سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :21

 

”مون کي اميد ڪانه هئي ته توهان مون سان ان وقت اچي ملندؤ، جڏهن مان پنهنجن نوڪرن مان هڪ کي سزا ڏيئي رهيو هوندس،“ جان شيئرس مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. ”مان به ڪڏهن ڪڏهن هنن جي ڪن مهٽ ڪندو آهيان. جيئن اوهان کي ڪڏهن ڪڏهن واڍن لاءِ ضروري ٿيندي آهي.“

”مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته ڪم وٺڻ لاءِ تون سخت قدم کڻڻ به سکيو آهين.“ پال بنيان آهستگيءَ سان چيو.

”انهن ڳالهين منهنجن واڍن ۾ تڪليفن کي صبر ۽ شڪر سان سهڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي آهي. هونءَ ته هو سڀيئي عجيب وحشي جيئڙا آهن، ۽ واقعي اسان وانگر تون جيڪڏهن پنهنجن ماڻهن سان هلين، ته ان ۾ ڪوبه نقصان ڪونهي. مون ارادو ڪيو ته هنن سڀني کي گهرو حياتي ماڻڻ جو پڻ موقعو ڏنو وڃي. ۽ انهيءَ سبب ئي هاڻ اسين سڀ هيڏانهن آيا آهيون، ۽ هيءَ موسم هتي گذاري، وري ساڳيو مرڪندڙ نديءَ واري ملڪ ڏانهن روانا ٿي وينداسين.“

”ڏاڍو سٺو، مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته اوهان ڪجهه عرصو اسان سان گڏ گهارڻ لاءِ هتي آيا آهيو،“ جان شيئرس ظاهري امنگ ۾ ڀرجي چيو.

”مهرباني، جان! منهنجي اها پڻ مرضي آهي ته توکي انهن بي لوث خدمتن جو اجورو ڏيان. تون خاطري ڪر ته مان توکي تنهنجي لائق درجو عطا ڪندس،  تنهنجي اها خطا پڻ معاف ڪندس ته تو اڳينءَ موسم ۾ ڍڳي لاءِ گجرون نه موڪليون هيون. ان هڪڙيءَ غلطيءَ ڪري تنهنجون ٻيون خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن، پر هاڻي ته توکي جريبن جا جريب تيار ڪري، اڳينءَ خطا جي تلافي ڪرڻ گهرجي. سمجهين ٿو؟”

ڊاڪٽر جاني انڪسلنگر ۽ جمعدار ٻئي پال بنيان جي ٻنهي پاسن کان بيٺا هئا، ۽ هو ٽيئي گهاٽن وڻن جي جهڳٽي ڏانهن وڌيا. نيرو ڍڳو، جو درياءَ پار ڪري رهيو هو، تنهن به درياءَ جي ڪناري تي پير رکيو. هن جي پويان مرغي خانو، سمهڻ وارو تنبو ۽ ٻيو سڀ سامان گهلجي اچي رهيو هو. نيرو ڍڳو ڏسڻ ۾ ڏاڍو سنهو ٿي آيو- ان جون پاسريون، ان جي شفاف چمڙيءَ مان صاف ظاهر ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون، پر هو اهڙي ته شان سان گهمي رهيو هو، جو ائين پئي نظر آيو ته ڄڻ سندس اها ڪمزوري شام جي پاڇي وانگر عارضي هئي. ڪلاڪ کن لاءِ، سمهڻ جا ڪمرا اهڙا ته چمڪي اٿيا، جو انهن جي درين مان نڪتل روشنيءَ جون سونهري ليڪون، جهوني منزل گاهه جي تاريڪيءَ مٿان ڇائنجي ويون. ڪمرن ۾ موڪل تي آيل واڍا، خوشيءَ ۾ ’گئري جبل‘  ۾ ’منري جي شهادت‘ وارا راڳ ڳائي رهيا هئا. جڏهن ننڍڙي ميريءَ اهي آزاد ۽ خوشيءَ جا راڳ ٻڌا، تڏهن هن سوچيو ته هو اهڙي صرف هڪڙي ڏينهن جي عزت ڀريءَ زندگيءَ لاءِ پنهنجي عمر جو باقي سڄو عرصو ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو. ڪاش! هو به جيڪر انهن ڪمرن مان هڪڙي ڪمري جو واحد مالڪ هجي! هوبه جيڪر انهن واڍن جي برادريءَ جو باعزت فرد هجي ۽ هو به جيڪر انهن جيان ڪهاڙيءَ جا سڌا ۽ تڪڙا ڌڪ هڻي سگهي! هو به ڪا واکاڻ جوڳي شخصيت هجي! فضول - فضول اميد! غريب ننڍڙو ميري! هن گرم آهه ڀري ۽ خواب مان سجاڳ ٿيو. اوچتو هن جان شيئرس جي آهستي ۽ خشڪ کل ٻڌي. ننڍڙو ميري عجب ۾ پئجي ويو، ڇو جو هن ڪڏهن به فارم جي جمعدار کي کلندي نه ڏٺو هو.

