سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب: --

صفحو :9

 

جِنَ ۽ موچي

هڪڙو هو موچي، ويچاري جو ڏوهه پائيءَ جو به ڪو نه هو، پر  ٿيندي ٿيندي، نيٺ اهڙو ته غريب ٿي ويو، جو جُتين ٺاهڻ لاءِ فقط هڪ چم جو ٽڪرڙو وڃي بچيس. جڏهن اُن کي وڍي ۽ وِهٽي ڏٺائين، ته رڳو هڪڙي جُتن جي جوڙي ان مان مس ٿي ٺهي سگهي، ڳڻتيءَ ۾ وڄي هنڌ تي ليٽو، ۽ دعا گهري، سمهي رهيو. هو ڏاڍو نيڪدل ماڻهو هو،  دل ۾ ڪا به ڪنهن لاءِ ٻيائي ڪا نه هيس، سو هنڌ تي ليٽڻ سان ئي مٺيءَ ننڊ جا آلوٽ چڙهي ويس. صبح جو هٿ منهن ڌوئي، ڪپڙا تبديل ڪري، تيار ٿي اچي پنهنجيءَ ڪرت جي تڏي تي ويٺو. جان کڻي پاسي کان نهاري ته ڏسي ته مار! هڪڙي عاليشان سهڻي جُتي ٺهي ٺُڪي اڳي ئي رکي آهي! ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. اصل سمجهه ۾ نه پيو اچيس ته هيءَ ڳالهه ڪيئن ٿي، جُتيءَ کي هٿ ۾ کڻي چڱيءَ طرح تپاسيائين، ۽ هيڏانهن  هوڏانهن ڏٺائين، پر ڪٿي به ڪو غلط ٽوپو ۽ اجايو ابتو ٽاڪو ڏسڻ ۾ ڪين آيس- جُتي ٺهيل برابر اهڙيءَ ڪمال ڪاريگريءَ سان هئي.

ايتري ۾ هڪ گراهڪ آيو، ۽ هن کي اها جُتي اهڙي ته پسند آئي جو  رواجي قيمت کان ٻيڻا پئسا ڏيئي، خريد ڪري، خوش ٿي هليو ويو. هن هڪڙيءَ جُتيءَ جا موچيءَ کي ايترا پئسا مليا، جو چئن وڌيڪ جوڙين جيترو چمڙو خريد ڪري آڻي دڪان تي رکيائين.

ٻئي ڏينهن صبح جو اٿي ڏسي، ته جُتين جون چار ئي جوڙيون بلڪل ٺهيون تيار ٿيون رکيون آهن! ۽ انهيءَ ريت، هو جيترين به جُتين

جو چمڙو وٺي رکندو هو. اهي سڀيئي ٻيئي ڏينهن صبح جو تيار ٿيو رکيون هونديون هيون. انهيءَ ريت، هن جي روزگار ۾ ايتري ته برڪت پيئي، جو آهستي آهستي هو هڪ دولتمند ماڻهو ٿي پيو.

هڪ ڏينهن ناتال کان ٿورا ڏينهن اڳي، رات جو سمهڻ مهل زال کي چيائين، ”ڪيئن ٿي ڀانئين! منهنجو خيال آهي ته اڄ رات جاڳي

ويهي ڏسون ته ڪنهن جا هٿ آهن، جن جي وسيلي اسان کي هيتري ازغيبي مدد ملي رهي آهي!“

زال اها رٿ قبول ڪئي، ۽  هو ڪاٺيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ڏيئو ٻاري ٽنگيل ڪپڙن جي آڏ ۾ ويهي ڏسڻ لڳا ته ڇا ٿو ٿئي. اڌ رات جو جڏهن ٻارهن لڳڻ جا ٺڪاءَ ٿيا، ته ڏسن ته هڪڙا ٻه  تمام ننڍڙا، بنهه هٿ جيڏڙا ماڻهو اندر آيا، ۽ اچي موچيءَ جي آسڻ تي ويٺا ۽ يڪدم، جيڪو ڪم موچيءَ وڍي رکيو هو، سو کڻي پنهنجين ننڍڙين آڱرين سان ان کي سبڻ، ٽوپا هڻن ۽ مترڪيءَ سان ٺڪڻ ٺوڪڻ شروع ڪيائون.

موچي هنن جي انهيءَ ڪم کي ڏسڻ ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو، جو اُتان اک ئي نه ڪڍي . هنن پتڪڙن، ازغيبي موچين، جيستائين ڪم پورو نه ڪيو ۽ سڀ ڪا شيءِ ٿانئيڪي ڪري نه رکيائون، تيسين ڪم مان اصلي هٿ ڪين ڪڍيائون، ۽ پوءِ هو مزيدار ڄامڙا تڪڙا تڪڙا هليا ويا.

ٻئي ڏينهن صبح جو، زال مڙس کي چيو، ”هنن ننڍڙن، سائين، اسان کي دولتمند بڻايو آهي، اسان تي به واجب آهي ته سندن ڪا خدمت ڪريون. ڏس ته اهي ويچارا رات جو اگهاڙا پيا هلن، چلن، ڊوڙن ڊڪن، هنن ويچارن کي ڪپڙن ڌاران سردي لڳندي هوندي! منهنجي صلاح آهي ته آئون ٻنهي لاءِ ننڍڙيون قميصون، صدرڙيون ۽ ننڍڙيون سٿڻون تيار ڪريان، ۽ ٻه ننڍڙيون جوڙيون جورابن جون ٺاهيان، ۽ تون هنن لاءِ ٻه جوڙيون  ننڍڙين جُتڙين جون ٺاهي وٺ!“

مڙس کي اها صلاح ڏاڍي پسند آئي، ۽ پوءِ جڏهن ڪپڙا ٺهي تيار ٿيا ۽ جُتيون جڙي راس ٿيون، تڏهن رات جو جُتين ٺاهڻ لاءِ جتي چمڙو وڍي رکندا هئا، اُتي اهي نه رکيائون، مگر ان جي بدران اُتي تڏي تي اُهي ننڍڙيون قميصون، صدرڙيون، ننڍڙيون سٿڻون، جورابڙا ۽ ننڍڙيون جُتڙيون رکي پاڻ وڃي لڪي ويٺا، ته ڏسون ته هاڻي هي ننڍڙا ماڻهو ڇا ٿا چون ۽ ڇا  ٿا ڪن!

