سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جڏهن مان نه هوندس

باب: --

صفحو :14

 

اندر ۾ اونده جو احساس ٿيم. چيم، ”۽ اُتان موٽندي شاليمار هلنداسين.“

هن ڪجهه حيرت  مان ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”اوچتو شاليمار جو خيال ڪيئن آيئه؟“

”تو ئي ته ڪالهه ٻڌايو هو ته اڄ شاليمار ۾ بجليءَ جي بلبن سان چراغان ڪندا.“

”ها. اڄ رات شاليمار ۾ مغلن جي ياد تازي ڪئي ويندي. اڄ ڇنڇر آهي. نه“

”اڄ ڇنڇر آهي!“

”ها، اڄ ڇنڇرآهي.“ زهره پڇيو ”پر تو اچرج ڇو کاڌو.“

”اتفاق هوندو.“

”تون لڪائين ٿو.“

”تقين ڪر. ڪجهه به ڪونهي زهره.“

”مان نه مڃينديس.“ هن ضد ڪيو، ”ڇنڇر جو لفظ ٻڌي تو تعجب کاڌو هو.“

”هڪ بيوقوف جوتشيءَجي ڳالهه دل تي تري آئي هئي.“ پنهنجي وهم تي کلندي چيم، ”جوتش جي حساب موجب مونکي ڇنڇر رات مرڻو آهي.“

”ڇنڇر رات!“

”ها، ڇنڇر رات.“

”پر-“

”ڪابه ڇنڇر رات. اهو ضروري ناهي ته اُها ڇنڇر رات،جنهن رات مون کي مرڻو آهي، سا اڄوڪي ڇنڇر رات هجي.“

زهره پريشان ٿيندي چيو، ”چرچا ته نٿو ڪرين.“

”جيستائين ڇنڇر رات مرندس نه، تيستائين مان پاڻ جوتشيءَ جي اڳڪٿي کي چرچو سمجهندس،“ مون زهره ڏانهن ڏسندي وراڻيو.

”ته پوءِ – ته پوءِ.“

مونکي کل آئي. چيم، ۽ خبر اٿئي زهره! جوتشي صاحب چيو هو مونکي عام رواجي موت نه ايندو. مان رائيفل جي گولين سان ماريو ويندس، يا ڦاهيءَ چڙهندس.“

زهره جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي. چيائين، ”تون پنهنجي ماءُ ڏانهن ۽ پنهنجي سنڌ ديس موٽي ڇو نٿو وڃين. هتي ڇا ڪرڻ آيو آهين.“

ڪوڙو ڦوڙو آواز ڳورو ڪندي چيم، ”مان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي هر دل عزيز حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ آيو آهيان.“

زهره جي چپن تي مرڪ نه آئي. هن گنڀير لهجي ۾ چيو ”نه نه. اڄ پاڻ ڪيڏانهن به نه هلنداسين.“

”مان اڄ بي- آر- بي نهر وٽ اهو هنڌ ضرور ڏسندس جتي خالد شهيد ٿيو هو.“ چيم، ”۽ اُتان موٽندي شاليمار هلنداسين.“

”منهنجي دل نٿي مڃي،“ زهره چيو.

”دل جي ڳالهين ۾ نه ايندي ڪر، زهره. دل انسان کي برغلائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪندي آهي.“ سندس منهن تان وار پري ڪندي چيم، ”اڄ شاليمار ضرور هلنداسين. جڏهن اندر ۾ اونده جو احساس وڌي ويندو آهي، تڏهن ٻاهريون روشنيون اکين کي ڀانءِ پونديون آهن.“

هن جواب نه ڏنو.

