سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

 

صفحو :7

”مار!! ڏاڍو ڪو جوش وارو آهي؛ پر مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو، اڳڙين جو گڏو به ڀلا ڪو مڙس چئبو....“ پاڻ کي آٿت ڏيندي سوچيائين.

شينهن جهڙو مڙس پگهر ۾ شل ٿي هن جي ڀر واري کٽ تي پکي هيٺان اچي ويٺو. هوءَ زالن جي سدا جوان ادائن پٽاندر همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ، جيئن جو تيئن مُنهن ويڙهيو پئي هئي. هيڏانهن هو ڀرئي مَٽ جيان همدرديءَ جون اُميدون رکيو ويٺو هو، پر ڪوبه ٻوٽو ٻرندي نه ڏسي آخر پاڻ ئي ڪُڇيو.

”ڊيٽال ته ڏجان، ٺونٺ مان رت پيو وهيم.“

”ڇا مان پيو رت وهنئي!؟“ هِن ڪنن تان چادر هٽائيندي بيتابيءَ مان پڇيس.

”ٺونٺ مان، ٺونٺ مان!  ٻڌءِ ڪو نه ڇا؟“

”الله پناهه ڏي، آءٌ ته سڄي ڊڄي ويس ته الائي ڇا مان پيو وهي.“ .... هوءَ نزاڪت مان ائين چوندي منهن بڇڙو ڪري سنڌن جي سور جي مريض وانگر اُٿي.

”آلا....!.... چُري به نٿي سگهان.... سڄو بدن ڄڻ ڀڄيم  پيو، ٽڙڪاٽ پيا نڪرنم، پر تنهنجو رت ڏسي ٿي اُٿان  ته متان  تون دل ۾ اهو نه سوچين، ته اٺين ڏينهن مهمان ٿي ٿو اچان ته منهنجي اها عزت آهي!“ وهنجڻي مان ڊيٽال آڻي ڪپهه جي ٻُڙي تي لڳائي. رت اُگهڻ کان پوءِ مِٺي زهر جي ڇُريءَ سان چهڪ ڏيئي لوڻ ٻُرڪيندي پڇيائينس:

”مَس ڀوپيءَ ڇڏيو اٿئي جو آيو آهين.“ هُن جي زال ايمڻا جو ذڪر هوءَ ڀوپيءَ جي نالي سان ڪندي هئي. ”ڪيترن ڏينهن جي موڪل ڏني اٿئي ڀوپيءَ؟“

”هُون! هُوءَ ڇا موڪل ڏيندي مان پاڻ ڇڙو ڏيڍ ڏينهن لاءِ آيو آهيان.“

”بس ڏيڍ ڏينهن لاءِ! ڇو؟ مون ڪو ڏوهه ڪيو ڇا.... اٺ ڏينهن رهين ڀوپيءَ وٽ ۽ ڏيڍ ڏينهن مون وٽ! آءٌ ڪا اُن ڀِپ کان به ويس ڇا، وري به جوان ته آهيان ايڏي سونهن کڻي ڪو نه اٿم.“

”ڪير ٿو چوي ته تو ۾ سونهن ناهي، ڪو تو جهڙو ٿي ته ڏيکاري“ اک ڀڃندي چيائينس.

”پيارا مان ته پاڻ کي ڪجهه به نٿي سمجهان، پر هُن گل کان وري به چڱي آهيان، پاپن جي پڃري کان ته سٺي آهيان، جنهن کي ڏٺي پيو ڊپ وٺي.“ ائين چوندي مُنهن ۾ جُوهه پائي ڏٺائينس.

”آئي هان! اهو اکين کي ڇا ٿيو اٿئي؟“

ڇا ٿيو اٿم؟“ هُن هراس مان تڙتڪڙ ۾ اکين تي آڱريون ڦيريندي پڇيو.

”ڏرا ڇو ڏيئي ويون اٿئي؟ من ته تنهنجو منهن هينئر جاچي ڏٺو آهي.“

”تو کي ته سدائين مسخري سَجهي“ هَن چڙ مان چيس.

