سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

 

صفحو :10

 

مٿي ٽڪر تي هڪ سنوت واري ميدان ۾ گهڙندي هن کي ڪيئي نيون ڳالهيون نظر آيون. ميدان جي پوري وچ تي ڪيئي ماڻهو فوٽ بال راند ڪري رهيا هئا. هنن سڀني کي پراڻي وضع جا ڪپڙا پهريل هئا. ڪن کي ننڍڙيون صدريون پيون هيون ۽ ڪن کي ڊگها ڪڙتا. چيلهه ۾ هر هڪ کي مياڻ ٻڌل هئي، جنهن ۾ خنجر پيو هو. ڪن کي جهولدار پتلونون پڻ پيل هيون، جهڙيءَ هن سان گڏ آيل همراهه کي پيل هئي. هنن جا مهانڊا پڻ عجيب پئي لڳا. هڪڙي کي مٽ جيڏو مٿو هو ۽ سندس منهن ويڪرو پر اکيون تمام سنهيون هيون. ٻئي جو مٿو ڊگهو ۽ نڪ ڇيڻيءَ جي ڦار جيان سندس منهن تي کتل هو، ۽ مٿي تي ڪمند جي کلن جو ٽوپلو پيو هوس، جنهن ۾ ڪڪڙ جا ڳاڙها کنڀ ٽنبيل هئا. گهڻو ڪري سڀني کي جدا جدا ڊيگهه ۽ ماپ جون ڏاڙهيون هيون. هڪڙو هنن جو سردار ٿي نظر آيو. اهو جانٺو ۽ چڱيءَ شڪل جو نظر ٿي آيو. سندس کل جو رنگ ڄڻ ته اس ّ“ هوا ۾ اٻاٽجي ميرانجهرو ٿي ويو هو. هو جي صدري ۾ بٽڻن جي بدران پٽيءَ توڙي گلفيءَ، ٻنهي، ۾ ڪاج نڪتل هئا، جن ۾ رنگن واريون ڪهيون پيل هيون. سندس چيلهه جو پٽو ويڪرو ۽ سندس مٿي تي پيل تاج سڄو ئي رنگين کنڀن سان ڳتيل هو. هيٺ کيس ڳاڙهي رنگ جي پتلون ۽ وڏين کڙين سان بوٽ پيا هئا، جن مٿان گل چٽيل هئا. ان ساري مجموعي کي ڏسي رپ کي هالينڊ ملڪ جي اها تصوير ياد اچي ويئي، جا ڳوٺ جي پادريءَ جي مڪان ۾ لڳل هئي.

رپ کي عجيب ڳالهه جا ڏسڻ ۾ آئي، سا اها هئي ته هو جيتوڻيڪ کيل تماشي ۾ مصروف هئا، تنهن هوندي به هنن جي چهرن تي پريشاني ڇانيل هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هنن مٿان قبر واري خاموشي ٿي ڇانئجي ويئي، ۽ ائين پئي سمجهه ۾ آيو ته ڄڻ هنن جي مصنوعي ٽهڪن جي پڙدي پٺيان ڪيئي غمگين سڏڪا لڪل هئا. اهي خاموش ڳوڙها، جي هو ٽهڪن جي مدد سان ڳاڙي رهيا هئا. تن رپ کي يقين ڏياريو ته اهڙي غمگين مجلس هن ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. اهڙيءَ خاموشيءَ ۾، سواءِ  بال جي کڙڪي جي، ٻئي ڪنهن جي به آواز مداخلت ڪانه ٿي ڪئي. بال جو آواز، ٽڪرين ۾ پڙاڏو پيدا ڪندو، ڪڪرن جي گجگوڙ جيان خاموش ٿـِـي ٿي ويو.

جيئن ئي رپ ۽ سندس همراهه هنن جي ويجهو آيا، ته هنن راند مان خيال هٽايو، ۽ رپ ڏانهن عجيب نظر سان ڏسڻ لڳا. ڪنهن بت جيان خاموش، هو اکيون ڦاڙيو رپ کي ڏسي رهيا هئا. رپ جون ته ڊپ ۾ ٽنگون ئي ڪرونڊڙيون ٿي ويون، ۽ سندس دل جي رفتار تيز ٿي ويئي. هن جي ساٿيءَ پيپ وارو شراب وڌي ڪـُـونـَـر ۾ وڌو، ۽ هن کي اشارو ڏنائين ته هو ساقي ٿي سڀني کي شراب پياري. هن ڏڪندي ڏڪندي گلاس هٿ ۾ کنيو، ۽ حڪم جي پوئيواري ڪرڻ شروع ڪئي. هنن سڀني خاموشيءَ ۾ شراب جا ڍڪ ڀريا، ۽ وري ساڳيو ئي راند ۾ مست ٿي ويا.