مون ٻوسٽ محسوس ڪندي ڳالهايو، ”اڄ منهنجي اندر ۾ اوندهه آهي- گُگهه اونده آهي. پاڻ شاليمار ضرور هلنداسين. تاريخ جي تهن مان شايد ڪو ترورو راهه روشن ڪري ڇڏي.“

زهره جون اکيون رڻ ۾ رُليل اُڃ کان آتي هرڻيءَ جي اکين وانگر وياڪل ٿي ويون. هوءَ جتي جوانيءَ ۾ مڙس جي جدائيءَ جو جوڳ سهي ويئي هئي، پنهنجو هيڏو سارو غم برداشت ڪري ويئي هئي، منهنجو غم ڏسي بيچين ٿي پيئي. زيان سان جيتوڻيڪ ڪجهه نه ڪڇيائين، پر مون سندس نگاهن ۾ پنهنجي غم جو اولڙو ڏسي ورتو. اِهو شايد ان ڪري ٿي رهيو هو، جو هن اڻسڌي طرح منهنجين مجبورين ۽ مايوسين ۾ اضافو ڪيو هو. سندس قرب مونکي برغلائيندو هو ۽ اهوئي سبب هو جو رت جي راند ۾ زهره کي مسافر وانگر ملي، ورهين جي وصال جو فريب کائي ويٺو هوس.

هوءَ منهنجي اڳيان هٽي ويئي. چيائين، ”مان به عجيب بيوقوف عورت آهيان. پنهنجا ڏک سور اوري توکي اُداس ڪري ڇڏيم.“

”مان ڏکن جي ڏيهه جو واسي آهيان.“ ورائيم، ”سک ملندا ته مري ويندس.“

ٿورو مرڪي چيائين، ”تون چريو آهين.“

”چرين جي چاهت ۾ جنون هوندو آهي.“ چيم، ”اسين جنهن کي چاهيون تنهن لاءِ ڦتڪي ڄاڻون، ڀٽڪي ڄاڻون، مري مات ٿيڻ ڄاڻون. اسان سنڌين جي محبت ۽ نفرت جو ڪو انت ڪونهي.“

ڪمري مان ٻاهر وڃڻ لاءِ در تائين هلي ويئي. در وٽان منهن ورائي چيائين، ”سيالڪوٽ کان منهنجو مامون آيو آهي. مان ٿوري دير کانپوءِ ملڻ لاءِ هلي وينديس. تون منجهند جو ڪٿي هوندين؟“

”لاهورجي رستن تي رلندو رهندس، ٻيو ڪٿي هوندس.“ وراڻيم، ”هتي منهنجو ڪير آهي.“

ٻاهر وڃڻ کان اڳ چيائين، ”ڪوشش ڪنديس ته منجهند جي ماني موٽي اچي توسان کاوان. پر جي نه اچي سگهان ته انتظار نه ڪجانءِ. سمجهيئه.“

ٻاهر هلي ويئي. پڙدو لڏندو رهيو. هوءَ بيٺي پير موٽي آئي. چيائين، ”ڳالهه ٻُڌ. متان ان ڏينهن وانگر بک تي ويٺو رهين.“

هوءَ وڃڻ لڳي.

کيس سڏ ڪيم، ”زهره.“

”چئه.“

”زهره.“ ڪجهه چئي نه سگهيم.

”ڇو. ڪا خاص ڳالهه آهي.“

”زهره ڀايان ٿو اڄ هنن ڀتين۾ منهنجو ساهه نڪري ويندو.“

”چريو ته نه ٿيو آهين!“

مون منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. زهره چيو، ”مان نٿي وڃان.“

”تون وڃ.“

”مون کي ڇنڇر جي ڳالهه وهم ڏيئي ڇڏيو آهي.“ چيائين، ”مان نه وينديس.“

”تنهنجو مامون آيو آهي. تون وڃ.“ چيم، ”مان به ڪجهه دير کانپوءِ هتان هليو ويندس.“

”ڪيڏانهن ويندين؟ ڪٿي هوندين؟“ بيڪل ٿي پڇيائين، ”مون کي ڪٿي ملندين.“

کن لاءِ سوچي وراڻيم، ”مان ”بيٽربڪس“ تي تنهنجو انتظار ڪندس. ٻين ۽ ٽين لڳي جي وچ ۾.“

”بيٽربڪس“ الفلاح بلڊنگ ۾  آهي نه.“

”ها.“

”مان ضرور اينديس.“زهره چيو، ”پوءِ منجهند جي ماني ”انڊس“ تي کائينداسين.“

”ٺيڪ آهي.“

”مان وڃان؟“ هن پڇيو.