”نه نه، الله جو سنُهن، مسخري نٿي ڪريان- هي ڍڳي گاڏيءَ وارو مَکُ اکين ۾ ڇو هنيو اٿئي؛ ويٺو هنئين ڇا ڍڳي گاڏيءَ ۾ جو هٿ اک کي لڳي ويئي.“

”هَه هَه ....،“ ڍرو ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين . ” اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي؛ اڄ ايمڻا سُرمو  پارايو هئم.“

”پوءِ سُرما پائي سُهاڳي ٿيو  اُتي پيو هجين ها نه مون ڏانهن ڇو آيو آهين؟“

”تون ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪيو  ويٺي آهين، هاڻي ڇڏ روسامو.“

”کري آهي ان پيريءَ ۾، جو نوان نوان لاڏ ڪري ٿي توکي پرڀائي. وڃي مُنهن تي ڇنڊو هڻ، هنيانءُ ٿو ڦاڙينم.“ ناز مان نڪ گهنجائيندي چيائينس.

”اَڇو رَئو ڪِليءَ تي ٽنگيو پيو اٿئي، انهيءَ جي ڪنڊ پُسائي اکين کي زور سان مَهٽ ته ڪارنهن نڪري.“

”حاضر منهنجي سانئڻ، حاضر!“

هو اُٿي وهنجڻيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو، ته هيءَ وري کٽ تي اَهلجي پئي ۽ هٿ ڊگهيري  سائيڊ ٽيبل تان ننڍڙي آرسي کڻي پنهنجو منهن جانچيندي  وڏي واڪ چيائين:

”’سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير‘ مون کي ته ڏس، ڪيئن نه ٺهي ٿو، اکيون کُليون  ٽونئر ٿيون پون، تو وانگر نه ته ماڳهين اندر گهڙيو وڃن.“ آرسي واپس رکندي چيائينس: ”تون ته وري به سدا ملوڪ آهين، ڀوپي پائيندي هوندي  ته صفا مَمڙي لڳندي هوندي. رڳو سرمو ئي سرمو ڏسبو هوندو؛ اکيون ته ڏسبيون ئي ڪو نه هوندس، نئون ماڻهو ڏسيس ته ڀائين ڄڻ اکيون ئي ڪو نه اٿس. وري خدا جي قدرت جيڏانهن وڃي ته سون پائي! نه منهن نه مهانڊو.“

”مون ته ڪو نه ٺهرائي ڏنو اٿس، ويچاري پنهنجو  کڻي آئي هئي.“ هُن وهنجڻيءَ کان ٻاهر اچي اکيون مهٽيندي چيس.

”جنو نوريڙيءَ ٿي ڳالهه ڪئي، ته عشق مان توسان پرڻو ڪيو هئائين، جڏهن مسواڙي هوندو  هئينس ته  منگهه مان سُرهيون چٺيون اُڇليندي هيئي. نوٽن جون ٿهيون ۽ سون جون ڳوٿريون  جهٽائيندي هُيئي. چئبو ته ملڪيت واري هئي، تنهنڪري سيرڙو  ٻوهي ۾ ڏنئي!“

”اهڙين  گلا خور رنن کي اچڻ نه ڏيندي ڪر، جو هروڀرو دليون خراب ڪن.“

”آهي به توهان جي شريڪياڻي، منهنجي ڪا ساڻس ربي ڪا خريفي! تون به ته مون کان لِڪي لِڪي ڀوپيءَ  کي شهر گهمائڻ ڪاڻ وٽس آڻي رهائيندو آهين؛ مون کي به سڀ خبرون پيون پون، پر مون ڪو ڪڏهن ڪُڇيو؟“

”گهمائڻ وري ڇا جو،“ هن سگريٽ جو سهارو ڳوليندي کيسا ڦولهيا. ”علاج لاءِ آڻيندو آهيانس.“

”هائو علاج! ڄاڻان ئي ڪو نه ٿي؛ اِهي جوڻهين جهڙيون شهر گهمڻ ۽ خريداريون ڪرڻ ڪاڻ“ سدائين اگهيون ٿيون، اسپتالن ۾ ڪمرا بُڪ ڪرائي، محفلون مچايون ويٺيون هونديون آهن. گهمي ڦري، ريشم گليون لتاڙي، دڪان ٻهاري، پٺاڻن جي خيمن مان ڌڪا ٿاٻا کائي، وري اگهيون ٿي اچي ڪمري منجهه ڊهنديون آهن.“

