سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روميءَ جون رهاڻيون

باب: --

صفحو :11

 

 

مسافر ۽ هاٿي

 

چند دوست گڏجي، هندستان جي سير تي روانا ٿيا، واٽ تي هڪ داناءُ انسان، کين هدايت ڪئي ته، سفر سفر (سفر تي نڪرڻ دوزخ ۾ گهرڻ مثل آهي) سفر ۾ بک ۽ اڃ جي تڪليف ۽ ٻيا ڏک ڏاکڙا ڏسڻا پوندا آهن، واٽ تي ڪيترا ٻيلا به اٿو، جن ۾ هاٿين جا ننڍا ننڍا ٻچا، ٿلها ۽ متارا به موجود آهن، سندن ماءُ انهن جي آسپاس رهندي آهي ۽ هر وقت سندن سنڀال لهندي آهي. سندس ٻچا جيڪڏهن، هن جي نظر کان ٿورو پري ٿيندا آهن ته، هوءَ آهه و زاري سان آسمان ڏاري وجهندي آهي. جيڪڏهن ڪو، هن جي ٻچي کي قتل ڪري ته هُوءَ ڳولي ڳولي به انهيءَ کي ماريندي آهي. تنهن ڪري توهان کي هدايت ٿي ڪجي، ته ڪڏهن به ڪنهن به حالت ۾ هاٿي جي ٻچن جي ويجهو نه وڃجو، نڪي ڪنهن کي مارجو. بک جي تڪليف سهجو، مگر هاٿي جي ٻچي کي هٿ نه لائجو.

انهن يارن مان، سواءِ هڪ ڄڻي جي ٻين سڀني هنن ناصح مشفق جي نصيحت ڄڻ ٻڌي ئي ڪانه. سچ چيو اٿن ”نصيحت نادان کي ڪندي ڪانه اثر“ هو جڏهن هندستان جي جهنگ ۾ پهتا، تڏهن هڪ ڏينهن بک جي شدت کان بيقرار ٿي، هڪ هاٿيءَ جي ٻچي کي ڪٺائون، ”بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري“ اڳ پوءِ ڪونه جاچيائون، گوشت ڀُڃي خوب پيٽ ڀريائون. گهڻي کائڻ سبب مٿن ننڊ جو نشو به چڙهڻ لڳو، مگر انهن مان هڪ ڄڻي، ناصح جي نصيحت تي عمل ڪري، گوشت کي هٿ به نه لاتو، ايئن ئي سمهي رهيو، ٻيا ته گوشت جي خمار ۾ سڀ غافل ٿي ننڊ ۾ ستا رهيا. ايتري ۾ هاٿڻ به اچي وئي، پنهنجي ٻچڙي کي ڪٺل ڏسي، پاڻيءَ کان نڪري وئي، سڌو هنن ستلن جي مٿان اچي ڪڙڪي، مگر ايترو ڪيائين جو هر هڪ جو وات سنگهندي ٿي وئي، پهريائين انهيءَ شخص جو منهن سنگهيائين، جنهن گوشت ڪونه کاڌو هو، ان جي وات ۾ گوشت جي بانس نه ڏسي اڳتي وڌي، هڪڙي کان ٻئي، ٻئي کان ٽئين جو اهڙي طرح سڀني جو وات سنگهندي وئي، پنهنجي ٻچڙي جي گوشت جي بانس کيس ايندي ٿي وئي، پوءِ هن هڪڙي هڪڙي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. مولانا صاحب اڳتي نصيحت ٿو ڪري ته:

رت خدا جي خلق جو پيئندڙ! سنڀال،

ڇو ڦٻائين ٿو ٻين جو مفت مال،

تنهنجو ڀي نت حال ٿيندو ڏس ايئن،

فيل جي ٻچي جا ڪهندڙ مئا جيئن.

حديث شريف ۾ آيو آهي، امت جا اعمال رسول مقبول ﷺ جن جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويندا آهن.

تنهن ڪري اي حرام خور! توکي خلقِ خدا جي خون پيئڻ ۽ رسول الله ﷺ جن اڳيان شرمندو ٿيڻ کان توبهه ڪرڻ کپي! تنهنجي حرص و آزار جي بدبوءِ بصر جي بانس وانگر ڇپائڻ سان به ڇُپي نٿي سگهي. انهيءَ حرام خوري سبب تنهنجي عبادت قبول نه پوندي، اُها بيڪار ۽ رد رهندي.