آهستي آهستي رپ جو ڊپ ۽ خوف گهٽبو ويو. ڪڏهن ڪڏهن هنن جي نطرن کان پاڻ بچائي، پاڻ به چڪو پـِـي ٿي ورتائين. هو شراب پيئڻ جو عادي هو، ۽ سندس عادت کيس وري وري پيئڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. گلاسن مٿان گلاس چاڙهيندي آخر سندس دماغ نشي ۾ مست ٿي ويو. هن جون اکيون نرڙ ۾ گهڙنديون ويون، ۽ مٿو لاٽونءَ جيان ڦرڻ لڳس، ۽ اتي ئي بيسرت ٿي ڪري پيو.

ننڊ مان سجاڳ ٿيندي، هن پاڻ کي انهيءَ ئي جڳهه تي ليٽيل ڏٺو، جتان هن پهريائين ان عجب جهڙي ٻڍي آدميءَ کي ايندي ڏٺو هو. هن اکين کي زور سان مهٽيو. ڏينهن سج جي روشنائيءَ ۾ چمڪي رهيو هو. پکي پرندا وڻن ۽ ٻوٽن تي نچي ٽپي رهيا هئا. هڪڙو باز جابلو هـِـير تي سينو ڪڍيو ويٺو هو. ”پڪ ئي پڪ“، رپ سوچيو، ”مان ساري رات ته هت ڪونه سمهيو هوندس!“  هن دماغ تي زور ڏيئي، گذريل واقعات ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”پر اسرار آدمي - شراب جو پيپ - جابلو ماٿري - جبلن تي چڙهڻ - راند کيڏندڙ ٽولو ---.“ ”او ڪمبخت پيپ، ڪا مار پويئي! هاڻي زال کي ڪهڙو جواب ڏيندس!“

هن پنهنجي بندوق ڏانهن ڏٺو، ۽ ڏسندي ئي عجب ۾ پئجي ويو سندس چمڪندڙ ۽ تيل آيل بندوق جي بدران ڄڻ هڪ ڪارو ۽ سڙيل ڪاٺيءَ جو ٽڪر پيو هو. نالـِـي ڪٽ ۾ ڪاري ٿي ويئي هئي، ۽ ان جا گهوڙا ڪـِـري اچي هيٺ پيا هئا. ساري بندوق ڄڻ ته جيتن کائي چٽ ڪري ڇڏي هئي. هن کي دل ۾ شڪ جاڳيو ته شايد جبل جي رهاڪن هن سان ٺڳي ڪئي آهي: ”مون کي نشو پياري، مون کان بندوق ڦري ويا آهن.“ ”بگهڙ“ به نظر نه ٿي آيس. هن سمجهيو ته هت ڀرسان ئي ڪنهن نوريئڙي يا سهي جي پويان ويو هوندو. هن ڪيتريون ئي سيٽيون وڄايون، سڏ ڪيا، پر ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو. هن جي سڏن جا جواب ٽڪرين مان پڙاڏي جي صورت ۾ اچي رهيا هئا، پر ڪتو ڪٿان به ظاهر نه ٿيو.

هن يڪدم فيصلو ڪيو ته هو ڪالهوڪيءَ جڳهه تي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪالهه واريءَ ٽوليءَ مان ڪوبه هن کي ملي، ته هن کان پنهنجي بندوق ۽ ڪتو واپس گهري. جيئن ئي هو وڃڻ لاءِ اٿيو، ته هن سنڌن ۾ سور محسوس ڪيو، ۽ هن ڏٺو ته اڳين طاقت ۽ ڦڙتائي منجهس ڪانه رهي هئي. ”هي جبل جا پٿرانئان بسترا مون سان ٺهن ئي ڪونه، هاڻي جيڪڏهن سنڌن جو سور ۾ وٺجي وڃي گهر ۾ ڪران، ته بيگم وئن ونڪل هوند رهيو کهيو به ٺاهي ڇڏيم! واهه جو هوند وقت گذري!“ مس مس ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ هو اٿيو. ماٿريءَ ۾ پهچي، هن جي عجب جي حد ئي نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته جن لڪن کي ڪالهه رات هن ۽ سندس ساٿيءَ ڏاڍيءَ مشڪل سان پار ڪيو هو، تن جي وچ مان هڪڙي چڱي خاصي ندي وهي رهي هئي، جا ٽڪرين تان پنهنجي مستانيءَ چال سان نچندي، واديءَ ۾ گيت ڳائيندي، وهي رهي هئي. تمام گهڻيءَ تڪليف کان پوءِ هن اهي گهارا، وڻ ۽ ٻوٽا ۽ ڊاک جا مـَـنـَـهن ريڙهيون پائي ٽپيا، ۽ مٿي اچي پهتو. ڪيترا دفعا هو انهن ڪنڊن وارن وڻن ۽ ٻوٽن ۾   اٽڪيو، پر همٿ سان پاڻ کي ڇڏائيندو، هلندو ويو. آخر هو اچي ان ميدان ۾ پهتو، جتي ان نديءَ اچي ٿي منڍ ڪيو. پر هت ته ڪجهه به ڪونه هو- نه اهو ميدان هو ۽ نه اهو رانديگرن جو ٽولو. ٽڪريون ڪنهن ديوار جيان هڪ ٻئي ۾ ڳتيون پيون هيون، ۽ پاڻي انهن مٿان گج جا ڦوهارا اڇليندو، وڃي ٿي هيٺ چشمي ۾ ڪريو. چشمي تي ڏينهن جو به ٽڪرين ۾ وڻن جا گهاٽا پاڇا ٿي پيا، تنهنڪري ڏينهن جو به ات مـُـنهن - اونداهي لڳي پيئي هئي. هت پهچي غريب رپ پريشان ٿي بيهي رهيو. هن وري وري ڪتي کي آواز ڏنا ۽ سيٽيون وڄايون، پر هن جي سڏڙن جو جواب رڳو ڪانون پنهنجي ”ڪان ڪان“ سان پئي ڏنو. مٿي وڻ تي ڪانءُ پاڻ کي هر مصيبت کان محفوظ سمجهي، رپ جي مصيبت مٿان کلي رهيا هئا. هاڻي ڇا ٿئي؟ صبح جو پهر به گذرندو ٿي ويو ۽ رپ کي ناشتي جي به ڏاڍي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. هن کي بندوق ۽ ڪتو ائين هٿن مان ويندو ڏسي ڏک ٿي ٿيو، ۽ گهر ۾ وري زال جا طعنا ۽ تنڪا، گاريون ۽ ڳالهاوَ! خير، هن ڪنڌ ڌوڻي اها ڪٽيل بندوق ڪلهي تي رکي، ۽ دل ۾ انديشو ۽ انتظار کڻي، گهر ڏانهن قدم ورايا.