”دلبر، هاڻي سُر ۾ اچ؛ ڇڏ پرائي پچر، ڪي قرب جون ڳالهيون ڪر، ته مان به خوش ٿيان.“ هن ساڻس پڄڻ جي ڀيڻي نه ڏسندي ڳالهه بدلائي ۽ ٻنهي هٿن جون آڱريون پاڻ ۾ ڳنڍي، ٺڪاءُ ڪڍي خوفناڪ آرس ڀڳائين. هوءَ ڏڪي وئي.

”ڇا ٿيئي؟“

”ٿيندم وري ڇا،“ هُن اکين ۾ خمار ڀريندي وراڻيس: ”تنهنجي قرب جو بکيو آهيان. هيڏيون منزلون خاص تولاءِ ته ڪري آيو آهيان. هت ته اچي ويهه، ايترو پري ڇو ويٺي آهين؟“

”آءٌ اِتي ئي چڱي آهيان“ هُن ماڻو ڪندي وهاڻو جهٽايس. ”اچي هي ويهاڻو رک؛چيلهه سنئين ڪر ته مان تنهنجي ڪاڻ چانهه ٻانهه ڪاڙهي اچان.... چاڪ ته ڪونه آهيان.... پر ڇا ڪيان.... اَلا....ا....ا....“ هن کٽ تان اٿندي، پيڙا مان چيلهه کي جهليو، وک وک ۾ کڻي رڌڻي ڏانهن وئي. اِهو لقاءُ ڏسي هُن جا ڇيهه ڇڄي پيا؛ ڪي گهڙيون ته ٽٻيءَ ۾ پيو هو؛ پر پوءِ دل ئي دل ۾ ڪو حساب ۽ ڳڻپون  ڪري سامت جو ساهه کنيائين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ ڪشن واري چيچاٽي بوٽن سوڌو رڌڻي ۾ ڪاهي پيو. چُلهه وٽ صندليءَ تي ويٺل ڏسي پٺن تي زور ڏيندي لاڏ مان چيائينس: ”جاني تون چاڪ ناهين، ڇڏ کڻي انهيءَ چانهه جي خفي کي.“

”آ.... آ.... هه.....“ هن پٺيءَ کي سنئون ڪندي راحت مان هلڪڙي دانهن ڪئي. ”آءٌ ته اِنهن مرداڻن ڀيڙن ڪاڻ جهڙي ڪر ٻاڙيل هئس.... ڪالهه دائي حليمان کان مالش ڪرائي ڀيڙا ڏياريم ته ماڳهين بُڇان پئي آئي، ڄڻڪ ماڪوڙا پئي بت تي سُريا.“ منٽ کن جي آسيس کانپوءِ اُمالڪ هٿن کي جهليندي چيائينس: ”بس، ميڏي سائين! هاڻ گهڻيون هلاڪيون نه ڪر، اهو تنهنجو شان نه آهي. هلي پڌر ۾ ٿي ويهه، ٿڌيون هيرون پيون لڳن، مان اجها ٿي چانهه کنيو اچان.“ هن پنهنجي ادائن جا تير نشاني تي لڳندي ڏسي، ناز مان کيري ٿيندي چيس. هُن مرڪي نهاريس ۽ ڪو گيت جهونگاريندي، پڌر ۾ اچي آرام ڪرسيءَ تي ڄنگهون پکيڙي ويٺو؛ رکي رکي پير به ٿي لوڏيائين ته سيٽي به ٿي وڄايائين. ايتري ۾ هن چيتڻ جهڙي چيلهه کي موڙا ڏيندي، چانهه جا ٻه مگا ٽري ۾ آڻي اڳيان رکيس. پاڻ به سامهون ڪرسيءَ تي  ويٺي. چانهه ڏسڻ سان هن جي اکين ۾ تازگي اچي ويئي؛ پر پهرئين ئي ڍُڪ پيئڻ سان ڍُرڪي پيو، لوبان جهڙو منهن بڻائيندي چئينس:

