سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

 

صفحو :2

”ائي جيجي گهر جي ته اسان کي خبر ئي ڪانهي.“ ٽنهي گڏجي ڪورس جي انداز ۾ پڇيو.

”اي ڪوهه اچي ننڍڙيون ٿيون آهيو. سرفراز ڪالوني ۾ هليا ڪونه هئاسين؛ جتي پر سال پوٽو ڄائو هو. لمليٽ ڪونه پياري هئائون. بنهه ڪي انڌيون آهيو.“

”هائو جيجي هائو. اها بيبي نه جيڪا سدائين پينگهي ۾ ويٺي هوندي آهي.“ جهمٽيءَ جهپڪو ڏيندي چيو.

”هائو نپٽيون هاڻي ٽرو.“ رئيسياڻي پوءِ ڄاريءَ جو رئو منهن تي ويڙهي پئجي رهي.

سيدن جي حويلي جي در تي پهچڻ شرط، جهمٽيءَ ٺونٺ هڻندي بختاور کي چيو: ”ائي بختي مون کي ته لڄ پئي ٿئي. پهرين تون اندر گهڙ.“

”رن ڪُکِ ڪڍي وڌءِ. مئي ماري هاڻي نويل بنجڻ ڇڏ. سڌي ٿي اندر هل.“ بختاور ڪُکِ تي هٿ رکندي چنگهندي وري کيس هانو وارو زورائتو چنبو وهائيندي چائنٺ ۾ پير رکيو. بيبي زيبل جيڪا پينگهي ۾ چٻاڙيل سنڌي اخبار جا ٽڪر ڳنڊي پڙهي رهي هئي تنهن ڏيڍيءَ تي سُس پُس ٻڌي بيزاريءَ مان چيو: ” ائي امان ڪير آهي، ڇاهي؟“بيبيءَ جي آواز تي جهمٽيءَ ڏيڍي مان ڏند ڪڍي اڱڻ ۾ جهاتي وڌي ته وري پٺيائنس پوپان ۽ بختاور به ليئا پاتا. ”ائي مايون اندر اچو، ڪير ٿو اوهان کان لڪي.“ زيبل ٽوڪ مان چيو. جواب ۾ ٽيئي ڄڻيون لڦ لڦ جتيون گسائيندي هڪ ٻئي مٿان ڪرنديون ٿاٻڙنديون اندر آيون.

”بيبي، جيجي زليخان سلام ۽ ڀاڪر چيا اٿو ۽ هيءَ پوٽي جي ڄمڻ جي مٺائي ڏني اٿس.“ بختاور تشت اڳتي وڌائيندي چيو.

”ائي امان، لک شڪرانا. اللہ بخشي ڏيس ڪڏهن ڄائو؟“ ”بيبي، هي ٽيون چنڊ ٿو ڏسجيس.“

”هان! مون کي ته ڪا خبر ئي ڪانهي. اڄ ٿي اوهان واتان ٻڌان، چئجوس ته اچي مبارڪ ڏيئي ويندس.“ تشت ۽ پوش واپس ڪندي چيائين.بيٺي پير نوڪرياڻيون کائنس موڪلائي هليون ويون.

بيبي زيبل جنهن جي مٺاڻ سان مڙئي گهڻي دل هئي. تنهن جي خيالن ۾ گرم جليبيون، گلاب ڄمون ۽ پيٺي جون مٺايون ڦرڻ لڳيون. بيتابيءَ مان کڻي جو پيتي کوليائين ته بس اللہ ڏي ٻانهو سهي. دستو هڻ ميڄالي ۾ ته ٽڪر ٿي پوي پر مجال آهي جو مٺائي ڀري! قسم ئي اور نظر آيو. ٽڪيون، موڻيون، توشا، سڪل لڏون. بيبي ڏڪي وئي.

”اولالي!“ رڙ ڪندي ڌيءَ کي سڏيائين، ”امان هيڏي ته اچ هيءَ وڏ گهراڻي مان مٺائي آئي آهي سا ته اچي ڏس. ماڻهو ٿيون مارين.!“

”هائو امان، اچان پئي،“ لاليءَ وراڻيو.”ائي الا!“

لاليءَ مٺائيءَ کي ڏسندي حيرت مان آڱر کڻي چپن تي رکي. ”امان ڏي ته لاڏليءَ کي ڏيان.“

لاليءَ مٺائيءَ جو دٻو ماءُ کان وٺندي اڱڻ ۾ بندر تي بيٺل لاڏليءَ ڏانهن وڌايو جيڪا اڳ ئي مٺاين تي هريل هئي؛ سا سڄي مٺائي چٽ ڪري وئي. پر خبر تان پئي ته هن جو هيانءُ وٺبو ويو ۽ هوءَ بيهوش ٿي ڪري پيئي.

