سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

 

صفحو :8

”الائي ڪير ٿو اچي توسان اِهي خبرون ڪري!“ پريشانيءَ مان سنڌ جي نقشي واري رنگ برنگي ٽڪن جي ٽوپي لاهي، مٿو کنهندي وراڻيائينس.

”ميهڙ مان ڀوپيءَ لاءِ ميندي جا دٻا گهرائين. حيدرآباد مان ’ڪالا ڪولا‘ جا ٽيوب آڻيو ڏينس. اِهي مکي هاڻي  جوان ٿي ٿئي؛ ولايتي ڪڪڙ وانگر جيڪا چمڙي پئي لٽڪيس، تنهنجي ڪا ڪل ئي ڪانهيس، اُنهيءَ جو به ته ڪو بِلو ڪرينس نه!“ هن ڄڻ زهر اوڳاڇيو.

جواب ڏيڻ لاءِ هو ٿورو منجهي پيو؛ پر ذهن ۾ آئڊيا جو بلب روشن ٿيس. سگريٽ ساسر ۾ چٿيندي؛ ٽوڻن ڦيڻن کي ڍال جي طور استعمال ڪرڻ جو طريقو ڳولهي لڌائين.

”جاني! خبر ناهي مون کي ڇا ڪيو اٿس، ڪهڙا ڦيڻا وڌا اٿس، جو مان هن آڏو انڌو ٿيو پيو آهيان.“

”ڇا وري ڇا ڪيو اٿس“ وار نشاني تي لڳائيندي وراڻينس. ”رڳو سون تي سر ڏيو پيو آهين.“

”منهنجي ليليٰ.... منهنجو سر ته مجني وانگر رڳو تنهنجي محبت ۾ مستان ۽ غلطان آهي.“

”موچڙو هڻان اهڙي محبت کي جنهن ۾ هوند شڪر نه ٿئيم“ ائين چوندي ڳلڙيون ڦوڪي، منهن سونڊائي، ماٺ ڪري ويهي رهي. سج به سوڙ وجهڻ جي تيارين ۾ هو، ساسرون سگريٽ جي ٽوٽن سان سٿجي ويون. هن کي پنهنجو پنڌ هن ڀيري صاب پوندي نظر نٿي آيو. ڪي پل ٻاٽ اونداهه جهڙي ماٺ رهي. آخر هيٺين واٺ وٺڻ کان سواءِ ٻي واهه نه سُجهيس. ڀانيائين، لڳو ته تير، نه ته تڪو. نماڻي آواز ۾ چيائين:

”منهنجي مٺي، ڪجهه کارائيندي پياريندئين يا بکئي کي ويتر بک ماريندئين؟“

”جيڪي چئو.“ ٻن هفتن  جون سانڍيل باهيون ڪڍڻ کان پوءِ ڪجهه هلڪي ٿي.

” گهڻي تڪليف نه ڪجان جاني....“ هو سنگهه ڪڍي ساڃو ٿيڻ لڳو.

”چڱو ته پوءَ آءٌ پٽاٽو ٿي تري وٺان، تون اسٽور تان پڪين پڪاين جو هڪ پئڪيٽ وٺي اَچ.“

هن ٽپائيءَ تان مگا ساسرون کڻندي وراڻيس. ”نه نه، ڌوڙ وجهين پٽاٽن کي! پڪيون پڪايون کارائي ڇو ٿي منهنجا ٻئي جهان وڃائين!“

”ڇو انهيءَ کي وري ڇا ٿيو؟“

”ماڻهن الاهي وهم وجهي ڇڏيا آهن، پوءِ ڇا ڪجي، تون اُٿي چانور ٺاهه، ته مان چهر وٺيو ٿو اچان.“

”ٿڪو آيو آهين، ماٺ ڪري سمهي رهه. پٽاٽو نٿو کائين ته واڱڻ يا ڀينڊيون تري ڏيانءِ. ڇٻيءَ ۾ ڪريلا به پيا آهن.“

”اِهي ترڪاريون مون کي نه وڻنديون آهن.“ ائين چوندي ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اُٿيون، ٿرماس کڻي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو ته ساڳيون  ڇڻ ڇڻ وارو ٽانگو مليس. شهر جو چڪر هڻي، ٻه ڪلو برف ۽ ڏهن رپئي جي چهر وٺي واپس گهر اچي لٿو ته هوءَ به ڀَت کي دم ڏيو ويٺي هئي.

