سيڪشن؛    ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 9  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

هڪ ڪردار، سَو افسانا

مس شمس صديقي

 

                نئين سال جي خوشيءَ ۾ اسان جي ڪاليج جي ڇوڪرين کي اعزازي لقب القاب مليا،  قوم جي سڀاڳن سپوتن وٽان..... واقعي تعليم جو مقصد صرف اهو ته نه آهي ته هر وقت پنهنجي تعليم يافته هئڻ جو ثبوت، خوامخواهه جي اخلاق ڏيکارڻ سان يا تميز ساڻ پيش اچڻ سان ڏنو وڃي ۽ نه ڪتابن پڙهڻ جو اهو مطلب آهي ته سقراط وانگر حسن ۾ به مادي افاديت جو پهلو ڳولجي. ليسنگ به ته فيلسوف ئي هو، جنهن کي بدصورتيءَ ۾ به جماليت جي جهلڪ نظر ايندي هئي! آخر وجدان به ته ڪا شيءِ آهي، روحاني مسرت به ته سڪون بخشي ٿي ذهني سڪون پيٽ ڀري ماني کائڻ انسان جي زندگيءَ جو واحد مقصد ته نه آهي اوڳاڇيون ته جانور به ڏين ٿا پر انسان اشرف المخلوقات ڇو ٿو چورائي؟ انسانيت جو معراج ذهني تربيت ۽ دماغي صحت منديءَ تي مدار رکي ٿو. ذهن کي حلا علم بخشي ٿو.

                سو، پنهنجي نئين سال جي هنن تعريفي القابن کي ڏسي، اسان کي پنهنجي ڪاليج جي طالب علمن جي ذهني بلنديءَ جو واقعي قائل ٿيڻو پيو. هڪ هڪ لقب مان سندن  ذهانت ظاهر هئي سنجيدگيءَ ۽ شرارت سان مليل جليل ذهانت، سندن هر تعريف ۾ ممدوح جي شخصيت ائين ظاهر هئي، ڄڻ ان جي اڳيان آئينو رکيو ويو هجي. سچ پچ ته هن جو لقب پڙهي، اسين چپ ٿي ويون سين. سندس نالي جي ڀرسان اردو شاعر ”فانيءَ“  جو هي شعر لکيل هو:

”وه بدگمان ڪه مجهي تاب رنج زيست نهين،

مجهي يه غم ڪه غم جاودان نهين ملتا!“

                پوءِ ته سڀني ڇوڪرين جي توجهه جو مرڪز هن جي ذات ٿي پئي. هن جو هر وقت مغموم رهڻ، ۽ هڪ ڀيرو ڳالهائڻ ۾ پوڻ ته لڳاتار ڳالهائيندي رهڻ. اها اسان هن جي خود- فراريت سمجهي.

