سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب: --

صفحو :15

 

نينگر، جنهن ڊپ سکيو

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن سمي، هڪ شخص کي ٻه پٽ هوندا هئا، وڏو پٽ ڏاڍو ڦڙت ۽ چالاڪ هوندو هو. هن کي جيڪو به ڪم سونپيو ويندو هو، سو وڏيءَ سمجهداريءَ ۽ ڦڙتائي سان ڪندو هو ۽ ننڍو نينگر البت موڳو ۽ سست هوندو هو، ۽ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪين ايندي هيس، رڳو پيو هيڏانهن هوڏانهن رلندو وتندو هو. ڪنهن ڪم ڪار جو ته ڏانءُ ئي ڪين ايندو هوس. ماڻهو کيس ڏسي چوندا هئا ته ”خدا شل ههڙا پٽ ڪنهن به پيءُ کي نه ڏئي!“

ڪم ڪار جي سڄي مصيبت وڏي پٽ جي سر تي هوندي هئي. ڪو به ڪم کيس چوندا هئا ته ڊوڙي ڪري ايندو هو. پر، هو البت ڊڄڻو هوندو هو. اتفاق سان جيڪڏهن پڻس ڪنهن ڪم لاءِ،  يا ڪا شيءِ وٺي اچڻ لاءِ کيس مير اونداهيءَ شام يا رات جو ڪيڏانهن اماڻيندو هو، ته چوندو هو، ”بابا، مون کي ته ڀؤ ٿو ٿئي!“

شام جو جڏهن ڳوٺ ۾ ڪچهري ٿيندي هئي، ۽ ماڻهو مچ تي ويهي آکاڻيون ٻڌندا هئا، تڏهن ڪنهن ڀوائتيءَ آکاڻيءَ تي ماڻهن جا وار ڪانڊارجي ويندا هئا. ڪن کي ته ڏڪڻي وٺي ويندي هئي ۽ ڪي ته وچ ۾ ائين به چئي ڏيندا هئا ته ”ٻيلي، اسان کي ته ڀؤ ٿو ٿئي!“ ننڍڙو نينگر به مچ کان ٿورو پر ڀرو هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويٺو سڀني جون ڳالهيون ٻڌندو هو. هن کي عجب لڳندو هو ته ”آخر هي چون ٿا ڇا! جنهن کي ڏس، سو پيو چوي- ”مون کي ڀؤ ٿو ٿئي! آخر اهو ڀؤ ۽ ڊپ آهي ڪهڙي بلا؟ مون کي ته ڪڏهن به ڀؤ ڪو نه ٿيو آهي. متان اهو ڀؤ به ڪو هنر آهي جو اڃا منهنجيءَ سمجهه ۾ ئي نٿو اچي!“

هڪڙي ڏهاڙي پڻس کيس سڏي چيو، ”ابا، تون انهيءَ ڪنڊ ۾ سڄو ڏينهن نڪمو ٿيو ويٺو آهين. هاڻ ته ڏاڙهي اچي منهن تي لٿي اٿئي، مڙس ماڻهو اچي ٿيو آهين، ڪي پراءِ ته پنهنجي روزيءَ ڪمائڻ جهڙو ٿين. ڀاڻين کي ڏس، هنر پرائڻ لاءِ ڪيتري نه محنت ۽ جاکوڙ ٿو ڪري. تون ته اهڙو نٺر آهين، جو نصيحت جو تو تي ڪو اثر ئي ڪو نه ٿو ٿئي.“

ننڍي نينگر ورندي ڏني، ”بابا، هاڻ منهنجي دل به ڪجهه سکڻ تي ٿي آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڪو وجهه ملي ته آئون ڀؤ ڪرڻ سکي پوان. اڄ تائين مون کي بنهه خبر نه آهي ته ڀؤ ڪيئن ٿيندو آهي.“

وڏي ڀاءُ جو اها کل جهڙي ڳالهه ٻڌي، سو ٽهڪ  نڪري ويس- دل ۾ چيائين ته ”مار، منهنجو ڀاءُ ته ڪو وڏو ڇسو بيوقوف آهي. افسوس، هو سڄي حياتيءَ ۾ ڪو به چڱو ڪم ڪري ڪين  سگهندو! هاڻ ته مڙس ماڻهو اچي ٿيو آهي. ڏاهن به چيو آهي ته ڪاٺي جيسين آلي هوندي، تيسين ان کي موڙي به سگهبو، پر جي سُڪي ويئي ته ان کي موڙڻ محال آهي.“

پڻس به ڳالهه ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو. ٿڌو ساهه کڻي چيائين. ”ابا، ڀؤ ته تون کڻي سکي به وڃين، ته پنهنجي روزي ڪمائڻ تون هرگز ڪين سکي سگهندين.“