رات جو ماني ٽِڪي کائي ورانڊي جون چِڪون ڪيرائي، فل اسپيڊ پکا هلائي ۽ کٽون گڏائي جڏهن ليٽيا، ته هن ڏٺو ته اهو وقت اٿم ’چيتي‘ ٿيڻ جو، سو وٺي پنهنجا سُرڙا ڪڍيائين. هن کي خبر هئي ته اُکريءَ ۾ مٿو وجهبو ته مُهرين کان ڪهڙو ڊڄڻ! کيس جان عالم جي طوطي واري شهزادي وانگر، ڪيترن ئي مرحلن مان گذري پار پوڻو هو، سو صبر سان ڪن ڏيو پيو هو..

”ڳالهه ٻڌي اٿئي....“ هن جي پيشانيءَ تي پيل سُرهي چڳ سان کيڏندي چيائين:

”ڪهڙي دلبر؟“

”ڪالهه سوناري قادو ڀائيءَ وٽ وئي هيس.......“ اهو ٻڌي هن جي گستاخ هٿ کي ڄڻ اوچتو ريل جو بريڪ لڳو.

”پوءِ“ ٻڏل آواز پاتال مان اُڀريو.

”في الحال ٻن تولن جا جهومڪ ۽ ٽن تولن جو هار چئي آئي آهيان، ايندڙ هفتي تيار ٿي ملندا.“

”جاني خبر اٿئي تولو سون جو ڪيتري آهي؟“

”ڪيتري به هجي، نيٺ به ڪامورو آهين.“

حالتون ساريون پيون اٿئي، اڳوڻيون ڪمايون ڪٿي آهن.چوڌاري ڦٽڪن جا ڦهڪا پيا پون، هٿن سان مارائينديم ڇا؟

”جيڪي الهه تلهه هيئي، سو ڦري ويئي ڀوپي، هاڻي اهي بهانا نه ڪندين ته ٻيو ڇا.“

”مهينو کن ترس، پوءِ جيڪي چوندئين وٺي ڏيندو مانءِ.“ ائين چوندي چپن تي انجام جي مُهر هنيائين.

”اهو به تنهنجو انجام آزمائيندس. ڏسان ته ڪيئن ٿو پارين!“

”پياري جيڪو ڪجهه ڪريان ٿو، سو سڀ تنهنجي لاءِ ئي ته ڪريان ٿو، توکان وڌيڪ ميٺو ڀلا ڪير اٿم.“

”ڀوپي به نه؟“

”نه جاني!“ هن گهڙيال ڏانهن تڪيندي ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.“

”سچ!؟“

”تنهنجي سِر جو سُنهن!“

”پوءِ ڀوپيءَ سان ڪيئن پيو گذارو ڪرين؟“

”مڙيوئي پيو لکيو لوڙيان!“

”ڀلا هڪ ڳالهه ته مڃيندين نه؟“

”چئي....“ هڪ وار وري هُن جون يڪجا ڪيل سموريون طاقتون وسامڻ لڳيون.

”شريڪن جون شاديون اچي سِر تي ڪڙڪيون اٿم، سڀاڻي مون کي گهڙي، سينڊل ۽ ٻه ٽي وڳا وٺي ڏيڻا اٿئي....“

”مِٺي سڀاڻي جون ڳالهيون سڀاڻي سان، هينئر ڇڏ اهي لهڻا ليکا...“ هُن سندس بدن جي مهڪار ائين جهٽي ڄڻ ڦوڪڻي ۾ گئس ڀري رهيو هجي.

”انجام ٿو ڪرين نه؟“

”حاضر منهنجي سائڻ حاضر!“ هُن جو انداز ڪمپيوٽر جهڙو ٿي پيو.

”سور کان لڱ پيا ساڻا ٿينم....“

وري ساڳيو سهاپو شروع ڪيائين.

”دلبر اڃا ڪيترو تڙپائيندين، هاڻ ته يارهن به لڳي ويا!“

”پنهنجي رات ته ٻارهين کان پوءِ شروع ٿيندي آهي سهڻا“.

شوخيءَ مان وراڻيائينس ۽ پوءِ دير تائين ڳالهيون مُهاڙيون ڪري سڀ ليکا چوکا لاهي ڦان ٿي سمهي رهيا.

