سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

 

صفحو :6

 

از :  فرئنڪ بي. لنڊرمن

گجندڙ پکي

 

 

 ”پاڻيءَ واتڙي“ باهه ۾ ڪاٺيون سرڪايون. ڪاري پٿر جي سلفيءَ ۾ تماڪ وجهي، ان مٿان ٽانڊو رکيائين. خوشبودار تماڪ جا سانده چار وزم هڻي، سلفي ”پوڙهي ڪوهه پيما“ ڏانهن ڦيرايائين. ”پوڙهو ڪوهه پيما“ باهه جي چڻگن ڏانهن به ڏسي رهيو هو، ۽ تماڪ مان به پئي دونهان ڪڍيائين.

ٻار منتظر ويٺا هئا، ۽ ويٺي هڪ ٻئي سان سـُـس پـُـس ڪيائون. سندن ڏاڏي ”ڪوهه پيما“ جڏهن سلفي واپس ”پاڻيءَ واتڙي“ جي هٿ ۾ ڏني، ته هو وري خاموش ٿي ويا.

”پارو ڄمڻ شروع ٿيو آهي،“ پوڙهي پنهنجن ڪمزورن ڪلهن تي چادر ويڙهيندي، چيو، ”ٻڍي آدم پنن کي پيلو رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي، ۽ اجهو ٿا اتر جي هوا سان گڏ ناچ شروع ڪن. اها موسم جنهن ۾ گجندڙ پکي اسان وٽ ايندا آهن، سا گذري ويئي آهي. اهي وري نه ايندا، جيستائين پن ساوا نه ٿيا آهن. پهريائين دنيا جي شروعات ۾ هو ڏاڍا ظالم هوندا هئا، پر هاڻي هو بي سبب ڪنهن کي نه ستائيندا آهن، بشرطيڪ هنن کي خبر نه پوي ته ماڻهو سندن گلا ٿا ڪن. گجندڙ پکين جي گلا ڪرڻ ڏاڍي نقصانڪار آهي. گلا ڪرڻ ته ٺهيو، پر هنن کي دل ۾ بڇڙو سمجهڻ به خراب آهي، ڇو جو ٻين وٽ گلا ڪرڻ ۽ دل ۾ گلا ڪرڻ ٻئي خراب آهن. اهو ياد رکو ته اهي گجندڙ پکي اسان جي دل مان گهمي ايندا آهن ۽ اسان جي دل جون ڳالهيون سمجهي ويندا آهن.

”هن دنيا ۾ جڏهن اهو اڪيلو ٻڍو ۽ اسان جي برادريءَ جا جانور رهندا هئا، انهن ڏينهن ۾ هڪڙي سهاني صبح جو هڪڙو بگهڙ ڪنهن جابلو سيهڙ کي کاڄ بڻائڻ جي تلاش ۾ ڦرندو پئي وتيو. بگهڙ جون اکيون جيتوڻيڪ تيز آهن، پر هن ملڪ ۾ جي جابلو سيهڙ آهن، سي موسم موافق پنهنجا لباس پيا ڦيرائيندا گهيرائيندا آهن، تنهنڪري هنن کي ڳولڻ ۾ ڪافي محنت ڪرڻي پوندي آهي. سياري ۾ هو برف جهڙا سفيد هوندا آهن، رڳو سندن اکيون ڪاريون هونديون آهن. جڏهن برف ختم ٿي ويندي آهي، تڏهن هو به پنهنجي پنهنجي ملڪ مطابق ڀورا ٿي پوندا آهن، رڳو سندن پڇ جي چوٽي ڪاري رهجي ويندي آهي. هو پنهنجن ميدانن ۾ رهندڙ سؤٽن جيان نه آهن، جي لباس ته تبديل ڪري سگهندا آهن، پر سندن پڇ ساڳيوئي رهجي ويندو آهي، جو سندن پٺ ئي نه ڇڏي. انهيءَ ڪري جابلو سيهڙ کي هن ملڪ ۾ سولائيءَ سان جهلڻ ناممڪن آهي.