”ڇا ٿيو! ڇا ٿيو!؟“ گهر جي ڀاتي پريشان ٿي ويا. لالي پنهنجي لاڏليءَ کي ڏسي روئڻ لڳي. سڪيلڌيءَ ڌيءَ جي سڪيلڌي لاڏليءَ جو اهو حال ڏسي بيبي زيبل وڃي شاهه سائينءَ کي ننڊ مان ڌونڌاڙيو جيڪو آفيم جو روڙو کائي پنڪين ۾ پيو هو. هو ڇرڪ ڀري ويهي رهيو، ” هان!هان!! ڇو؟ ڇاهي؟“ شاهه سائين گهٻرائيندي پڇيو.

”مڙيئي خير آ سائين. رکيل مٺائي کائڻ سان لاڏلي ڍير ٿي پئجي رهي آهي. اٿي ڪو بلو ڪريو.“

”هون....! سمجهي ويس، اهو زهرات جو اثر آهي.“ شاهه سائين سوچ مان وراڻيو. ” جلدي ڪري مٺي سوڍا ڏيو ته ڦڙو گاسليٽ جو وجهي پياريونس.“

شاهه سائين اهو ٽوٽڪو ڪيو ته ٿوري دير کان پوءِ لاڏليءَ ڳئون اکيون کوليون. نماڻا نيڻ کڻي پئي لاليءَ ڏانهن ڏٺائين. شام جو ٻوڙو ڌنار ڏهڻ آيو پر هوءَ پڙ ڪڍي بيٺي. مجال جو ڌنار کي ويجهو اچڻ ڏي.لتون هڻي سندس جستي گهاگهر ڇٻي ڪري ڇڏيائين ۽ کيس به ٻٽي ٺاهوڪيون لتون ٺوڪي اڌ مئو ڪري ڇڏيائين. نيٺ ٻارهن رپين جو بازاري کير گهرائي ٻارن کي پياريو ويو تڏهن ڪو ٻارن جو ڪروڌ لٿو.

ٻئي ڏينهن بيبي زيبل سوير ئي سنبري تيار ٿي. ”لالي آءٌ وڃان ٿي رئيسن کي مبارڪ ڏيڻ، گهر جو خيال رکجانءِ.“

”امان ڪهڙو ضرور پيو آهي وڃڻ جو.“ لاليءَ رسندڙ آواز ۾ چيو،”ڪني مٺائي ڏيئي اڌ مئو ڪيو اٿن وري به اوڏانهن پئي وڃين؟“

”امان لالي، پرايا پنج رپيا کايو ويٺي آهيان، سي ته ڏيئي اچان. ٻوجهو مٿي تي  ٿيو پيو آهي. ڇا به هئي پر هئي ته مٺائي. ننگ جون پاڙون دوزخ ۾.“

”ڪهڙو اچي رئيسياڻيءَ سان ننگ ٿيو اٿئي؟“

”لالي امان هاڻي ٺهيو، وڃان ٿي. هن ويچاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه، اهي نوڪرياڻين جا ڪم آهن. تازي کائي کڻي پاروٿي ڏنائون.“ بيبي زيبل ٿڌي دل سان ڌيءَ کي سمجهايو.

”چڱو، ڀلي وڃ امان، پر اچجانءِ سگهي. کائجانءِ به ڪجهه نه.“

بس امان اجهو ٿي اچان.“ ايئن چئي بيبيءَ، علوءَ جي ماءُ کي گڏجي هلڻ لاءِ چيو، جيڪا ڇيڻن جو اڌ ٿالهه مٿي تي رکي لاڏليءَ جا ڇيڻان ٻهارڻ آئي هئي.

علوءَ ماءُ پهريان ته ڪجهه نه سمجهڻ جي بهاني سان ڄرڪي جيان وڏو وات ڦاڙيو ۽ پوءِ لاچار هڪڙي ناس هيٺ ۽ هڪڙي مٿي ڪري ڏند کي ڪرٽو ڏيندي پڇيو، ”ڪٿي ٿي هلين؟“

”رئيسن وٽ“ بيبي زيبل پرس هٿ ۾ کڻندي وراڻيو. ”انهن ڀينگ پين وٽ،“ علوءَ ماءُ ڇيڻن جو ٿالهه پٽ تي رکندي هلڪي ڪاوڙ مان چيو، ”جن مون کي زڪات ۾ آنو به رئاري ڏنو!؟“

”ٺهيو رن، ڇڏ پراڻيون ڳالهيون. چڱي زال ٿي ماٺ ڪري هل.“ بيبيءَ حجت مان چيس.