اتفاق سان هڪڙي ڏينهن، مسجد جو مُلو، هنن جي گهر مهمان ٿي آيو. اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندي، ويچاري پيءُ، پٽ جا ڏک سور ويهي رنا، ته ”اچيس ڪي به ڪو نه ٿو، ۽ ڪنهن هنر پرائڻ کان به نابري واريو ويٺو آهي.“ چيومانس ته ”روزي ڪمائي کائڻ لاءِ ڪي پراءِ، ته جواب ڏنائين ته آئون پهرين ڀؤ ڪرڻ سکندس! اهڙو ڪو مثال ڏٺوَ؟“

مُلي تنهن تي چيو ته جيڪڏهن هو فقط ڀؤ سکڻ ٿو گهري، ته مون وٽ ڇڏي ڏينس، پاڻهي سکي پوندو. مون وٽ هلي رهي، پوءِ آئون ٿو سڌاريانس.

پڻس جون ته اکيون ٿڌيون. ڇوڪرو جي سڌري پويس ته ٻيو ڇا گهرجيس، سو خوشيءَ سان موڪل ڏنائينس ته ڀلي مُلو نينگر کي پاڻ سان وٺي وڃي. مُلي نينگر کي ٻانگ ڏيڻ جو ڪم سيکاري ڇڏيو.

ڪجهه ڏينهن گذريا ته مُلي آڌيءَ رات جو وڃي ڇوڪر کي ننڊ مان جاڳايو، ۽ چيائينس ته ”مسجد ۾ وڃي مناري تي چڙهي، ٻانگ ڏيئي اچ.“ دل ۾ چيائين، ”اڄ آئون ٿو هن کي سيکاريان ته ڀؤ ڪيئن ٿيندو آهي!“ جڏهن نينگر ٻانگ ڏيڻ لاءِ مناري تي چڙهيو، ته ڏسي ته هڪ سفيد سفيد شڪل ڏاڪڻ وٽ دريءَ جي ويجهو بيٺي هئي.

هن واڪو ڪري چيو. ”ڪير آهين؟“ پر انهيءَ شڪل نڪو ته ڪو جواب ڏنو نڪي وري اتان چُري پُري.

نينگر وري به واڪو ڪري چيو. ”جواب ڇو نٿو ڏين“ يا جواب ڏي يا ماٺ ڪري هليو وڃ. رات جي وڳڙي ۾ هت تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟“

پر اها شڪل ائين ئي بيٺي رهي. حقيقت ۾ اُهو مُلو هو، جنهن اها شڪل بنائي، نينگر کي ڊيڄارڻ ٿي چاهيو ته اهو جن يا ڀوت آهي. نينگر وري پڇيو، ”آخر تو کي ڇا گهرجي؟ ڪڇين ڇو نٿو- جيڪڏهن ماڻهو آهين ته مون کي ٻڌاءِ، نه ته آئون ٿو هتان چاڙهيءَ تان ڌڪو ڏيانءِ- ڪڇين ٿو يا نه؟“

مُلي دل ۾ خيال ڪيو ته ڇوڪرو اهي دڙڪا رڳو ڊپ جي ڪري ٿو ڏئي ۽ هو مون کي ڏاڪڻ تان ڪيرائيندو بنهه ڪين. سو وري به ماٺ ڪري بيٺو رهيو. نڪو اکر ڪڇيائين ۽ نڪي ڪا چرپر ڪيائين- ڄڻ ته ڪو پنڊپهڻ هو.

نينگر وري ٽيون ڀيرو چتاءُ ڏنس، پر جڏهن ان تي به چرپر نه ٿي، تڏهن وٺي ڊوڙ پائي انهيءَ ڀوت جهڙيءَ شڪل کي اهڙو ته ٿيلهو ڏنائين، جو ٿڙندي ٿڙندي ڏهه ڏاڪا وڃي هيٺ زوم مان ڪِري پئي. ۽ بنان حرڪت جي اتي ئي ڪنڊ ۾  پئجي رهي. نينگر مٿي چڙهي ٻانگ ڏئي. موٽي گهر ويو. ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪيائين، ۽ ماٺ ميٺ ۾ وڃي سمهي رهيو. گهڙيءَ ۾ گَهري ننڊ وٺي ويس ۽ کونگهرا هڻن لڳو.