”پر بگهڙ کي بيشڪ تيز نڪ ٿيندو آهي“ جو سندس اکين کي مدد ڪندو آهي، ۽ انهيءَ ڪري ئي هن ڀيري به اسان جي بگهڙ کي جلدئي ناشتو ملي ويو. جيئن ئي هو ناشتو پورو ڪري ڄڀ سان منهن صاف ڪري رهيو هو، ته هن ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٻڌو.

”اڙي، اهو ڇا آهي، هـُـتي ڇا پيو ٿئي؟ هوا کي سنگهڻ مان سڀ ڪجهه خبر پئجي ويندي. منهنجو نڪ مون کي ساري حقيقت ٻڌائيندو؟“

”جلدئي هو اهڙي هنڌ پهتو جتي هوا هئي ته سهي، پر تمام ٿوري. ايتريءَ ٿوريءَ هوا به هن کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو، جو هن سمجهڻ چاهيو ٿي، هن جڏهن سڀ ڪجهه سمجهيو، تڏهن خوشيءَ ۾ کلڻ ۽ نچڻ لڳو.

”واه، واه! هي ته منهنجو پراڻو دوست آدم آهي، جو اچي رهيو آهي.“

هي اکر ”اڙي واهه“  يا ”واهه، واهه!“ جا، هو ٻڍي آدم کان سکيو هو. بگهڙ کي انهن لفظن اچارڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، ڇو جو هن جي خيال موجب انهن لفظن جي اچارڻ سان جو آواز پيدا ٿيو ٿي، سو ڏاڍو وڻندڙ هو.

”مان سچ پچ ڏاڍو خوش آهيان،“ هن پنهنجي دل ۾ چيو، ۽ پنهنجي دوست سان ملڻ جي خوشيءَ ۾ هو ٽپا ڏيندو اڳتي وڌيو. هو پاڻ سان پاڻ ڳالهائي رهيو هو. مون سمجهيو هو ته شينهن آهي، اهو مون کي اصل نه وڻندو آهي. ڪنجوس ڪنهن جا”! جڏهن به ڪو شڪار ڪندو، ته گرهه جيترو گوشت کڻڻ به نه ڏيندو. خير چڱو ٿيو، جو منهنجو خيال غلط نڪتو.”

”ٿورو پنڌ هلي هو بيهي رهيو، ۽ پاڻ تي کلڻ لڳو:“ مان به ڪيڏو نه بيوقوف آهيان، جو ان سان ملڻ لاءِ اڳتي هلندو ٿو وڃان، جو خود مون ڏانهن اچي رهيو آهي. بس هتي بيهي ٿو رهان. اهو خيال پهريائين اچڻ کپندو هوم. منهنجون ٽنگون ٿوري پنڌ ڪرڻ ڪري، تازيون توانيون رهنديون، ۽ گهڻو وقت ساڻ هلنديم!“

”هو اتي ترسي پيو، ته ڀل ٻڍو آدم پاڻ وٽس اچي. هن جو تيز نڪ هن کي سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيو هو.

”آدم يار، ڀلي آئين!“ جو اوچتو آواز ٻڌي، آدم کان ڇرڪ نڪري ويو، نه ته هو ته پنهنجن ئي خيالن ۾ بگهڙ جي ڀرسان لنگهي اڳتي هليو وڃي ها.

”اڙي! تون بگهڙ، مان توکي ڳوليندو ٿو وتان!“ ٻڍي کلندي چيس.

”هاڻ ته لڌءِ نه مون کي! ڏي خبر ڪٿان ٿو اچين؟“

”مان ته ڪيڏانهن ويو ئي ڪونه آهيان، مان ته اڃا اوڏانهن پيو وڃان.“

”ڪيڏانهن؟“ بگهڙ هوا کي سگهندي پڇيس.

”بس ڪٿي نه ڪٿي! منهنجي مرضي آهي ته تون به هل.“

”جيڪا تنهنجي صلاح، مون کي وري ٻيو ڪهڙو ڪم آهي! مان تيار آهيان.“ بگهڙ چيس. پوءِ هو ٻئي گڏ سفر تي روانا ٿيا. ٻڍو اڳ ۾ هو، ۽ بگهڙ سندس پويان.

”ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته ٻڍي آدم گهڻوئي ڪجهه پئي ڳالهايو، جنهن ۾ اهڙي ڪا سٺي ڳالهه به ڪانه هئي، ۽ شايد اهوئي سبب هو، جو بگهڙ سڀ ڪجهه ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ٿي ڇڏيو، ۽ کيس ڪجهه به ياد ڪونه ٿي رهيو. جڏهن هڪڙو ماڻهو سانده ڳالهائيندو آهي، ته ٻڌندڙ جا ڪن ٿڪجي پوندا آهن، ۽ هو صرف چڱن لفظن ٻڌڻ جي انتظار ۾ ويٺو ٻڌندو آهي.

”ٻڍي کي خاطري هئي ته هو جيڪي ڪجهه چئي رهيو هو ، سو سڀ بگهڙ ڌيان سان ٻڌي رهيو هو، ۽ ٻڍي کيس سڏ ڪندي چيو. ”بگهڙ، ٻڌ! اسين جلد هڪڙي بيد مشڪ جي وڻ هيٺان پهچنداسين. اهو وڻ هڪڙيءَ ٽڪريءَ تي اڪيلو وڻ آهي، جنهن جي هيٺان خطرناڪ لاهي آهي. وڻ جي چوٽي ڀڳل آهي، ۽ ٽاريون اٿس ئي ڪونه. اهو وڻ ڪافي ڊگهو آهي، ۽ سندس چوٽيءَ تي هڪڙو آکيرو آهي- تمام وڏو آکيرو، جو منهنجي ٻانهن جهڙين ٿلهين ڪاٺين جو ٺهيل آهي. اسين جڏهن ان وڻ جي ويجهو پهچنداسين، ته اسان کي عجيب آواز ٻڌڻ ۾ ايندا، پر تون انهن آوازن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏجانءِ. جڏهن اهي آواز تنهنجي ڪنن ۾ پهچن، ته تون ڪنڌ مٿي ڪري اصل نه ڏسجانءِ ته اهي آواز ڪير ٿو ڪري. پنهنجون اکيون هيٺ ڪري، سڌو ئي سڌو هلندو رهجانءِ، ڄڻ ته تون ڪجهه ٻڌين يا ڏسين ئي ڪونه ٿو.“

ٻڍي جا لفظ ته صاف ظاهر هئا. جيڪو به ٻڌي ها، سو سولائيءَ سان سمجهي سگهي ها، پر بگهڙ ته ڄڻ ڪن ئي بند ڪري ڇڏيا هئا، ۽ ٻيو ته هن کي هڪڙو ڪوئو هٿ اچي ويو هو، جنهن کي کائيندي هو ٻڍي کان ڪجهه پوئتي رهجي ويو هو.

جڏهن هو ان وڻ هيٺان آيا، تڏهن سج وڻ جي پورو مٿان هو. بگهڙ اهي عجيب آواز ٻڌا. اهي ان بيدمشڪ جي ڀڳل وڻ واري آکيري مان اچي رهيا هئا.

”ڪـِـنِ- نـَـڪِ- نـَـڪِ- ڪن! ڪـِـنِ- نـَـڪِ- نـَـڪِ- ڪن- هاهاها- اووو- اي ي ي- آآآ--!“

سج جيئن ته سامهون پئي لڳس، تنهنڪري بگهڙ اڳئين ٽنگ اکين مٿان جهلي، ڏسڻ لڳو. هن ڏٺو ته ان بيد مشڪ جي ڀڳل وڻ تي هڪڙو وڏو آکيرو آهي، پر هيءُ سمجهي نه سگهيو، ته ان آکيري ۾ ڪير رهندا آهن. ائين ڌڪو به هڻي نٿي سگهيو، ته اتي ڪير هوندا.

”ڪـِـنِ- نـَـڪِ- نـَـڪِ- ڪن! ڪـِـنِ- نـَـڪِ- نـَـڪِ- ڪن! هاهاها- اووو- اي ي ي- آها!“ ٻه ڪاري رنگ جا وڏا پکي ان آکيري ۾ ويٺا هئا، ۽ ويٺي اهي عجيب آواز ڪيائون، پر بگهڙ سڃاڻي نه سگهيو ته اهي ڪهڙا پکي هئا. هو ڌڪو به هڻي نٿي سگهيو ته آکيري ۾ ”گجندڙ پکين جا ٻچا“ هئا.