مان ڪجهه دير تائين ڏانهس ڏسندو رهيس. پوءِ آهستي چيم، ”تون وڃ، زهره.“

زهره هلي ويئي، پر منهنجي لاءِ وهمن ۽ سنسن جو سنسار ڇڏي ويئي. ڪا رمز دل کي ريجهائي نه سگهي. تقدير تدبير کان نابري واري بيٺي. حالتون ڪوريئڙي جي ڄار وانگر مون کي سوگهو ڪنديون ويون. زندگيءَ جي چوواٽي تي زهره جو ملڻ بي معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳو.

”ڪيري هومز“ هوٽل جو ڇوڪرو رانجهو چانهه جا ٿانو کڻڻ آيو. ڏاڍي رازداريءَ واري نوءَ ۾ خوشيءَ وچان ٻڌايائين، ”شاگردن جلوس ڪڍيو آهي. جلوس يونيورسٽيءَ کان ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن وڌي رهيو آهي.“

رانجهو منهنجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ گوڙ جو ۽ نعرن جو اڻچٽو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هو ڊوڙ پائي بالڪونيءَ ڏانهن هليو ويو. بالڪونيءَ مان ڳاٽ ڪڍي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي موٽي آيو. چانهه جا خالي ٿانوَ کڻندي چيائين، ”هيٺ ماڻهو گڏ ٿي رهيا آهن. شايد ڇوڪرن جو جلوس پهچڻ وارو آهي.“

مون کي خاموش ڏسي رانجهو مايوس ٿيو. ويندي ويندي چيائين، ”سائين، اڄ جلوس ڏسڻ وٽان هوندو!“

جنهن ڏينهن مان حيدرآباد مان لاهور لاءِ فرار ٿي رهيو هوس، تنهن ڏينهن سنڌي اديبن ۽ شاعرن  ٻوسٽ ۽ پابندين خلاف آواز اُٿارڻ لاءِ جلوس ڪڍيو هو. لوڊنگ ٽرڪ، جنهن ۾ مان پوليس ۽ سي- آءِ – ڊي کان لڪي ڇپي رٿيل پروگرام موجب لاهور روانو ٿي رهيو هوس، سا ٽرڪ حيدر چوڪ گاڏي کاتي وٽ پاسو وٺي بيهي رهي هئي. مون سامان تان تالپتري مٿي ڪري ٻاهر نهاريو هو. سامهون اورينٽ هوٽل وٽان جلوس لنگهي رهيو هو. سرويچن جي هٿن ۾ ”پلي ڪارڊ“ هئا، جن تي مختلف نعرا لکيل هئا. جيئن جيئن جلوس ٽرڪ کي ويجهو آيو هو، تيئن تيئن منهنجيون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار ٿي ويون هيون. دل چاهيو هو ٽرڪ مان ٽپو ڏيئي نڪري وڃان ۽ جن جو آهيان ۽ جن لاءِ آهيان، تن ويڙهيچن سان وڃي ملان. پوءِ ڀل ته مري مات ٿيان. هوش تڏهن آيو هوم جڏهن ٽرڪ جي لالي ڪلينر چيو هو، ”او خانه خراب، پاڻ سان گڏ اسان کي به مارائيندين. لڪي ويهه.“ مان تالپتريءَ جي هيٺان سامان وٽ ويهي رهيو هوس. ٽرڪ شهر مان نڪري ويئي هئي. هالا وٽ يوسف مليو هو. سمورو بندوبست هن ئي ڪيو هو. مون کي چاٻي ڏيندي چيو هئائين، ”بيڊن روڊ تي لبرٽي بلڊنگ جي ٻي ماڙ تي فليٽ نمبر اٺين جي چاٻي اٿئي. جيڪڏهن خبرداريءَ سان رهندين ۽ پنهنجي باري ۾ ڪنهن کي ڪجهه نه ٻڌائيندين ته بلڪل محفوظ هوندين. جيئن ئي توکي جينيوا پهچائڻ جو بندوبست ٿي ويندو، مان هڪدم لاهور هليو ايندس.“