هوڏانهن مُلي جي زال، مُلي لاءِ ترسيو ويٺي هئي ته اجهو  ٿو اچي، پر جڏهن ڪافي رات گذرڻ تي به مُلو نه آيو ته ويچاريءَ کي اچي ڊپ ورتو ته الائجي مڙسم کي ڇا ٿيو. متان ڪنهن جيوَ جنتر چڪ ته نه پاتس. متان ڪٿي ڪِري ته نه پيو! آخر ڊپ وچان اچي ڇوڪر کي ننڊ مان جاڳايائين، ۽ چيائينس ته! ”ابا، تو ڪو مڙسم کي ڏٺو؟  تنهنجي وڃڻ کان به اڳ مسجد ۾ ويو هو.“

نينگر چيس، ”نه مائي، مون کي ته مڙسهين جي خبر ڪانهي. باقي البت مناري جي ڏاڪڻ تي دريءَ جي سامهون ڪو ماڻهو پنڊپهڻ ٿيو بيٺو هو. مون گهڻائي آواز ڏنامانس، پر نڪي جواب ٿي ڏنائين ۽ نڪي ڪا  چُرپر ٿي ڪيائين. اتي جو اتي بيٺو رهيو. مون خيال ڪيو ته ڪو چور چڪار آهي. سو وٺي ڏڪڻ تان هيٺ ٿيلهو ڏنو مانس، جيڪڏهن اهو مڙسهين هو ته پوءِ ته ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي!

مُلي جي زال جو اهو ٻڌو. سا وٺي مسجد ڏي ڀڳي.جان اچي ڏسي ته مُلو هڪ ڪنڊ ۾ پيو ڪنجهي ۽ ڪَڻڪي، مٿي مان رت ٺينڍيون ڪري پئي وهيس. زال هٿ لاتس ته دانهن نڪري ويس. گهوڙاڙي. منهنجي ٽنگ ويئي!“ مُلي جو ڌڪو کاڌو هو، سو ان ۾ هڪڙي ٽنگ مرڳو ئي ڀڄي پيئي هيس. زال وٺي گهوڙا گهوڙا ڪئي ته ”هاءِ، ويچارو منهنجو مڙس منڊو ٿي پيو!“  پوءِ ته جيئن  تيئن ڪري مڙس کي گهر پهچايائين- ۽ پوءِ واڪا ڪندي آئي نينگر جي پيءُ وٽ ته ”تنهنجي پٽ ته اسان لاءِ ٻائيتال مچائي ڏنو آهي. اسين غريب عذاب ۾ اچي ويا آهيون. رات منهنجي مڙس کي اهڙو ڌڪو ڏنو اٿس، جو هن جي ٽنگ ڀڃي وڌي اٿس. پنهنجي لاکيڻي پٽ کي خدا جي واسطي اسان غريبن وٽان ٽاريو ته اوهان جا لک احسان!“

نينگر جي پيءُ کي ڏندين آڱريون اچي ويونِ: بيٺي پير وڃي پٽ کي مُلي جي گهران وٺي آيو. گهر اچي ڏاڍي ڇينڀ ڪڍيائينس- چي، ”هيءُ وري ڪهڙو ٻائيتال مچايو اٿيئي! ڀائنجي ٿو ته تنهنجي مغز ۾ متان ڪو جن اچي پيو آهي، جو اهي ڏنگايون کڻي شروع ڪيون اٿئي؟“

نينگر چيو، ”بابا، منهنجو ڏوهه هجي ته پوءِ کڻي ڏهه پادر هڻوم. پهرين منهنجي ڳالهه سربستي ٻڌي وڃو. آڌيءَ رات جو ڪاريءَ ٻاٽ ۾، هو ائين بيٺو هو ڄڻ ته ڪا من ۾ بڇڙي سٽي هئائين! مون کي ڪهڙي خبر ته ڪير هو. ٽي ڀيرا سڏ ڪيامانس ته من ڳالهائي يا اتان ٽري، پر هُو اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت!“

پيءُ چيو، ”الا، الا، تو مان نڪي وريو نڪي سريو- تو مان ته رڳو سورن ۾ اڙجي ويو آهيان. ٽر منهنجي منهن تان- وري پنهنجي اها صورت مون کي ڏيکاري اٿئي، ته پاڻ ٿو ڄاڻين.“

نينگر چيو، ”بابا، جيڪي اوهين چئو ٿا، ائين ئي ٿيندو. پر رڳو صبح ٿيڻ ڏيو. پوءِ آئون ڄاڻان منهنجي قسمت، پاڻهي وڃي ڀؤ ڪرڻ سکي  پوندس. مَن انهيءَ هنر مان آئون پنهنجي روزي ڪمائي سگهان.“

پيءُ چيس، ”جيڪي وڻيئي سو وڃي سک، منهنجي مٿي تان ته بار لهندو. هان، هي پنجاهه روپيا اٿئي، سڄو جهان پيو اٿئي، جيڏانهن کپئي، تيڏانهن منهن ڪر، پر هڪڙي ڀلائي ڪج، ته جهان کي اهو نه ٻڌائج ته تون ڪٿي جو آهين، يا ڪنهن جو پٽ آهين. منهنجي پت رکجان. مون کي ته تو کي پٽ سڏيندي به لڄ ٿو اچي.“

”اوهين دلجاءِ ڪريو، جيئن اوهان چئو ٿا ائين ٿيندو، اوهان جيڪو شرط وڌو آهي، سو مون کي به قبول آهي.“ نينگر وراڻي ڏني.