برابر اڌ رات جو هي ننڍڙا پتڪڙا ٽپا ڏيندا اندر آيا، ۽ يڪدم ڪرت ڪرڻ لاءِ تڏي تي ويهي رهيا، پر جڏهن جُتين ٺاهڻ لاءِ اُتي چمڙو نه ڏٺائون ۽ ان جي بدران ننڍڙا سهڻا ڪپڙن جا وڳا پيل ڏٺائون،  ته هو ويتر خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا ۽ نه ٺائون هيڏانهن ۽ نه ڏٺائون هوڏانهن، مزي سان اک  ڇنڀ ۾ ڪپڙا پائي، جوراب ڍڪي، جُتڙيون وجهي کلندا، گيت ڳائيندا اٿي هليا- چي:

”اسين سڀ چڱا نيڪ انسان آهيون،

صفا صاف سهڻا سکر ٿا سڏايون،

نه ٿي موچڪيي ڪم جي ڪا ئي ضرورت،

مليو جيڪي آهي، انهيءَ کي هنڊايون!“

پوءِ ته هو گهر جي ڪرسين، ميزن، منجين ۽ کٽولن جي چوڌاري نچندا ٽپندا، کلندا ڪندا، ٻاهر نڪري ويا- اُهو ڏينهن، اڄوڪو ڏينهن اهي ننڍڙا ڪاريگر وري اصل ڪين وريا.

پر، هن موچيءَ جو تنهن کان پوءِ اهڙو ته اچي ڀاڳ وريو، جو جنهن ڪم ۾ هٿ وجهي، تنهن مان کَٽيو، ۽ هميشه سائو  ستابو رهيو ۽ ڪڏهن به هٿ تنگ نه ٿيس.

 

مهاڻو ۽ سندس زال

ڪنهن زماني ۾، هڪڙو غريب مهاڻو ۽ هن جي زال سمنڊ جي ڪناري تي، هڪڙي ڀڳل ٽٽل پراڻي جهوپڙيءَ ۾ رهندا هئا، مهاڻو ويچارو هر روز مڇي مارڻ ويندو هو، ۽ سواءِ مڇين مارڻ جي هن کي ٻيو ڪو ڪم ڪو نه هو. هڪ ڏينهن هُو سمنڊ جي اَڇي اُجري پاڻيءَ ۾ مڇيءَ ڦاسائڻ جي ڏور اُڇلائي، ان ۾ جُوههَ پائي ڏسڻ ويهي رهيو، تان جو ڪنهن مهل، ڏور ڇڪجي وڃي سمنڊ جي اونهي تَري تائين پهتي. جان کڻي ڏور مٿي ڇڪي، ته ڏسي ته ڪُنڍيءَ ۾ هڪڙو سڻڀو سڻڀو، جرڪندڙ سونو کڳو ڦٿڪندو ڦٿڪندو اچي ٻاهر سَٽيو.

کڳي هڪدم مهاڻي کي چيو، ”مهاڻا ڙي مهاڻا! منهنجي ڳالهه ٻڌ، آئون تو کي نئڙت سان ٿو عرض ڪريان—مون کي نه مار—آئون کڳو نه  آهيان، آئون هڪ شهزادو آهيان، جنهن کي جادو جي زور سان کڳو بڻايو ويو آهي! منهنجي مارڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ منهنجي کائڻ مان تو کي سواد به نه ملندو: مون کي موٽائي سمنڊ ۾ اڇلاءِ، ته ٽُٻي هڻي هليو وڃان!“

مهاڻي جواب ڏنس ته ”ايتريون منٿون ڇا لاءِ ٿو ڪرين! آئون ڪو چريو ٿيو آهيان ڇا، جو ماڻهن جيان ڳالهائيندڙ مڇيءَ کي کڻي پاڻ وٽ جهليندس؟“ ائين چئي، مهاڻي هن کي موٽائي سمنڊ جي اَڇي اُجري پاڻيءَ ۾ کڻي ڦٽو ڪيو. کڳو پوءِ ٽٻيون هڻندو ۽ تَرندو، پنهنجي زخميل مُنهن مان رت جا نارَ هاريندو، پري پري، پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويو. ۽ پوءِ، مهاڻو به پنهنجي ڀڳل ٽٽل جهوپڙيءَ ڏانهن موٽي ويو.

جوڻس  هن کي جو هٿين خالي ڏٺو، سو منهن ۾ گهنڊ وجهي چيائينس، ”چڱا مڙس! ڇا، اڄ ڪجهه به ڪين ڦاسايو اٿئه؟“

مڙس جواب ڏنس، ”هڪ کڳو ڦاسايو هوم، پر هن مون کي چيو ته ”آئون مڇي نه، پر هڪ شهزادو آهيان، جنهن کي جادوءَ جي زور تي کڻي مڇي بڻايو اٿن!“ تنهن ڪري مون هن کي واپس  درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو!“

تنهن تي زال ويتر ڪاوڙجي پڇيس، ”تو هن کان ڪا مَنَ جي مراد به ڪين گُهري؟“

مڙس جواب ڏنس، ”مون کي گهرجي ئي ڇا، جو آئون گهران:“ زال چيس، ”اسان کي هن گندي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. تون هن کان هڪ ننڍڙِ سهڻي گَهر جي طلب ڪرين ها، ته بهتر هو! هاڻي وڃ ۽ وڃي چئينس ته ”اسان کي هڪ ننڍڙي سهڻي گَهر جي ضرورت آهي؟“ مون کي پڪ آهي ته هو ضرور اسان جي اِها ڳالهه مڃيندو!“

