کي تڪيندا رهجي ويندا هئا. سندس وار سنياسن وانگر گهاٽا ۽ ڊگها هوندا هئا، جن جون چڳون مٽيءَ پوڻ سبب ڄمي ويون هيون. سندس ڊگهي ڏاڙهي، سندس وارن وانگر هميشه دز ۽ مٽيءَ ۾ ميري رهندي هئي. جسم تي هڪ گيڙوءَ رتي الفي ۽ ڪلهي تي هڪ رلهي: اها هئي سندس ملڪيت ۽ هو انهيءَ ملڪيت جو مالڪ هو. هو نه ڪنهن کي ڪو سوال ڪندو هو، نه ڪنهن کان ڪجهه گهرندو هو. ڪڏهن ڪو دياوان هندو هن کي ڀوڄن ڪرائيندو هو- ورنه هو پنهنجو وقت بک ۾ ئي گذاري ڇڏيندو هو. هو مانيءَ لاءِ ڪڏهن به انڪار نه ڪندو هو، پر جي کيس ڪو پئسا ڏيندو هو ته اهي ڦٽي ڪري خار وچان پئسن ۽ پئسن ڏيندڙ ڏانهن نهاريندو هو، ڄڻڪ چئي رهيو هجي. ”هيءَ دنيا ئي ته آهي جنهن جي موهه ۾ انسان انسان نه رهيو آهي انسان ڌڻيءَ جو پوڄاري نه پر دنيا جو پوڄاري ٿي ويو آهي.“ جڏهن سندس الفي ليڙون ليڙون ٿي ويندي هئي، تڏهن ڪو سخي دل هندو يا مسلمان هن کي نئين الفي پارائي ڇڏيندو هو. ان ويل، هو انهن ڏانهن ٿورائتين نگاهن سان نهاريندو هو. جي ڪنهن کي مٿس ڪهل اچي وئي ته هن جي سيرب ٺهرائي ڇڏيندو هو يا غسل ڪرائي ڇڏيندو هو، نه ته هن کي ڪڏهن به پنهنجي سٺائيءَ صفائيءَ جو خيال نه ايندو هو. هو اڪثر خاموش رهندو هو. ڄڻ سندس زبان کي تالو لڳل هجي. ڪڏهن ڪڏهن موج ۾ اچي ٻه چار لفظ ڳالهايائين ته وڏي ڳالهه ٿي.

                اوچتو ئي اوچتو، چوطرف ڪهرام مچي ويو. آباد شهر اجڙ ٿي ويو، چوڌاري  باهه جا اُلا ئي اُلا نظر ٿي آيا. هڪڙا هڪ طرف جمع ٿي ويا، ٻيا ٻئي طرف جمع ٿي ويا. سڀئي هڪ ٻئي جي پاڙن مان نڪري، پنهنجن پنهنجن پاڙن ۾ اچي رهڻ لاءِ لڏپلاڻ ۾ لڳي ويا سندن جان ۽ مال جي سلامتي انهيءَ ۾ هئي! ٻنهي پاسي، هڪ ٻئي کي لٽڻ مارڻ جون گرما گرم تياريون ٿي رهيون هيون. حملي ٿيڻ جو امڪان ۽ جان جو خطرو  هو. ڪنهن کي اهو پتو نه ٿي پيو ته ڪڏهن حملو ٿيندو؟ ڪڏهن مال لٽبو؟ ڪڏهن جان ويندي؟ شهر چوطرف سنسان ٿي ويو ڄڻ ڪو راڪاس آيو هجي ۽ ملڪ جي ماڻهن کي کائي ڇڏيو هجائين.