ڏينهن چڙهيو ته نينگر به پئسا ڳنڍ ۾ ٻڌي، شاهي رستي تي اچي چڙهيو. سڄي واٽ دل ۾ چوندو ويو ته ”شل ڪو مون کي ڀؤ ٿئي! مَنَ ڪو مون کي ڀؤ ٿئي!“

هلندو وڃي، هلندو وڃي- واٽ ويندي هڪڙو ماڻهو گڏيس، تنهن جو ڏٺو ته هيءُ نينگر سڄي واٽ  ائين چوندو پيو وڃي، سو وڌي هڪڙي اهڙي هنڌ وٺي آيس، جتي ماڻهن کي ڦاهيءَ چاڙهيندا هئا. اتي بيهي ان پرئي مڙس چيس، ابا اهو وڻ نه جيڪو ڏسين ٿو، ان تي ستن چورن کي گڏ ڦاهيءَ تي چاڙهيو اٿن. هاڻ تون هيئن ڪر، جو سَڄي رات ان وڻ هيٺان ويهي گذار، پوءِ پاڻيهي تون ڀؤ ڪرڻ سکي ويندين!“

”بس، ڳالهه به ايتري، ”نينگر جواب ڏنو، ”پوءِ ته اهو ڏاڍو سولو آهي. جيڪڏهن رات وچ ۾ آئون سچ پچ ڀؤڪرڻ سکي ويس، ته پوءِ منهنجي ڳنڍ جا پنجاهه ئي روپيا تنهنجي مِلڪَ آهن. تون وري صبح جو اچي خبر لهج.“

نينگر هلي اچي ڦاهيءَ واري وڻ هيٺان ويهي رهيو. مٿان اچي شام ٿي. سيءُ به پوڻ لڳو، سو سيءَ کان بچڻ لاءِ باهه ٻاري ويهي رهيو. اڌ رات  ٿي ته سيءُ به زور سان سوٽو هڻن لڳو، ٿڌيءَ برف جهڙي هوا جا تيز جهوٽا بدن کي ڄڻ ته وڍي رهيا هئا. باهه جي مچ هوندي به هن  جو سيءُ ڪو نه  لٿو، مٿان وڻ ۾ جي ست لاشا ڦاهين ۾ ٽنگيا پيا هئا، سي هوا تي پيئي لڏيا لميا، ۽ هوا جي زور تي زون زون جا آواز پئي آيا. نينگر سوچيو ته ”مچ جي منهن تي آئون ويٺو آهيان، تڏهن به سيءُ ساڙي رکيو اٿم. هي جي ويچارا مٿي ٽنگيا پيا آهن، انهن سان ڪهڙو ويل هوندو!“ دل ڏاڍي ٻاجهاري هيس، سو چڙهي ويو وڻ تي، آهستي آهستي ڪري ستن ئي لاشن جون ڦاهيون ڇوڙي، هيٺ لاهي آين. باهه جي مچ کي تيز ڪري ستن ئي کي مچ جي چوڌارري ليٽائي ڇڏيائين ته ڀل ڪجهه ڪوسا ٿين. پر هو ته مڙدا، سي نڪي چُريا نڪي پُريا. اوچتو هڪ جي ڪپڙن کي اچي باهه لڳي. نينگر رڙ ڪري چيو ته ”پاڻ سنڀاليو، باهه ۾ سڙو ٿا، نه ته آئون وري مٿي ٽنگي ايندو سانوَ.“ پر مڙدا ڪٿي ٿا ٻڌن، هو چپ پيا رهيا، ۽ سندن ڪپڙن کي باهه وڪوڙي ويئي.

هن کي ڏاڍي مٺيان لڳي- ۽ چيائين، ”اوهين جي پنهنجو پاڻ کي به نٿا بچائي سگهو، ته پوءِ آئون ڇا ڪريان. مون کي پاڻ کي ته ڪين ساڙڻو آهي؟“ پوءِ ڇا ڪيائين، جو ستن ئي لاشن کي واري واري سان وڻ تي چاڙهي، قطار ۾ ٽنگي  ڇڏيائين، ۽ پاڻ وري اچي مچ جي ڀر ورتائين ۽ ننڊ کڻي ويس.

صبح ٿيو ته اهو پريو مڙس به اچي سهڙيو، ۽ پنجاهه روپين جي گهُر ڪيائين، ۽ چيائينس ته جوان مڙس، تو کي هاڻ ته پتو پيو هوندو ته ڀؤ  ڇا کي چئبو آهي؟“ نينگر جواب ڏنس، ”نه- مون کي خبر به ڪيئن پوي! هي ويچارا جي مٿي پيا لڙڪن، تن ته ٻڙڪ به ڪا نه ٻولي. ايترا ته ڳهيلا آهن جو ڪپڙن کي باهه وڪڙي وين ته به پتو ڪين پين!“

پرئي مڙس ڏٺوته ٻيلي، اڄ پنجاهه رپيا ته ڪين، کٽي سگهيس، سو پنهنجي واٽ وٺي رمندو رهيو، پر سڄي واٽ عجب کائيندو  چوندو ويو ته ”ههڙو ماڻهو ته مون سڄي ڄمار ڪين ڏٺو!