”ڪن- نڪ- نڪ- ڪن! ڪن- نڪ- نڪ- ڪن! آهاهاها- اووو- اي ي ي- آها!“

”ڪهڙي نه وڻندڙ ٻولي!” بگهڙ پکين جي ٻولي ٻڌندي چيو. ”مان جيڪر اهڙي ٻولي ڳالهائي سگهان؟“ هن پاڻ کان پڇيو، ۽ پنهنجو پاڻ کي جواب ڏيندي، هن چيو، ”ڇو نه ڳالهائي سگهندس. انهيءَ ۾ آهي ڇا!“

”هن اهو آواز ڪرڻ شروع ڪيو: هڪ دفعو- ٻيو دفعو- ۽ ٽيون دفعو، هو اهڙا عجيب آواز ڪندو رهيو،... “-- اڙي---! هن پاڻ کي ان آکيري ۾ گجندڙ پکين سان گڏ ڏٺو، ۽ - ٻڍو آدم به اتي ئي هو، جيتوڻيڪ هن غريب جو اهڙن آوازن ڪرڻ سان ڪوبه واسطو ڪونه هو.

”هاڻي ويهي لوڙ، بگهڙ خان!“ ٻڍي آکيري ۾ لٽڪندي چيس. هوا جي لڳڻ ڪري وڻ جي چوٽي خطرناڪ نموني لڏي رهي هئي.

”هاڻي ويهي تماشو ڏس ته ڇا ٿو ٿئي! نه اسين هيٺ ئي ٿا لهي سگهون، ڇو جو وڻ جي ٿڙ تائين ڪيئن پهچي سگهنداسون؟ گجندڙ پکي پنهنجن ٻچن جي سنڀال لهڻ لاءِ اجهو آيا، ۽ اسان کي کائي کپائي ڇڏيندا. مون توکي سمجهايو به هو!“

”ادا آدم، تو ته واقعي مون کي چيو هو، پر مون خيال ڏيئي نه ٻڌو،“ بگهڙ سهڪندي چيس، ۽ جان بچائڻ لاءِ جيئن تيئن لٽڪيو پيو رهيو. ”اڳتي ڌيان ڏيئي ٻڌندس.“

”هون - اڳتي ڌيان ڏيئي ٻڌندين؟ چڱو ٻڌ ته مان هنن گجندڙ ٻچن سان ڇا ٿو ڳالهايان.“

”اڙي! ڪارا پکي، اهو ته ٻڌايو ته توهان جي ماءُ ڪهڙيءَ مهل موٽندي؟“ ٻڍي، گجندڙ ٻچن ڏانهن منهن ڪري پڇيو.

”جڏهن برسات وسندي،“ ٻنهي ڪارن پکين گڏ جواب ڏنو.

”۽ توهان جو پيءُ --؟“

”جڏهن ڳڙو وسندو.“ ٻنهي گڏجي جواب ڏنو.

”او‍! سمجهيم.“ ٻڍي چيو.

”جڏهن ابو ۽ اما ايندا، تڏهن اسين سڀ گهر ۾ گڏ ٿينداسين.“

”هائو، سمجهيم،“ ٻڍي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.

”اڙي بگهڙ، عقل جا دشمن، ٻڌ، چڱيءَ طرح سان ٻڌ، جڏهن هنن جي ماءُ ايندي، تڏهن اسان کان پڇندي: ”توهان ٻنهي مان اڳ ۾ ڪير ٿڪبو آهي؟“ ياد ڪر، ڇو جو جواب توکي ڏيڻو آهي، ۽ تون چئجانءِ: ”منهنجو دوست اڳ ۾ ٿڪجي پوندو آهي. مون کي ٿڪ اصل نه ٿيندو آهي. ائين چئي، تون پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ نچڻ شروع ڪجانءِ.“

”نچڻ؟“ بگهڙ کان رڙ نڪري ويئي. ”بس، هن ايڏي آکيري ۾ منهنجي لاءِ صرف اهوئي ڪم رهجي ويو آهي! هت جو لٽڪيو پيو آهيان، ته نچي ڪيئن سگهندس؟“

”ڪيئن به، توکي نچڻو ئي پوندو. ٻي ڳالهه به توکي ٻڌائڻي آهي: ”جيڪڏهن تون پهرئين ناچ کان پوءِ زنده بچي وئين، ته توکي ٻيو دفعو به نچڻو پوندو. اهو تڏهن، جڏهن هنن جو پيءُ ايندو. بس هاڻي تون تيار ٿي ويهه.“

”اڙي، يار! هوڏانهن ته نهار!“ بگهڙ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ۽ اولهه طرف
اشارو ڪيائين.