جيئن ئي ڳوٺ کي ويجهو پهتو، ته هن کي ڪيترا ماڻهو مليا، پر هن جي عجب جي ڪا حد ئي نه رهي، ڇاڪاڻ جو ايترن سارن ماڻهن ۾ هڪ به هن جو ڏٺل وائٺل ڪونه ٿي معلوم ٿيو. هن کي خاطري هئي ته ڳوٺ ته ڳوٺ پر پري اوري جا رهندڙ به هن جا چڱيءَ طرح واقف هئا. سڀ کان عجيب ڳالهه هن کي اها ڏسڻ ۾ آئي ته ماڻهن جي لباس ۾ پڻ ڪافي تبديلي ٿي ڏسڻ ۾ آئي. هو سڀ هن ڏانهن اجنبي نگاهن سان ڏسي رهيا هئا، ۽ پهرينءَ نظر ڏسڻ کان پوءِ، حيرت ۾ هر ڪنهن کاڏيءَ تي ٿي هٿ رکيو. هنن کي هر گهڙيءَ کاڏيءَ تي هٿ رکندو ڏسي، رپ جو هٿ به ازخود کاڏيءَ ڏانهن هليو ويو ۽ هٿ لڳڻ سان هو عجب ۾ پئجي ويو، ڇو جو هن محسوس ڪيو ته سندس ڏاڙهي فوٽ کن ڊگهي ٿي ويئي هئي!

هاڻي هو ڳوٺ جي حدن اندر اچي چڪو هو. ٻارن جو هڪڙو وڏو ٽولو اچي هن جي گرد جمع ٿيو. ٻار هن جي عجيب ڏاڙهيءَ ڏانهن اشارا ڪري نعرا هڻي رهيا هئا. ڳوٺ جا ڪتا پڻ، جن مان هڪ به هن جو واقف ڪونه هو، هن مٿان ڀونڪي رهيا هئا. سارو ڳوٺ وڌي ويو هو ۽ آدمشماري پڻ ڪافي پئي ڏسڻ ۾ آئي، گهرن جون ڪيتريون اهڙيون قطارون هيون، جي هن ڪڏهن ڏٺيون ئي ڪونه هيون، ۽ اهي جهوپڙيون ۽ خسته حال مڪان، جن سان هن جي گهري ڏيٺ ويٺ هئي، سي سڀ غائب هئا. گهرن مٿان عجيب نالا لکيل هئا- بلڪه نالن بدران نمبر لڳل هئا! درين جي وٿين کان هن کي عجيب چهرا گهوريندا نظر آيا. هر چيز عجيب هئي! هن جي دل ئي سـُـسـِـي ويئي. هن کي دل ۾ ڪيترا وهم جاڳيا. هن سوچيو ته هن دنيا مٿان جادو ٿي ويو آهي، يا خود هن مٿان ڪنهن پريءَ جو پاڇو پيو آهي! اها ته هن کي خاطري هئي ته اهو ڳوٺ ساڳيوئي سندس ڳوٺ هو، جيڪو ڪالهه هن ڇڏيو هو. سامهون ئي ڪئٽاسڪيل جبلن جي قطار هئي، ۽ هڊسن ندي پنهنجي دامن ۾ چانديءَ جهڙو شفاف پاڻي کنيو وهي رهي هئي. هر چيز، ڍنڍون ۽ ڍورا، پڻ ساڳيا هئا. رپ وڏي ويچار ۾ پئجي ويو. هن دل ئي دل ۾ چيو: ”هن ڪمبخت شراب جي گلاس منهنجو مٿو ئي ڦيري ڇڏيو آهي.“