”چانهه جي پتي آ، ڪين اگر بتي!؟“

”پاڻ ئي ته آندي هيئي، پيارا!“

”مان ته ولايتي سهڻا دٻا آڻيندو آهيان، جيڪي عام جام پيا وڪرو ٿين.“

”تڏهن مون اِهي اگربتيون ڪٽي وڌيون اٿمانس؟“

دلبر ائين ڪٿي ٿو چوان، مان ته پاڻ حيران آهيان ته اهڙا سهڻا دٻا....“

”تون پاڻ ڏس، انهن سهڻن جو حال اجهو اهو اٿئي. ’مٿُون چَکي مَکي، اَندرون بُڙ بُڙ دَکي‘، انهيءَ کان ته  پنهنجي ديسي چانهه چڱي. پرائي چلڪي تي هر کجڻ مردن جي هونءَ ئي پراڻي عادت آهي. ولايتي دٻا هجن يا پرايون زالون، چِلڪي تي واڇ پٽجيو وڃين.“

”جاني، اهي تير مونڏانهن ته نه اُڇل، مان ته تنهنجي خمدار زلفن جي ڪوڙڪي ۾ اڳ ئي سُڪ ٿيل آهيان.“

”هائو، بلاشڪ! بلاشڪ! تڏهن ته اڪيلي ننڌڻڪي غيباڻي  ٿيو پئي هوندي آهيان!“ ڦري گهري کيس پنهنجي درد اچي ورايو.

”منهنجي دل، اهي جدايون وقتي آهن، مان ڪوشش ۾ لڳو پيو آهيان، ته توکي هلي پاڻ سان گڏ رهايان.“

”جڏهن عضوا پينگهون ٿيندم، تڏهن ڪلهي تي کڻي هلي ٽنگيندينم ڇا؟“

”ڳالهه ٿي ڪري! اڃان ته پاڻ ٻئي ننڍا آهيون.“

”جوانيءَ جا ڏينهڙا به ته اهي چار ٿيندا آهن، نئين ته ڪانه ساماڻبس!“

”فڪر نه ڪر، تون سدائين جوان رهندينءَ.“

فڪر ڪيئن نه ڪريان، اِنهن رات ڏينهن جي اوسيئڙن ته منهنجو سِر وڃائي ڇڏيو آهي.“

”جاني اوسيئڙي ۾ جيڪو مزو آ سو ملڻ ۾ ڪٿي؛ هو ٻڌو نه ٿي.... ڳولهيان، ڳولهيان  مَ لهان....“

”ها، باقي اِها ڪسر رهيل آهي، جو سندرو ٻڌي ڳولهيندي وتانءِ...“

”مِٺي ڇڙو مثال ڏنم، ڳولهينديئن ڇا لاءِ، مان ته تنهنجي هر ساهه ۾ سمايل آهيان.“

اِنهيءَ جواب هِن کي ڪوري ٺڪر جيان ٺاري رکيو. مٺي لهجي ۾  ڏوراپو  ڏنائينس:

”اٺين ڏينهن ايندو هئين، هاڻ ته ٻه ٻه هفتا به گذريو وڃن. اڳيون قرب نه رهيو ٿئي مون ساڻ.“

”اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي جاني، مان ته پَل به تو بن نٿو گهاري سگهان؛ ڇا ڪيان ڪڏهن ڪم ڪاريون ٿي پونديون آهن.“

گذريل هفتي ڇو نه آئين؟ تنهنجي واٽ تڪيندي اکين جون ڏياٽيون ڄڻ اُجهاڻيون ٿي.“

”گهر چاڪائي ڪو نه هئي تنهنڪري نه اچي سگهيس.“

”ڇو، وري ڪهڙو ڇٽو لڳس؟“ مصريءَ جهڙي زبان اوچتو ڪَڙي بادامي بڻجي ويس.