مومل هونئن ته ڪڪڙ جي پهرئين دس سان ئي اُٿي کڙي ٿيندي هئي، تنهن کي اڄ ڏهه لڳي ويا. هن جي اچڻ ڪري هميشہ کيس دير سان جاڳ ٿيندي هئي. اها ڪا نئين ڳالهه ته نه هئي؛ پر هر ڀيري کيس دير سان اُٿڻ تي اجايو تعجب ٿيندو هو.

”آئي الا! سج مٿي چڙهي آيو، نه چانهه نه پاڻي نڀاڳو کير وارو ئي هليو ويو هوندو. الائي ڪهڙا کيپ چڙهيم، جو آواز ئي ڪونه ٻڌومانس“.

هو، جو نرم ويهاڻن کي ٻک وجهو، اونڌو ٿيو پيو هو، تنهن کي به مومل جي آواز تي جاڳ ٿي. ڪر موڙيندي چيائين: ”جاني، هاڻي ججهي کنڊ وجهي سليماني کڻي ٺاههِ. هينئر مون کان هليو ڪونه ٿيندءِ جو وڃي کير وٺي اچان“

مومل وهنجڻيءَ ۾ ٽوال صابڻ ۽ بالٽي ڀري رکي آئي، پوءِ سليماني چانهه جو ڪوپ آڻي ڏنائينس جنهن کي پيئڻ کان پوءِ هو اٿڻ جهڙو ٿيو. وهنجي سهنجي ٽوال جي گوڏ ڪري ٻاهر آيو، ته هن سلوار ۾ اڳٺ پئي وڌو. ڪپڙن پائڻ کان پوءِ ڳيهلو ٽوال ڏيندي چيائينس: ”ڀلا ڪا نيرن ٻيرن ته ٺاهي، رڳو سليماني چانهه جي اڌ ڪوپ تي ٽاريندينءَ ڇا؟ منهنجو ته بک کان هيانءُ ٿو لُڙهي.“

”اللہ پناهه ڏينئي، هيانءُ لڙهي تنهنجي دشمنن جو، تون منهنجي سر جو تاج، گلي جو هار، توکان سواءِ منهنجو ٻيو ڪير آهي.“؟

”پوءِ اُٿ ڀلا ڪو بِلو ڪر، بک کان مران ٿو“.

”مرن تنهنجا ويري ۽ جيڪي توکي ڏسي نه سهن، آءٌ پاڻ اُٿي تنهنجي ڪاڻ اُڦراٽا پچايان؛ پر ڀانيان ته اهي گهڙيون به توسان ويهي گهاريان، رڌڻي ۾ ڇو وڃايان؟“

”ڍؤ بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جي“ هن آئيني آڏو وارن ۾ تيل هڻندي چپن ۾ جهونگاريو.

”ڪالهوڪيون ’پڪيون پڪايون‘ پيون آهن. اڄ کڻي کائي ڇڏ. ڪجهه نه ٿيندئي. انب به ميڙي پُسائي رکيا اٿم، چئو ته ٻه چار آڻي ڏيانءِ، انهن سان کائي حالي هيانءَ جهلو ڪري وٺ، ڏينهن به اچي چڙهيو آهي، ٻنپهرن جو ته هونئن به هوٽل تي کائينداسين.“

هن هوٽل واري ڳالهه ڪاپاري ڌڪ جيان بچائيندي انبن سان ماني کائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي.

هيانءِ جهلو ڪري وري اچي کٽ ڀيڙو ٿيو. هوءَ به ڀر ۾ ائين اچي ليٽيس ڄڻ ڪا سوڀ کٽي هجيس.

”رات چيئي ٿي نه ڪپڙا ۽ ٻيو سامان وٺي ڏيندين“

”چيو هئم ڇا؟“ هن ڀورائيءَ مان پڇيس.

”ته تڏهن!“

”مِٺي تنهنجي قرب اهڙا نشا ڏنم، جو خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويو هئس“.