مڙس چيس، ”هاڻي ڪيئن هن وٽ موٽي وڃان، ۽ آخر ڪهڙيءَ ڳالهه لاءِ وڃانس؟“

زال تنهن تي واڪو ڪري چيس، ”تو ڇو هن کي جهليو، ۽ پوءِ جيئندان ڏيئي، ڇو وري درياءَ ۾ ڇڏي ڏنئيس! اڃا به هو تنهنجي ڳالهه ڪين مڃيندو؟ تون هڪ ڀيرو وٽس وڃي ته ڏس!“ غريب مهاڻو وڃڻ لاءِ بلڪل راضي نه هو، پر زال کي به رنج نٿي ڪري سگهيو، تنهن ڪري هو لاچار اٿي سمنڊ طرف روانو ٿيو.

جڏهن اُتي پهتو، تڏهن ڏٺائين ته سمنڊ سائو ۽ پيلو لڳو پيو هو، پاڻي جهڙو پهريائين ماٺو هو، تهڙو هينئر بلڪل نه هو.

مهاڻي پوءِ ڪناري تي بيهي چيو، ”او! سمنڊ جي سهڻي مڇڙي منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ، جيئن آئون گهُران ٿو، تيئن منهنجي زال نٿي گهري؟“

ان تي اهو ساڳيو، سڻڀو سڻڀو، جرڪندڙ سونو کڳو ترندو آيو، ۽ اچڻ سان پڇيائين: ”هوءَ نيٺ ڇا ٿي گهري؟“

مهاڻي جواب ڏنو، ”مون  توکي هاڻي جو جهليو هو، سو منهنجي زال چوي ٿي ته تو کان ڪا پنهنجي من جي مراد گهران! هن کي ڀڳل ٽٽل پراڻي جهوپڙيءَ ۾ وڌيڪ رهڻ نٿو پڄي.... سو چوي ٿي ته هڪڙو ننڍڙو، سهڻو گهر اسان کي ڏي!“

کڳي جواب ڏنس ته ”موٽي گهر وڃ، تنهنجي پوڙهي زال اڳيئي هڪ ننڍڙِ سهڻي گهر ۾ ويٺي آهي—وڃي ڏس!“

اِهو ٻڌي، هن رخ رکيو، پنهنجي جاءِ جي طرف، اچي ڏسي، ته برابر سندس زال اڳوڻيءَ جهوپڙيءَ ۾ نه آهي، انهيءَ هنڌ هڪ ننڍڙو سهڻو گهر ٺهيل ٺڪيل بيٺو آهي، ۽  جوڻس ٻاهرئين در جي اڳيان هڪ بينچ تي ويٺي آهي. زال جو هن کي پريان ايندو ڏٺو، سو هڪدم ڊوڙي ٻانهن مان جهلي، اندر وٺي ويس ۽ چيائينس، ”هي ڏس! اڳين جهوپڙي سٺي، يا هي ننڍڙو صاف سهڻو گهر؟“ پوءِ، جڏهن هو گڏجي گهر ويا، ته ڏسن ته گهر جي اندر هڪ سٺو صاف ورانڊو ٺهيل آهي، جنهن جي هڪ پاسي ويهڻ لاءِ هڪڙي ڪوٺي آهي، ۽ ٻئي پاسي سمهڻ لاءِ ٻي ڪوٺي آهي، جنهن ۾ هنن لاءِ بستري سان ٺهيل جڙيل کٽ پيئي آهي: پٺئين پاسي رڌڻ  پچائڻ لاءِ رڌڻو هو ۽ سامان رکڻ لاءِ جدا جاءِ هئي. هر ڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سليقي سان رکي هئي، ۽ رڌڻ پچائڻ واسطي جست  جا ۽ پتل جا ٿانوَ پيا هئا. مطلب ته هر هڪ ضرورت جي شيءِ گهر ۾ موجود هئي، انهيءَ کان سواءِ هڪ ننڍڙو اڱڻ به هو، جنهن ۾ ڪڪڙيون ۽ بدڪون بيٺيون هيون، تنهن کان  سواءِ گهر جي سامهون هڪ ننڍڙو باغ هو، جيڪو ڀاڄين ۽ ميون سان ڀريو پيو هو.

زال چيس، ”ڌٺئي؟ هيءُ ڪهڙو نه مزيدار گهر آهي!“ مڙس جواب ڏنو، ”هائو، هاڻي هن ۾ آرام سان رهنداسون ۽ نهايت خوش ۽ آسودا گذارينداسون!“

خير، اڳتي ڏٺو ويندو!“ زال لاپرواهيءَ سان چيو.

پوءِ هنن  رات جو کانو کاڌو ۽ سمهي رهيا. ائين هڪ ٻه هفتا مس گذاريائون، ته هڪڙي ڏينهن مهاڻي جي زال مڙس کي چيو، ”ميان ٻڌ! هيءَ جاءِ ڏاڍي تنگ آهي. هن جو اڱڻ توڙي باغ، ٻيئي ننڍا آهن. شهزادو کڳو اسان کي وڏيرڙي جاءِ ڏيئي سگهي ٿو! آئون پٿر جي هڪ وڏي محلات ۾ رهڻ گهران ٿي، تون وڃ هن وٽ، ۽ چوينس ته ”اسان کي هڪ وڏو عالشان محلات ڏي!“

مڙس جواب ڏنو، ”چري نه ٿيءُ، هيءُ گهر چڱو ڪشادو آهي، اسين غريب ماڻهو، محلاتن ۾ رهي ڇا ڪنداسين!“

زال جواب ڏنس، ”بيوقوف نه ٿيءُ، تون ماٺ ڪري شهزادي کڳي وٽ وڃ! هو اسان کي آسانيءَ سان محلات ڏيئي سگهندو.“