نينگر به پنهنجي واٽ ورتي، ۽ وري به اڳئين وانگر ڀڻڪندو ويو ته ”شل آئون ڀؤ ڪرڻ سکي پوان! شل مون کي به ڀؤ ٿئي!“

پٺيان ڪو گاڏير به هن جا اهي ڀڻڪا ٻڌندو آيو، سو وڌي پڇيائينس، ”جوان مڙس، تون ڪير آهين؟“  نينگر وراڻيو، ”مون کي خبر ڪانهي.“

گاڏير وري پڇيس، ”اچين ڪٿان پيو؟ آهين ڪٿان جو؟“

”مون کي خبر ڪانهي.“

”پٽ ڪنهنجو آهين؟“

”آئون ڪين ٻڌائيندس.“

”ڀلا، اهو چپن ۾ تون ڇا چوندو وتين؟“

نينگر وراڻيو: ”ٻڌ، آئون ڀؤڪرڻ گهران ٿو، پر مون کي ڪير ئي نٿو سيکاري.“

گاڏير چيس.”اهي ڳهيلپ جون ڳالهيون ڇڏ. مون سان هل ته آئون تو کي ڪٿي رهڻ جي جاءِ وٺي ڏيان.“

نينگر گاڏير سان گڏ هلڻ لڳو. هلندا ويا هلندا ويا، نيٺ اچي شام ٿين. ڀرپاسي ۾ هڪ مسافر خانو هو، لڙي آيا مسافر خاني ۾، ۽ خيال ڪيائون ته رات جا چار پهر اتي گذاريون، هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيا ته ڇوڪر وٺي ڏاڍيان واڪو ڪيو، ”شل مون کي ڀؤ ٿئي! مَنَ مون کي ڀؤ ٿئي!“

مسافر خاني جي مالڪ جو ٻڌو، سو اهو اچي ٽهڪن ۾ چُٽو، ۽ چيائينس ته ”ابا، جي تو کي ايڏو شوق آهي ته تو کي هت شوق پوري ڪرڻ جو وجهه ملي ويندو.“ هن جي زال چيس، ”خدا خدا ڪر، ماٺ ڪري ويهه، ڪيترن ويچارن هتي پنهنجون حياتيون وڃائيون آهن، ڪيتري نه ارمان جي ڳالهه ٿيندي جو هن ننڍي نيٽي جوان جون اکيون وري هن جهان کي ڪين ڏسي سگهنديون!“ پر نينگر چيو، ”اهو ڀل ته ڪهڙو به ڏکيو ڪم هجي، آئون ضرور سکندس. مون هيڏو سارو پنڌ رڳو انهيءَ سکڻ ڪاڻ ڪيو آهي.“ پوءِ ته مسافرخاني جي مالڪ کي تيسين ننڊ ڪرڻ ڪين ڏنائين، جيسين هن نه ٻڌايس ته ”اتي سڏ پنڌ تي هڪ جادوءَ جو قلعو آهي، جتي ماڻهو جهٽ ڀؤ ڪرڻ سکي ٿو وڃي، بشرطيڪ هو اُتي ٽي راتيون سانده رهي. هن اهو به ٻڌايس ته بادشاهه پنهنجي سج چنڊ جهڙي سهڻي نينگر، ان ماڻهوءَ کي ڏيڻ لاءِ پڙهو گهمايو هو، جيڪو اتان جيئرو بچي نڪري . انهيءَ قلعي ۾ اڪيچار خزانا پوريل آهن، جن تي هيبتناڪ ديو پهرو ڏيندا آهن، جيڪو ماڻهو انهيءَ قلعي جو جادو ٽوڙيندو، سو جهَٽ ۾ مالا مال ٿي ويندو. ڪيترا ويچارا انسان انهيءَ قلعي اندر ويا آهن، پر واپس اڄ توڻي ڪو به ڪو نه  وريو آهي.“

صبح ٿيو ته نينگر وڃي بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو، ۽ بادشاهه کي هٿ ٻڌي چيائين. ”بادشاهه سلامت، جي مون کي اجازت ملي ته آئون ان جادوءَ جي قلعي ۾ ٽي راتيون گذاري، هوند سموري خبر چار لهي اچان؟“

بادشاهه هن نينگر جي روش ۽ جرات تي ڏاڍو خوش ٿيو، سو خوشيءَ سان موڪل ڏنائينس، پر  چيائينس ته ”تون وڃين ته ڀل وڃ، پر تو کي ٽن شين گهرڻ جي اجازت آهي. گهُر جيڪي گهرڻيون هجيئي؟ پر اهي ساهواريون شيون نه هجن.“