                هوءَ ايف اي ۾ پڙهندي هئي. منهن مان ڪم عمر لڳندي هئي. لز بو چهرو، ڊگهو نڪ جنهن تي ڪارا ڪارا سنهڙا تر، جيڪي هن جي پيليءَ رنگت کي وڌيڪ نمايان ڪندا هئا. ميرا ميرا ڏند ڪاش هن کي احساس هجي ته  هن جي موقعي بي موقعي گهڻي ڳالهائڻ جي عادت کان اسين ايترو  عاجز نه هيون سين، جيترو هن جي وات جي بانس کان. هن جي دوران گفتگوءَ ۾ اسان کي ساهه روڪي روڪي کڻڻو پوندو هو. هن جو نڪ نقشو معمولي هو. جيڪڏهن ڪا جاذبيت هئي، ته هن جي اکين ۾ - جن ۾ ذهانت جي چمڪ هئي، ۽ هن جي قد ۾، جو جدائيءَ جي رات کان به ٻه چار هٿ ڊگهو هو! پنهنجو لقب پڙهي هوءَ حيران ٿي وئي، اکيون ڦاڙي ڪيتري دير بت جو بت بڻي بيٺي رهي، پوءِ هن بي اختيار چئي ڏنو: ”پر .... هنن کي ڪنهن چيو!“ هن بي خياليءَ ۾ تائيد ڪئي انهيءَ راز جي، جو ”بالائي نوٽيس بورڊ“ تي اچي چڪو هو. مان ۽ نازنين انهيءَ وقت ٽيبل ٽينس کيڏي رهيون هيونسين. نازنين زور سان ”ريڪٽ“ بال کي هنئي تمام خوبصورت شاٽ هو، پر اتفاق سان مس ٿي ويو ۽ بال سامهون ڀت سان لڳي واپس مون ڏي آيو. ”ريفريءَ“ پڪاريو: ”ٽونٽي آل“ (ٻنهي پاسي ويهه مارڪون). هينئر مون کي ”سروس“ ڪرڻي هئي. منهنجي ڪلاس جون ڇوڪريون مون کي ”بڪ اپ“ ڪرڻ (همتائڻ) لڳيون . صرف ٻه مارڪون، ۽ راند منهنجي هئي. مون رئي کي ٺيڪ ڪيو ڪٿي الجهي نه پوي. نازنين رومال سان منهن اگهيو ۽ ڪرائيءَ ۾ رومال ٻڌڻ لڳي. صرف ٻه مارڪون ۽ راند هن جي هئي! اسين پنهنجي پنهنجيءَ جاءِ تي مضطرب هيونسين. ٺيڪ انهيءَ وقت هن نازنين کي مخاطب ٿي چيو، پر ..... پر هنن کي ڪنهن چيو؟“

                ”ڇا؟“ نازنين بيزاريءَ مان پڇيو.

                انهيءَ وقت هن جو دخل در معقولات سچ پچ ته مون کي به نه وڻيو.

                ”اهو ئي ته مون کي غم جاودان جي تلاش آهي، ۽  انهيءَ لاءِ منهنجون سڀني ۾ اکيون آهن.....!“

                ”سڀني ۾ اکيون آهن!“ مون کي عجب لڳو. شعر جي مطلب کي هزار مجازي معائن پهرائن سان به اهو مفهوم ڪو نه ٿي نڪتو. مون مشڪيو. انسان جي شخصيت ڪهڙا نه بهانا ٿي ڳولهي پنهنجي اظهار جا! ساڳئي وقت مون کي هن جي معصوميت تي پيار به آيو. اها هن جي معصوم سادگي ئي ته هئي، جنهن شيرين ديوانگيءَ جي صورت اختيار ڪري، هن کي غم جاودان جو متلاشي بڻايو هو. غم جاودان جو حصول هن جي شخصيت جي تڪميل ڪندو يا تشڪيل..... ڪير ڄاڻي!

                نازنين خارن مان چپ ڀيڪوڙي هن کي گهوريو..... ”ڏس تنهنجو هن طرح پريشان ٿيڻ جيڪڏهن قبل از مرگ واويلا نه آهي، ته بعد از مرگ ته ضرور آهي.  مون کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن چيو ڪمبختن کي..... ڪاليج جا ڇوڪرا تيليءَ کي ٿنڀ بڻائڻ وارا ته هونئن ئي آهن. ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي روئڻي صورت ۽ اداس منهن مان اندازو لڳايو هجين“.

                وري ٿورو مشڪي چيائين: ”ائين به ممڪن آهي ته تنهنجي شاعريءَ توکي رسوا ڪيو هجي. ”پليز ماءِ ڊيئر پوئيٽس لارئيٽ“ (Poetess Laureate) مون کي گيم ختم ڪرڻ ڏي!“ ۽  هوءَ شتر بي مهار جي چال هلندي، بالڪنيءَ ۾ هلي ويئي. هن جي سرو قد تي اها چال هروڀرو خراب به ڪا نه لڳندي هئي.