بيت

مورک ميڙن مال، اسٿر ڄاڻي پاڻ کي

جهپي وٺ جڳديش کي ڇڏي خام خيال

ڏسي پنهنجو حال، رئندي رت اکين مان

 

 

طوطو ۽ دڪاندار

هڪ دڪاندار، هڪ طوطو ڌاريو، جنهن مٺيون مٺيون ٻوليون ڪري سندس اندر ٿي ٺاريو. طوطو نهايت هوشيار هو، هو انسان وانگر سمجهدار هو. جڏهن دڪاندار دڪان مان ٻاهر ويندو هو، تڏهن طوطو دڪان تي گويا چونڪي ڏيندو هو. ڪو ڌاريو دڪان ۾ ايندو هو، ته طوطو ان کي ڪا شيءِ کڻڻ نه ڏيندو هو.

هڪ ڏينهن دڪاندار ٻاهر نڪري ويو، ته هڪ ٻلي دڪان ۾ گهڙي آئي. ٻلي به ٻلي هُئي. گويا شير ببر جي ڀيڻ هئي! دڪان ۾ ڪيترا به ڪئا هئا تن سڀني کي هن کائي کپائي ڇڏيو هو ۽ ڪيترن کي طوطي جي اڳيان ماري رهي هئي. طوطو اهو حال ڏسي، دل جو دل ۾ پيو مُسي، خوف کان وٺي ڦٿڪيو، انهيءَ بيخوديءَ جي عالم ۾ جيئن اڏريو تيئن پڃرو وڃي بادام روغن جي شيشن کي لڳو جي سڀ ڪري ڀڄي پيا ۽ تيل سان دڪان تر ٿي ويو.

ٿوري دير بعد:

گهر کان واپس ان جو مالڪ آئيو

۽ دڪان تي سو اچي آراميو

تيل ۾ سڻڀا ڏٺئين ڪپڙا دڪان

طوطي کي گنجو ڪيائين چوٽ سان.

طوطي پاڻ سان اِها تعدي ٿيندي ڏسي، ڳالهائڻ ۽ ٻولين ڪرڻ کان ماٺ کڻي ڪئي… بس پڃري جي ڪنڊ ۾ منهن هيٺ ڪري ويهي رهيو، هن جي خوشبياني ۽ گوهر فشاني بند ٿي وئي. اِهو حال ڏسي سندس مالڪ به گهٻرائڻ لڳو، پنهنجي ڪئي تي پڇتائڻ لڳو. طوطي سان ڏاڍي قرب سان ڳالهائڻ لڳو، هن کي مٺيون مٺيون شيون کارائڻ لڳو، درويشن ۾ ڏوڪڙ ورهائڻ لڳو مگر طوطي ڳالهائڻ کان صفا بس ڪئي هئي.

هڪ ڏينهن هڪڙو گنجو فقير دڪان تي آيو ۽ مٿو اگهاڙو هوس. خيرات لاءِ صدا هنيائين طوطي جو هن جو  آواز ٻڌو، سو ڪنڌ مٿي کنيائين. هن جي لوڙهه جهڙي ٺوڙهه ڏسي، کلي ڏنائين ۽ فقير کي چوڻ لڳو ته فقير سائين! خبر ڪر ته، تنهنجو مٿو ڪيئن گنجو ٿيو، سچ پچ ٻڌائجانءِ، ڇا تو به ڪنهن دڪاندار جي تيل جا شيشا ڀڳا آهن ڇا؟ جو توکي ماري تنهنجا وار پٽي توکي گنجو بنايو اٿس.

دڪاندار طوطي کي ٻوليندو ڏسي، نهايت خوش ٿيو، ۽ هن گنجي فقير کي رپيو ڏئي چيائين ته، تنهنجي وڏي مهرباني، جو تنهنجي اچڻ ڪري، منهنجي طوطي پنهنجي لبن تان خاموشيءَ جي مهر ٽوڙي، وري ڳالهائڻ لڳو آهي ۽ دوباره منهنجي دڪان جي رونق وڌڻ لڳي آهي. مگر سياڻا ماڻهو، طوطي جي قياس تي کلڻ لڳا، ته هُن فقير، روشن ضمير کي پاڻ جهڙو ڄاتو آهي.