”گجرون- اڙي!“ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”پوڙهو پال چاهي ٿو ته سندس ڍڳي کي هاڻي جو هاڻي گجرون ڏنيون وڃن. ائين نه؟ ڪيڏو نه هو بيوقوف آهي!“ فارم جو جمعدار هني ڪريڪ نهر تان ٽپو ڏيئي فارم ڏانهن تڪڙو هليو ويو. سؤ کن قدم کڻي هو ڪجهه دير ترسيو ٿي، ۽ ڀڻ ڀڻ ۾ ائين چوندي- ”گجرون- اڙي- گجرون،“- هن وري پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو. فارم جي دروازي وٽ هو ترسيو، ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيائين، ”گجرون- هان؟ خيال نه ڪر، مان پاڻيهي هن کي گجرون کارايان ٿو. مسٽر بنيان جو اهو شخصي حڪم آهي. ڪهڙو نه لاجواب حڪم!“

پال بنيان، جان انڪسلنگر ۽ ٿيون سئڊن جون رهاڪو هڪڙو همراهه، مرڪندڙ نديءَ واري ملڪ ۾، باقي رهيل ڪاٺ جو معائنو ڪرڻ ويندا هئا، ۽ پويان واڍا پنهنجي پراڻي منزل گاهه جي لطافن جو مزو وٺندا هئا، صبح جو ڪئنيڊي جبل جي لاهن تي پسار ڪندا هئا ۽ هو پاڻ کي نڙيءَ تائين جهنگلي ٻيرن سان ڀري ڇڏيندا هئا. گهاٽن ۽ ڊگهن وڻن تي چڙهي، توتن ۽ گاهه جي ٻوٽن مٿان ٽپا ڏيندا هئا. منجهند جو هو مرڪندڙ نديءَ جي گهارن ۾ تڙڳندا هئا، ۽ ندي ميلن تائين گجيءَ سان ڀرجي ويندي هئي. ترڻ کان پوءِ، هو پنهنجون ساڄيون ٽنگون هيٺ مٿي ڪندا هئا، ته جيئن کاٻي ڪن مان پاڻي نڪري وڃي، ۽ کاٻيون ٽنگون هيٺ مٿي ڪندا هئا ته جيئن ساڄي ڪن مان پاڻي نڪري وڃي. تنهن کان پوءِ هو پنهنجون ٽنگون ملائي، چمڪندڙ مڇيءَ کي، جا پاڻيءَ مٿان بيٺل گلن ۾ پيئي وراڪا ڏيندي هئي، ڦاسائڻ لاءِ گول دائرو بڻائيندا هئا. ڪهڙو نه عمدو کاڌو هنن کي نصيب ٿيندو هو! سڀ ڪجهه تازو هنن کي فارم مان ملندو هو. بورچي هنن لاءِ جهنگلي ٻيرن جا ڪيڪ ٺاهيندو هو، ۽ ان مٿان برف جهڙي سفيد ملائيءَ جا ڍڳ رکي ڏيندو هونَ. جون جي سونهري سنگن جا ڍڳ اچي بورچيخاني اڳيان ڪٺا ٿيا هئا. ساون مٽرن ۽ گلن وارن ٻٽالن واري جيڪا ملائي ٺهندي هئي، سا تازي ۽ مٺي کير مان ٺهي ويندي هئي. واڍا ٿورن ڏينهن ۾ ئي ساڳيوئي هلڪيءَ طبعيت وارا نوجوان ڇوڪرا ٿي پيا. هو پنهنجي زندگي اهڙيءَ طرح مزي ۾ گذاري رهيا هئا، هر ڳالهه کان بي نياز، ان حد تائين جو هنن کي اها به خبر ڪانه هئي ته اهي مالهي جي ويهه ويهه ڪلاڪ سانده هني ڪريڪ جي پريان ڪم ڪندا ٿي رهيا، سي دل ۾ هنن لاءِ ساڙ ۽ بغض کنيو، چپ چاپ گجرون کوٽيندا ٿي رهيا.