”چوٿون مهينو اٿس.“

”اونهه، اِها ته مهيني مهيني ڪوڙ ڪيو ويٺي اٿئي ته پيٽ سان آهيان. ڪٿان آيس پيٽ! ويٺي توکي خوش ڪري. مکڻ کي به ڪڏهن ڏند ٿيا آهن؟“

”ڪوڙ ڇا لاءِ ڪندي“ هُن زهر جي ڍڪ وانگر چانهه کي ڳيت ڏني. ”ويچاريءَ کي ٿئيس ٿو پر بچيس ڪو نه ٿو.“

”بس بس گهڻو ٿيو، اِهي اَڀر نه ٽوڙي ته وڻي ڪيئن!“

”هينئر تازو ڏيڍ مهيني جو ٻار ڪريس ته دائيءَ جي چوڻ سان، مکڻ ۾ گڏائي ڳڙڪائي ڇڏيائين.“

”توبهه! اَلا!! اَخ.....خ!“ اڌ ڀريل مگو ڌڪار مان پري ڌڪي چوڻ لڳي:

”منهنجو ته روح ئي ڦيرائي ڇڏيئي.... پچڪ.... رن ڏائڻ ٿي جا ٻچا ويٺي ڳيهي الله پليندس پنهنجي پلڻي.“

اِهو ٻڌي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، چڙ مان چيائينس: ”تون ته سدائين ماڻهن تان چٿرون ڪرين.“

”چٿرون وري انهيءَ ۾ ڇا جون آهن پيارا، سچ چوڻ ۾ ڇو ٿي باهه لڳئي! سياڻن صحيح چيو آهي ته هن زماني ۾:

”’سچ مِرچان، ڪوڙ ڳُڙ؛

پير پئسا، زال گر‘“

اڇا ته هفتو ڇڙو تو وٽ رهان، ته تون ته منهنجو جيڪر اندر ئي ساڙي ڇڏين! ڏيڍ ڏينهن ٿو اچان ته به سڙيو جليو پوءِ ٿو وڃان.“ هن مگو خالي ڪري سگريٽ دکائيندي چيس ”ها....ا....ن! توکي ايڏي ڀوپيءَ جي چڙ لڳي آهي؛ پر اڃا جي نڪاح ڪري سامهون وٺي ويهاريندين، پوءِ ته سندس چوڻ تي روز موچڙا به ٺوڪيندين!“

هن جو هڪدم موڊ بدلبو ڏسي سياڻي سياستدان وانگر پلٽو کائي ويو.

”چري آهين؛ اجايا ٿي خيال ڪري، آءٌ سڄو تنهنجو آهيان. مون ته ڀوڳ ۾ تنهنجا آزمودا ٿي ورتا.“

”ڪهڙا ٿو منهنجا آزمودا وٺين، ڪو آءٌ لُچي لفنگي آهيان ڇا؟ اڳ ڪو نه ڏٺو هيئه ڇا؟ منهنجو مرحيات بابو؛ خان خانان تر جو وڏو زميندار، ڏاڏو جاگيردار، پڙ ڏاڏو پر گڻي جو حاڪم، آءٌ اصل خاندانڻ، حاڪم زادي پر اِها ته منهنجي قسمت هئي جو:

”منهن ڌوڙ مٽي سر پايم،

سارا ننگ ناموس وڃايم،

ڪوئي پڇڻ نه ويڙهي آيم،

هٿئون اُلٽا عالم کلندا، ڪوئي محرم حال نه ملندا، ڪيا حال سڻاوان دل دا...“

هن ڪن تي هٿ رکي غلام فريد جي ڪافي زاهدا پروين جي اسٽائيل ۾ ڳائڻ کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو:

”هئه نصيب! ڪتو به کاڌم ڪک به نه ڀريم!“ اهو ٻڌي هن جون اکيون ٽانڊاڻا بڻجي ويون، پر سور پي  ويو.

چئبو ته هاڻ مان ڪتو به ٿيس!“

”ڪو توکي ٿي چوان ڇا، اِها ته چوڻي آ.“

”بس، تنهنجي پريت مان اسان کي اهي ئي نتيجا ملندا....“

”ٻيو ڪهڙا ملندئي؟ ڀوپيءَ وانگر مون وٽ کڳل ته ڪونهن،جيڪي منگهن مان جهٽائيندي هيئي، جو اڄ وڻي ٿي. اسان منگهن مان ممڙين وانگر عشق ڪو نه ڪمايا، اسان ظاهر ظهور ڀير تي ڏؤنڪو هڻي تنهنجي قرب ۾ ڪنڌ نوايو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com