مولانا نصيحت ٿو ڪري ته اي بي سمجهه انسان! تون پاڻ کي، بزرگن جهڙو نه ڄاڻ، شِير ۽ شير لفظ لکڻ ۾ ته هڪ جهڙا آهن، مگر معنيٰ ٻي ٻي اٿن، شِير (کير) ماڻهوءَ جي خوراڪ آهي، مگر شير (شينهن) ماڻهوءَ کي خوراڪ بنائي ٿو.

کار پاڪان را قياس از خود مگير

زانک ماند در نوشتن شِير و شير

هڪڙو هرڻ آهي، جو گاهه کائي بس ڦولڙيون لاهي ٿو، ٻيو هرڻ آهي جو گاهه ته ساڳيو کائي ٿو، مگر پيدا مشڪ ڪري ٿو.

”چه نسبت خاک را با عالمِ پاک“

 

بيت

روءِ راڻي جي ناهه ڪو سوڍو سڀني سونهن،

لاٿائين لطيف چئي مٿان دلين دونهن،

ڪانهي ٻي ورونهن، ٿيو مڙيو ئي مينڌرو.

 

جهرڪي ۽ ماريءُ

هڪ  ماريءَ، هڪ ڏينهن، پوک ۾ وڃي ڍٻي وڌي ۽ مٿان وري ان ڇٽي ڇڏيائين، هڪ جهرڪي انّ ڏسي، وڃي اتي ڦاٿي ماريءَ وٺي هن کي قابو ڪيو. جهرڪي ڏاڍي سياڻي هئي، خدا تعاليٰ هن جي آزاديءَ لاءِ سندس زبان ۾ ڳالهائڻ جي قوت وڌي، چوڻ لڳي ته اي ماري! تو وڏا وڏا جانور شڪار ڪيا، ۽ کاڌا مگر انهن مان توکي ڍءُ ڪونه ٿيو، تڏهن ٻڌاءِ ته مون مان توکي ڪيئن قوت ٿيندو؟ جيڪڏهن تون مون کي آزاد ڪرين، ته مان توکي ٽي اهڙيون مفيد ڳالهيون ٻڌايان، جي توکي هر وقت ڪم اينديون. هڪ ڳالهه ته تنهنجي هٿ ۾ ئي توکي ٻڌائينديس، نصيحت جو ٻي موتي توکي انهيءَ وقت ڏيکارينديس جڏهن مون کي ڇڏيندين ۽ ڀت تي وڃي ويهنديس. ٽيون گوهر تڏهن تنهنجي حوالي ڪنديس، جڏهن هن درخت جي چوٽيءَ تي وڃي ويهنديس.

ماريءَ دل ۾ پهه ڪيو ته، جهرڪي چوي سچ ٿي هن جي کائڻ مان ڪهڙو ڀڀ ڀريندس، هائو هن جون ڳالهيون البت مفيد ثابت ٿي سگهن ٿيون، جهرڪيءَ کي چيائين ته، هائو مان توکي آزاد ڪريان ٿو، مون کي تنهنجا ٽئي شرط منظور آهن، جهرڪي هن جي هٿ تي ٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي ته:

1- جا ڳالهه اڻ ٿيڻي هجي، ان تي يقين ڪرڻ نه گهرجي… ايئن چئي جهرڪي ديوار تي وڃي ويٺي.

2- گذري ويل ڳالهه جو ارمان ڪرڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو، اٽلو پريشاني وڌندي. ايئن چئي، چوڻ لڳيس ته اي ماري! تون وڏو خوش نصيب هئين تون مون کي ڪهي پيٽ چيرين ها، ته هڪ موتي پاءُ وزن جيترو پيٽ مان نڪري ها، جو ڏاڍو قيمتي هو، ان مان تون ۽ تنهنجو اولاد پوٽن تائين خوش رهي ها، مگر جا شي هٿن مان وڃي ان جو فڪر نه ڪجي.

هيءَ ڳالهه ٻڌي ماري چوڻ لڳو، ته اي جهرڪي! تون ڏاڍي مڪار ۽ عيّار آهين، تو مون کي دوکو ڏنو، جهرڪي، مرڪي چوڻ لڳيس ته اي ماري! تون ڏاڍو بيوقوف آهين، ايتري ۾ منهنجون ڪيل ٻه نصيحتون وساري ويهي رهئين؟ خيال ته ڪر، ته منهنجو وزن ئي اڌ پاءُ مس ٿيندو، منهنجي پيٽ ۾ پاءُ وزن جو موتي ڪيئن هوندو… پر جي هجي به، ته به هٿان ويل چيز جو ارمان نه ڪجي…