ڏاڍو، مونجهاري کان پوءِ، هن پنهنجي گهر جو رستو لڌو، ۽ ماٺڙيءَ ڪري اهو رستو ورتائين. هن جي دماغ ۾ سندس زال جا طعنا ۽ ڳالهاوَ هٿوڙي جيان وڄڻ لڳا. پر هن ڏٺو ته گهر ساروئي ڊهي ويو هو- ڇت ڪري پيئي هئي، ۽ دريون ڀڄي پيون هيون، ۽ دروازا انجيسن کان نڪري اچي پٽ پيا هئا. بکن ۾ پاهه ٿيل ڪتو  جو ”بگهڙ“ جهڙو ٿي لڳو، سو اتي گهمي رهيو هو. رپ ڪتي جو نالو کڻي سڏ ڪيو، پر ڪتي گـِـري ڏند ڪڍيا ۽ هليو ويو. رپ جي سهڻ جي طاقت ختم ٿي ويئي. ”منهنجو ڪتو، اهڙو پيارو ۽ وفادار ڪتو به مون کي وساري ويٺو آهي!“ رپ ٿڌو ساهه ڀري دل ۾ چيو.

هو گهر ۾ اندر گهڙيو. جنهن گهر کي سندس زال هميشه صاف سٿرو رکندي هئي، اتي گند جا ڍير لڳا پيا هئا. ساري گهر ۾ ”ڪڪڙ ڪـُـو“ لڳي پيئي هئي. نه ڪو آهي، نه پـَـهي. گهر جي اهڙيءَ سڃ هن جي دل ئي ڏڪائي ڇڏي. هن زور زور سان زال ۽ ٻارن کي سڏ ڪرڻ شروع ڪيا، پر سندس سڏ ويران جڳهه مان گهمي ڦري ساڳيائي خالي واپس ٿي وريا، ۽ وري اهائي ساڳي قبر جهڙي خاموشي-!

هو پوئتي موٽيو، ۽ پنهنجن ان يارن واريءَ اوطاق ڏانهن روانو ٿيو،- پر اها پڻ بدلجي ويئي هئي. ان جي جڳهه تي پٿر جي وڏي ماڙي ٺهيل هئي،  جنهن جي چئني طرفن کان دريون هيون، جن مان ڪيتريون ڀڳل هيون ۽ انهن کي پراڻن کٿن ۽ گاهه جي پردن سان ڍڪيو ويو هو. دورازي جي مٿان ”يونين هوٽل: مالڪ- جوناٿن ڊولٽل“ لکيل هو. اوطاق جي ٻاهران جو سرنهه جو وڻ هوندو هو، ان جي جڳهه تي هڪ لڪڙو کتو پيو هو، جنهن جي چوٽيءَ تي هڪڙو پٽاپٽي جهنڊو، جنهن تي تارا چٽيل هئا، ڦر ڦر ڪري اڏامي رهيو هو- - اهو سڀ ڪجهه رپ جي سمجهه کان ٻاهر هو. پوءِ هن اڳينءَ جاءِ تي بادشاهه جارج ٽئين جي تصوير سڃاتي، پر تصوير وارو آدمي بادشاهه کان ڪن حالتن ۾ ڦريل پئي نظر آيو. ڳاڙهي ڪوٽ جي بدلي هن کي نيرو ڪوٽ پيو هو. ترار چيلهه جي بدران کيس هٿ ۾ هئي، ۽ مٿي تي کنڀن مان ٺهيل ٽوپلو پيو هوس، ۽ ان جي هيٺان وڏن اکرن ۾ لکيل هو: ”جنرل واشنگٽن.“

در تي هميشه جيان ڪافي هجوم جمع هو، پر رپ کي ڪوبه واقف نظر نه آيو. ماڻهن جون ڄڻ ته عادتون ئي بدلجي ويون هيون. جتي اڳ خاموشي ۽ سڪون هوندو هو، اتي هاڻ گوڙ ۽ گهمسان لڳو پيو هو. ماڻهن جي آواز مان ڄڻ ته جهيڙي جي بوءَ ٿي آئي، ۽ اڳ واري خوشي ۽ راضپو ڄڻ ته ڪوهين دور هليو ويو هو. هن هيڏانهن هوڏانهن نڪو لاس ويڊر لاءِ جهاتيون پاتيون، جو ڪڏهن ان وڻ هيٺان شاهاڻي تاب سان ويٺو حقي مان دونهين جا ڪڪر ڪڍندو هو، يا اهو ”لئن بمپل“، اسڪول ماستر، جو سڀني کي اخبار پڙهي ٻڌائيندو هو، پر هنن سڀني جي ڳولا هاڻ فضول هئي. انهن جي بدران هڪڙو تيز فهم ۽ سنهون ماڻهو ويٺو هو، جنهن جا کيسا هوٽل جي بلن سان ڀريل هئا، ۽ ويٺي ليڪچر ڪيائين ته ”شهريت“ ڇا آهي! شهريءَ جا حقوق ڪهڙا آهن- چونڊن جو اصل مقصد ڇا آهي- اسيمبليءَ جا ميمبر- آزادي- آزاديءَ جا پروانا، ۽ ٻيا ڪي اهڙا الفاظ، جن جو مطلب سمجهڻ ئي رپ لاءِ مشڪل هو. اهي سڀ جملا ۽ الفاظ نوان هئا، ۽ ڪن اڻ ٻڌل ڳجهارتن جيان هن کان حل ٿي نٿي سگهيا.