                لڳاتار ڏيڍ پيريڊ لکندي لکندي، اسين ٿڪجي پيون هيون سين. سرديءَ ۾ هونءَ به هٿ پير ساڻا ٿي ويندا آهن، ۽ تنهن ڏينهن ته غضب جي سرد هوا ٿي لڳي. لڱن مان سياٽ پئي نڪتا، ۽ وري موضوع به ”بورنگ“ هو-پاليٽڪس ايترو خشڪ مضمون به نه آهي، پر ليسي فيئر (Laisses Faire) جو نظريو الاجي اسان جي سمجهه ۾ ڇو نه ٿي آيو. نظريو ايترو مشڪل  ڪو نه هو، جيترو انهيءَ جي تنقيدي جائزي اسان کي منجهايو هو. پروفيسر اڌ پيريڊ ٻيو به اسان کي سمجهائڻ ۾ ورتو خدا خدا ڪري ڪلاس ختم ٿيو ۽ اسان اطمينان جو ساهه کنيو. گرلز ڪامن روم خالي هئي. ڇوڪريون ڪلاسن ۾ هيون.خالي ٽيبل ڏسي، راند جي شوق ۾ سڄي بيزاريءَ جي ڪيفيت دور ٿي وئي. مون ڪاپي پينسل ٽپائيءَ تي رکي، ريڪٽ کنئي ۽ ٻي ريڪٽ نازنين کي ڏيندي مون چيو:  ”اچ ته کيڏون“! ايتري ۾ بالڪنيءَ جو در ٽپي، ٿڌيءَ هوا جي جهوٽي سان گڏ، هُن ڪمري ۾ قدم رکيو. هوا جي لڳڻ سان اسان کي وري شدت جي سرديءَ جو احساس ٿيو. مون جلدي جلدي  ڪوٽ جا بٽڻ پائڻ شروع ڪيا. نازنين شال ۾ پاڻ کي لپيٽڻ لڳي، ۽ قريب قريب رڙ ڪندي هن کي چيائين ”خدا جي واسطي در ته بند ڪر. تون هن غضب جي سرديءَ ۾ ٻاهر بالڪنيءَ ۾ ڇا ڪري رهي هئينءَ؟“

                مون هن جو جائزو ورتو، جا شدت جي سرديءَ ۾ بالڪنيءَ ۾ هوائون کائي رهي هئي! غراري ۾ ململ جي ڪڙتي مٿان هڪ تهائون هلڪي سائي رنگ جو سئيٽر پاتل هوس ۽ ململ جو گلابي رئو ڪلهن تي پيو هوس.... پريشان وار  جيڪي گهڙيءَ گهڙيءَ منهن تان پري ٿي ڪيائين! مون کي سئيٽر مٿان ڪوٽ پيل هو. تڏهن به سرديءَ  کان منهنجون پاسيريون ٿي ڪنبيون، ۽ هوءَ برساتي موسم جي خوشگوار شام جو لباس پائي، منهنجي سامهون بيٺي هئي ملول منهن ۽ سڄيل اکين سان. ڇا غم ۾ ايترو تاثير آهي، جو هر احساس کان انسان کي بي نياز ڪري ڇڏي!“ پر هن کي اهڙو ڪهڙو غم آهي؟“ مون چيو.

                ”سڀ در دريون بند هئا، منهنجو ته دم ٿي گهٽيو، تنهن ڪري مان بالڪنيءَ ۾ نڪري ويس. تمام سٺي هوا پئي لڳي- ايترو لطف ٿي آيو! ٿڌي ٿڌي هوا جهڙي هير ٿي لڳي!“ هي نازنين جي سوال جو جواب هو. ”ٿڌي هوا جهڙي هير“ مون سوچيو ”سيارو نه ٿيو، بهار جي موسم ٿي.....!“

                ”بيشڪ اهڙي ٿڌي پُرلطف هوا، جا باد صبا کي به شَههَ ڏئي ۽ وري گلن جو مستانا وار جهومڻ ۽ ڪوئل جو ڪوڪڻ- سچ پچ اهڙيءَ موسم ۾ ڪهڙو ڪافر هوندو، جو لطف و سرور جي شوق ۾ مرڻ نه چاهيندو!“ نازنين پنهنجون وڏيون وڏيون اکيون مٽڪائيندي، هڪ اک ٻوٽي، هن کي اشارو ڪندي چيو.