”امان لالي منهنجي ٿالهه جي پارت اٿئي.“ علوءَ ماءُ، بيبي زيبل جي پٺيان پٺيان ڏيڍيءَ طرف وڌندي لاليءَ ڏانهن ايلاز واري انداز ۾ ڏسندي چيو.

”ها، ها ڪو نه کڻندءِ اهو ٿالهه ۽ پنهنجي امانت پاڻ اچي کڻجانءِ،“ لالي کيس دلجاءِ ڏني.

”ائي منهنجي جيجل ڀيڻ!“ بيبي زيبل کي ڏسندي ئي رئيسياڻي خوشيءَ مان کيڪر ڪندي کٽ تان اٿي.

”ڀلي ڪري آئينءِ.“ ايئن چوندي ايڏو ته ڀاڪر پاتائينس جو بيبي زيبل جي اکين جا تارا ڦري ويا. بدن ڍرو ٿي ويس. ڀانيائين ته اهو ڪو وڃڻ جو وقت آهي ۽ اڳيان رئيسياڻي جي روپ ۾ ڪو عزرائيل بيٺو آهي. نيٺ اڌ مئو ڪري رئيسياڻي کيس ٻانهن کان وٺي وڃي پلنگ تي ويهاريو.

”ائي ڪنوار، منهنجي جانب ڀيڻ سان ته اچي کيڪر ڪر.“ رئيسياڻي هڪل ڪندي ننهن کي چيو.

”چاچي اچان ٿي،“ ننهڻس ڪوٺيءَ مان ئي وراڻيو. ”ننڍڙي جا ڪپڙا پئي بدلايان.“

”ائي منهنجي ڪا جيڏي ٿي اچي ته ٻرڪو لڳو وڃنئي.“ رئيسياڻيءَ چڙ مان بيبيءَ ڏي منهن ڪندي چيو، ”ادي ڏسين ويٺي اڄڪلهه جي ننهن جا حال، جواب جو سوال پيو پوي. پنهنجيون سرتيون هيڏا مٿا کنيو ڄڻ سير سير جا ٽوپلا وجهيو اچن، سي وڻن ٿيون باقي تون ۽ آءٌ نٿيون وڻون.“

”ادي واندي ٿي پاڻهي ايندي.“ زيبل مرڪندي چيو. ”پر ڀيڻ اهي وار ڏٺا اٿئي جيڪي ڳوڙهين ڳوڙهين وانگر مٿي ۾ چڪ هنيو پيا اٿن، آءٌ ته ڏڪيو وڃان. کڻي پڇين: ”ائي ٻچڙيون ڪوهه ٿيون آهيون اهو ڇا پاتو اَٿوَ؟“ ته چون:”ماسي اِها مگ (وگ) آهي.“ اسان جي بابي ڏاڏي به اهي ميگيون ڪون ڏٺيون! منهنجي ننهن کي لڳي مٺيان ته هاسڪار سندس ساهيڙين جي ٿي بيعزتي ڪريان.“ چيم: ”امان آءٌ ڪوهه بيعزتي ڪنديس،منهنجيون ته نياڻيون آهن. اسان ته اهي شيون نه ڏٺيون نه ٻڌيون.“

رئيسياڻي زليخان ڳالهايو پئي ته ننهڻس به ڪڪو هنج ۾ ڪري آئي، ”ماسي، بسم اللہ ڀلي ڪري آئينءِ.“ زيبل کي کيڪاريندي چيائين.

”ڌيءَ توکي مبارڪون هجن ڪڪي جون.اللہ بخشي بچائي ڏيئي.جيئن ئي خبر پئي اٿم تيئن ئي آئي آهيان.“ زيبل کيڪر جو جواب ڏيندي چيو.