”اڙي!“ ٻڍي چيو، ”هوءَ ته اچي ويئي. خدا نه ڀلائي ته هيءَ آهي ته ڪارن پکين جي ماءُ.“ بگهڙ به اها ڳالهه قبول ڪئي.

”بگهڙ ڊپ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. سندس ڪن اڀا ٿي ويا. پر هت ته لـِـڪڻ جي ڪابه جڳهه ڪانه هئي. ”اڙي، يار!“ هن ڊڄندي چيو.

”هن وري اولهه جي طرف ڏٺو، ۽ اهو ڪارو داغ جو هن پهريائين ڏٺو هو، سو ويو پئي وڌندو ۽ ڊگهو ٿيندو.

”بس، اچي جو هوا شروع ٿي، ته ڀڳل وڻ ساروئي لڏڻ لڳو، ۽ ڪيترن هنڌن تي ان ۾ ڏاريون پئجي ويون. آسمان ساروئي ڪڪرن سبب ڪاري دونهي جيان سياهه ٿي ويو. گجگوڙ جو آواز چئني طرفن ڏانهن گهمي رهيو هو، ۽ وڄ ٺڪاءَ پئي ڪڍيا. ڪيترين شين جي سڙڻ جي بدبوءِ اچي رهي هئي، ۽ اوچتوئي سارو آکيرو زور سان ڌڏي ويو. هوءَ اچي لٿي هئي، ۽ هنن جي ڀرسان اچي ويٺي هئي- گجندڙ پکين جي ماءُ، جا اتي آکيري ۾ ويٺي هئي!

”هي ڇا آهي؟ کائڻ لاءِ گوشت! ڏاڍو سٺو!“ هن چيو ”پٽ، مان هي گوشت اوهان لاءِ جهٽ ٿي تيار ڪري وٺان.“

”چڱو اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان مان پهريائين ڪير ٿڪبو آهي؟“ هن پنهنجين خوفناڪ اکين سان ٻنهي ڏانهن ڏسندي پڇيو.

”ايتري ۾ هوا ۾ زور سان سيٽيون وڄڻ شروع ٿي ويون، ۽ ٻڍي گوڙ جو فائدو وٺندي بگهڙ کي آهستي چيو، ”اٿ، جلد ڪر، چوينس ته پهريائين مان نه پر هيءُ ٿڪبو آهي، ۽ پوءِ اٿي بيهي نچ ته يقين ٿئين.“

”بگهڙ پنهنجين پوين ٽنگن تي، بيهي نچڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو، ”مان ڪڏهن به نه ٿڪبو آهيان، مان هميشه ڦڙت رهندو آهيان. هيءُ منهنجو دوست يڪدم ٿڪجي پوندو آهي!“ هو ساري آکيري ۾ ٽپا ڏيئي رهيو هو.

”بس بس، ويهه هاڻي، گهڻو ناچ ڪيئه،“ گجندڙ پکين جي ماءُ چيو. بگهڙ خوش ٿي ويهي رهيو.

”چئبو ته تون ئي پهريائين ٿڪبو آهين!“ اجگر ڪاري پکيءَ ٻڍي ڏانهن منهن ڪري چيو، جو آکيري ۾ هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ٽيڪ ڏيو ويٺو هو.

”هو ته ائين ٿو چوي،“ ٻڍي اهڙي نوع ۾ چيو، ڄڻ ته بگهڙ ڪوڙ ڳالهايو هو.