                چوڌريءَ جي محلي ۾ آسپاس جا پهلوان اچي ڪٺا ٿيا. ”اڄ رات“، چوڌريءَ حقي جو ڪش لڳائيندي چيو، ”هنن دين جي دشمنن کي سبق سيکارڻو آهي. سڄي عمر پئي اسان کي لٽيو اٿن. قرض ۾ اسان جون جايون جڳهيون، مال متاع سڀ ڪجهه ڦري ويا، اڄ اسان جو وارو آهي. هيءَ اسان جي حق جي لڙائي آهي، اسان جي پاڪستان جي جنگ آهي،  اسان جي اسلام جو جهاد آهي. اڄ هنن ڪافرن کي ڏيکارڻو آهي ته  مسلمان شير ڇا ٿيندا آهن. ڀل هنن ڌوتي پوشن کي ڀڳوان ياد اچي وڃي. فيصلو ٿيو ته رات جو ويهه جوان، جن ۾ گهڻا ٻاهران آيل مضبوط ۽  بهادر منتخب ڪيا ويا، جهاد لاءِ تيار رهن، ۽ سيٺ دمڙي مل جي ڪوٺيءَ تي اول حملو ڪن.“

                ”ديش مترو! ڇا اوهان کي ملڪ جو ورهاڱو قبول آهي؟“ سيٺ ڌرمداس نوجوان هندن کي، جي مختلف هنڌان اچي ڪٺا ٿيا هئا، مخاطب ٿيندي چيو، ”ڇا اوهان ڀارت ماتا جي  سرير کي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ ڏيندا. اڄ رات هنن نيچ مسلمانن کي جن هميشه اسان کي پئي تنگ ڪيو آهي، جن جي ڦرن لٽين، چورين ۽ ڌاڙن کان اسان ڪڏهن به شانتي ۾ نه رهيا آهيون، هنن کي ضرور مزو چکائڻ گهرجي. ڀارت ماتا جي مٿان ٻليدان ٿيڻ جي يڌ آهي. اچو ته هنن نيچ مسلمانن کي اهڙو سبق سيکاريون، جو کين ڇٺيءَ جو کير ياد اچي وڃي ۽ هميشه ڌڻي کي ياد ڪندا وتن.“ آخر فيصلو ٿيو ته  ڪجهه نوجوان منتخب ڪيا وڃن، جي رات چوڌري دين محمد جي گدام تي حملو ڪن.

                سورج غائب ٿي ويو، چوطرف سانت ٿي وئي. ورلي ڪو ماڻهو ڳلين ۾ نظر نه  ٿي آيو. هر ڪو پنهنجي گهر کي اندران مضبوطيءَ سان ڪڙو ڏئي وڃي ويٺو. آهستي آهستي رات جي اونداهي وڌندي وئي. گهڙيال رات جا ٻارنهن لڳايا. رستي تي ڪنهن جي پيرن جو آهٽ ٻڌڻ ۾ آيو. ڪتي جي ڀونڪ ٿي فقير بابا کي ڪتي ڏٺو ۽ سانت ٿي ويو. سنسان رستن تي ههڙي وقت هو پنهنجن خيالن ۾ غرق، اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن اهڙيءَ  ريت ڦري رهيو هو، ڄڻ ڪو خاموش تاريڪ سايو هجي. وڻن جي پٺيان سرسراهٽ ٿي. ”خاموش! ڪوئي هيڏي اچي رهيو آهي.“ وري سانت ٿي وئي. ”هڪ ڄڻو آهي“ ٻه ٽي نوجوان وڻن کان ٻاهر نڪتا. ”تون ڪير آهين؟“، ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ مگر هنن کي ڪو به جواب نه مليو. ”تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟“، ”سالو ڪافر آهي“ ائين هڪڙو ڇرو نڪتو، جو اونداهيءَ ۾ وڄ وانگر چمڪيو ۽ سندس ڇاتيءَ ۾ گهڙي ويو. ٻيا رهيل همراهه به وڻن مان نڪري آيا. انهن مان ڪنهن رڙ ڪئي، ”او فقير بابا“. انهن جي سردار غصي مان چيو، ”هلو هلو، دير ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ٿوري دير ٿي ته موقعو هٿان هلي ويندو.“ سڀ چپ چاپ پنهنجي سردار جي پٺيان هليا ويا.

                فقير بابا هوريان هوريان زمين تان ڪنڌ مٿي ڪيو، سندس لبن تي اها ئي مشڪ هئي. هڪڙي نظر مٿي ڪري ڏٺائين ۽ وري پنهنجو ڪنڌ مسجد ڏانهن کڻي ڪيائين، ڄڻ وضو ڪندڙ، قرآت سان سورتون پڙهندڙ پيش امام سجدي ۾ جهڪيل نمازين ڏانهن نهاريندو هجي. هو آهستي آهستي اٿيو ويران ۽ تاريڪ ڳلين ۾ وڌڻ لڳو.