زليخان جهٽو هڻي ڪڪي کي ننهڻس کان وٺي زيبل جي هنج ۾ ڏنو. بيبي زيبل جيڪا اڳيئي انهيءَ موقعي لاءِ تيار هئي تنهن پرس مان ڏهن جو نوٽ ٻاهر ڪڍيو.ڪڙڪ نوٽ ڏسي رئيسياڻيءَ جون واڇون مڙيئي ڪنن ڏي رڙهيون. چيائين: ” ائي ادي ڪوهه پئي ٿورا چاڙهين؟“

”ادي اهڙا ٿورا شال سدائين چڙهن.“ زيبل وراڻيو. ”ائي بختاور،“ رئيسياڻي رنڌڻي ڏانهن منهن ڪندي رڙ ڪئي، ”بيبي ڪاڻ ڪا چانهه پاڻي کڻي اچ.“

”حاضر جيجي؛“ ٻانهيءَ اندر ڪمري ۾ ايندي چيو، ”بوتل وٺي اچان؟“

”ائي سڃاتئي نه بيبيءَ کي!؟“ زليخان بوتل واري ڳالهه اڻ ٻڌي ڪندي پڇيو.

”هائو جيجي ڇو نه !؟“ بختاور ڪٽيل ڪموڊ جهڙا ڏند ڪڍندي چيو، اڃان ڪالهه ته مٺائي ڏيئي آئي آهيان.“

”ها امان،“ زيبل ايئن چيو ڄڻ ڪا وسريل ڳالهه ياد پئي هجيس، ”مٺائي ڏاڍي سٺي هئي؛ اصل حاڪماڻي چپ سان پئي ڀري، تنهن ته پنڌ وڌو!!“

زيبل جي ٽوڪ کي زليخان جي ننهن سمجهي ورتو جو شرم کان سندس منهن ئي لهي ويو پر سسڻس نه سمجهيو.تيئن خوشيءَ ۾ ڏيڏريءَ وانگر ڦونڊجي وئي ۽ تيز وکون کڻي رڌڻي ۾ بختاور کي وڃي جهليائين.

”مِٺن مُئي ڪڏهن بي سورو ويهڻ ڏنو اَٿو؟ بوتل اها پيئندي ته ٻيون نور وانگر ويهي ڏسنديون ڇا؟ ڏيڍ رپئي لڳي پئي آهي بوتل چار کن ته اچن. ائي گهوڙٽ!! ڇهه رپيا. مائي ماٺڙي ڪري چانهه جي ڦڙي کڻي ٺاهه، آئون به هڪڙو ڪوپ کڻي پيئنديس، سستي ٿي پئي اٿم، هڏن مان ٽڙڪاٽ پيا نڪرنم.“ زليخان آرس ڀڃندي چيو، ” ۽ ٻيو ٻڌ، اهي جيڪي وهاڻي وانگر گول گول ٺهيا پيا آهن اهي گرم ڪري چانهه سان گڏ آڻي رک.“

”جيجي!“ بختاور عجب مان پڇيو، ”اهو وهاڻي وارو ڇا آهي؟“

”ڌوڙ پويوَ هوريان ڳالهايو“ رئيسياڻي سڀني کي گڏ پٽيو، ”وهاڻي وانگر ڪونهن؛ جن ۾ قيمو ڀريل آهي.“

”ها جيجي ها، جيڪي ڏهه ٻارنهن ڏينهن اڳ ڪراچيءَ مان گراري واري مائي وٺي آئي هئي نه!؟“

”ائي هائو هائو، فرج ۾ پيا آهن جلدي ڪري وٺ.“

”آئي جيجي!“ بختاور فڪرمنديءَ مان چيو،”ڪالهه رئيس ننڍي فرج کوليو ته چيائين: اُڇلي ڇڏيو انهن ۾ ڇٽ آهي.“

”ائي سسڻس مان ڇٽ آئي هوندس. ڪوهه لاءِ اڇلين. هاري کان پيتا چڱا آهن. انهن کي ڇا آهي. انهن ڏٺا آهن اهڙا ڇا ٿيندا آهن؟ مٺائي به ته کيڌئون تنهن لاءِ ڪري ته پنڌ پيئي.“

هن پنهنجي پر ۾ گهڻئي هوريان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس ڦاٽل دهل جهڙو آواز تڏهن به وڃي ننهڻس جي ڪنن تائين رسيو. ننهڻس نه ڪئي هم نه تم ڪڪو زيبل جي حوالي ڪندي سڌو رڌڻي ۾ وڃي سس جي مٿان ڪڙڪي. بختاور جيڪا تئي تي پيٽيز گرم ڪري رهي هئي تنهن کي چيائين: ”هي پيٽيز کڻي در کان ٻاهر اُڇل.“