اها ڳالهه ٻڌي ماريءَ کي عجب لڳو ۽ چيائين ته اي جهرڪي تو سچ چيو آهي، پر هاڻي باقي رهيل ٽين ڳالهه به ٻڌاءِ، ته ٿئي دلجاءِ. جهرڪي اڏرندي چوندي وئي ته، جيڪو بيوقوف ڪنهن جي ٻن نصيحتن تي عمل نه ڪري تنهن کي ٽين ڪهڙي نصيحت ڪجي، سچ چيو اٿن:

 

نه ڪر تون ياد گذري کي جا گذري سا سمجهه چوکي،

مگر ڪر انتظار الڪو هميشه پيش آئي جو.

 


 

 

سياڻو سَهو

هڪ سرسبز جهنگل ۾ هر قسم جي جانورن پنهنجي سڪونت اختيار ڪئي. اتي انهن کي خوراڪ به هر قسم جي مهيا ٿي سگهي ٿي. بي خوف و خطر مزا ماڻيندا رهيا ٿي، اُهو جهنگ خوفناڪ درندن جانورن کان پاڪ هو. قضا سان هڪ شينهن اتي اچي نڪتو، اُتي پنهنجي شڪار جي فراواني ڏسي دائمي سڪونت اختيار ڪيائين، ڪيترن ئي جانورن کي کائي کپايائين. جهنگ جي قديمي رهندڙ جانورن کي خوف ٿيو ته، هاڻي اجهو ٿو، هڪ هڪ ڪري اسان کي به نهوڙي نئين. تنهن ڪري ڇو نه اسان شينهن جي ناشته جو بندوبست واري واري تي ڪيون، جيئن ٻين جو ته نقصان نه ٿئي. اِهو پهه پچائي ڊڄندا ڊڄندا شينهن وٽ حاضر ٿيا ۽ ان کي چيائون ته تون اَسان جو بادشاهه آهين، اسان تنهنجي رعيت. ۽ رعيت کي واجب آهي،ته بادشاهه جي آسائش جو خيال ۽ بندوبست ڪري. تنهن ڪري هاڻي توهان پنهنجي کاڌ لاءِ تڪليف نه وٺندا، از خود ئي توهان وٽ توهان جي لاءِ کاڌو پهچندو رهندو. شينهن چيو ته مان هٿن پيرن هلائڻ ۽ محنت ڪرڻ کان سواءِ هٿ ڪيل کاڌو حلال نه ڄاڻندو آهيان. پهريائين ڪوشش ۽ پوءِ توڪل اِها منهنجي عادت آهي، حرڪت ۾ برڪت اهي. الله هٿ پير اسان کي ڏنا آهن ته، پورهيو ڪري کائون. جانورن عرض ڪيو ته حضور جن وٽ، وقت تي زنده شڪار پهچندو، توهان پاڻ پوءِ ان کي ماري ۽ کائو … شير چيو ته اِها ڳالهه مون کي منظور آهي. مطلب ته جانور موٽي ويا ۽ واري واري تي ڪُڻا وجهي هڪ هڪ جانور ازخود شينهن وٽ وڃي، ان جو قوت ٿيندو رهيو. هڪ دفعي هڪ هوشيار خرگوش (سيهڙ)جي نالي ڪُڻو پيو، هن شينهن وٽ حاضر ٿيڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي. سڀئي جانور هن کي سمجهائڻ لڳا ته، ”يار! سگهو وڃ، دير نه ڪر نه ته اسان سڀني جو خير ڪونهي.“ سيهڙ چيو ته اوهان فڪر نه ڪريو، منهنجي شينهن تي اک ئي نٿي ٻڏي، مان اڄ جو اڄ ان جو خاتمو ڪريان ٿو، اوهان سڀن سان ڀلائي جا پير ڀريان ٿو. جانورن چيو ته يار! ايتري مغروري نه ڏيکار، ڇا تون ۽ ڇا تنهنجي ڳالهه! ”ڇوٽا مونهه بڙي بات“! وڏا وڏا جانور به هن جي چنبي جي ضرب نٿا سهي سگهن، تو ۾ ڪهڙي مجال آهي، جو هن جي سٽ سهين، ڀلا تو ڪهڙي تدبير ڪئي آهي، اُها ٻڌاءِ ته سهي؟

سيهڙ چوڻ لڳو ته يارو! اوهان بزدل ڇو ٿا ٿيو دلير بڻجو، خدا کي وڏي طاقت آهي، هو ماڪوڙيءَ کان هاٿي مارائي سگهي ٿو. مان وڃان ٿو، ان جو مغز ڀڃان ٿو، مون جيڪا رٿ رٿي آهي، سا اڳ ۾ توهان کي نه ٻڌائيندس ڇاڪاڻ ته، ڀتين کي به ڪن آهن، راز اڳ ۾ ظاهر نه ڪجي انهيءَ ۾ جان جو خطرو آهي.