نيرو ڍڳو پڻ پنهنجي موڪل جا ڏينهن مزي ۾ گذاري رهيو هو، پيلن چشمن مان وهندڙ نهر جو رخ ڦيرائي هن جي آهر واري ميدان ڏانهن ڪيو ويو هو، ۽ هن جي چوڌاري سائو گاهه پکڙيل هو، جو جان شيئرس دل ۾ برائي سوچيندي، پال بنيان جي اچڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ، زمين مان لڻايو هو. هن کي خاطري هئي ته ڍڳو، سڻڀ سان ڀريل هي ڪچو سائو گاهه کائي، ڦاٽي مري ويندو، ۽ جيستائين سندس مالڪ ٻيلن جو معائنو ڪري واپس وري، تيستائين هي ختم ٿي ويندو. پر موسم کان اڳ ئي گاهه ۽ گلن جي ڪپجي وڃڻ ٻن ماکيءَ جي مکين کي ڏاڍو ڪاوڙايو ۽ هنن بغاوت جو اعلان ڪيو، ۽ انهن ٻنهي کي سزا طور سندن مانارن ۾ قيد ڪيو ويو. قيد ۾ هو پنهنجن مانارن کي ماکيءَ کان خالي ڏسي، ڏينهن رات غصي ۾ ڀون ڀون ڪنديون رهيون هيون. هوڏانهن نيرو ڍڳو سائو گاهه سواءِ ڪنهن به تڪليف جي هضم ڪري ويو، ۽ هو  ڏاڍي مزي سان گاهه کائيندو رهيو. سندس نيريون اکيون، پنهنجي فارم جي جمعدار جي محبت ۾ شڪر ادائيءَ ۾ هميشه چمڪنديون رهيون.

جان شيئرس مالهين کان، گجرن جي ٻارن ۾ روزانو ويهه ڪلاڪ ڪم وٺڻ لڳو، ۽ سندس پنهنجي محنت تنهن کان الڳ هئي. هو اهڙيءَ طرح سخت محنت ڪري رهيو هو، ڇو جو هن کي يقين هو ته جي پال بنيان ۽ جان انڪسلنگر پنهنجي دوري تان واپس وريا، ته ڍڳي کي زهر ڏيڻ واري رٿ عملي جامو پهري نه سگهندي. هن سمجهيو پئي ته پوءِ هن کي اهڙيءَ رٿ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ همت ئي ڪانه ٿيندي. هاڻي ئي موقعو هو. خدا هن جي مدد ڪندو، ۽ هن کي سست ٿيڻ نه گهرجي!