                هُن جو اداس منهن ويتر اداس ٿي ويو. هوءَ چپ چاپ ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي. نازنين کي شايد پنهنجي زيادتيءَ جو احساس ٿيو- هوءَ ريڪٽ رکي، ڪرسي سوري، هن جي ڀرسان ويهي رهي. مون بي دليءَ سان ڪاپي کولي، ۽ نوٽس پڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳيس..... هوءَ چئي رهي هئي ”گذريل رات تارن کي ڏسي، مون کي الائي ڇو ڏاڍو روئڻ آيو! اُماس جون راتيون به ڪيتريون نه حسين ٿين ٿيون ڪاري ڪاري آسمان تي زرد روشن ستارا ڪهڙا  نه سهڻا لڳندا آهن!“

                ”سياري جي اونداهين راتين ۾ آسمان تي تارن جي محفل هن کي بند ڪمري ۾ آتشدان جي نزديڪ ويهي ته نه نظر ايندي هوندي......“ سياري جي رات ۾ اڱڻ ۾ نڪري يا دريءَ ۾ بيهي آسمان تي ستارن جي بهار ڏسڻ جي خيال ئي منهنجي بدن ۾ سرديءَ جي لهر ڊوڙائي ڇڏي.....“ اُف خدا! هيءَ ڇوڪري ڪٿي هن جو دماغ! هيءَ ڇو غمگين ٿي رهي؟ ڪٿي هن کي ڪنهن سان....“ اتي مون کي هن جا لفظ ياد آيا ته ”منهنجون سڀنيءَ ۾ اکيون آهن!“  ”ته ڇا هيءَ هر ڪنهن تي ......؟ آخر هن کي آهي ڪهڙو مرض؟“ خارن وچان مون ڪاپي بند ڪري ڇڏي.

                چوٿون پيريڊ ختم ڪري، اسين گهر ٿي آيون سين، رستي ۾ مون نازنين کان هن جي باري ۾ پڇيو. ناز مشڪي مون ڏي ڏٺو ۽  چيڙائڻ طور چيائين. ”هون، ”چارپائي و ڪتابي چند“ مون ته توکي اڳ ۾ ئي چيو هو ته صرف ڪتابن پڙهڻ سان علم ڪو نه ايندو آهي. سکڻو اٿئي ته زندگيءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏس. نفسيات ٿي پڙهين، ۽ هن کي سمجهي نه سگهي آهين!“

                ”نفسيات ٿي پڙهان، چرين جي ڊاڪٽر ته نه!“ مون تيزيءَ سان چيو.

                ۽ هوءَ چري ڪٿي آهي؟ اها ته هن جي روشن طبع آهي، جا هن لاءِ بلا ٿي پئي آهي! ذهني طور هوءَ پنهنجي عمر کان ڏهه سال وڏي آهي. اها هن جي ذهانت ئي آهي. جا هن لاءِ وبال ٿي پئي آهي. هن جي خيال جي اٿاهه گهرائيءَ تائين پهچڻ لاءِ ڏور رس نظر کپي.  هن کي سمجهڻ لاءِ فرصت کپي - ۽ زندگيءَ ۾ ڪنهن کي ايتري فرصت آهي، جو هن جي دنيا جهان کان نرالي طبعيت جي باري ۾ سوچي ۽ هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري! زندگيءَ جي باري ۾ هن جي نقطي نظر عام سطح کان بلند آهي -  هن جي تخيل جي رفعت زمين جي وسعتن تي پرواز ڪندي، ڪڏهن ڪهڪشان جي تارن کي به ڇُهي ٿي وٺي..... جڏهن ٻين جا خيال طبعيت کان ٿورو به مٿي نٿا وڃن، جڏهن ڪو هن جي ذهانت  جي تعريف ٿو ڪري يا هن جي خيال جي رفعت  کي اتفاق سان پهچي ٿو، هن جي احساسات ۽ جذبات کي هن جي صحبت مان تسڪين ملي ٿي، ته هن جي اداس زندگيءَ ۾ بهار اچي وڃي ٿي، هن جي اداسي مسرت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. پوءِ هن کي دنيا به ويران نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. هن کي ائين ٿو  محسوس ٿئي ته دنيا ۾ هن جو به ڪوئي آهي، جو هن کي پنهنجو سمجهي ٿو، جنهن کي هن جي حساس طبعيت جو خيال آهي، جنهن کي هن جي جذبات جو قدر آهي- ۽ پوءِ هوءَ اکيون بند ڪري، هن جي پرستش شروع ڪري ٿي. پر هر وقت جيڪڏهن ڪوئي بقرات  سقرات بڻيو رهي، هر وقت ذهانت جو ثبوت ڏيندو رهي، ته زندگي هوند جهنم نه ٿي پوي! زندگيءَ جي تلخين کي گوارا ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن انسان کي حماقتن جو سهارو به وٺڻو ٿو پوي. زندگيءَ جي سخت  تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هن کي آسمان جي بلندين کي وساري، زمين جي پستين طرف به متوجه ٿيڻو پوي. زندگيءَ سان مصافحت ڪرڻ لاءِ ڪيترين هزارن تمنائن ۽ آرزوئن جو خون ٿو ڪرڻو پوي، تنهن جي هُن  کي خبر ئي ڪا نه آهي.