گوڙ ۽ نعرن جو آواز ڪن تي پيم. خيالن جي ڄار مان نڪري آيم. ٻالڪونيءَ ۾ اچي بيٺس. مال روڊ ۽ بيڊن روڊ جي چوواٽي تي گورنمينٽ ڪاليج، ميو ڪاليج، اسلاميه ڪاليج ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جا بليزر پاتل شاگرد بيٺا هئا. هو ڇڙوڇڙ ٽولن ۾ بيٺا هئا ۽آمريت ۽ ايوب خان خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. سخت جوش۽ جنون ۾ هئا. سندن ٽولا رستي روڪ ڪري بيهي رهيا. مال روڊ جي آمد و رفت بلڪل بند ٿي ويئي. بيڊن روڊ تي تماشائين جو هجوم وڌندو ويو. هجوم ۾ سرگوشيون ۽ سُس پُس ٿيڻ لڳي، هر هڪ شخص جي نگاهه مال روڊ تي بيٺل شاگردن تي هئي. ماحول ڇڪ – تاڻ ۾ وٺبو ويو. مون محسوس ڪيو، ڄڻ انساني آتش فشان ڦاٽڻ تي  هو. ڌرتيءَ جي هنج ۾ ڪو زبردست زلزلو پاسا ورائي رهيو هو.

تڏهن اوچتو مونکي زهره جو خيال آيو. سوچيم، هن هل هنگامي ۾ کيس ٻاهر وڃڻ نه گهرجي. هڪدم بالڪونيءَ مان هٽي، ٻاهر اچي، زهره جي فليٽ جو در کڙڪايم. زهره جو فليٽ منهنجي فليٽ جي بلڪل سامهون هو. هوءَ اُتي هڪ ڪراڙي بورچياڻيءَ سان اڪيلي سر رهندي هئي.

ڪجهه دير تائين جڏهن در نه کليو، تڏهن ٻيهر در کڙڪايم. در زهره جي بورچياڻيءَ کوليو. عادت موجب مون کي دعائون ڏنائين. کانئس پڇيم، ”زهره ڪٿي آهي.“

چيائين، ”سيالڪوٽ مان مامون آيو اٿس. کيس ملڻ ويئي آهي.“

”هلي ويئي!“ مون پنهنجي ساءِ چيو.

پڇيائين، ”ڇو؟ نه وڃي ها ڇا.“

وراڻيم، ”مان سمجهان ٿو لاهور ۾ فساد ٿيڻ وارو آهي.“

ڪراڙيءَ جي ڄاڙي لٽڪي پيئي. منهن جا گهنج چٽا ٿي پيس.

مان پنهنجي ڪمري تي موٽي آيس. رکي رکي زهره جو خيال ذهن کي پريشان ڪرڻ لڳو. سوچيم، هيٺ لهي وڃان، کيس  ڳوليان. تلاش ڪريان. پر ڪٿي! ممڪن آهي انارڪليءَ ڏانهن هلي ويئي هجي! زهره جي غلطيءَ جو پورو پورو احساس تڏهن ٿيم جڏهن مال روڊ  تان ايندڙ آوازن جو زور وڌي ويو.

هڪدم ڪپڙا مٽائي ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي جيئن منهن ورايم ته مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو.

يوسف بيٺو هو. سڄو، وارن کان پيرن تائين مٽيءَ ۾ اٽيو پيو هو. ڪجهه دير تائين هڪ ٻئي کي ٻانهن ۾ جڪڙي ڇڏيوسين. بيتاب ٿي پڇيومانس، ”مون کي جينيوا لاءِ ڪڏهن روانو ٿيڻو آهي، يوسف.“

منهنجين ٻانهن مان نڪرندي چيائين، ”پروگرام ۾ ٿوري ڦيرگهير ٿي آهي.“

هن جي ڏاڙهي وڌيل هئي. اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. هالا وٽ جڏهن مون کي بيڊن روڊ جي فليٽ جون چاٻيون ڏنيون هئائين، تڏهن کڙو تڙو هو. مهيني – سوا کانپوءِ ڏٺومانس ته ورهين جو جهونو نظر آيو.

”پروگرام ۾ ٿوري ڦير گهير ٿي آهي.“ سگريٽ دکائي، دونهون ڦڦڙن  ۾ لاهي، موٽائي ٻاهر ڪڍيائين. پوءِ چيائين، ”تون جينيوا نه ويندين.“

”ڇو،“ مون سخت حيرت وچان پڇيو.