”اونهه، رڳو سکڻي جان ٻچن تان قربان.“

”هن ڀيري پئسا گهٽ آندا اٿم، ٻئي ڀيري ڏسجانءِ ته ڇا نه ٿو وٺي ڏيان پنهنجي مٺي مومل کي!“

”چئبو ته هن ڀيري گهمائيندين ڦيرائيندي به ڪونه؟“

”اُٿ ڀلا، جلدي تياري ڪري وٺ ته چڪر ڏياري اچانءِ.“ اهو ٻڌڻ سان هوءَ وڃي تيارين کي لڳي. هن تي ٻيهر ننڊ جا نشا چڙهڻ لڳا. ڪلاڪ کن مس آرام ڪيائين، ته هوءَ به سورهن سينگار ڪري، عطر عنبير مکي، اچي سيرانديءَ کان ويٺيس ۽ چميون ڏيئي ننڊ ڦٽائي ڇڏيائينس.

هن اهو سڄو ڏينهن رڪشا ۾ چاڙهي راڻي باغ، ڄامشورو برج، هوٽل ۽ فلم تان گهمائي آڌيءَ رات جو گهر واپس آڻي ۽ ويندي ويندي سمورو حساب ڪتاب پورو ڪري، اسر ويل ڳوٺ لاءِ ريل ۾ چڙهي روانو ٿي ويو.

مومل ’نئين زندگي‘ مان لڏي ويا، اڏي ويا سُخن جي عمارت‘ جو اڀياس ڪندي ٿڌو ساهه کڻي اُداس اکين سان در ديوارن ڏانهن نهار ڪئي. هن جي دم سان هڪ اڌ ڏينهن لاءِ به ڪيڏي نه رونق هئي گهر ۾... وري اٺن ڏينهن جو وڇوڙو ....اوسيڙو...يا نصيب! اڃا چار ڏينهن اوسيئڙي جي عذاب جا مس ڪاٽيائين ته صبح جي پهر اوچتو بندري قد واري چالاڪ جنو نوريڙي، جنهن ساڻس چنڊو چنڊي کي ڳولهي لهي، جي بنيادن تي پراڻي شناسائي هئي سا اچي نڪتس. پڌر ۾ پيل ڪاٺ جي صندل تي ويهي پنهنجا بندرڙا هٿ نچائيندي ۽ نوڙيڙي جهڙيون اکيون ٽماڪائيندي چيائينس: ”خبر اٿئي ٽيو ڏهاڙو شهباز جوءِ کي علاج لاءِ منهنجي گهر آڻي رهايو. اجهو هاڻ موڪلائي ويا آهن.“

”مون ڏانهن ته ڪونه آيو!“

”تنهن ڏينهن ڀانيان ٿي ته ويچارو توڏانهن ئي پئي آيو، پر اللہ منهنجي توبهه، منهنجي زاري؟“

 جنو نوريڙيءَ پٽ سان ٻئي بندريون آڱريون ڇُهي مني نڪ تي وڏا وڏا جانا ڀريا.

”منهنجي سائينءَ ڏانهن ته خير هو نه؟“ هن جو هنيون وسامڻ لڳو. بيتابيءَ مان پڇائينس.

”مون کي هاڻ خبر پئي آهي ته ويچارو موت جي منهن ۾ آهي. کيس ڏسي منهنجا ته وائسرئي ڦري ويا.“

”قسم اٿئي قرآن جو جنو! سگهو ٻڌاءِ، منهنجو هيانءُ ٿو وڃنئي.“ هن ٻئي هٿ هنيانءُ تي رکندي چيس.

”ڪالهه نماشام جي مهل ٻارڙا وٺيو مٿي ويٺي هئس، اوچتو ڪڙڪو ٻڌي دريءَ مان هيٺ جو نهاريان کڻي، ته منهنجيون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي ٿي ويون.“