                هوءَ هميشه اخلاقي بلندي ۽ ذهني رفعت جي معراج تي پنهنجي خيالن جي پيڪر کي ڏسڻ ٿي چاهي، پوءِ ڪڏهن  ڪڏهن حقيقتن سان منهن مقابل ٿيڻ ڪري هن کي مايوسي  ٿي ٿئي، هن کي دنيا ويران ٿي نظر اچي، ڀريءَ دنيا ۾ پاڻ کي اڪيلو ٿي محسوس ڪري، ۽  اهو احساس تنهائيءَ هن جي زندگيءَ جي ويرانيءَ کي ويتر ويران ٿو ڪري ڇڏي. جڏهن ويرانيءَ جو احساس وڌي ٿو وڃي، ته هن کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته اها ويراني هن کي ڳڙڪائي ويندي، ۽ هن جو دم ٿو گهٽجڻ لڳي، ۽ پوءِ هوءَ سياري جي سرد هوائن ۾ به بالڪنيءَ ۾ وڃي ٿي بيهي رهي.“

                هن جي آخري جملي تي مون مرڪيو.

                ”پر هن کي ته مردن کان نفرت آهي. جنهن جو اظهار هن پنهنجن مضمونن ۽ مباحثي جي تقريرن ۾ هميشه پئي ڪيو آهي.“ هن جي شخصيت جي هن عجيب و غريب تجزيي تي متعجب ٿي مون چيو

                ”هون گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي ٿو کٽا!“ جڏهن جو هن جي بلند تخيل کي نه ٿا پهچي سگهن ۽ نه وري هن ۾ ئي همت آهي جو عام سطح تي اچي، زندگيءَ سان مصافحت ڪري سگهي  - اهڙيءَ حالت ۾ هوءَ مردن کان نفرت ڪرڻ جي بهاني پاڻ کي تسلي نه ڏئي ته ڇا ڪري؟ نه ٿي سمجهي ته ائين ڪرڻ سان هوءَ پاڻ کي خودفريبيءَ ۾ مبتلا ڪري رهي آهي..... اوهه! منهنجو گهر ته پٺتي رهجي ويو آهي.....“ ڳالهين جي رو ۾ نازنين پنهنجي گهر کان ڪيترو پري هلي آئي هئي. اسان خدا حافظ چيو ۽ پنهنجي پنهنجي گهر آيون سين.