مڙس ويچاري انڪار ڪندي سمجهايس، ”ڏاهي ٿيءُ، هن اسان کي اڃا هاڻي هيءُ گهر ڏنو آهي، مون کي هن وٽ هر هر وڃڻ چڱو نٿو لڳي، هن کي انهيءَ ڳالهه تي متان مرڳو ئي غصو اچي وڃي!“

تنهن تي زال رڙ ڪري چيس، ”تون وڃ ته سهي جيئن تون چوندين هو ڪري سگهندو. ۽ خوشيءَ سان ائين ڪندو، تون رڳو هڪ ڀيرو ڊوڙ پائي هن وٽ وڃ!“

مڙس جي دل کي هيءَ ڳالهه ڳؤري لڳي ۽ وڃڻ لاءِ بنهه تيار نه هو، ۽  چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي پئي چيائين ته ”هيءَ چڱي ڳالهه نه آهي.“ پر،غريب ٻيو ڪري به ڇا پئي سگهيو! سو لاچار وڃڻو ئي پيس.

جڏهن سمنڊ جي ڪناري تي پهتو، ته ڏسي ته سمنڊ جو رنگ آسماني ۽ واڱڻائي لڳو پيو آهي، ۽ پاڻي لُڙاٽيل ۽ گهاٽو آهي، جيتوڻيڪ اڳي وانگر پاڻي سائو ۽ پِيلو نه هو، پر ماٺاڻ منجهس اڄ به  ساڳي اڳي جهڙي هئي! مهاڻي پوءِ ڪناري تي بيهي، وري به چيو، ”اي، سمنڊ جي سهڻي مڇڙي، منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ، جيئن آئون گهران ٿو، تيئن منهني زال نٿي گهري؟“

سوني کڳي پڇيو ته ”هوءَ نيٺ ڇا ٿي گهري؟“

”هوءَ گهري ٿي ته پٿر جي ٺهيل محلات ۾ رهان!“

کڳي جواب ڏنس ته ”موٽي وڃ! هوءَ هن گهڙيءَ ئي محلات جي دروازي وٽ بيٺي آهي!“

اهو ٻڌي، مڙس موٽيو، پنهنجي گهر ڏانهن، پر ويجهو اچي ڏسي ته سامهون سندس ننڍڙي سهڻي گهر جي بدران هڪ وڏي پٿر جي عاليشان محلات بيٺي آهي ۽ محلات جي ڏاڪڻ تي سندس پوڙهي زال اڳيئي اندر وڃڻ جي خيال ۾ ٺهي ٺڪي بيٺي آهي. مڙس کي جو هن پري کان ايندو ڏٺو، سو هڪدم هٿ کان وٺي چيائينس، ”مون سان اندر هل.“

انهيءَ تي هو زال سان گڏ جڏهن اندر گهڙيو، ته ڇا ڏسي، ته هڪ دالان آهي، جنهن جو فرش سنگ مرمر سان جڙيل آهي ۽ ڪيئي نوڪر چاڪر آهن، اندر ڏسن ته ڀتيون سهڻن رنگن سان چِٽيل، ڪمرن ۾ ڪيتريون سونهري پَٽن سان جَڙيل ڪرسيون ۽ ميزون، ڇتين ۾ بخملي جهالرون ۽ بلوري وڏا وڏا شمعدان ٽنگيل، سڀني ڪوٺين ۽ ايوانن ۾ غاليچا پٿريل، ۽ کاڌي جي ميزن تي قيمتي ۽ لذيذ کانا ۽ ناياب خوراڪون- مطلب دنيا جي ڪا نفيس شيءِ نه هجي، گهوڙن جا طبيلا، ڳئن جا وٿاڻ ۽ ڪيئي اعليٰ درجي جون گاڏيون بيٺل هيون. انهن کان سواءِ، هڪ وڏو سهڻو باغ هو، جنهن ۾ نهايت سهڻا گل ڦل ۽ ناياب ميون جا درخت هئا، ۽ ان جي لڳ هڪ گاهه جو سبز ميدان ٻه ميل ڊگهو هو، جنهن ۾ ڦاڙها، هرڻ ۽ سَها پئي هيڏانهن هوڏانهن هليا چليا!

مطلب ته هر ڪا شيءِ، جا انسان جي دل طلب ڪري، اها اُتي حاضر هئي- هي سڀ ڪجهه ڏسي، زال  چيس، ڪيئن ٿو ڀانئين! هيءَ ڪهڙي نه عاليشان محلات آهي!“

مڙس جواب ڏنو، ”هائو، هاڻي پاڻ هن سهڻيءَ محلات ۾ مزي سان گذارينداسين. وڌيڪ پاڻ کي ڪي ڪين گهرجي!“

زال جواب ڏنو، ”انهيءَ ڳالهه جو پوءِ ويچار ڪنداسين. حال هيءَ رات ته هن محلات ۾ سمهي موج ڪريون!“

ٻئي ڏينهن زال ننڊ مان پهرين سجاڳ ٿي. ڏينهن ٿي چڪو هو. بستري تان ٻاهر جو نهاري ته چوڌاري ديهن جون ديهون زمين جون، ڀليون سايون پوکون ۽ پري پري تائين وڏا گهاٽا ٻيلا پکڙيا پيا آهن. اتي مڙس به ٿورو بستري ۾ چُريو پُريو، سو ٺونٺ هڻي، کيس جاڳائي، چيائينس، ”اُٿي کڙو ٿيءُ، هوڏانهن دريءَ مان جهاتي پائي ٻاهر ته ڏس؟ ڪيئن ٿو ڀانئين. هن ملڪ جا بادشاهه نه کڻي ٿيون! تون ڊوڙ پائي پاڻ واري شهزادي کڳي وٽ نه وڃين؟ چئينس وڃي ته ”اسين هن ملڪ جا بادشاهه ٿيڻ ٿا چاهيون!“