”ڇا ڏٺئي؟“

”کڻي جو ڏسان ته تو وارو شهباز ڀت ڀر کٽ تي بوتو ٿيو ويٺو هو، جوڻس تارونءَ وارو اهڙو ته زورائتو چنبو وهائي ڪڍيس،جو مٿو وڃي ڀت سان لڳس شڪ ناهي جو رت جون ٺينڊيون به وهي نڪتيون هنجنس! پيڙا مان ڪنڌ ڪري هيٺ ڪيائين، ته به ٽي چار چنبا لاڳيتا وهائي ڪڍيائينس: ” ماريا، ٽيو ڏينهن کان پئي چوئين ته مغز ۾ ڀان ڀان زون زون پئي ٿئيم، چڪر بيهنم نٿا؛ تيل جي تري هڻيم، پر ڪو ٻڌين ٿو! ڳوٺ ته رات ڏينهن تريون هڻندو هئين، هِت ڪهڙو ٿو مهڻو لڳنئي، پرائي گهر ۾ جيئن ڪُڇان نٿي، تئين وڃي چوٽ چڙهندو. اِهو ٽڪ مان ور لاهي ڇڏينديمانءِ، متان ڪو ٻيو خيال ڪيو اٿئي، تون کاڄين ڇا تي.“ جنو نوريڙيءَ ڊرامائي انداز ۾ روئداد ٻڌائيندي چيو. مائيءَ اتي بس نه ڪئي، وري موهيڙي ۾ زور سان آڱر ٽنبيندي چيائينس:

”اِهي موهيڙا ڦيهي وجهنديمانءِ، جن جي زور تي اهڙو شنگ ٿي پيو آهين، جو وڻ گهوڙو نٿو ٻڌين.“ ائين چئي پيشانيءَ تي پيل اسپرنگ جهڙي چڳ کي اهڙيون ته وٺي ڇڪيون ڏنائينس، جو ماڳهين سڌي سيخ ٿي پيئي، چي: ”وس پُجيم ته انهيءَ چنڊيءَ چڳ کي پاڙئون پَٽي اُڇليان! خبردار جو وري منهنجي سامهون اهي گونڊن وارا سينگار ڪري هليو آهين. اهي سينگار آءٌ به سڄاڻان ٿي؛ ڪا ته ڳالهه آهي جو ماڪ تي موهيو هلين، مون کي به ته خبر پوي، ڪهڙي نينهن جي نظاري تي چڙهيو آهين، جو فلڪ ئي نٿو آڻين. اهو واءُ مٿي مان ڪڍي ڇڏ، نه ته سنگسار ڪري ڇڏينديمانءِ.“ اهڙيون ته وٺي اُلرون ڪيائينس، جو اللہ منهنجي توبهن! منهنجي بابي جي به توبهن ته ڏاڏي جي به توبهن! سڄي ڄمار ۾ ڪنهن مرد جو زال هٿان اهڙو حشر نه ڏٺم؛ مَڄو گهڻئي ڏٺاسين ٻڌاسين پر هي ته ڪو مَها مَڄو هو.....ڇا مرد جو شان ڇا سهي موچڙو! رڳو ماٺڙي ڪيو ڪڏهن مُري تان پئي مَر لاٿائين، ڪڏهن هٿن جون تريون مهٽيندي، آڱريون پئي مروٽيائين سروٽيائين. اهڙو نماڻو ٿيو ويٺو هو، جو سچ پچين ته ڏک کان هيانءُ ڇڄي پيم... تنهنجي من جو کڻي مور هيو؛ پر منهنجو به ته ڀائرن جهڙو هو. اهڙو ته بڇڙو ڪيائينس، جو هاڻ توکي ڇا ويهي ٻڌايان! اهو ته ٿيو پنهنجي پير مان لاهي مُنهن ۾ هڻڻ. ايترو سو ٻڌائينديمانءِ ته پوءِ هيون شهباز جون توبهائون ۽ گيسيون! پيرن تي مٿو رکي پئي بخشرايائينس.“

مومل، جا ايتري دير عبرت جي سمنڊ جو کارو پاڻي اکين ۾ ضبط ڪيو ويٺي هئي، تنهن کي اندر ئي اندر اوتيندي ڇولين جهڙي ڇوهه مان چيائينس: ”وڃي ڇائي پائي، مون وٽ ٺهي جُڙي آڇين ڪڇين اچيو ويهي زال نه زال جو پائو تنهن کان پيو  گهلجي! اڃا ٿي چيائين ته توسان پرڻو ڪندس. وڇ ڪڏي پنهنجي ڪيري تي، ساڻس پرڻو ڪري ڪهڙو پنهنجو اڇو منهن ڪريان!“