رپ جا عجيب مهانڊا- هن جي ڳنڍيون ڳنڍيون ٿي ويل ڊگهي ڏاڙهي، ڪوئلي جهڙي ڪاري ڪٽيل بندوق، ۽ عورتن ۽ ٻارن سان سندس گرد لشڪر- انهن سڀني ڳالهين هوٽل ۾ ويٺلن جو ڌيان ڇڪايو، ۽ هو سڀ ”سياستدان“ هن جي گرد اچي جمع ٿيا، ۽ هن کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين مشڪوڪ نظرن سان چتائي ڏسڻ لڳا. انهن مان جو هڪڙو فصاحت جو صاحب هو، تنهن هن کي پاسيرو وٺي سوال پڇڻ شروع ڪيا: ”تون ڪنهن کي ووٽ ڪندين؟“ رپ اڻڄاڻائيءَ سان هن ڏانهن ڏٺو. مخالف جماعت جي هڪ نوجوان هن کي ٻانهن کان ڇڪيندي ڪن ۾ چيو: ”تون ”جمهوري“ آهين، يا ”وفاقي“؟“ رپ هن دفعي به سوال جو مطلب سمجهي نه سگهيو. ايتري ۾ هڪڙو پوڙهو ماڻهو جنهن کي کنڀن جو ٽوپلو پيو هو، خواهه مخواه پاڻ کي اهميت ڏيندي، هجوم کي ٻانهن سان چيريندو، رپ جي ڀرسان اچي پهتو. هڪ ٻانهن لڪڻ تي ۽ ٻي چيلهه تي رکندي، اکيون ڇيڀيندي، هن تکي آواز ۾ رپ کان پڇيو: ”تون چونڊن جي زماني ۾ بندوق ڪلهي تي رکي ڇو آيو آهين، ۽ هي ايڏو سارو هجوم پنهنجي گرد ڇو جمع ڪيو اٿيئي؟ ڇا ڪنهن دنگي فساد ڪرائڻ جو خيال اٿيئي؟“- ”افسوس! دوست!“ رپ غمگين ٿي وراڻيو، ”مان هڪ غريب ۽ صلح پسند ماڻهو آهيان، ۽ هن ئي ڳوٺ جو رهاڪو آهيان. خدا بادشاهه جارج کي سلامت رکي، ان جي رعيت آهيان!“

بس ساري مجموعي کان رڙ نڪري ويئي: ”غدار- غدار- جاسوس! جاسوس! ماريوس- ڀڄايوس!“ ڪافي تڪليف کان پوءِ، ان خوش پسند ٻڍي ٺاپر آندي، ۽ پنهنجن ڀرن ۾ گهنج وجهندي، ان معصوم ڏوهيءَ کان پڇيائين: ”تون ڇا لاءِ هتي آيو آهين، ۽ ڪنهن لاءِ آيو آهين؟“ غريب رپ ڏاڍي نمرتا سان هن کي خاطري ڏياريندي، چيو ته هو ڪنهن کي به نقصان رسائڻ جي ارادي سان نه آيو هو، پر هو پنهنجن چند پاڙيسرين جي ڳولا ڪرڻ لاءِ اتي آيو هو. هن جا اهي پاڙيسري اوطاق ۾ رهندا هئا.

”چڱو، ٻڌاءِ ته اهي ڪير آهن؟ نالا کڻ.“

رپ ٿورو سوچي، هن کان پڇيو:

”نڪولاس ويڊر، ڪٿي آهي؟“

ڪجهه سيڪنڊ ته خاموشي ڇانئجي ويئي، ۽ هڪڙي ٻڍي سنهي آواز ۾ چيو، ”نڪولاس ويڊر! اڙي، اهو ته ڪڏهن جو مري ويو. هن کي ارڙهن سال مـُـئي گذريا آهن. مقام ۾ هڪڙو ڪاٺ جو قبو ٺهيل اٿيئي، جو هن جي آخري نشاني آهي. پر اهو به هاڻ ڀڄي ڀري ويو آهي.“

”برام ڊچر، ڪٿي آهي؟“

”اوه! هو جنگ ڇڙڻ جي شروعات ۾ ئي لڙائيءَ ۾ وڃي ڀرتي ٿيو هو. ڪي چون ٿا ته هو ٽڪرين وٽ جا لڙائي لڳي هئي، تنهن ۾ مارجي ويو. ڪي چون ٿا سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. وڌيڪ ڪا به خبر ڪانه پئجي سگهي. هو وري نه موٽيو آهي.“