مڙس جواب ڏنو، ”اڙي، سائينءَ جي سنواري، ڪهڙو ضرور آهي اسان کي بادشاهه بڻجڻ جو؟ آئون ته بادشاهه بنجڻ نٿو گهران!“

زال جواب ڏنس، ”جيڪڏهن تون بادشاهه ٿيڻ نٿو چاهين ته خير، مگر آئون ته چاهيان ٿي بنجڻ! چپ ڪري شهزادي کڳي وٽ وڃ، ۽ وڃي چئينس ته مون کي هتان جو بادشاهه بڻائي ڇڏي؟“ مرد جواب ڏنو، ”اڙي بيبي، آخر تون ڇو ٿي بادشاهه بنجڻ گهرين، آئون ڪهڙي منهن سان هن کان اهو سوال ڪريان!“

زال ڇڙٻ ڏيندي چيس، ”ڇو نه! اها بڪ بند ڪر، هاڻي جو هاڻي وڃ پنهنجي شهزادي وٽ، مون کي ڪنهن به ريت بادشاهه  ٿيڻو آهي!“

مرد ويچارو، نيٺ اُٿي هليو، پر دل ۾ پئي ڊنو ته ڳالهه ته ڏاڍي ڏکي هئي، مرڳو ڪٿي ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي پوان! سو، دل ۾ پڪو پهه  پچايائين ته ”کڳي شهزادي ڏانهن اهو سوال کڻي هرگز نه ويندس“ پر غريب ويچارو آخر ڪري به ڇا ٿي سگهيو! اڳيان زال جون اکيون به سجهيس پئي! سو لاچار اُٿي هليو. هلندي هلندي، جڏهن سمنڊ جي ڪناري تي پهتو ته ڏٺائين ته سمنڊ جو رنگ  ڀورو ڪارو ۽ لُڙاٽيل آهي، پاڻي هيٺان بوڙيا ڪڍندو مٿي پئي نڪتو، ۽ منجهانئس بدبوءِ پئي آئي!

هن ڪناري تي بيهي چيو، ”او سمنڊجي سهڻي مڇڙي، مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه ٻڌ! جيئن  آئون گهران ٿو، تيئن منهنجي زال نٿي گهري!“ کڳي پڇيو ته ”هوءَ نيٺ ڇا ٿي گهري!“ مهاڻي جواب ڏنو. ”هوءَ بادشاهه ٿيڻ چاهي ٿي!“ کڳي ان تي چيس، ”تون گهر موٽي وڃ! هن جي گهُر قبول  ڪئي ويئي!“

ميان مهاڻو  پوءِ گهر ڏانهن موٽيو ۽ جڏهن ويجهو آيو ته ڏسي ته محلات اڳي کان بلڪل گهڻو وڏي ٿي ويئي آهي ۽ مٿس هڪ بلند برج آهي، جنهن جي پٿر جي ڀتين تي عاليشان اُڪر جو ڪم ٿيل آهي ۽ وڏي دروازي تي هڪ پهريدار بيٺـل آهي، هڪ طرف ڪيترا پلٽن جا سپاهي بيٺا آهن ۽ ٻئي پاسي بئنڊن باجن وارا پنهنجي خاص رنگين پوشاڪ ۾ تيار بيٺا آهن. جڏهن هو محلات جي اندر گهڙيو ته ڏٺائين ته هر ڪا شيءِ صاف سنگ مرمر جي يا نج سون جي ٺهيل آهي، ۽ ڪرسين ۽ ميزن کي بخمل جا پوش ۽سونهري ڦنڌڻ لڳل آهن. پوءِ ته وڏي ايوان جا دروازا يڪدم کُلي پيا، ۽ هڪ عاليشان درٻار جي شان شوڪت جو نظارو ڏٺائين. سامهون ڏسي ته سندس زال هڪ اوچي سون ۽ جواهرن سان جڙيل تخت تي ويٺي آهي ۽ سندس مٿي تي هڪ سونو تاج آهي. نِجي سون جو، قيمتي جواهرن سان جڙيل شاهاڻو ڏنڊو هٿ ۾ اٿس. سندس کَٻي ۽ سڄي پاسي کان ڇهه ڇهه ٻانهيون قد قامت سارو قطار ڪري بيٺيون آهن. اهڙو شان شوڪت ڏسي غريب مهاڻو پنهنجي زال جي اڳيان ويو ۽ چيائينس،“ بيبي، هاڻ تون بادشاهه ٿي ويئي آهين!“

هن جواب ڏنس ”برابر، هاڻي آئون بادشاهه آهيان!“

مهاڻو پوءِ حيرت وچان ڪجهه وقت ته پنهنجيءَ زال ڏانهن چپ چاپ ڏسندو رهيو. پوءِ چيائينس ”واه بيبي، ڪهڙي نه مزي جي ڳالهه آهي، جو تون بادشاهه ٿي آهين ۽ هاڻي اسان کي ٻيو وڌيڪ ڪجهه به نه کپي!“

زال جواب ڏنس ”ميان ڇو نه؟ آئون هن مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان، هيءَ حالت مون کان وڌيڪ نٿي سَٺي ٿئي! ڊوڙ پائي کڳي شهزادي وٽ وڃ ۽ چوينس ته ”آئون شهنشاهه ٿيڻ ٿي گهران!“

مرد چيس. ”بيبي تون ڇو ٿي شهنشاهه ٿيڻ چاهين؟“ زال چيس ”ميان وقت نه وڃاءِ. تون وڃ کڳي شهزادي وٽ! مون کي شهنشاهه ضرور ٿيڻو آهي!“

”پر، بيبي! کڳو توکي شهنشاهه ڪيئن بڻائي سگهندو! مون کي ڳالهه نٿي وڻي. آئون هن سان اها ڳالهه ڪيئن ڪري سگهندس! اسان جي ملڪ ۾ فقط هڪ ئي شهنشاهه ٿيندو. کڳي کي ڪهڙيِ طاقت جو هڪ شهنشاهه جي جيئري، ٻئي ڪنهن کي شهنشاهه بڻائي سگهي!“