جان شيئرس جي حڪمن موجب، ننڍڙي ميريءَ کي هي ساروئي هفتو، فارم جي حدن اندر رکيو ويو هو.

ننڍڙيءَ ميريءَ ساروئي هفتو فارم جي حدن ۾ منجهيل دل سان ڪم ڪيو هو. هن کي ڪڏهن به اهو احساس نه ٿيو هو ته ديڳڙيون ۽ ٿالهيون ڌوئڻ ڪو ذليل ڪم هو. نه ڪو ته هن کان اڳي کاڌي جي بوءِ ۽ پاڻيءَ جي ٻاڦ هن کي بي مزي ڪيو هو. هاڻ جڏهن به هو ڪڪڙ ڪڇ ۾ ڪري ٻاهر نڪرندو هو. تڏهن انهن خوشيءَ ۾ چمڪندڙ پکين جون مٺڙيون لاتيون نه ٻڌندو هو، ڇو جو هن جي ڪنن ۾ واڍن جا خوشيءَ ۾ نڪتل ٽهڪ ۽ چرچا ويهي ويا هئا. ٻئي هفتي وري ساڳي وڻن ڪپڻ جي موسم شروع ٿيندي ۽ ساروئي اونهاري هيءُ غريب بدبخت، فضول اميدن جي شڪست جي اعتراف ۾ پيڙبو رهندو. ننڍڙو غريب ميري اجايو بخت جي ڪنهن سونيءَ ليڪ جو انتظار ڪري رهيو هو.

ڇنڇر آيو ۽ واڍن لاءِ صرف هڪڙو ڏينهن وڌيڪ موجن ماڻڻ لاءِ رهجي ويو هو. ننڍڙو ميري هنن جون رڙيون ۽ ٽهڪ ٻڌي رهيو هو، ۽ پنهنجي دل مان ناڪاميءَ ۽ نامراديءَ کي، راڳ ڳائڻ يا خوشيءَ جي خيالن جي تصور سان، تڙي ڪڍڻ جا ناڪام تجربا ڪري رهيو هو.

هڪ هڪ ڪلاڪ سندس روح جي راحت کي لٽيندو رهيو. هن جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون، ۽ هن جي دل مٿان غم ۽ فڪر جا پهاڙ ٽٽندا رهيا. رات جو جڏهن هو بستري تي ليٽيو، تڏهن گهڻا ئي پاسا ورايائين، پر ننڊ اچڻ جو نالو نه ورتو. بي عزت زندگيءَ جي احساس جي تلخيءَ هن کي آرام ڪرڻ نه ڏنو. ٻه ڪلاڪ سانده هو پنهنجي وهاڻي کي ڳوڙهن سان پسائيندو رهيو، - ۽ هو روئي ئي رهيو هو، ته اوچتو ڀرسان واري ڪمري مان ڀڻ ڀڻ جا ڪي وڏا آواز ٻڌائين. ٿوري وقت کان پوءِ، جان شيئرس جي تقرير شروع ٿي. هن پنهنجي ساري خطرناڪ رٿ مالهين اڳيان پيش ڪئي، ۽ هنن کي اهڙي فيصلي تي بهادر ٿي بيهڻ جي تلقين ڪئي، ڇو جو ان رٿ جي عمل ۾ اچڻ سان سڀني جو مقصد سڌ ٿي رهيو هو. جڏهن ننڍڙي ميريءَ جي ذهن ۾ تقرير جو مقصد پوريءَ طرح ويهي ويو، ته هو ڍڳي کي زهر ڏيئي ڪاٺ جي صنعت هميشه هميشه لاءِ ختم ڪري رهيا آهن، تڏهن خوف ۾ اٿندي سندس مٿو وڃي ڪاٺ جي تختي سان لڳو. تقرير، ان اوچتي کڙڪي ٿيڻ سان، اڌ ۾ رڪجي ويئي.