”تنهنجي باري ۾ آر- سي- ڊي ملڪن جي انٽيليجنس کي هتان جي پوليس چڱي طرح آگاهه ڪيو آهي.“ يوسف چيو، ”تنهنجو يورپ تائين پيڇو ڪيو ويندو.“

منهنجي دل ڀڄي پيئي.

يوسف چيو، ”تنهنجي بدران رشيد بخاري جينيوا ويندو.“

منهنجي منهن مان شايد ملولائي ظاهر ٿي پيئي هئي، جو يوسف چيو، ”دل نه لاهه. تحريڪ جو ڪم آهي. ان کي پنهنجو ماڻهو هر حال ۾ اقوام متحده جي انساني حقن واري ڏينهن جي اجلاس کان اڳ جينيوا پهچائڻو آهي.“ پوءِ نرڙ ۾ گُنڊ پئجي ويس. چيائين. ”تون پاڪستان جي سرحد ٽپڻ شرط مارجي وڃين ها. تون پاڻ سمجهي سگهين ٿو ته اسان جي آواز جو ۽ نمائندي جو انساني حقن واري اجلاس لاءِ جينيوا ۾ پهچڻ ڪيترو نه ضروري آهي. جيستائين اسين دنيا جو ڌيان سنڌين سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين ڏانهن نه ڇڪائينداسين تيستائين انڌير جي گهاڻي ۾ پيڙجندا رهنداسين.“

اُميدن جو آسمان ڀڄي ڀُري ڪري پيو. سنڌ جو آواز اقوام متحده جي اعوان تائين پهچائڻ جوخواب ٽٽي پيو. پر پوءِ دل کي اهو چئي سرچايم، ته جيڪڏهن مان نٿو وڃان ته منهنجي بدران ٻيو ڪو وڃي رهيو آهي. شخص کان وڌيڪ تحريڪ اهم آهي. سوچيم، رشيد ڪيڏو نه خوشنصيب آهي جو سنڌ جي تاريخ ۾ بلڪل نئين باب جو اضافو ڪري پاڻ کي هميشھ لاءِ غيرفاني ڪري رهيو آهي.

مون يوسف کان پڇيو، ”سنگتي ساٿي ڪيئن آهن.“

وراڻيائين، ”سڀني يارن سر سان ڪفن ٻڌو آهي ۽ پنهنجو صليب پنهنجن ڪلهن تي کڻي ظلم سان جنگ جوٽڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري پيا آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته يارن سنڌ جي نئين نسل کي غفلت جي ننڊمان جاڳائي وڌو آهي.“

يوسف ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو خاموش ٿي ويو. مون ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳو. پڇيومانس، ”ائين ڇو ٿو ڏسين.“

”چيائين،”تون موت جي منهن ۾ آهين.“

وراڻيم، ”ڪا نئين ڳالهه ڪر.“

”سڄي پاڪستان جي پوليس ۽ انٽيليجنس کي تنهنجي باري ۾ سختيءَ سان خبردار ڪيو ويو آهي. توکي اقوام متحده تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ کين وڏا اختيار ڏنا ويا آهن. ممڪن آهي، توکي ڏسڻ شرط شوٽ ڪري ڇڏين.“ يوسف مون ڏانهن وڌي آيو. چيائين، ”اسين ان تعاقب جو پورو پورو فائدو وٺنداسين. ڊڪٽيٽر جي سموري مشينري تنهنجي تلاش ۾ سرگردان هوندي ۽ ان وچ ۾ رشيد بخاري سرحد پار ڪري جينيوا ڏانهن هليو ويندو.“

چيم، ”مون کي خوشي آهي ته مان جيڪڏهن سڌي طرح نه، ته گهٽ ۾ گهٽ اڻسڌي طرح ته سنڌ جي ڪم اچي رهيو آهيان.“

يوسف چيو، ”هر هڪ صالح سپوت کي سڌي طرح، يا اڻسڌيءَ طرح سنڌ جي ڪم اچڻو آهي.“

پڇيومانس، ”في الحال مون کي ڇا ڪرڻو آهي.“

”توکي هر حال ۾ سرحد پار ڪري هتان ڀڄي وڃڻو آهي.“ چيائين، ”هتان هڪدم هليو وڃ. پاڪستان جي چپي چپي تي تنهنجي لاءِ موت آهي.“