”ڀلا ”وئن بمپل“، اسڪول ماستر، جو ڪو پتو؟“

”هو پڻ جنگ ۾ ڀرتي ٿيو هو، ۽ وڃي سالار جي عهدي کي پهتو هو، ۽ هاڻي قانوني مجلس جو رڪن آهي.“

گهر ۽ دوستن جي حلقي ۾ ايتري ڦير گهير ٻڌي، رپ جي دل غم ۾ ٻڏي ويئي، ڇو جو هن سمجهيو ته هاڻ ايڏيءَ ساريءَ دنيا ۾ هو صرف اڪيلو وڃي بچيو آهي. هر ڳالهه جي جواب هن کي منجهائي ڇڏيو هو. هيون به واقعي سڀ عجيب ڳالهيون: ايڏو عرصو- لڙائي- قانون ساز جماعت- ساليانو چونڊون! هن ۾ هاڻ همٿ نه رهي هئي، جو وڌيڪ دوستن جي پڇا ڪري ۽ ساڳيو دل ڏکوئيندڙ جواب ٻڌي. آخر هن هڪ غمگين رڙ ڪري پڇيو، ”ڀلا اوهان مان ڪو ”رپ وئن ونڪل“ کي به سڃاڻندو آهي؟“

اڙي، رپ وئن ونڪل، ٻن چئن عجب کائيندي رڙ ڪئي. ”اهو هو اٿئي رپ وئن ونڪل، جو وڻ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي“.

رپ اوڏانهن نهاريو، ۽ ڏٺائين ته جبلن ڏانهن وڃڻ کان اڳ جهڙو هـُـو پاڻ هو، اهڙوئي هو بهو سامهون هڪڙو ماڻهو ويٺو هو. ساڳيوئي سست ۽ نڪمو، ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾. رپ غريب ته هاڻ ڏاڍو منجهي پيو. هن کي هاڻ پنهنجيءَ شخصيت تي به گمان ٿيڻ لڳو ته واقعي هو رپ وئن ونڪل آهي، يا ڪو ٻيو. هو اڃا انهن وِيچارن ۾ ئي هو، ته کنڀن جي ٽوپلي پهريل ٻڍي هن کان پڇيو ته آخر هو ڪير هو ۽ هن جو نالو ڇا هو؟

”خدا کي خبر!“ هن بيخبريءَ ۾ جواب ڏنو. ”مان پاڻ ساڳيو نه آهيان، شايد ڪو ٻيو منهنجي چمڙي پائي آيو آهي. ڪالهه رات مان چاق چڱو ڀلو هوس- جبلن ۾ مون کي ننڊ اچي ويئي، ۽ منهنجي ڪو بندوق بدلائي ويو، بس ڄڻ ته سڀ ڪجهه بدلائي ويو- مان خود به بدلجي ويو آهيان. مان سمجهي نٿو سگهان ته مان پنهنجو نالو ڪهڙو ٻڌايان، يا مان ڪير آهيان!“

سڀئي ماڻهو عجب ۾ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا، ۽ وِيچار ۾ پنهنجا مٿا آڱرين سان وڄائڻ لڳا. ڪٿان ”ڀڻ ڀڻ“ آئي ته هن کان بندوق ته کسي ڇڏجي، جيئن هو ڪا حرڪت نه ڪري وجهي. اها صلاح ٻڌي، خود پسند ٻڍو ته نرڙ تان پگهر اگهندو ٻاهر ٽرڪي ويو. اهڙي نازڪ موقعي تي هڪ حسين ۽ ڪومل عورت مجموعي کي چيريندي ان پوڙهي کي ڏسڻ لاءِ اچي رهي هئي. عورت جي هنج ۾ هڪڙو ٻار هو، جو رپ جي ڏاڙهي ڏسي ڊڄي ويو ۽ روئڻ لڳو. ماڻس ٿڦڪي هڻي چيس: ”بس رِپ، هو توکي ڪجهه به نه چوندو. ڊڄين ڇو ٿو - بس ڪر.“  ٻار جو نالو ۽ ماڻس جا مهانڊا ۽ هن جي آواز جي لوچ هن جي ذهن ۾ ڪيتريون يادگيريون تازيون ڪري ڇڏيون.

”تنهنجو نالو ڇا آهي ڌيءُ؟“ رپ پڇيس

”جوڊٿ گارڊنيئر“

”تنهنجي پيءُ جو نالو؟“

”اوهه، ويچارو! رپ وئن ونڪل، هن جو نالو هو، پر هن کي ويهه سال گذري ويا آهن، جو گهران بندوق کڻي نڪتو هو، پر اڄ تائين هن جو ڪوبه پتو نشان ڪونهي. هن سان گڏ ڪتو به هو، جو اڪيلو واپس آيو. خبر نه آهي ته هن پاڻ کي بندوق هڻي ماري ڇڏيو، يا هن کي جن کڻي ويا. مان ته انهن ڏينهن ٻار هيس.“