”ننڍڙو ميري آهي،“ هڪڙي مالهيءَ نفرت سان چيو. ننڍڙي ميريءَ وري کڙڪو نه ڪيو، ۽ جان شيئرس پنهنجي تقرير شروع ڪئي:

”سو اسان سڀ اڄ ئي ڍڳي کي ٿا زهر ڏيون،“ جان شيئرس تقرير کي ختم ڪرڻ جا سانباها ڪندي چيو. ”اهو ڪاٺ جو ڌنڌو ذليل آهي، ڇو جو ذليل انسان پيدا ڪري ٿو. پوک جو ڌنڌو سڀ کان بهتر آهي، ڇو جو بهتر انسان پيدا ڪري ٿو. جڏهن پال بنيان ۽ سندس واڍن پوک ڪرڻ شروع ڪئي، تڏهن لازمي طرح هو به چڱا انسان ٿي پوندا، ۽ هنن کي اسان جي ئي تلقيد ڪرڻي پوندي، ڇو جو اسان هنن کان اڳ پوک ڪندڙ ۽ چڱا انسان آهيون. مون کي سچ ته ان گگدام جانور کي زهر ڏيندي رحم ٿو اچي، پر ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي ۽ اهڙي خير جي ڪم ۾ جيڪڏهن هو شهيد ٿيو، ته اهو سندس شان آهي، قرباني آهي.... قرباني، زندگيءَ جي شان برقرار رکڻ لاءِ قرباني --- زندگيءَ جي شان.... عزت.... مرتبي لاءِ قرباني!“

مالهين پڻ وڏي آواز نعرا بلند ڪيا. تنهن کان پوءِ، ننڍڙي ميريءَ ڪوٺيءَ کان هنن سڀني جي نڪرڻ جا آواز ٻڌا. ڪجهه منٽن لاءِ ته هن جو ڄڻ رت جو دؤرو ئي بيهجي ويو، پر اتي بيڪار بيهڻ جو معاملو پڻ هن کي برو لڳو. هو خبرداريءَ سان ڪاٺ جي پاٽئي تان هيٺ لٿو. ڪپڙا لاهي پنهنجو نوڪرن وارو ويس پاتائين، ۽ قدم قدم سنڀاليندو، بورچي خاني جي دروازي ڏانهن وڌيو. در کولي هن ٻاهر ليئو پاتو.  اڌ چنڊ جي روشنيءَ ۾ هن سڀني مالهين کي قطار ۾ ڏٺو، جي لوڙهي سان لڳا بيٺا هئا. جان شيئرس اڳ ئي هني ڪريڪ ٽپي، نهر جي هن ڀر بيٺو هو. هن ڍڳي جي واڙي جو دروازو کوليو، ۽ يڪدم فارم ڏانهن واپس وريو. ڍڳي جو مٿو دروازو کلڻ سان ظاهر ٿيو، ۽ هن جون معصوم اکيون، سوال پڇنديون هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳيون. اوچتو، جيئن ئي هن جي نظر سامهون گجرن جي ڍڳ تي پيئي، هن جي اکين ۾ بک جا نشان پيدا ٿي ويا. سالم گجرن جا ٻيا ڍڳ ست سؤ والن جي مفاصلي تي پري رکيا ويا هئا. ٿوري وقت ۾ ڍڳو گجرن جي ڍڳ وٽ اچي پهتو، ۽ انهن زهريلي گجرن کي هڪ ئي گرهه ۾ اڳرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. جان شيئرس ۽ مالهي خوشيءَ ۽ فتح جا نعرا هڻي رهيا هئا. ننڍڙو ميري، هواس ۽ خوف ۾ ڀريو، در وٽ بيٺو رهيو. هن کي ڪابه واهه ڪانه ٿي سجهي. هن ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ هن کي سوچيندي سوچيندي ڏينهن گذري ويا هئا، ته ڪيئن جان شيئرس ۽ سندس ساٿين جو منصوبو خاڪ ۾ ملائجي، ۽ ان الميه حادثي کي ڪيئن روڪجي، جو پراڻي منزل گاهه مٿان ڪنهن اوچتيءَ آفت  جيان ڊوڙندو اچي رهيو هو.