”ٻيو وري ڇا، جيڪو پاڻ پيو گهلجي، سو توکي ڇا سنڀاليندو.“ ڀنڀور کي باهيون ڏيئي نوريڙي ته هلي ويئي؛ پر هن جي ذهن ۾ اهڙو ڪو واچوڙو لڳو، جنهن پپر جي وڻ جو مضبوط ٿڙ ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو؛ جنهن جي ٿڌي مٺي ڇانو ۾، هن سڄي حياتي ٿڪل مسافر  جي اگهور ننڊ جيان گذرڻ جي خواهش ڪئي هئي. هن جون خواهشون، هن جا خواب پپر جي پنن وانگر ڇڻي وکرجي ڪري پيا هئا. ڪيتري دير تائين ذهن جي اسڪرين تي، سرپرائيزنگ ميوزڪ جي گونج ۾ هُن سان گهاريل گهڙيون  اُڀرنديون ۽ ڊهنديو رهيس. تنهن ڏينهن هوءَ ويهاڻي ۾ منهن وجهي ايترو رُني، جو اکين ۾ لُڙڪن جي ڪا بوند باقي نه بچي هيس. هوءَ پوءِ سوچي  سوچي اُٿي، ته بنا دير ٻاهر واري ڇوڪري کي سڏائي چيائين: ”وڏيري مينهل کي وڃي چئو ته هتان منهن ڏيکاري وڃي.“

....    ....  ....  ....

هِن ته ڪو اوسيئڙو ڪو نه ڪيو، پر هو به ٽي هفتا ڪو نه آيو، آخر چوٿين هفتي، ڦِٽ ڦِٽ ڪندي منهن سان در جي چائنٺ ٽپي اندر ٿيو. هين اوڏيءَ مهل پڌر ۾ سگريٽ ڇڪيندي، ڪاشيءَ جي ڪونڊين ۾ لڳل مَني پلانٽ کي پائپ سان پاڻي پئي ڏنو. هن کنگهڪار جو هارن وڄائيندي چيس: ”خوش ويٺي آهين نه؟“

”نه تڏهن ڇا ٿي سمجهئي؟“ هِن ڏانهس ائين نهاريو ڄڻ هو ڪو ڪاڪروچ هو.

”ڪاوڙ ڪئي هوندئي؟“

”ڪاوڙ ڪري منهنجو موچڙو!“ سگريٽ کي چپٽي سان ڇنڊڪو ڏيندي وراڻيائينس. ”اهي ويئي هليا عزتن وارا ڏينهن، ڏٺم تنهنجا رعب کدو بيگ! مڙس به اهو آهين نه جو بُجا پيو کائين.“

”ڪير ٿو چوي؟ ڪڏهن؟ مون کي بُجا ڪير هڻندو؟! ڪنهن کي طاقت آهي!“

”اي هاڻي ٺهيو ٺهيو، ميتا، تو ته گهڻئي ڊگهيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ته هيئن ڪندس، هونءَ ڪندس پر تنهنجو ته پول پڌرو  ٿي پيو.“

”پَڪ جنوءَ اچي ڀريو هوندئي، تنهن ڏينهن ايمڻا کي به انهيءَ رَن اچي ڀڙڪايو، نه ته هوءَ هروڀرو اهڙي ناهي.“

”ڪهڙي به هجي، منهنجو ڀوپيءَ ساڻ ڪو لهڻو ليکو، پر اکين تان پردا ته کڄي ويم، تنهنجي اصليت ته سامهون اچي ويئي.“

”انهيءَ ۾ اصليت جي ڪهڙي ڳالهه آهي، زال ماڻهو سان ڪهڙو وات ڏيان ها.“

”آءٌ تنهنجيءَ جاءِ تي هجان ها، ته اوڏيءَ جو اوڏي مهل مُنڍي مروڙي رکانس ها.“ هن نفرت ڀريل نگاهن سان نهوڙيندي چيس. هو ٻه وکون اڳتي وڌي آيو ۽ ٻانهن مان جهليندي چيائينس: ”مون کي بخش ڪر منهنجي سائڻ! هاڻ وڌيڪ ٻڏڻهارڪو نه ڪرينم. اڳتي اهي دڙڪا تاب ڪو نه سهندومانس. وري جي گوڙ ڪيائين، ته نڙيءَ تي ننهن ڏيئي اُڦٽ ماري ڇڏيندومانس.“

”هاڻ سون جو ڳنڍو به ٿي پوين، ته به منهنجي لاءِ گِلٽ آهين.“ سٽ سان ٻانهن ڇڏائيندي وراڻيائينس.