بس رپ کي باقي صرف هڪڙو سوال پڇڻو هو، ۽ اهو سوال هن ڊڄندي ۽ هٻڪندي پڇيو-

”تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟“

”امڙ به ٿوري وقت کان پوءِ گذاري ويئي. سولجرن سان جهيڙو ڪندي غصي ۾ سندس رت جون نليون ڦاٽي پيون.“  اها خبر ٻڌي رپ جي سيني تان ڄڻ ته ڪو ڳرو پٿر هٽي ويو. هو پنهنجي وسان نڪري ويو، ۽ پدري  شفقت کان مجبور ٿي، هن پنهنجي ڌيءَ کي ڀاڪر وڌو، ۽ چيائين: ”مان ئي اهو تنهنجو پيءُ آهيان.... ڪنهن وقت جوان هوس.... مگر هاڻ بنهه بيڪار ٻڍو.... رپ وئن ونڪل! ڇا ڪوبه هن غريب، رپ وئن ونڪل، کي نٿو سڃاڻي؟“

حال ته سڀ عجب ۾ پئجي ويا. آخر هڪڙيءَ پوڙهيءَ عورت پنهنجن ڀرن مٿان هٿ رکندي، هن جي چهري ڏانهن ڏسندي، رڙ ڪئي: ”هيءُ ته واقعي رپ وئن ونڪل آهي! ها اهوئي آهي! ڀلي آئين ادا، ڪٿي هئين ايڏا سارا ويهه سال؟“

رپ جي ڳالهه ئي ڪيتري! ڇو جو اهي ويهه سال هن لاءِ هڪ رات ئي ته هئا. پاڙي وارن جا ڏند چپن سان لڳي ويا. ڪي ڪهڙا اشارا ڪري رهيا هئا، ڪي ڪهڙا. ڪي زبان ڏندن هيٺان ڏيئي وائڙن وانگر هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا. هو کنڀن جي ٽوپلي وارو ماڻهو، جو خطري جي دفع ٿي وڃڻ کان پوءِ ساڳيوئي موٽي آيو هو، تنهن پنهنجا ڏند ڀيڪوڙي، ڪنڌ جي ڌوڻ سان ”هائو“ ڪئي، ۽ هن جي تقليد ساري مجموعي ڪئي.

اهو فيصلو ٿيو ته ٻڍي ”پيٽر وانڊر ڊانڪ“، جو سامهون وک وک وجهندو اچي رهيو هو، تنهن جو رايو وٺڻ ضروري هو. هو تاريخ نويسن جي خاندان مان هو، جن ملڪ جي شروعاتي تاريخ لکي هئي. پيٽر ڳوٺ جو جهونو رهواسي هو، ۽ هن کي انهن سڀني عجيب غريب ڳالهين جي چڱيءَ پر پروڙ هئي. ڳالهه ٻڌڻ سان هن يڪدم رپ کي سڃاتو، ۽ هن جي ڳالهه جي تصديق ڪئي. هن ساري مجموعي کي مخاطب ٿي چيو ته ”هيءُ واقعي سچ آهي، ڇاڪاڻ جو هن جا بزرگ تاريخ نويس اڳ ئي چئي ويا آهن ته اهي ڪئٽاسڪيل جبل پر اسرار مخلوق جي رهائش گاهه آهن. اها به عام مڃيل ڳالهه آهي ته ”هينڊرڪ هڊسن“ جنهن پهريائين اهو ملڪ ۽ ندي ڳولي لڌي هئي، سو هر ويهين سال اڌ چنڊ تي چڙهي ملڪ ۽ ندي جي سنڀال لهڻ ايندو آهي، ۽ اهي نظارا ۽ شهر، جي سندس نالي سان مشهور آهن، تن مٿان پنهنجي نظر وجهي، واپس ويندو آهي. هـُـن جي پيءُ پڻ هڪ دفعي اهڙن پر اسرار ماڻهن کي ڊچن جي لباس ۾ جبلن جي ماٿريءَ ۾ بال راند ڪندي ڏٺو هو، ۽ هـِـن پاڻ به اونهاري ۾ هڪ شام جو هنن جي بال جو آواز ڪنهن گجگوڙ جيان ٻڌو هو!“

حاصل مطلب ته اهو سارو مجموعو نيٺ ڳالهيون ٻڌندي ٻڌندي ڇڙو ڇڙ ٿي ويو، ۽ وڃي چونڊن جي ضروري ڪم ۾ مشغول ٿيو. رپ کي سندس ڌيءُ پاڻ سان گڏ رهائڻ لاءِ گهر وٺي ويئي. هن جو گهر چڱو خاصو ڀريو تريو ۽ سائو ستابو هو، ۽ سندس مڙس پڻ خوش خلق نوجوان هو، جنهن کي ڏسي رپ کي ياد آيو ته ڪيئن نه ننڍي هوندي ٻين ٻارن سان گڏ هـُـو سندس ڪلهن تي چڙهندو هو. رپ جي پٽ ۽ اڪيلي وارث کي، هو جو بهوهن جهڙو  هو، هن جي گم ٿي وڃڻ  کان پوءِ زمين تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو هو، پر هو به پنهنجي پيءُ جو پٽ هو، ۽ اهڙي ڪم ڪرڻ تي گويا هـِـريل ئي ڪونه هو. سو رپ وئن ونڪل جي زمين جو ٽڪرو جيئن هو، هاڻي به تيئن ئي پيو هو. ننڍو رپ هاڻي به اس ۾ وڻ جي ٿڙ تي ٽيڪ ڏيو پهرن جا پهر ائين ننڊون پيو ڪندو هو.