 هو ڇا ٿي ڪري سگهيو؟ هو ته صرف ننڍڙو ميري هو، جنهن کان هر هڪ نفرت ڪندو هو، ۽ جيڪو هر ڪنهن جي ڌڪن ۽ بجن جو شڪار ٿيندو هو. هن کي ڪنهن وٽ به ڪا اهميت حاصل نه هئي، ۽ اهو ته ان مان ئي ظاهر هو ته هن کي اهڙيءَ رٿ ۾ شامل ڪرڻ جي قابل به نه سمجهيو ويو هو. اوچتوئي هن جي ڪنن ۾ وري ساڳيو ڀون ڀون جو آواز پيدا ٿيو، جو هن ان ڏينهن ٻن چڙيل ماکيءَ جي مکين جو ٻڌو هو، جڏهن گلن سوڌو سائو گاهه ڍڳي لاءِ ڪپجي رهيو هو. ننڍڙي ميريءَ هاڻ انهن کي ماناري مان آزاد ڪرڻ جو پڪو خيال ڪيو، ۽ سوچيائين ته پوءِ جيڪي ٿيندو، تنهن سان پڄي پئبو. هن کي پڪ هئي ته جيئن ئي هو آزاد ٿينديون، ته سڌو وڃي ڍڳي مٿان ڇتيون ٿي حملو ڪنديون، ۽ پوءِ ممڪن آهي ته ڍڳو زهرلين گجرن کائڻ کان بچي وڃي. بس، هو بورچي خاني کان ٻاهر نڪتو، ۽ جيتري سندس ٿولهه هن کي اجازت ڏني، اوترو تڪڙو هو ڊڪندو ڊڪندو مکين جي ماناري ڏانهن ڀڳو. ترت ئي لڪندو ڇپندو، خير سلامتيءَ سان وڃي اتي پهتو، ۽ ڊپ ۾ ٿڙڪندي هن ٿورو وقت ساهه پٽيو. هن ماناري جي پيٽيءَ کي وڍڻ شروع ڪيو. ڇهه انچ- ٻارنهن انچ- ارڙهن انچ - ڇٽيهه انچ - ۽ سٺ - تري ئي تري ۾ مکيون قيد ويٺيون هيون. جيئن ئي ننڍڙي ميريءَ دروازو کوليو، تيئن مکين غصي ۾ ڀونڀٽ ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ هو ماناري کان ٻاهر نڪتيون. سندن پرن جي تڪڙي ڦڙ ڦڙاهٽ ۽ ڀون ڀون جي آواز ايتري ته هوا پيدا ڪئي، جو ويچاري ميريءَ جي قميص ئي ڦاٽي پيئي. ڪجهه وقت ته مکيون منجهي بيهي رهيون، پر جيئن ئي ڍڳي کي گجرن جي ڍڳ تي بيٺل ڏٺائون، ته يڪدم پنهنجا کنڀ سڌا ڪيائون، ۽ مکين جي قاعدي موجب قطار ڪري هڪٻئي جي پويان ٿي، هنن ڍڳي تي چڙهائي ڪئي. جان شيئرس هن کي ڏسي ورتو ۽ اتان ئي هن کي موٽي وڃڻ لاءِ دڙڪا ڏيڻ لڳو، پر هنن هڪ به نه ٻڌيس، ڇو جو هو هونءَ برابر فرمانبردار هونديون هيون، پر اهو تڏهن جڏهن هنن سان اهڙو ويل نه وهايو ويو هجي. جان شيئرس جي دڙڪن ته هٿان باهه مٿان تيل جو ڪم ڪيو. هنن ٽي دفعا نيري ڍڳي تي زوم مان ڦيريون پاتيون، ۽ پوءِ آخر هو هن جي پٺيءَ تائين پڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. هن جي پٺيءَ تي ويهي، هنن زور سان ڏنگ هڻڻ شروع ڪيا ڍڳي جي دانهن پي پيئي،  سندس رنڀڻ جي آواز سان گڏ هوا جا اهي ته جهوٽا اٿيا، جو لوڙهي سان بيٺل مالهي هڪدم وڃي اونڌي منهن ڪريا. جان شيئرس ڀاڄين واري ٻاري ۾ ڦري سڌو مکين ڏي ويو، ۽ اتي ان وقت پهتو،جڏهن ڍڳي درد کان تنگ اچي، کاٻيءَ لت هڻڻ جي تياري پئي ڪئي. ڍڳي جي لت جيئن ئي اڀري، ته سڌو فارم جي هن جمعدار جي پوري وچ نراڙ تي اچي لڳي. لت جي لڳڻ سان هو مٿي ئي مٿي هوا ۾ اڏامي ويو، ۽ وڃي ڪئنيڊي جبلن جي چوٽيءَ تي، جا ڪڪرن کان به مٿي هئي، ڦان ٿي ڪريو. ڍڳي گهڻوئي پنهنجو پڇ هيڏانهن هوڏانهن ڦيرايو، پر مکيون مٿس ويٺيون رهيون. آخر جڏهن ڍڳي ٻيو ڪو به حيلو وسيلو نه ڏٺو، تڏهن واڙي ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ اوڏانهن مکين کي وڃڻ جي به همٿ نه پئي ٿي.