مان سوچ ۾ پئجي ويس. دل اُڌمن جي ڪُن ۾ ولوڙجي ويئي. ڏک وچان چيم، ”مان ڪهڙو نه بدنصيب آهيان، يوسف. اڄ جڏهن سنڌ سڏ ڪيو آهي ۽ سر ڏيئي سرخرو ٿيڻ جو وقت آيو آهي، مان سڏ ورائڻ بدران وطن کان ڀڳو ٿو وڃان.“

يوسف مون کي ڪلهن کان وٺندي چيو، ”آمريت جو قلعو ڪيرائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. ڪجهه دوستن کي سنڌ جي مفاد لاءِ جلاوطن ٿي ڪم ڪرڻو پوندو.“

مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. يوسف منهنجي پاسي ۾ اچي بيٺو. منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين، ”توکي ضرور ڏک ٿيو هوندو؛ پر اسان کي پنهنجو ماڻهو انساني حقن واري اجلاس ۾ ضرور پهچائڻو آهي.“

يوسف منهنجي پاسي مان هٽي ويو. ڪمري جي وچ ۾ وڃي بيٺو. مون ڏانهن پٺ هئس. ڳالهايائين، ”اسين انساني حقن جي اداري آڏو ايوب آمر جي حڪومت جو ڍينگو ڍيري ڪنداسين. ڪشميرين ۽ فلسطينين جي حقن لاءِ هاءِ گهوڙا ڪندڙ نوڪرشاهي حڪومت جو ٻهروپ جڳ کي ڏيکارينداسين. اسين دنيا کي ٻڌائينداسين ته هي اٿوَ ڪوڙ جا ڪوٽ کڻي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ وارا سنگدل، جيڪي پاڻ کي سڄي زمين جي مظلومن جا همدرد سڏائين ٿا، پر جن ظالمن ۽ قاتلن جي قيدخانن ۾ سنڌي قوم سڪرات ۾ سڏڪي رهي آهي. موجوده حالتن ۾ سنڌي قوم جو نئون نسل پنهنجن وڏن جي فيصلي جو پابند نه رهندو.“

اوچتو ٻاهران ايندڙ گوڙ جو آواز وڌي ويو. آوازن سان گڏ ٽيئر گئس جي گولن هلڻ جو آواز آيو. مان بالڪونيءَ ڏانهن وڌي ويس. يوسف هڪدم مونکي ٻانهن ۾ هٿ وجهي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. چيائين، ”بيوقوف نه ٿيءُ. سي- آءِ- ڊي ۽ پوليس جا ماڻهو تنهنجي ڳولا ۾ لاهور پهچي ويا آهن.“

”پر تو ته چيو هو هيءُ فليٽ بلڪل محفوظ آهي.“ يوسف ڏانهن ڏسندي چيم.

”آمر جي عمارت ۾ شگاف پيو آهي. هن ڪامورڪي لوڌ وطن پرستن جي ڳولا ۾ ڇڏي ڏني آهي.“ يوسف واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، ”دير نه ڪر. هَلُ. مان سبزي منڊيءَ وٽ هڪ لوڊنگ ٽرڪ واري کي اڌ ڪلاڪ لاءِ بيهاري آيو آهيان. هو توکي پشاور کان پاڪستان جي سرحد ٽپائي ڇڏيندو.“

مان بالڪونيءَ جي در جي چوڪاٺ وٽ بيهي رهيس. دل ۽ دماغ پاڻ ۾ وچڙي پيا. ڇهين حس ذهن کي موت جي پڪ ڏياري ڇڏي. دل مبهم خيالن جي سوريءَ تي لٽڪي پيئي. پريشانين جو اکٽ سلسلو بيچين روح جي تهن ۾ لهي ويو. دل چاهيو ته ٻين ماڙ تان ٽپو ڏيئي، هڪ پل ۾ سڀني عذابن جو انت آڻي ڇڏيان. جيڪا ڪهاڻي عبرتناڪ پڇاڙيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي، تنهن جو انجام اکين سان ڏسڻ کان اڳ اکيون پوري ڇڏيان.