نينگر چيو ته ”مون کي باهه، واڍڪو سنداڻ، ۽ واڍڪي جنڊي رنبيءَ سوڌي گهرجن.“

بادشاهه هڪدم حڪم ڏنو ته اهي شيون حاضر ڪيون وڃن. ڇوڪري کي هڪدم اهي شيون رات جو پاڻ سان کڻي وڃڻ

لاءِ ملي ويون. رات ٿي ته نينگر به اهو سامان کڻي اچي قلعي  ڀيڙو ٿيو. قلعي ۾ داخل ٿي ڇا ڪيائين، جو هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ باهه جو هڪ وڏو مچ کڻي ٻاريائين، ۽ ان جي پاسي ۾ واڍڪو سنداڻ ۽ رنبي رکي ڇڏيائين، ۽ پاڻ جنڊي پاسي ۾ رکي ويهي رهيو. رکي رکي پئي ڀڻڪيو، ”شل ڪو مون کي ڀؤ ٿئي! پر شايد هت به آئون سکي ڪو نه سگهندس!“ اڌ رات ٿي ته هو مَچ کي تيز ڪرڻ لاءِ اٿيو. ڌوڻ سان مچ کي پئي ڌوڻائين، ته اوچتو هڪڙيءَ ڪنڊ مان آواز ٻڌائين: ”ميائون، ميائون. الا، سيءُ ته ڪهڙو ٿو پئيئون!“

نينگر چوڻ لڳو ”او  ڳهيليون،  اوهان ڇا جي ”ميائون ميائون“ لڳائي آهي. جي اوهان کي سيءُ ٿو لڳي ته ويجهيون ٿي اچي باهه وٽ ويهو، ۽ پاڻ کي ڪوسو ڪريو.“

هن اڃا ائين چيو ئي مس  ته ٻه خوفناڪ ڪاريون ٻليون ٽپ ڏيئي، اچي هن جي اڳيان پيون- هڪڙي هڪ طرف ۽ ٻي ٻئي طرف ويهي ، هن کي پنهنجي هيبتناڪ اکين سان تڪڻ لڳيون. ڪجهه وقت کان پوءِ، جڏهن  هنن لڱ ڪوسا ڪري ورتا، تڏهن هن کي چيائون: ”ساٿي، اسان سان پتن راند کيڏندين؟“- ”وڏي خوشيءَ سان“ ڇوڪر جواب ڏنو، - ”پر پهرين پنهنجا چنبا ته ڏيکاريوم.“ ٻنهي ٻلين پنهنجا چنبا کولي کيس ڏيکاريا ”ڇي ڇي ڇي، اوهان جا نَنهن ته ڪيڏا وڏا آهن! پر ترسو آئون اوهان جي ڪاڻ اوهان جا ننهن ويهي ٿو ڪتريان.“

پوءِ ڇا ڪيائين جو ٻنهي کي ڳچيءَ کان جهلي، کڻي آڻي واڍڪيءَ سنداڻ وٽ ويهاريائين، ۽ سندن چنبا سنداڻ جي پيچن ۾ کڻي قابو ڪيائين.

”اوهان جون آڱريون ڏسي،  منهنجي دل نٿي چوي ته اوهان سان ويهي راند ڪريان.، ائين چئي، هڪڙي ئي ڌڪ سان ٻنهي ٻلين کي اڦٽ ماري کڻي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيائين.

پر اڃا انهن ٻن ٻلين مان جند ڇڏائي مَس اچي مچ جي ڀر ۾ ويٺو ته جتان ڪٿان ڪُنڊن ۽ ٻرڙن مان ڪاريون ٻليون ۽ ڪارا ڪتا رڙندا ٻاهر آيا. ڳچين ۾ تيز تتل زنجير پيل هئن، ۽ ماڪوڙين وانگر اچي مڙيا. رڙندا ريهون ڪند اچي نينگر جي مچ کي لتاڙي، وسائڻ لڳا. نينگر ڏٺو ته  ٻيلي هي ته ايترا آهن، جو لِڪڻ جي به واهه ڪانهي. سو پهرين ته ماٺ ڪري ويٺي رونشو ڏٺائين. آخر جڏهن اچي تنگ ٿيو. تڏهن رنبي کڻي اچي پٺيان پين، ڪنهن کي کاٻي ته ڪنهن کي ساڄي، بس مارومار لائي ڏنائين- ڪي مئا، ڪي وٺي ڀڳا، مئلن کي کڻي پاسي واري تلاءُ  ۾ ڦٽو ڪيائين.