 

زال ڪاوڙ ۾ دانهن ڪري چيو، ”ڇا، آئون هتان جو بادشاهه نه آهيان، تون فقط منهنجو مڙس آهين! تون هينئر جو هينئر هوڏانهن وڃ! جيڪو هُو مون کي بادشاهه بڻائي سگهي ٿو، ته هن کي اها به ضرور طاقت آهي ته مون کي شهنشاهه بڻائي سگهي! آئون ڪنهن به ريت شهنشاهه ٿينديس، تون هاڻي جو هاڻي کيس وڃي چئو! وڌيڪ گيسر نه ڪر!“ مرد ويچاري کي لاچار وڃڻو ئي پيو.

پر، ويندي ويندي هن کي اچي خوف ورايو، ۽ خيال ڪيائين ته يقيناً  هن ڳالهه جي عاقبت ٺيڪ نه ٿيندي. شهنشاهه ٿيڻ جي خواهش ڪرڻ ڪمال گستاخي آهي. اهو سوال کڳي شهزادي کي ضرور ڪاوڙائي وجهندو.“

اهي خيال ڪندي ڪندي، هو اچي سمنڊ جي ڪناري تي پهتو. ڏسي  ته سمنڊ جو رنگ بنهه ڪارو ۽ گهاٽو ٿيو پيو آهي، ۽ پاڻي سمنڊ جي تري مان ڄڻ ٽهڪي سطح تي ڦوڦيڊن جي صورت ۾ اُڦڙڪي پيو، ٻاهر نڪري. هيڏانهن سمنڊ تي هوا  وڏيون وڏيون لهريون پيدا ڪري رهي هئي. انهن حالتن هن غريب شخص جي دل کي ويتر ڏڪائي ڇڏيو. پر پوءِ، ڪنبندي ڪنبندي، هن بيهي اڳوڻي وانگر چيو، ”او سمنڊ جي سهڻي مڇڙي! منهنجي ڳالهه ڌيان ڏيئي ٻڌ! جيئن آئون گهران ٿو، تيئن منهنجي زال نٿي گهري!“

”هاڻي، هوءَ ڇا ٿي گهري!“ کڳي پڇيو.

”منهنجي نيڪبخت زال شهنشاهه ٿيڻ ٿي گهري!“ مهاڻي آهستي آهستي ڀڻڪو ڪيو.

”تون  موٽي گهر وڃ. هوءَ شهنشاهه  ٿي ويئي.“ کڳي تڪڙو تڪڙو وراڻيو.

انهيءَ تي مهاڻو موٽي گهر ويو، ۽ جڏهن هو اتي پهتو، ته ڏسي ته سڄي محلات ريشم وانگر لسي سنگ مرمر جي آهي ۽ چوڌاري شفاف پٿر جي مجسمن ۽ سونهري چٽساليءَ سان سينگاريل آهي. دروازي جي اڳيان پلٽڻ جا سپاهيي بگلن، دهلن ۽ نغارن جي آوازن مطابق پريڊون

پيا ڪن: محلات جي اندر سردار، نواب ۽ تابعدار بادشاهه هيڏي هوڏي نوڪرن وانگر پيا اچن وڃن، ۽ هن جي واسطي سونا دروازا پيا کولين.

هو جڏهن اندر گهڙيو، ته ڏٺائين ته سندس زال هڪڙي ئي يڪي سون جي ٽڪر مان ٺهيل تخت تي ويٺي آهي، ۽ اهو تخت هزارين فوٽ اوچو هو. سندس مٿي تي هڪ ٽي گز ڊگهو تاج، قسمين قسمين هيرن جواهرن سان جَڙيل رکيو آهي، ۽ هڪ هٿ ۾ شاهاڻو ڏنڊو اٿس. ۽ ٻئي هٿ ۾ زمين جي شڪل جو کولو ۽ سندس ٻنهي پاسن کان پهريدار  ٻن قطارن ۾ بيٺا آهن، جن مان هر هڪ پنهنجي پاسي کان قد قامت ۾ ڪجهه ننڍو آهي، انهن مان ڪيترا تمام ننڍا هئا! ننڍي ۾ ننڍو ته ماڻهوءَ جي چيچ کان به ننڍو  هو ۽ سندس اڳيان ڪيترائي شهزادا ۽ وڏا سردار بيٺا هئا.

مسڪين مهاڻو به شهزادن ۽ سردارن سان گڏجي، پنهنجيءَ زال جي اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهيو ۽ زال کي چيائين، ”بيبي هاڻي تون شهنشاهه آهين!“

زال جواب ڏنس، ”هائو، آئون هاڻي شهنشاهه آهيان!“

اهو ٻڌي، مرد وڃي هڪ هنڌ تي بيهي، ڪجهه غور سان زال ڏي نهاري  چيو، ”واه، ڪهڙي نه عمدي ڳالهه آهي، جو تون هاڻي شهنشاهه ٿي آهين!“

زال جواب ڏنس، ”ميان آئون شهنشاهه برابر ٿي آهيان، پر پاپاءِ روم* به ٿيڻ گهران ٿي، تنهن ڪري تون وڃ کڳي شهزادي ڏي.“

اي بيبي، تون ڇا پيئي گهرين؟ تون پاپاءِ روم نٿي ٿي سگهين. ساريءَ عيسائي دنيا ۾ هڪ ئي پوپ ٿيندو آهي. جادوءَ جو بادشاهه کڳو به هي ڪم تنهنجي خاطر ڪين ڪري سگهندو.“