”ڇا به هجي، پر مون کي اعتبار آهي. پنهنجون ٽنگون پٿار. مان هميشه آدمزاد جون پهريائين ٽنگون کائيندي آهيان.“

”بگهڙ جا تارا ويا پئي وڏا ٿيندا، ڄڻ ته ٻاهر ٿي نڪتس. ٻڍي پنهنجون ٽنگون ڊگهيون ڪيون، جيئن ڪاري پکيءَ چيو هوس.

”اڃا پاپي پکيءَ، ٻڍي جي ڄنگهه ڳرڪائڻ لاءِ وات مس پٽيو هو، ته ٻڍي زور سان سندس پاسريءَ ۾ ڪپ وهائي ڪڍيو، ۽ هوءَ اتي جو اتي اڦٽ مري ويئي.

”بگهڙ ادا، اچ، وارو ڪر، هن کي آکيري ّمان اڇلائڻ ۾ مدد ڪر، نه ته ڄاڻ سندس مڙس آيو. هن کي ائين سولائيءَ سان ٺڳڻ مشڪل آهي، پر هو به ساڳيو سوال پڇندو، ۽ تون به ساڳيو جواب ڏجانءِ.“ او- او- او! آکيري جي هڪڙي پاسي کان گجندڙ پکين جي ماءُ وڃي هيٺ ڪري. سندس هيٺ ڪرڻ جو آواز آکيري ۾ به ٻڌڻ ۾ آيو. آواز ائين هو، ڄڻ ته ڪو وڏو وڻ جبل جي چوٽيءَ تان ڪريو هو.

”اڙي، هو ڏس، يار آدم!“ بگهڙ کان رڙ نڪري ويئي. ”هو به ته اچي ويو! هاڻي ڇا ٿيندو؟ مان ڇا ڪريان-!“

”ڇا ڪرين! توکي چيو اٿم نه، بس ائين ڪر! هاڻي ويهه، ڪجهه ٿڪ پٽي وٺ.“

”هڪڙو وڏو ڪارو ڪڪر، جيڪو پاسن کان ڳاڙهو ٿي نظر آيو، واءُ جيان تکو اچي رهيو هو. گجگوڙ شروع ٿي ويئي ۽ طوفان ذري گهٽ وڻ ليٽائي وڌو هو. وڄ هڪڙي ٻئي وڻ کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. هو ٻيئي، آدم ۽ بگهڙ، پنهنجي حياتيءَ بچائڻ لاءِ آکيري کي چنبڙيا پيا هئا. ايتري ۾ اچي ڳڙو لٿو. هڪ هڪ ڳڙو ڪڪڙ جي آني جيڏو وسي رهيو هو. هوا سياري جهڙي ٿڌي ٿي ويئي. ڳڙا وسندي وسندي، ٻڍي جي ڪلهن تائين اچي ويا. توبهه!

”اوچتو ئي اوچتو ائين وسهڻ ۾ آيو، ڄڻ ته ڪنهن اونداهيءَ جهوپڙيءَ ۾ باهه ٻاري هئي، يا سج ڪڪرن مان ٻاهر نڪري آيو هو، ۽ اتي ئي - هنن جي ڀرسان آکيري ۾ گجندڙ ٻارن جو پيءُ ويٺو هو!“

”هن جو مٿو ڳاڙهو هو، ۽ سندس خوفناڪ اکيون اونهاري جي سائي گاهه جهڙيون سايون چهچ رکيون هيون.“

”هي ڇا آهي؟ اوه! کائڻ لاءِ گوشت! توهان لاءِ گوشت تيار ڪري وٺان، ٻارو!“ هن چيو.

”ڪير ٻڌائيندو ته اوهان مان اڳ ۾ ڪير ٿڪجي پوندو آهي؟“ هن پڇيو. هن پنهنجون لالچي اکيون پهريائين ٻڍي مٿان وڌيون، ۽ پوءِ بگهڙ ڏانهن ڦيرايون.

هن دفعي بگهڙ ٺهه پهه چئي ڏنو، ”هي جلد ٿڪبو آهي.“ هو ائين به چئي رهيو هو، ۽ ڳڙن مٿا نچي به رهيو هو. ”اِهو ٿڪبو آهي پهريائين، مون کي ٿڪ اصل ڪونه ٿئي!“

”بس، ايترو ناچ ڪافي آهي، ويهي رهه!“ گجندڙ پکين جي پيءُ چيو. بگهڙ دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو ويهي رهيو.