ٻڍو رپ هاڻي وري پنهنجيءَ دستوري زندگي گذارڻ لڳو. هن وري پنهنجا جگري دوست هٿ ڪيا، جي وقت جي چڪر ۾ اچي ڪمزور ۽ هيڻا ٿي ويا هئا. هن نئين نسل جي ماڻهن سان پڻ دوستيءَ جو پيوند ڳنڍڻ شروع ڪيو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ هو هنن سان رلي ملي ويو.

هو هاڻ اهڙيءَ عمر کي پهتو هو، جنهن ۾ بيڪار ويهڻ عيب نه هو، ۽ جيئن ته گهر ۾ به هن کي ڪجهه ڪرڻو ڪونه هوندو هو، تنهنڪري هن وري زندگيءَ ۾ ٻيو دفعو اهائي  بينچ، هوٽل جي ٻاهران، وڃي وسائي. هن سان هرڪو عزت ۽ مان سان پيش ايندو هو، ڇو جو هڪ ته هو پوڙهو هو، ۽ ٻيو ته لڙائيءَ  کان اڳ جي هو جيئري جاڳندي تاريخ هو.

ڪافي عرصي کان پوءِ، هن اهي سڀ ڳالهيون سمجهيون، جيڪي هن جي ويهن سالن واريءَ رات جي وقفي ۾ ٿي گذريون هيون ته ڪيئن انقلابي لڙائي لڳي هئي، ۽ هن جي ملڪ ڪيئن انگلينڊ جي حڪومت جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاٿو هو، ۽ هاڻ هو بادشاهه جارج ٽئين جي رعيت نه هو، پر هو “آمريڪي گڏيل رياستن” جو هڪ آزاد باشندو هو. رپ فطرتاً سياست پسند نه هو. حڪومت ۽ سياست جي ڦير گهير سان هن جو ڪو خاص واسطو نه هو. صرف هڪڙي ئي حڪومت هئي، جنهن جي حڪم هيٺ هن زندگي گذاري هئي ۽ اها حڪومت هئي ”زال جي حڪومت.“ خوش قسمتيءَ سان اها حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، ۽ زال جي حاڪميت کان هاڻ هـُـو آزاد هو. هاڻ هو اندر ٻاهر، پري اوري، زال جي خوف خطري کان سوا”، گهمي ڦري سگهيو ٿي. جڏهن به سندس زال جو نالو کڄندو هو، تڏهن هو ڪنڌ ڌوڻيندو هو، ڪلها لوڏيندو هو، اکيون ڇنڀيندو هو،- ۽ سندس انهن اشارن مان ظاهر هو ته هو قسمت جي ڪئي تي راضي هو يا پنهنجيءَ خداداد آزاديءَ تي خوش هو.

جيڪو به ”ڊولٽل“ هوٽل ۾ مهمان ٿي ايندو هو، تنهن کي هو پنهنجي عجيب وارتا سڻائيندو هو. شروعات ۾ ڏٺو هوسين ته ويهن سالن جي عرصي ۾ مٿس جيڪا گذري، تنهنجي ڳالهه ڪندي ڪندي، ڪٿي ڪٿي هو منجهي پوندو هو. شايد ٿي سگهي ٿو ته اهو هن مٿان تازو ننڊ مان اٿڻ جو اثر هو. آخر ۾ جيڪي ڪجهه مون اوهان کي ٻڌايو آهي، اهائي ڳالهه هميشه لاءِ فيصل ٿي، ۽ ڳوٺ ۾ هر ٻار ۽ ٻڍي، عورت ۽ مرد کي بر زبان ياد ٿي ويئي. ڪيترن کي گمان پوندو هو ته اها ڳالهه سچي نه آهي. رپ جو مٿو ڦري ويو هوندو، ۽ هو پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن وهم ۾ پئجي ويندو هو. ڊچ جيڪي ان ڳوٺ ۾ رهندا هئا، تن ته ان ڳالهه کي جتي ڪٿي پکيڙي ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين جڏهن به هو ڪئٽاسڪيل جبلن ۾ گجگوڙ ٻڌندا آهن، ته ائين ڪين چوندا آهن ته گجگوڙ آهي، پر چوندا آهن ته هينڊرڪ هڊسن پنهنجي خلاصين سان بال راند ڪري رهيو آهي. زالن جا ستايل مڙس جڏهن زندگيءَ مان بيزار ٿيندا آهن، تڏهن چوندا آهن ته ڪاش! هنن کي به جيڪر رپ وئن جي پيپ مان ڪا شراب چڪڙي ملي وڃي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com