”چڱا مڙس! آئون پاپاءِ روم ضرور ٿينديس، تون جلد وڃ، مون کي اڄ ئي پوپ ٿيڻو آهي.“

”اي بيبي! مون کي کڳي شهزادي کي اهو عرض ڪرڻ نٿو پسند اچي. اها به ڪا ڳالهه آهي، جنهن لاءِ آئون وڌيڪ سوال ڪريان؟ اهو ٿيو حد کان اُڪرڻ. کڳي کي اها طاقت نه آهي جو تو کي پاپاءِ روم بڻائي سگهي.“

”ميان تون ڪو ڇَسو بيوقوف آهين! هو جيڪڏهن مون کي شهنشاهه بڻائي سگهي ٿو ته پوپ بنائڻ ۾ هن کي ڪهڙي دير! تون تکو تکو وڃ. آئون شهنشاهه آهيان. تون ته رڳو منهنجو مرد آهين! هاڻي وڃين ٿو يا نٿو وڃين؟ ٻڌاءِ!“

مرد کي اچي خوف ورتو، سو ويچارو پيو پنڌ! مگر خوف کان هن جي  حالت خراب ٿيڻ لڳي. ڄڻ هاڻ ٿو بيهوش ٿئي! هن کي اچي ڏڪڻيءَ ورتو. ڏسوس ته ڊپ کان گوڏا پيا ٿَڙڪنس!

زمين تي هوا مان ڄڻ درد جو آواز پئي آيو. بادل تڪڙا تڪڙا پئي ويا- الهندي طرف، ۽ افق ڪڪرن سان ڇانيل هو. وڻن جا پن کڙ کڙ ڪري رهيا هئا. پاڻيءَ ائين ٿي سوساٽ ڪيا، ڄڻ ٽهڪيو ٿي. لهريون اُڀري اُڀري هن جي جُتيءَ کي ٿي اچي لڳيون! پري کان ڏٺائين ته پهاڙ جهڙين لهرن جهازن کي هيٺ مٿي پئي اڇلايو، ۽ جهازن وارن سخت خطري جا ناد وڄائي، مدد ملڻ واسطي هوايون پئي ڇوڙيون. آسمان جي پوري وچ تي جيتوڻيڪ ڪجهه نيلو رنگ هو، پر پاسن کان آسمان ٽامي جي رنگ جو ٿيو پيو هو، ۽ ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ ته ڪو سخت طوفان اچڻ وارو آهي. انهيءَ حالت ۾، ويچاري بيوس مهاڻي ڊڄندي ڊڄندي، اڳئين وانگر ڪناري تي بيهي چيو:

”او سمنڊ جي سهڻي مڇڙي! مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه ڌيان ڏيئي ٻڌ! جيئن آئون گهران ٿو، تيئن منهنجي زال نٿي گهري!“

کڳي پڇيو. ”هاڻي وري هوءَ ڇا ٿي گهري؟“ مرد جواب ڏنو ته ”هوءَ پاپاءِ روم ٿيڻ گهري ٿي!“ کڳي چيو، ”موٽي گهر وڃ. هوءَ پاپاءِ روم ٿي ويئي آهي!“

پوءِ جڏهن هو گهر موٽيو ته ڏسي ته هڪڙي جاءِ عظيم ديول جهڙي آهي. ان جي وڌاري گهڻيئي محلاتون بيٺل آهن، ۽ سندس زال کي سارو  لباس سونو ڍڪيل آهي ۽ تنهان ئي وڌيڪ اوچي تخت تي ويٺي آهي. ۽ سندس مٿي تي تاج رکيل آهي. وڏن وڏن درجن جا پادري سندس چوگرد بيٺا آهن، ۽ سندس هر هڪ طرف شمعن جي قطار آهي، جن ۾ وڏي ۾ وڏي شمع برج  جيتري اوچي ۽ وڏي هئي، ۽ ننڍڙي ۾ ننڍڙي هڪ ڏيئي جي وَٽ کان وڌيڪ نه هئي، ۽ سڀيئي شهنشاهه ۽ ٻيا سندس اڳيان گوڏا ڀڃي ويٺا هئا ۽ سندس جُتيءَ کي پئي چميائون!

مڙس زال ڏي نهاري پڇيو، ”بيبي، هاڻي تون پاپاءِ روم آهين“ زال جواب ڏنو، ”هائو، مان پاپاءِ روم آهيان.“

پوءِ مرد اڳتي وڌي، زال ڏي ڪجهه وقت چڱيءَ طرح نهاريو ۽ ڏٺائين ته هوءَ اهڙو پئي چمڪي، ڄڻ ته هن هڪ  ٻهڪندڙ سج ڏي پئي نهاريو. جڏهن هن ڏي ائين ڪو وقت ڏسي بس ڪيائين، تڏهن چيائينس، ”بيبي تنهنجو پاپاءِ روم  ٿيڻ ڪهڙي نه اعليٰ درجي جي ڳالهه آهي!“

پر زال بلڪل ڪڙڪ ۽ ٿنڀ واگر سخت ٿي ويٺي هئي ۽ ذرو به ڪنهن طرف نٿي چُري پُري، تڏهن مرد چيس ته ”هاڻي تون پاپاءِ روم آهين. انهيءَ درجي تي قناعت ڪر، هن کان پوءِ، تون ڪنهن به ٻئي وڏي درجي تي پهچي نٿي سگهين!“

زال جواب ڏنس. ”خير، آئون ان بابت پوءِ خيال ڪنديس!“ ۽ پوءِ هو وڃي سمهي رهيا.