*                                *                                            *

                اڄ اسان جي ڪاليج جي يونين طرفان مسابقي (Symposium) ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ لاءِ مسٽر سهرورديءَ کي مدعو ڪيو ويو هو. اسين مقرر وقت کان ٿور اڳ ۾ ليڪچر هال ۾ وڃي ويٺاسين. ٿوريءَ دير ۾ هوءَ به آئي خلاف معمول خوشيءَ ۾ چهڪندي.  ملول منهن اڄ بشاش هو. ويران اکين ۾ ڪجل جي ڌارا، وار سليقي سان سنوريل، هٿن ۾ ڪنگڻيون، ننهن تي ”ڪيوٽيڪس“ لڳل. اڇي شلوار، بلو دوپٽو، ريشمي قميص، ڪلهن تي اڇي ڪشميري شال پيل. واقعي اڄ هوءَ ڏسڻ لائق ٿي پئي هئي. وڏي ڳالهه اڄ مساڳ سان ڏند به صاف ڪيا هئائين. هوءَ  اچي منهنجي ڀرسان ويٺي. سينٽ جي هلڪي خوشبوءَ فضا ۾ پکڙجي وئي. مون دل ئي دل ۾ هن جي ذوق جي تعريف ڪئي. نازنين مون کي هن گهوريندي ڏٺو، ۽ مشڪي ويٺي. هوءَ هڪ ڇوڪريءَ سان ڳالهائڻ لڳي. ڳالهائيندي هوءَ هونءَ به گهڻو هئي، پر اڄ هن جي ڳالهين ۾ مذاق جو عنصر به شامل هو. هن منهن ورائي مون کان پڇيو، ”ڪڏهن ايندو ”لاير“ پاليٽيشن (Lawer / Liar Politican)؟“ مون هن جي ذهين مذاق تي مشڪي ڏنو. نازنين کان ٽهڪ نڪري ويو. ڀرسان ويٺل ڇوڪرا به مشڪڻ لڳا. ڳالهين جي دوران هن دزديده نگاهن سان پريان ويٺل هڪ ڇوڪري کي به پئي ڏٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوءَ اٿي سامهون واري سيٽ تي وڃي ويٺي. نازيءَ منهنجي ڪن وٽ منهن آڻي آهستي چيو، ”اماس جون راتيون چانڊوڪين راتين ۾ بدلجي ويون آهن، پر چانڊوڪي چئن ڏينهن جي آهي.“

                ”چوڏهن ڏينهن جي“ مون نهايت سادگيءَ سان وراڻيو.

                ”هون“ نازنين طنزيه ”هون“ ڪئي، ۽ مان چئن ڏينهن جي چانڊوڪيءَ جو مطلب سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس -  پو ”ناز مون کي ٻڌايو ته سامهون جيڪو ڪڻڪ رنگ ويڪري پيشانيءَ“ ڪارين چمڪندڙ  اکين وارو ڊگهو ڊگهو سنهرو ڇوڪرو ويٺو آهي، سو اڄ ڪلهه ”ميران“ جو ڪرشن آهي. مون خوبصورت پيشانيءَ ۽ ڪارين اکين واري ڇوڪري کي غور سان ڏٺو. اڙي! هي ته اسان جي ڪاليج جو بهترين ڊبيٽر هو. هوءَ ڇوڪرين ۾ اول ايندي هئي، ۽ هي ڇوڪرن ۾. هن وانگر هي به ڏاڍو ذهين ۽ سمجهو هو، پر هن جي ذهانت هن وانگر ديوانگيءَ جي حد تائين ڪا نه پهتي هئي. مون نازنين کي چيو ”تمام چڱو ٿيو، جو ٻنهي جي دوستي ٿي. خوب نبهندي. ٻئي ذهين آهن.“

                ”تڏهن ته چوان ٿي ته چار ڏينهن مس جٽاءُ ڪندي هنن جي دوستي!“ نازنين سوچيندي چيو.

”سو ڇو؟“ مون حيران ٿي پڇيو.

                ”ڇاڪاڻ ته  مرد خود ڪيترو به ذهين هجي، ذهين زال ڪڏهن به پسند ڪو نه ڪندو آهي. مرد گهڻو ڪري ساده ذهن زالن سان ئي خوش رهي سگهندا آهن، جن کي هو آساني سان ماري ۽ جيئاري سگهن، جن جي اڳيان آسمان سان پنهنجي چوٽي گسائي، هو پنهنجي احساس برتريءَ جي تسڪين ڪري سگهن، جن تي سختي ڪري سگهن، رعب ڄمائي سگهن. جن جي محبت ۽ همدردي هو آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهن. مرد اهڙين زالن سان ڪڏهن خوش نه رهي سگهندا آهن، جيڪي حساس هجن، ذهين هجن، هنن کي مجازي خدا سمجهڻ بجاءِ ساڻن برابريءَ جون دعويدار ٿي ويهن، جيڪي هن جي ڪوڙ سچ تي پرکيندڙ نظر رکن. اهڙي زال اڳيان مڙس هيسجي ويندو آهي، ۽ هن جي شڪست خورده برتريءَ جو احساس هن جي دل ۾ اهڙيءَ زال لاءِ نفرت پيدا ڪندو آهي: ۽  پوءِ ٻنهي جي زندگيءَ ۾ ناآسودگي وڌندي ويندي آهي، ۽ ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي زهر پي پي جيئندا آهن.“