”ها، چڱو جو ياد ڏياريئي.“ هو ائين مُرڪيو ڄڻ ڦِڪائي وندرائيندو هجي. ”زيورن جي رسيد ته ڏي ڀلا، هيل کيسا پُر ڪري آيو آهيان.“

”ايڏهين ڪر پنهنجا کِکا کيسا! ڪونه ٿا کپن تنهنجا زيور، جيئي  وڏيرو مينهل خان پاڻهي وٺي ڏيندو!“

اهو ٻڌي هُن جي ڪنن ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، ڌرتي ڌُڏندي محسوس ٿيس؛ پر پڌر ۾ کتل نل جو سهارو وٺندي پنهنجي پر ۾ تير هڻي ڪڍيائينس.

”اهو وڏيرو مينهل نه، جنهن کي اڳ ئي سَت سُريتيون آهن!“

”مڙس ئي ته سَت سنڀاليندا آهن، ڀاڙيا ته هڪ کي به نه سنڀالي سگهن. مان به مارينديس ته مير، چاڪر ڪو نه چڪينديس.“ فخر مان ڪونج جهڙو ڳاٽ اوچو ڪندي وراڻيائينس: ”سڀني جي سائڻ ڪري ويهاريندم، تو جهڙو ڪونهي جو بُجا ويٺو کائي. توکي ٿي ڏسان ته جَنوءَ جو چِٽيل نظارو اکين اڳيان ڦريو  ٿو اچيم. مون ته ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو سهارو ٿي گهريو، ته مٿي ڇانو ڪري عزت جا ڏينهڙا گهاريندس. مون کي ڪهڙي خبر هئي، ته تون ڪو اهڙو مڄوڙو هئين. هاڻ ته سوچيو اٿم، گڏهه جي لت کان هاٿيءَ جي لت وري به چڱي آهي.“

اهو ٻڌي هُن ڏند ڪرٽيندي چيس: ”ڏسان ته تون ڪيئن ٿي مينهل جي ٿين!“

”اهي جوش ڏيکار ڀوپيءَ کي، جيڪا ٿُڪ جي ٿانو ۾ پئي کارائنئي، مون کي اڪيلو نه سمجهه. ’ ڪريانءِ ٿي ڪِيهه مڙي ويندا ٽيهه،‘ گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ گهِلرائي سگهئين ٿي. نڪاح ٻڌيءَ تي وس نٿو هَلئي، آيو آهين مون تي ديرو دمائڻ، هون!“

”جيڪي توسان وهيم، سو سڀ پاڻي ٿي ويو!؟“

”اي هاڻي هل هل، ڄاڻ وڏيرو مينهل آيو ڪار ۾، تو جهڙو ڪونهي جو ٽانگي ۾ چڙهي گهنڍڙيون وڄائيندو، ڇڻ ڇڻ ڪري اچي لهندو.“

”ته چئبو رن اڳ ئي ڪو مينهل کي هٿ ڪيو ويٺي هئين!“

”هفتو کن ٿيو اٿم جو سهايائين، ۽ مان ڪنڌ ڪو نه ڪڍايو.“ مومل رومينٽڪ انداز سان ٿڌو ساهه کڻندي چيس. ”هُو ته ڪين سالن کان ڇتو هو؛ پر تنهنجي ڪري منهن نه ڏيندي هئيمانس.“

اوچتو وڏيري مينهل جي ڪار جو بُل ڊاگ اسٽائيل هارن وڳو.

ها..... ئو.... ئوئو.....آ.

”مُٺيس، هاڻي ڇا ڪريان!“ مومل کي پريشاني وٺي ويئي. اڃا ٿڙ ڦٿڙ ۾ هئي، جو ڏاڪڻ تي وڏي کُڙيءَ واري بوٽ جي ڌم ڌم پئجي ويئي. ان دم ئي وڏيرو مينهل، هڪ هٿ سان شهپر وٽيندو ۽ ٻئي سان سٿرن ۾ کوٽهڙا ڪندو اچي اندر پهتو. جيسين تائين وڏيرو مينهل کانس ان بابت پُڇي ئي پُڇي، ته هِن وڏيءَ حرفت سان شهباز مان جان ڇڏائيندي چيو: ”ادا، هاڻي توکي موڪل، تون ڀلي وڃ ڳوٺ، ادي ايمڻا کي به سلام ڏجانءِ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com