پر هن عورت کي قناعت ڪٿي؟ کيس سودا ۽ حرص ننڊ ئي ڪرڻ نٿي ڏني. سڄو وقت اهو خيال بيٺو هوس ته ”اڃا ٻئي ڪهڙي اوچي درجي تي رسان!“

مرد، جنهن ويچاري گهڻا پنڌ ڪيا هئا ۽ ٿڪل هو. سو جَهٽ ۾ گَهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويو، پر زال کي اصل ننڊ ئي نه اچي، تنهن ساري رات پاسا پئي اٿلايا. ڪجهه خيال ۾ نه پيو اچيس ته ”اڃا وڌيڪ ڇا ٿي سگهان ٿي؟“

صبح جو سج پنهنجي وقت تي ڪَني ڪڍي اُڀريو، ۽ زال جڏهن پرڀات جي سرخي ڏٺي، ته هوءَ اُٿي پنهنجي بستري تي ويٺي، ۽ دريءَ مان سج کي اُڀري مٿي چڙهندو ڏٺائين، ته يڪدم خيال آيس ۽ چيائين، ”ڇو نه هي سج ۽ چنڊ منهنجي حڪم موجب اُڀرن؟“

پوءِ هن مڙس کي پاسيرين ۾ ٺُونٺ هڻي اُٿاريو،  ۽ چيائينس، ”ميان سجاڳ ٿيءُ، جهٽ ڪر، وڃ کڳي وٽ، ۽ چوينس ته ”آئون سج ۽ چنڊ کي پنهنجي حڪم هيٺ رکڻ گهران ٿي.“

مڙس ويچارو اڃا اڌ سجاڳ  ئي مس ٿيو هو، ته زال جو اهو  اُبتو حڪم ٻڌي، جهڙو ٽپ ڏيئي اٿيو، تهڙو وڃي هيٺ ڪِريو، ۽ خيال ڪيائين، شايد زال جي ڳالهه برابر نه سمجهي اٿم، تنهن ڪري اکيون مَهٽي  پڇيائينس، ”بيبي تو ڇا چيو؟“

بيبيءَ وڏي شان ۽ شوڪت سان وراڻيس. ”ميان! مون کان اها ڳالهه سَٺي نٿي ٿئي ته آئون رڳو ويٺي نهاريان، ته سج ۽ چنڊ ڪڏهن ٿا اُڀرن ۽ ڪڏهن ٿا لهن؟ منهنجيءَ دل کي تيستائين آرام نه ايندو، جيستائين سج ۽ چنڊ منهنجي حڪم هيٺ نه آيا آهن. پنهنجيءَ مرضيءَ موجب جڏهن چوان، ”لهو“ ته لهن، ۽ چوان، ”اُڀرو“ ته اُڀرن!“

زال ائين چئي. هن ڏي اهڙيءَ دهشت سان نهاريو، جو هن جي ساري بدن کي ڏڪڻي وٺي ويئي.

”تون هاڻي جو هاڻي وڃ! آئون سج ۽ چنڊ تي حڪمران ٿيڻ گهران ٿي!“

مرد گوڏن تي سندس اڳيان ڪِري پيو- چي، ”کڳي جي هٿان ائين ڪيئن ٿي سگهندو! هن تو کي بادشاهه بڻايو، شهنشاهه بڻايو، پوپ ڪيو. ڪجهه ته خيال ڪر! تو کي وينتي ٿو ڪريان ته پوپ ٿيڻ تي ئي قناعت ڪر!“

اهو جواب ٻڌي زال غضب ۾ ڀرجي ويئيِ سندس بدن جا وار ڪانڊرجي آيا ٿي ويا، ۽ مٿي جا وار ڇَڙي هيڏي وڏي منهن تي اچي پيس. ڪاوڙ ۾ هوءَ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳي، ۽ مڙس کي زور سان لَت هڻي رڙ ڪري چيئاين، ”هيءَ ڳالهه منهنجي سهڻ کان ٻاهر آهي- بلڪل سهڻ کان ٻاهر آهي! هاڻي ٽر منهنجي منهن تان! آيو آهي مون کي نصيحت ڪرڻ، احمق ڪنهن جاءِ جو!“

مڙس ويچارو تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا ڍڪي چرين وانگر اٿي ڀڳو. اهڙو سخت طوفان پئي لڳو. جو ماڻهوءَ کي گِهلي کڻي پئي ويو- پير ئي زمين تي نه پيو کُپي! وڻ ٽڻ، جايون جڳهيون پئي هيڏانهن هوڏانهن ڪِريون، جبل پئي ڌُڏيا، ۽ ڇپن جون ڇپون انهن تان ڇڄي، سمنڊ  ۾ پئي ڪِريون. آسمان جو رنگ ڏامر جهڙو ڪارو هو، وڄ جا چمڪاٽ ۽ ڪڪرن جون گجگوڙون پئي ٿيون. سمنڊ ۾ لهريون جبلن جي منارن جي اُچاين جهڙيون پئي اٿيون سندن چوٽين تي گجيءَ جي اُڇاڻ ائين ٿي لڳي، ڄڻ جبل جي چوٽين تي برف ڇانئي پيئي هئي.

انهيءَ حالت ۾، مرد ڏڪندي ڏڪندي، ٿڙندي ٿاٻڙندي، ڪناري تي پهتو، ۽ ايندي ئي گوڙ ۽ شور جي وچ ۾ رڙ ڪري چيائين:

”اي سمنڊ جي سهڻي مڇي! مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ! جيئن آئون گهران ٿو، تيئن منهنجي زال نٿي گهري!“

کڳي پڇيو، ”آخر ڇا ٿي گهري؟“

مرد جواب ڏنو، ”هوءَ سج ۽ چنڊ جي مالڪياڻي ٿِي ٿيڻ چاهي!“

جادوءَ واري شهزادي کڳي جواب ڏنس، ”تون وڃ گهر! هوءَ وري پنهنجي اَصلوڪيءَ ڇنل ٽٽل پراڻيءَ ڀُنگيءَ ۾ ويٺي اٿيئي!“

ان کان پوءِ، ويندي اڄ ڏينهن تائين، هو ٻيئي، غريب مهاڻو ۽ سندس زال، انهيءَ ڀنگيءَ ۾ رهندا پيا اچن!


*  دنيا جي عيسائي مذهب جي رومن ڪئٿلڪ فرقي جي ماڻهن جو سڀ کان وڏو پادري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com