اتان خير سان موٽي، وري اچي باهه دکايائين، ۽ وڏو مچ ٻاري، لڱ ڪوسا ڪرڻ ويهي رهيو. ڳچ وقت باهه تي ويهڻ سان ننڊ اچڻ لڳيس، ۽ سمهڻ جو سهنج ويچارڻ لڳو. جان کڻي ڏسي ته ڪُنڊ ۾ هڪ نرم نرم عاليشان بسترو هڪڙي پلنگ تي وڇايو پيو آهي. دل ۾ چيائين ته ”ٻيلي واهه! هي ته مَنَ گهريو سهنج ٿي پيو.“ سو نڪا ڪيائين هم نڪا تم،  چُپڙي ڪري بستري تي ٽنگون ڊگهيڙي ليٽي پيو. پر اڃا اک مَس لڳيس، ته پلنگ ۾ ٿوري چُرپُر پيدا ٿي، اکيون جو پٽيائين ته پلنگ وٺي اڏاڻو، ۽ قلعي ۾ اندر چوڌاري چڪر هڻن لڳو. هو جيسين پاڻ سنڀالي، تيسين پلنگ به هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. هن کي لڳي خار، سو بالم ٿي پاٿولي ماري ويهي رهيو، ۽ چيائين ته ڀلي پيو ڦيريون پاءِ، جيترو تکو ٿي سگهئي، پيو چڪر هڻ، منهنجي موڪل اٿئي.“ پلنگ به کڻي ڏس، ته ڄڻ اڳيانئس ڪي ڇهه ڀلا گهوڙا ٻڌل هئس، جن پئي ڇڪي ڦيرايس: ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي، دروازن مان ڏاڪڻ تان ڦرندي ڦرندي، اوچتو  ٺڪاءُ ڏيئي اونڌو اچي ڦهڪو ڪيائين. هي مڙس هيٺان پلنگ مٿان، ڄڻ ته ڇپ مٿان اچي ويس. جيئن تيئن ڪري اتان پنهنجي جند ڇڏايائين. ”اهڙو پلنگ ئي وڃي ٻن پوي!“ ائين چئي، وري اچي باهه ڀيڙو ٿيو، ۽ اُتي ئي ننڊ کڄي ويس.

صبح جو ساجهر بادشاهه به اچي سهڙيو، نينگر کي جو پٽ تي ستل ڏٺائين، سو سمجهيائين ته شايد ديون ويچاري کي ماري ڦٽو ڪيو آهي. ساڻ جيڪي امير وزير هئس، تن کي چيائين، ”افسوس، ههڙو سٻاجهڙو سهڻو جوان موت جي منهن ۾ اچي ويو!“

نينگر به ڪو اهو ڀڻڪو ٻڌي ورتو، سو ٽپ ڏيئي اٿي ويٺو، ۽ چيائين، ”اڃا ته بچيا آهيون، بادشاهه سلامت! بادشاهه جو هن کي جيئرو جاڳندو ڏٺو، خوشي به ٿيس، ۽ حيراني پڻ لڳيس ته آخر هيءُ بچيو ڪيئن! خبرون چارون پڇيائينس ته قلعي ۾ رات ڪيئن گذريئي؟

نينگر جواب ڏنو، ”هڪڙي رات ته خير جي گذري آهي، ٻيون راتيون به ڌڻي خير ڪندو!“

نينگر جو صحيح سلامت مسافر خاني پهتو، ته مسافرخاني جي مالڪ  جا عجب ۾ ماشا ئي ڦري ويا، ۽ چيائين، ”ابا، اسان ته سمجهيو هو ته تو کي وري جيئرو اکئين ڪو نه ڏسنداسون، پر ٻڌاءِ ته سهي تون ڀؤ ڪرڻ سکي وئين، ڪي اڃا نه؟“

”نڪو، اڃا ته پلئيي ڪين پيو آهي، منهنجي ته تمنا ئي اها آهي ته مون کي ڪو  ٺلهو  ٻڌائي کڻي  ته اهو ڀؤ آهي ڇا؟

ٻي رات ٿي، ته هيءُ جوان وري به وڃي قلعي ۾ پهتو، ۽ مچ ٻاري ويهي رهيو، اهو ساڳيو راڳ سندس وات تي هو- ”شل آئون ڀؤ ڪرڻ سکي پوان!“

آڌي رات ٿي ته ڪجهه شور ٻڌڻ ۾ آيس. اول ته اهو آواز ٿورو پرڀرو هو، پر پوءِ ويجهو ٿيندو ويو، اوچتو ئي اوچتو وري ماٺ ٿي ويئي، گهڙي ڪا نه گذري ته مٿان بخاري مان ماڻهوءَ جي سسي اچي هن جي پيرن ۾ ڪِري. هن واڪو ڪري چيو، ”ٻيلي، هيءَ ته رڳو سسي آهي. هن جو ڌڙ الائجي ڪٿي آهي! هي ته اڌ ماڻهو چئبو!“

هن اڃا ايترو چئي بس ڪيو ته وري گوڙ گهمسان مچي ويو، ۽ دانهون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيس. اوچتو مٿان ڌڙ به اچي پٽ تي پيو.