                نازنين جو هي ڪُمهلو ۽ ٿڪائيندڙ ليڪچر ٻڌي، مون کي جيتري ڪوفت ٿي، اوتري ئي هن جي انساني نفسيات جي معلومات تي حيرت پڻ ٿي.

                ”ڪهڙي ڳالهه ڪجي تنهنجي تجربيڪاريءَ جي!“ مون مذاق طور دٻيل لفظن ۾ چيو.

                ”تجربيڪاري نه، مشاهدو چئو جيڪو ڪتابن پڙهڻ سان نه، پر زندگيءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ سان حاصل ٿئي ٿو.“

                هال ۾ بيچينيءَ  جي لهر ڊوڙي وئي. اڳين قطارن ۾ ويٺل ڇوڪرن جلدي جلدي پنهنجا سگريٽ وسايا. ”شڪر، ايتري تميز ته اٿن!“ نازنين آهستي چيو. اسان جو پرنسپال مسٽر سهرورديءَ سان ”ڊائس“ تي آيو، ۽ تعارفي تقرير ڪرڻ لڳو.

                ”ڏس مان مسٽر سهرورديءَ کان ”آٽو گراف“ وٺنديس!“

                هن هلڪي سائي رنگ جو آٽوگراف بڪ ڏيکاري نازنين کي چيو.

                مسٽر سهرورديءَ جي تقرير ختم ٿي. هوءَ آٽوگراف وٺڻ لڳي، اسين هليون آيونسين.

                اڄ وري هن جو منهن اداس هو. ڀنل پلڪن سان هوءَ بالڪنيءَ ۾ بيهي، پري اُفق ڏانهن نهاري رهي هئي. اهي ئي پريشان وار..... اهي ئي ميرا ميرا  ڏند...... هن تي سراپا وحشت وسي رهي هئي. مون همدرديءَ مان هن ڏانهن نهاريو. ناز ڪرسي کڻي بالڪنيءَ ۾ وڃي ويٺي. ايتري ۾ پٽيوالو هلڪي سائي رنگ جو آٽوگراف بڪ کڻي آيو ۽ هن کي ڏيندي چيائين، ”هي توهان کي ناصر صاحب ڏنو آهي“.  هن جي محويت مان بيدار ٿيڻ کان اڳ نازنين پٽيوالي کان آٽوگراف بڪ ورتو ۽ کولي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ تلخ مرڪ سان آٽوگراف بڪ ڏيندي چيائين: ”ڏس، ذهين مرد جي ترڪش جو آخري تير!“

                مون پڙهيو. هلڪي نيري پني تي ڳاڙهي مس سان هي شعر لکيل هو.

                ”عرفي“ اگر بگريه ميسر شدي وصال،

                صد سال مي توان به تمنا گريستن!

                هن به ڏٺو. پڙهي مشڪي هڪ اداس مرڪ ...... ۽ پوءِ وري پري افق ڏانهن نهارڻ لڳي....

                هوءَ تعليمي مرحلا وڏي شان سان طئي ڪندي رهي..... پنهنجي ذهانت جي ڀروسي..... ڪاليج جي تعليم ختم ڪري، هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿي. نازنين ٻڌايو ته ”اڃا تائين هن جي زندگي ۾ اماس ۽  پورن ماسيءَ جي راتين جي اک ٻوٽ جاري آهي.“

(مهراڻ: 6 1956ع)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com