”چئبو ته اهو تون آهين جلد ٿڪجي پوڻ وارو! هان؟“ ان ڪميڻي ڪاري پکيءَ، ٻڍي ڏانهن منهن ڪري چيو، جنهن جي ڪلهن تائين برف جا ڳڙا اچي ويا هئا.

”جلد ٽنگون پٿار. مان آدمزاد جون پهريائين ٽنگون کائيندو آهيان.“

ٻڍي يڪدم پنهنجون ٽنگون پٿاريون، ۽ جيئن ئي گجندڙ پکيءَ ٻڍي جي پير کي ڳرڪائڻ لاءِ وات پٽيو، تيئن زور سان ٻڍي ڪپ وهائي ڪڍيس. ٺا- ٺا- ٺا، ۽ هو اتي ئي ڍيري ٿي پئجي رهيو.

”ڇا ٿو سمجهين؟“ ٻڍي کلندي بگهڙ کي چيو. چڱو، اچ ڀلا، هن کي هيٺ اڇلائڻ ۾ منهنجي مدد ڪر، باقي ٻيو سڀ ڪجهه مان پاڻيهي ڪندس. اچ- جلدي ڪر!“

”هنن ٻنهي ڪلها ڏيئي، ڏاڍا زور ڏنا، ۽ هن کي جيئن تيئن مٿي کڻي آکيري جي هڪڙي پاسي کان ڦيرائي، هيٺ اڇلايائون. گجندڙ پکي ڌو ڪري اچي ڳڙن سان ڇانئيل زمين مٿان ڪريو. ايڏو ته آواز ٿيو، جو ڄڻ ته ڪنهن اتاهين جبل تان ٻه وڏا وڻ ڪريا........ ٽـَـڪري به ڏڪي ويئي.

”هاڻي هنن گجندڙ ٻچن روئڻ شروع ڪيو. هنن جو روئڻ ٻين پکين جيان نه هو، پر ڄڻ ته ڪي سوين عورتون هڪ ئي وقت ۽ هڪ ئي آواز سان ڪنهن خوف کان رڙيون ۽ دانهون ڪري رهيون هيون.

”بس ڪريو!“ ٻڍي چين. ”چپ ڪريو ٿا ته واهه، نه ته اوهان سان به اهڙي جـُـٺ ڪندس، جهڙي اوهان جي وڏن سان ڪئي اٿم!“

”ٻڌو--،“ ٻڍي چين. پوءِ هنن خوف کان روئڻ ئي بند ڪري ڇڏيو ۽ خاموش ٿي ويا. ”توهان اسان کي پنهنجين پٺين تي کڻي، هيٺ وٺي هلو. اُٿو.....“

ٻيئي گجندڙ پکي اٿيا. ٻڍو هڪ تي چڙهيو ۽ بگهڙ ٻئي تي.

”سڀ تيار آهيو؟“ ٻڍي پڇيو. گجندڙ ٻچن جي کنڀن ۾ هٿ قابو ڪندي، ٻڍي چين، ”توهان، گجندڙ پکي، ياد رکجو، ۽ جيڪڏهن ڪابه حرڪت ڪئي اٿو، ته پوءِ ڏاڍو پڇتائڻو پوندوَ!“

پوءِ پري ئي پري، مٿي ئي مٿي، هو وڃي آسمان سان لڳا. نيٺ ٻنهي پکين هيٺ لهڻ شروع ڪيو، ۽ ٻڍي کي جڏهن هيٺ وڻ ڏسڻ ۾ آيا، تڏهن هن کي ڪجهه آٿت آيو. جيئن پوءِ هيٺ ئي هيٺ اهي پکي لهندا ويا. آخر ايترو هيٺ آيا، جو ڳڙا، جي اتي ڇانئيا پيا هئا، ٻڍو تن کي به ڳڻي پئي سگهيو، ۽ آخر هو هيٺ زمين تي اچي پهتا.