”هڪ هڪ گهڙي تنهنجي لاءِ موت برابر آهي.“ يوسف چيو، ”جلد ڪر. هل.“

”يوسف.“ مون ڀريل آواز ۾ چيو، ”يوسف مون موت کي ايتري ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، جو هينئر موت ۽ موت جوتصور منهنجي لاءِ اجنبي نه رهيو آهي.“

”ڳالهه ٻڌ.“ يوسف پنهنجي مٺ منهنجي ٻانهن ۾ قابو ڪندي چيو، ”هن شهر لاهور ۾ هڪ قلعو آهي، جتي قيدين کي اهڙا اهڙا جسماني عذاب ڏيندا آهن جن  جو مثال انسان ذات جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي.“

”مون کي خبر آهي، يوسف.“ مون آهستي وراڻيو، ”تون فڪر نه ڪر. هليو وڃ. ڀل ته تاريخ جي هن خوني دور ۾ ستم ۽ صبر جو معرڪو ماضيءَ جي ڪنهن ڪهاڻيءَ کي جيئرو ڪري ڇڏي. تون هليو وڃ يوسف.“

”بيوقوف نه ٿيءُ.“

”تون هليو وڃ، يوسف.“

اوچتو مال روڊ تي ماڻهن ۾ ٽاڪوڙ پئجي ويو. آواز آسمان تائين پهچي ويو. هجوم جي ڀاڄ جو گوڙ ماحول ۾ واڄٽ ڪرڻ لڳو. ٽيئر گيس شيل هڪٻئي جي ڪڍ هلڻ لڳا.

يوسف چيو، ”فساد جو پورو فائدو کڻ. ڀڄي وڃ.“

چيم، ”اڄوڪي رات مان لاهور ۾ رهندس. سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان.“

يوسف حيرت مان مون ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”تنهنجي ڪا ڪل ٿڙيل ته ناهي؟ اڙي تون رات جي ڳالهه ٿو ڪرين! هن شهر ۾ رهندين ته شام تائين مارجي ويندين.“

”مان حياتيءَ جي جنهن دؤر مان گذري رهيو آهيان. يوسف، تنهن ۾ مون زندگيءَ ۽ موت جي اکٻوٽ ڏٺي آهي.“ ڪوٽ پائيندي چيم، ”مان نه مرندس.“

پڇيائين، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“

کيس جواب نه ڏنم.

ورائي پڇيائين، ”عورت جو چڪر ته ناهي.“

مان خاموش رهيس.

چيائين، ”الاءِ ڇو دنيا جا سڀئي وطن پرست رومانٽڪ هوندا آهن.“

”ڇو جو ڌرتي ۽ عورت ۾ بنيادي مشابهت آهي.“

”ڪهڙي؟“

وراڻيم، ”ڌرتي ۽ عورت ۾ بنيادي مشابهت اها آهي، جو ٻيئي پنهنجن سرويچن جي رت جو سيندور سينڌ ۾ وجهي قيامت تائين سندن شهادت جي ياد تازي رکنديون آهن.“

يوسف منهنجي سامهون اچي بيٺو. چيائين، ”مان توکي ٻاهر وڃڻ نه ڏيندس.“

”مان موٽي ايندس يوسف.“

”تون مري ويندين.“

”مان نه مرندس.“

”تون مري ويندين. مونکي پڪ آهي، اڄ تون مري ويندين.“

”يوسف.“ مون کيس پنهنجي اڳيان هٽائيندي چيو، ”هڪڙي جوتشيءَ مون کي ٻڌايو هو ته مان ڇنڇر ڏينهن مرندس ۽ اڄ ڇنڇر آهي.“

يوسف ڪجهه ڪاوڙ منجهان چيو، ”شايد جوتشيءَ جو چيو سچ ٿي پوي.“

”مون کي جوتش آزمائڻ ڏي يوسف.“ ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيم، ”اڄوڪي رات بچي ويس ته سڀاڻي پاڻهيئي جلاوطن ٿي ويندس.“