                ”تون ڪير آهين؟“، ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ڀتين جي پاڇي ۾ بيٺل ٽن نوجوانن هن کان پڇيو، مگر ڪنهن کي ڪو جواب نه مليو. ”تنهنجو ڌرم ڪهڙو آهي؟“ ”مسلم آهي“ هڪ آواز آيو ”ماريو نيچ کي.“ هڪ ڪرپان هوا ۾ ڦريو ۽ سندس پيٽ ۾ چڀي ويو. ”آه!“ جو آواز ٿيو. ٻيا پٺتي رهيل ساٿي به اچي هنن سان مليا. ”فقير بابا“ هڪ نوجوان حيرت مان چيو ”اوير نه ڪريو، باقي ٿوريون گهڙيون بچيون آهن، جي هيءَ مهل هٿان نڪري وئي، ته  پوءِ افسوس جون تريون مهٽڻيون پونديون.“ سڀئي پنهنجي اڳواڻ جي پٺيان هليا ويا. فقير بابا گهڻي دير کان پوءِ سامت ۾ آيو. آسمان ڏانهن نهاريائين. وري سندس اکيون مندر ڏانهن کڄي ويون. جنهن ۾ ڄڻ کيس  ناقوص جي صدا پوڄارين جا ڀڄڻ گهنٽين جو آواز پوڄارين جو ڀڳوان اڳيان سر نوائڻ ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هن آهستي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ٿورو اڳتي هليو ۽ وري ڪري پيو.

                شهر ۾ وٺ وٺان ٿي وئي. عورتن جون رڙيون، ٻارن جو روئڻ، ”بچايو بچايو“ جا آواز، بندوق جا ٺڪاءَ، گولين جا زوڪاٽ، لٺين جو ٺهڪو، ڇرن ۽ خنجرن جا چمڪاٽ ”لٽيو ماريو“ جي خوفناڪ شور کان زمين آسمان هڪ ٿي ويو. شهر ۾ باهه لڳل جي ڇٻي آسمان سان ٿي لڳي. ”ماريو ڪافر آهي“، ماريو مسلم آهي، ”وٺو وٺو، نه ڇڏيو،“ اوچتو اوچتو سيٽيون وڳيون ملٽري پوليس جي مشين گنن جا آواز ڦهلجي ويا. چوطرف ملٽري پهرو بيهجي ويو. ريڊ ڪراس جي لارين ۾ مئلن ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.

                ”تون ڪير آهين؟“، ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ڊاڪٽر جي جواب ۾ صرف زخميءَ مشڪي ڏنو. ”تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟“ زخميل وڏو ٽهڪ ڏنو. بيٺل ڊاڪٽر ۽ نرس ٻئي ڏڪي ويا. ”شايد ديوانو آهي.“ نرس چيو ”ڊاڪٽر صاحب مان هندو..... نه ..... مسلم ...... نه نه ڊاڪٽر صاحب مان انسان آهيان. منهنجو مذهب انسانيت آهي.  ڊاڪٽر صاحب مون کي زخم ٻنهي هندو.... ۽ مسلمانن. .... کان رسيا آهن. منهنجي زخم  انسانيت جا زخم آهن. ڊاڪٽر صاحب، منهنجو موت انسانيت جو موت آهي. ڊاڪٽر صاحب،  منهنجو لاش هندو مسلم ٻنهي جي حوالي ڪجو، جنهن ۾ هو پنهنجي شڪل ڏسي سگهن، جن ۾ کين ڀڳوان  اڳيان سر نوائڻ، الله اڳيان سجدا ڪرڻ، ٻئي چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچن.“

                زخمي چپ ٿي ويو. سندس لبن تي ابدي مشڪ ڦهلجي وئي، جا چئي رهي هئي ”مان انسان آهيان.“ پري کان ناقوس جي صدا آئي، آذان جو آواز آيو. پوڄارين ڀڄن ڳايا. نمازين الله اڪبر پڪاريو. هندن ڀڳوان اڳيان سر نوايو مسلمان سجدي ۾ جهڪي پيا.

(مهراڻ:  سيارو 1955ع)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com