ڍڳي جي رنڀڻ ننڍڙي ميريءَ کي به ڪيرائي وڌو، ۽ هو ڦرندو ڦرندو اچي مالهين جي وچ ۾ پيو، پر هن ڀيري هو سنئون سڌو پنهنجن پيرن تي وڃي بيهي رهيو. هو هنن کان پاسو ڪري، پل جي طرف روانو ٿيو. جڏهن مالهين لوڙهي جي ڪنڊن ۽ ڌڌڙ کان پاڻ ڇڏايو، تڏهن اچي هن جي ڪڍ پيا، پل جي وچ تي اچي هن کي پڳا. پر جيئن ئي هن کي مارڻ شروع ٿي ڪيائون، ته ٻئي پاسي کان واڍا، جيڪي ڍڳي جي بي مهل رنڀڻ تي ننڊ مان ڇرڪ ماري اٿيا هئا، اچي پهتا. اها ”پل واري مشهور لڙائي“ تڏهن لڳي هئي. هن لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين ٿلهي ننڍڙي ميريءَ جي وچ ۾ اچي وڃڻ سبب هڪ ٻئي سان دوبدو ٿي ئي نه پئي سگهيا. هر دفعي جڏهن به هن هڪ ٻئي مٿان وار ٿي ڪيا، ته ڌڪ ننڍڙي ميريءَ کي ئي ٿي لڳا. ساري رات اها لڙائي هلندي رهي، ۽ ڍڳو پنهنجي آهر تي وڃي سلامت بيهي رهيو. ’بل‘ ۽ ’بم‘ ماکيءَ جون مکيون به اهڙيءَ طرح ڍڳي کان بدلو چڪائي، وڃي پنهنجي ماناري ۾ آرامي ٿيون.

سج اڀري ويو هو، جو پال بنيان پنهنجي جهوني منزل گاهه ۾ پهتو، ۽ لڙائيءَ جو خاتمو ٿيو. هن سڀني واڍن ۽ مالهين کي ميدان ۾ گڏ ٿيڻ جو حڪم ڪيو، ۽ اتي هنن کان لڙائيءَ جو سبب دريافت ڪيائين. هنن ٻنهي ڌرين جا سپاهي ته وڙهي وڙهي اهڙو ساڻا ٿي پيا هئا، جو ڪنهن کان اکر نٿي اڪليو. آخر ننڍڙي ميريءَ همٿ ٻڌي پنهنجي ساري ماجرا بيان ڪئي.