لبرٽي بلڊنگ جي ڏاڪڻ لهندي محسوس ڪيم ته مان زندگيءَ ۾ ٻيهر وري ڪڏهن سنڌ جا ڇانورا ڏسي نه سگهندس. الاءِ ڪيئن اهو خيال دل ۾ جاڳي اُٿيو ته انقلابي تحريڪن جا پهريان جلاوطن جيئري وطن نه ورندا آهن. سوچيم، ته اڄ رات کانپوءِ مان نه فقط وطن کان وڇڙي ويندس، پر پنهنجي پهرين محبت جو لاش پنهنجن ڪلهن تي کڻي پرديس ۾ ڀٽڪندو رهندس. منهنجي زندگيءَ جو باقي حصو روپوش رهندي گذري ويندو. وطن ورڻ جو انتظار وقت جي کوري ۾ کامندي رک ٿي ويندو. پڪ ٿي ويم ته مان حياتيءَ جي هن دور ۾ وطن ۽ عورت جو پيار وڃائي ويهندس. اندر مان آهه اُڀري – نه نه، مان نيپولين نه آهيان.

بيڊن روڊ ماڻهن سان سٿيو پيو هو. مان پيهه مان واٽون ڪندو، ڌڪبو ۽ ڌڪيندو مال روڊ تائين هليو آيس. پوليس وارن شاگردن کي ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن  ڌڪي ڇڏيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ جي پسگردائيءَ ۾ شاگردن گهٽين ۽ گهٽن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ اتان پوليس تي پٿر اڇلائي رهيا هئا. پوليس وارن ٽرڪن جي پوئتان پناهه ورتي هئي، جتان شاگردن تي ٽيئر گيس جا گولا هلائي رهيا هئا. ڪجهه شاگرد آلين ڳوڻين ۾ ٽيئر گيس جا گولا جهٽيندا، اک ڇنڀ ۾پوليس تي ورائي رهيا هئا. سڄو ماحول جيتوڻيڪ دونهاٽيل هو ۽ هرڪو اکين مان وهندڙ پاڻي اُگهي رهيو هو، پر تنهن هوندي به هزارين ماڻهو مال روڊ ۽ بيڊن روڊ جي چوواٽي تان پوليس ۽ شاگردن جي ويڙهه ڏسي رهيا هئا.

مان هوٽل انڊس ڏانهن هليو آيس. ان طرف هجوم ڇڊو هو. انڊس جي ڪنڊ ۾ ويهي گرم گرم ڪافي نڙيءَ ۾ لاٿم. ڦڦڙن ۾ ڄڻ ساهه پيو. تڏهن محسوس ڪيم ته ٻاهر سيءُ ڪجهه سرس هو. ڪافيءَ جو ٻيو ڪوپ پيئڻ کانپوءِ لڱن مان سيسڙاٽ ڍرو ٿيو.

ذهن گوڙ ۽ گهمسان، ٺڪاون ۽ آوازن کان جڏهن آجو  ٿيو تڏهن اندر اُٿلي پيو. خيالن ۽ وهمن جا سلسلا وير وانگر منهنجي وجود کي ورائيندا ويا. هيڪلائي بنواس محسوس ٿيڻ لڳي. رام ۽ سيتا جي ياد دل تي تري آئي. سوچيم، زندگيءَ ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه وڃائڻو به پوندو آهي. ها، مان به وڃائي رهيو آهيان پنهنجي امڙ، وطن ۽ زهره جو قرب. پر سڀ ڪجهه وڃائڻ کانپوءِ مونکي ڇا ملندو! وطن جي آزادي! ڇا ان مبهم تمنا جي تڪميل منهنجي مختصر حياتيءَ ۾ ممڪن آهي؟ ماضيءَ جي ڌنڌلڪن مان پڙلاءُ ٻڌم ته انقلابي تحريڪن جي شروعات ڪندڙ، قهر جي ڪوٽ جي فقط هڪ سر سوري سگهندا آهن. هو جدوجهد جي ابتدا ڪندا آهن. انتها ايندڙ نسل جي انقلابين جي ڪاڪڙي ڪندي آهي. اُن نسل جا جوڌا قهر جا ڪوٽ ڪيرائي اسان جي تمنائن جي تڪميل ڪندا آهن. پر تڏهن اسين نه هوندا آهيون. اسين ڪنهن کي ياد نه هوندا آهيون. اسين تاريخن جا صفحا نه والاريندا آهيون. جنهن وقت ايندڙ نسل اسان جي خوابن جي تعبير پوري ڪندو آهي، تنهن وقت اسين بنا ڪتبي واري قبر ۾ مٽيءَ جي تهن هيٺان دفن هوندا آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 15 14 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com