جيئن ئي ٻڍو پکيءَ جا کنڀ ڇڏي، هيٺ لٿو، ته بگهڙ وٺي رڙ ڪئي: ”ڪن- نڪ- نڪ- ڪن! ڪن- نڪ- نڪ- ڪن- آهاهاها-اووو-ا ي ي ي-آهاهاها!“

”بس پکيءَ جي ڪن تي ان ٻولي جو پڙلاءُ پيو، ۽ هو بگهڙ کي کڻي وٺي وري اڏاڻو، ۽ وڃي ڪڪرن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ٻڍو پکيءَ کي قابو ڪيو بيٺو هو، تنهنڪري هو اڏري نه سگهيو. پکيءَ ڏاڍي ڪوشش ڪئي اڏرڻ جي، پر ٻڍو هن کي زور سان قابو ڪيو جهليو بيٺو هو. آخر جڏهن پکي ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻو ٿيو، تڏهن ٻڍي سهڪندي چيس: ”چڱو هاڻي تون، اها ٻولي ٻول، ۽ چٽيءَ طرح ۽ ڏاڍيان ٻول......!“ ٻڍڙي رڙ ڪري چيس.

”ڪن- نڪ- نڪ- ڪن! ڪن- نڪ- نڪ- ڪن- آهاهاها-اووو-ا ي ي ي-آها!“ پکيءَ ڊپ ۾ ڏاڍيان وٺي ٻوليو.

”ٺيڪ آهي،“ ٻڍي چيس. ”باقي هڪ دفعو اهڙي زور سان ٻيهر ٻول، ۽ ٿي سگهئي ته اڳئين کان به ڏاڍيان-“

”گجندڙ پکيءَ جي ٻوليءَ جي آواز ٻڍي کي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو. پر لاچار هو ٻڌندو رهيو، جيستائين هو ٻيو پکي بگهڙ کي صحيح سلامت هيٺ کڻي آيو.

”بگهڙ خان، ڪيو ته تو به ڪڪ آهي“، ٻڍي بگهڙ کي چيو، جيئن هو پکيءَ تان لهي رهيو هو. ”پکيءَ کي قابو ڪري جهل، جيستائين مان کيس صفا پورو ڪري ڇڏيان. مون پنهنجي کي ته اڳ ئي ماري ڇڏيو آهي، هاڻي تنهنجي پکيءَ جو وارو آهي. قابو ڪري جهلجانس، ادا!“

”جهليانس ٿو، پر جلد ڪر، هن کي پڪڙڻ ڏاڍو مشڪل آهي.- تڪڙو ٿيءُ- بس وڃئي ٿو- جلد ڪر-“ بگهڙ گهٻرائيندي رڙ ڪئي.

”ٻڍو بگهڙ ڏانهن ڀڳو، جو گجندڙ پکيءَ کي قابو پڪڙڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪري رهيو هو. زور سان ٻڍي ڪپ سان وار ڪرڻ شروع ڪيس- هڪ- ٻه- ٽي،- ۽ جڏهن ٻڍي جو ڪپ ٽيون دفعو گجندڙ پکيءَ کي لڳو، تڏهن هڪ عجب ۾ وجهندڙ وارتا ٿي گذري.

”گجندڙ پکيءَ جون اکيون ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽي پيون، ۽ اکين جي ٽنگڙن مان ٻه ڪانوَ جيترا پکي ”ڦر“ ڪري اڏامي ويا.“

”اڙي- ٻڌو- ٻڌو ته!“ ٻڍي پويان رڙ ڪين.

”پکي سچ پچ ٻڌڻ لاءِ بيهي رهيا! ٻڍي چين: ”اڄ کان پوءِ اوهان ٻئي گجندڙ پکي آهيو، پر انهن ماڻهن کي اصل نه مارجو، جي اوهان جي ڪابه گلا نه ڪن. هاڻي توهان وڃو، ۽ وڃي پنهنجي ڪم سان لڳو، ۽ سياري جي موسم ۾ هيڏانهن متان اچو!“

”هنن گجندڙ پکين“ ٻڍي آدم جا لفظ ياد ڪري ڇڏيا آهن، ۽ اهوئي سبب آهي، جو هو هاڻي نڪو نقصان ٿا رسائين، ۽ نه وري سياري ۾ ئي هيڏانهن اچن ٿا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com