”ڪنوار، جيجي سانئڻ جو حڪم آهي ته ڪوسا ڪري کڻي اچان.“

”آءٌ ٿي توکي چوان، خبردار جو اندر کڻي آئي آهين. اُڇل نه ته رئيس کي چئي کل لهرائيندي سانءِ. اللہ ماريءَ وانگر ٻارنهن ڏينهن پيٽيز هليا آهن. ڪنهن غريب کي مارينديون ڇا؟“

”آئي تون ڪوهه ٻري وئينءَ.“ رئيسياڻي، جنهن رنڌڻي سان لڳ اسٽور مان چانهه لاءِ کنڊ جا چمچا ڳڻي پئي ڪڍيا ڪاوڙ مان چيو، ”تنهنجو نالو ته ڪونه ورتوسين؟“

”منهنجو نالو ڇو وٺندا. مان ته سچ ٿي چوان. مٺائيءَ جا به ته پاڻ سڀن کي منهن تي ويهي ڀونڊا گهڙيائين. ته به نه سمجهئي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا چوندي! سڀ ڪجهه اتي پيو هوندو چاچي، ايمان ڪريو. جيئن جهجهي دولت تيئن وڌيڪ بک!“ ننهڻس ٿورو تکائيءَ مان ڳالهايو.

”ائي تون ته ڍاولن جي آهين، اسين ته بکين جا آهيون.“ سسڻس ڦڪائي وندرائيندي چيو.

”ڇو نه آهيان ڍاولن جي جڳ جهان به چوندو.“ انگيءَ مان خرچيءَ وارا ڏهه رپيا ڪڍي جهمٽيءَ ڏانهن وڌائيندي چيائين:” چار بوتلون ۽ بسڪيٽ وٺي جلدي موٽ.“

..........              ..........                   ...............

بيبي زيبل سهي وانگر ڪن اُڀا ڪيو رڌڻي مان ايندڙ آواز ڏانهن لڳايو ويٺي هئي، تنهن ڪنوار کي ڏسي مشڪندي چيو: ”بس ڙي امان، ڪٿي چور سڃان ڪٿي ڍور سڃان. تنهنجي سس به زور آهي.“

”بس ماسي؛ ڪهڙا سور ٻڌايانو، مڙئي پيو وقت پاس ٿئي.“ ڪنوار شرمساريءَ مان وراڻيو.

”ائي امان تون ڌيءَ آهين، توکان ڇا لڪايان.“ ڳالهه کي وزن ملندو ڏسي زيبل جي همت وڌي؛ ”مٺائي کائڻ سان هيڏي ساري ڳئون بيهوش ٿي وئي. اللہ کڻي ڪو وسيلو ڪيو نه ته وسن جهڙي ڳئون ٿي هٿن مان وئي. ٻارنهن رپيا ڏيئي دڪان تان چار سير کير گهرايم؛ سي به گهوريا پر ٻار گهر جي کير تي هريل سي راتوڪي رات ۾ پاؤڊر ۽ پاڻيءَ وارو کير پي بيمار ٿي پيا دست الٽيون بيهن ئي نه، اهي سور جدا ڏسڻا پيا. مون سان نسورو ويل ٿي پيو.“

”بس ماسي؛ ڌڻي کڻي خير ڪيو. آءٌ به توهان ڏي سنبريس پئي. لاليءَ سان ته هڪ ڀيرو ملاقات ٿي هئم باقي توهانجي ننهن ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ اٿم.“ ڪنوار ڳالهه بدلائڻ خاطر چيو.

ايتري ۾ بختاور بوتلون ۽ بسڪيٽ آڻي اچي اڳيان رکيا. رئيسياڻي زليخان به پٺيانئس سهڪندي آئي. ”ائي زيب، خوش ته ويٺي آهين؟“ ايئن چوندي پلنگ تي ٿي ويٺي، ” اُڀ ساهي بيهڻ ئي نٿي ڏئينم. نوڪرياڻين سان مٿو پئي هنيم. مٺيون ڪجهه سمجهن ئي ڪين ٿيون. جيئن مولودن تان موٽي آهيان، تيئن سگهي ڏينهن ڪاڻ پئي سِڪان!“ ايئن چوندي زليخان ٽراليءَ تي لامارو هنيو. ڪجهه بسڪٽ وڃي هيٺ گلم تي ڪريا جيڪي علوءَ ماءُ ميڙي کڻي کوهه جهڙي وات ۾ وڌا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com