”ترس ته آئون ٿو تو کي جوڙي سڄو ڪريان، پر بيهه ته پهرين باهه کي مچائي وٺان.“

باهه ٻاري جو موٽي ته ڇا ڏسي ته ڌڙ ۽  سسي پاڻ ۾ اڳيئي ڳنڍجي هيبت جهڙيءَ شڪل جو هڪ ماڻهو ٿي پيو هو. ۽ سندس جاءِ تي اچي ويٺو هو. هن واڪو ڪري چيس ته ”اها ڳالهه ڪين ٺهندي سنداڻ منهنجو، ۽ ويٺو وري ان تي تون آهين؟ ائين چئي، پاڻ به اچي سنداڻ جي ڀر ورتائين. اُن ماڻهوءَ کيس گهڻيئي زور لائي ڌڪا ٿيلها ڏنا، پر نينگر مڇڏُو ٿي بيٺس، نيٺ کيس ٿيلهو ڏيئي، ڪيرائي، بالم ٿي سنداڻ تي ويهي رهيو. اڃا ويٺو ئي مس ته مٿان ٻيا ماڻهو به ڪِرڻ لڳا. انهن سمورن وٽ نَوَ وڏا هڏا ۽ ٻه ٽي کوپڙيون هيون، سي قطار ڪري هڏن چُٽڻي راند کيڏڻ لڳا. نينگر جي دل به راند ڪرڻ تي سرڪي، سو کين چيائين ”مون کي کيڏائيندؤ!“

هنن چيو، ”بلاشڪ، پر پئسا هجنئي ته پوءِ کيڏائينداسونءِ“

نينگر وراڻيو ته ”پئسا ته کوڙ آهن، پر اوهان  سان اهي چُٽڻا (کينها) پورا گول ڪين آهن، ”هنن کان اهي  ٻه ٽي کوپڙيون وٺي اچي جنڊيءَ تي چاڙهيائين، ۽ ڇلي گول ڪري کڻي آيو.

”هاڻ هي ڌڪ سُٺو چُٽيندا، ۽ راند ۾ به مزو ٿيندو.“ نينگر چيو.

راند ڪرڻ ويٺا، پر ڇوڪرو پئسا هارائڻ لڳو. اوچتو ٻارهن لڳا ته کن ۾ اُتي جيڪي به هو، سو هن جي اکين اڳيان گم ٿي ويو. هو به ماٺ ڪري ليٽي پيو، ۽ ننڊ کڄي ويس.

ٽين رات به هو پنهنجيءَ سنداڻ تي مچ جي ڀَر وٺي ويهي رهيو ۽ افسوس مان پئي ڀڻڪيائين، ”شل ڪو مون کي ڀؤ ٿئي!“

اوچتو ئي اوچتو هڪڙو ڊگهو ڊگهو لانبٽ ماڻهو اچي پرگهٽ ٿيو. اُن جهڙو ڊگهو شخص هن ڄمار ڪين ڏٺو هو. سندس شڪل به نهايت ڀوائتي  هئي، جهور پير مرد هو ۽ هٿ جيڏي ڊگهي ڏاڙهي هيس.

ايندي ساڻ واڪو ڪري نينگر کي چيائين، ”اڙي ههڙا تهڙا، هاڻ ڏسان ته تو کي ڪيئن نٿو ڀؤ ٿئي! موت اَچي ڪنڌ تي ڪڙڪيو اٿئي.“

جوان مڙس جواب ڏنو، ”پريا مڙس، هروڀرو تڪڙ نه ڪر، جيڪڏهن مرڻو اٿم ته بيهه ته آئون به دل من پڇي وٺان!“

هن جنڙي وري به واڪو ڪري چيو، ”آئون اجهو ٿو تو کي پورو ڪريان.“

نينگر چيو، ”پريا مڙس، ٿورو ٿڌو ٿيءُ، هرو ڀرو ٻٽاڪ نه هڻ. آئون  به تو جهڙو سَگهو، پاڻ تو کان ڪثر آهيان.“

پرئي مڙس چيو، ”چڱو، جي تون مون کان سَگهو ٿي وئين، ته پوءِ تو کي آئون جيئندان ڏيندس. هاڻي اچ ته زور آزمايون.“

هو نينگر کي آڏين ابتين ۽ گُگهه اونداهين گهٽين مان وٺي اچي هڪ هنڌ تي بيهي رهيو، جتي لوهار جو کورو کُتل هو. پرئي مڙس هڪ  ڪهاڙي کڻي، وٺي جو زور مان ڌڪ هنيو ته لوهار جي اتي کُتل ٻن سنداڻن مان هڪڙو ته ماڳهين زمين ۾  پيهي ويو.

جوان مڙس چيو، ”اها وري ڪهڙي اڪابري ڪئي اٿئي. آئون ان کان وڌيڪ ڪرتب ڏيکاريندوسانءِ.“ائين چئي وڌي اچي ٻئي سنداڻ جي ڀر ۾

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com