هوڏانهن شينهن کي جو کاڌو نه مليو، سو ڪاوڙجي غضبناڪ ٿيو ويٺو هو، ته خرگوش به ڊڪندو ڊڪندو هن وٽ پهتو ۽ چوڻ لڳو ته اي اسان جا بادشاهه عاليجاه! اسان توتان سڀ قربان وڃون، اڄ مان ۽ منهنجو هڪ ڀاءُ اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ آياسين ٿي ته، هڪ ٻيو شينهن واٽ تي مليو ۽ اسان کي گهيري ويو، اسان هن کي چيو ته، تون اسان کي نه روڪ ته اسان پنهنجي بادشاهه وٽ حاضر ٿيون… هن چيو ته بادشاهه مان آهيان، توهان کي ٻئي طرف وڃڻ نه گهرجي، مان ته هن کان لڦڙائي سڦرائي هليو آيس مگر منهنجي ڀاءُ کي جهٽي هليو ويو…

شينهن هي ڳالهه ٻڌي غضبانڪ ٿي ويو، چوڻ لڳو ته، اُهو ڪير آهي، جو منهنجي بادشاهي ۾ دخل ٿو ڏئي؟ ۽ منهنجو شڪار کسي وڃي؟ خدا جو قسم جيستائين هن جو خاتمو نه ڪريان، تيستائين ٻيو ڪوبه ڪم نه ڪندس. اي خرگوش! مون سان گڏ هل، مون کي هلي ڏيکار، ته ڪٿي آهي، اهو مردار… خرگوش شينهن جي اڳيان ٿي هليو ۽ هڪ کوه وٽ پهچي ان ۾ جهاتي پائي وري پٺتي هٽيو ۽ چيائين ته حضور مون کي ته ڊپ ٿو ٿئي، اوهان جو دشمن هن کوهه ۾ آهي، ملاحظه فرمايو، شينهن جو اندر نهاريو ته هن کي پنهنجو ۽ خرگوش جو پاڇو ڏسڻ ۾ آيو، هن دل ۾ ڄاتو ته، خرگوش سچ ٿو چوي، هو شينهن ۽ هو خرگوش… بس شينهن نه اڳ جاچيو نه پوءِ ڌو کوهه ۾ … کوهه ۾ پاڻي به هو وڏو هن گهڻيئي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اتي ئي ٻڏي مئو.

عکس خود را او عدوئي خويش ديد

لاجرم بر خويش شمشير کشيد

آن توئي آن زخم برخود مي زني

بر خود آن دم تار لعنت مي تني

خرگوش شينهن جو ڪم لاهي، زنده و سلامت پنهنجي قوم ۾ پهتو، ساري ماجرا هنن کي ٻڌايائين، سڀني سندس عقل تي شاباس ڪئي ۽ هن کي پنهنجو ”نجات ڏيندڙ“ سردار تسليم ڪيائون. خرگوش چيو ته، ڀائرو مان اوهان جو سردار نه آهيان، مگر خادم آهيان. جو ڪجهه ٿيو، سو خدا جي فضل و ڪرم سان ٿيو، جيڪڏهن هو مون کي سمجهه عطا نه ڪري ها، ته هي دشمن ڪيئن مري ها! انسان ڪوبه سٺو ڪم ڪري ته الله جو شڪرانه ادا ڪري، جنهن کيس انهيءَ ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا ڪئي…

شڪر موليٰ جو سدائين ڪج ادا،

جو ڪري توفيق ٿو توکي عطا.

 

موقعو سڃاڻجي

هڪ شخص قضا حاجت بعد، استنجا (طهارت) ڪري رهيو هو، مگر دعا گهري رهيو هو ته ”ياالله مون کي جنت جي خوشبو سنگهاءِ… ٻئي شخص سندس دعا ٻڌي چيو ته، ڀاءُ آهي ته اِها به دعا، پر موقعي ٻئي لاءِ… افسوس تو موقعو ۽ مهل سڃاتي ئي نه! تو هي به نه سمجهيو ته، خوشبو سنگهڻ جو سوراخ ڪهڙو آهي.