”تون ته ڪو بهادر آهين، ميري، شينهن جو جگر اٿئي ڪمبخت!“ پال بنيان هن جي پٺي ٺپيندي چيو. ”توکي اهڙي سونهري ڪارنامي جو ڪهڙو انعام ڏجي؟“

”مسٽر بنيان! مان واڍو ٿيڻ ٿو چاهيان!“

”پر واڍي کي ته وردي پائڻي پوندي آهي. تون وردي ڪيئن پائي سگهندين، بهادر مڙس؟ تون ته ’ننڍڙو ميري‘ آهين نه؟“

پوءِ ننڍڙي ميري، ٿڪل فوج جي وچ مان، فاتح جي شان سان ٻاهر نڪتو. هن جي بدن تي ڪا ليڙ به نه رهي هئي، ۽ پيرن کان وٺي مٿي تائين ساروئي رهڙيو پيو هو، پر تنهن هوندي به هن جي منهن ڏاڍي سرهائي هئي، ڇو جو اڄ هو ڪالهه وارو ست سئو اسي پائونڊن جي وزن وارو ’ننڍڙو ميري‘ ڪونه هو، پر هڪ سنهڙو سيپڪڙو، هڏن جو پڃرو، ٻن سون ۽ پنجاهه پائونڊن وزن وارو واڍو هو، جو نه صرف مضبوط هو، پر طاقتور پڻ. ايڏيءَ ڊگهيءَ لڙائيءَ ۾ هن جي بدن تان پائونڊن جا پائونڊ گوشت ۽ چرٻي، ڪٽجي سٽجي، چٿجي ۽ نپوڙجي، وڃي پري پيا هئا. هن جي ٿولهه گم ٿي ويئي هئي! عجيب جادو ٿي ويو! پال بنيان کي ته اعتبار ئي نه پئي آيو.

”تون اڄ کان وٺي بهادر واڍو آهين!” هن چيو. جان شيئرس کي ان جاءِ تان، جتي هو ڍڳي جي لت لڳڻ سان وڃي ڪريو هو، موٽڻ ۾ ٽي هفتا لڳي ويا. هو شرم ۾ ٻڏندو ۽ پڇتائيندو، ڊڄندو ۽ ڪنبندو، پال بنيان وٽ آيو، ۽ هو اڳ ئي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي آيو هو، ڇو جو هن کي خاطري هئي ته ڪانه ڪا سزا هن کي ضرور ملندي. جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه، ته به پندرهن ڏينهن هن کي پيڄيءَ کائڻ جي سزا ضرور ملندي. پر رحمدل پال بنيان، هن کي ساڳيوئي فارم جو جمعدار ڪري رکيو، صرف ايترو ٿيو، جو گجرن جي پوکڻ جي هميشه لاءِ ممانعت ٿي ويئي.

’ننڍڙي ميريءَ‘ جڏهن ٻڌو ته جان شيئرس واپس آيو آهي، تڏهن مٿي تي ٽوپلو رکي- هاڻي هن جا وار وڇائتن وانگر ٻاهر ڪونه لڙڪندا هئا- ڪاٺ جي مضبوط پٽي هٿ ۾ کڻي، رڙ ڪري اٿيو: ”هلو ته هن ڏي هلون-- ۽-- هلي هن جي ڪا ڪن مهٽ ڪريون!“

’ننڍڙو ميري‘ هاڻي سچ پچ  هڪ با عزت واڍو بڻجي ويو، ۽ تنهن کان پوءِ هو پنهنجي زندگي ڏاڍي شان مان ۽ عزت آبرو سان گذارڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com