هن ڳالهه جو مطلب آهي ته جيڪو شخص، موقعو نٿو سڃاڻي، اهو ذليل ۽ خوار ٿئي ٿو مثلاً خسيسن ۽ ڪميڻن سان سختيءَ سان ۽ بادشاهن سان تواضح سان پيش اچجي، مگر جو انهيءَ جي خلاف هلندو، سو ذلت ڏسندو.

تنهن ڪري تون اي ادا موقعو سڃاڻ

موقعي موجب عمل ۾ ڳالهه آڻ


 

 

ٽي مڇيون

هڪ دريا جي ڀرسان چند پاڻيءَ جا کامان هئا. شڪاري مڇيون ڦاسائڻ آيا ته، انهن کامن جي مڇي به نظر مان ڪڍي ڇڏي هئي، هو هڪ کامي جي مٿان بيهي چوڻ لڳا ته، سڀاڻي هڪ وڏو ڄار آڻينداسين ۽ هنن کامن جي مڇي مارينداسين. هڪ کامي ۾ ٽي مڇيون هُيون، انهن مان هڪ تمام سياڻي، ٻي درميان عقل ۽ ٽين بلڪل بيوقوف هئي.

عقلمند مڇي، ٻين کي چيو ته، ڀينرو! اوهان ملاحن جون ڳالهيون ٻڌيون هيون، منهنجي صلاح آهي ته اسان راتو واه ڪنهن نموني ٽپنديون، ڪڏنديون، هن کامي مان نڪري دريا داخل هلي ٿيون، نيم عاقل مڇي چوڻ لڳي ته، اديون مون ٻڌو آهي ته وطن جي محبت ايمان جو ڀاڱو آهي، مان هت مرڻ ۽ هت جيئڻ ٿي چاهيان. عاقل مڇي ورندي ڏنيس ته، تو عارضي پاڻيءَ کي پنهنجو وطن کڻي سمجهيو آهي، اسان جو اصل وطن ته دريا آهي، افسوس جو سيلاب اسان کي اصل وطن کان ڌار ڪيو آهي، هلو ته پنهنجي اصل وطن ڏانهن هلون، جتي اسان کي امن ملندو.

گر وطن خواهي گزر آن سوئي شط

اين حديثي راست را کم خوان غلط

احمق ۽ نادان مڇي ته چيو ته مون کي ملاح ڇا ڪري سگهندا مان هيٺ تري ۾ اهڙي طرح ڇپي پونديس جو، هنن جا ڄار مون کي ڪجهه نه ڪري سگهندا. عقلمند مڇي هنن ٻنهي کي ڇڏي، همت مردان مدد خدا چئي دريا جي طرف رواني ٿي، پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ سبب هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو، مگر هن انهيءَ عارضي تڪليف جي ڪا پرواهه نه ڪئي، هن ڄاتو ٿي ته مادر وطن مون کي پنهنجي جهوليءَ ۾ محبت سان جاءِ ڏيندي، تڪليف دور ٿي ويندي.

رنجها بسيار ديد و عاقبت

رفت آخر سوئي امن و عافيت

صبح جو اچي ملاحن، ڄار وڌا، ٻئي مڇيون پڪڙجي پيون، وري به نيم عقل، پاڻ کي مرده بڻائي پاڻيءَ ۾ مٿي لڙهڻ لڳي، صياد چيو ته هن مئل ۽ حرام مڇي کي ڇا ڪنداسين، بس انهيءَ کي به دريا ۾ اڇلائي ڇڏيائون، باقي هن نادان مڇي کي ڪابه تدبير نه آئي، جا ملاحن جي هٿ اچي تڙڦي تڙڦي مري وئي، ساهه ڏيڻ وقت هن کي پنهنجي بي عقلي جو گهڻو ڏک ٿيو، مگر انهيءَ وقت جو پڇتائڻ ڪهڙي ڪم جو!

جو شخص نفس کي عقل جي چنبي ۾ رکندو سو شيطان جي ڦندي ۾ اهڙي طرح ڦاسي نه سگهندو. جهڙي طرح عقل واري مڇي! جو شخص شروع ۾ غافل رهي، مگر پڇاڙي تي نظر ڌري ٿو، اُهو نيم عقل مڇي وانگر آهي، جو ڦندي ۾ ڦاسڻ کان پوءِ به سوچ ويچار ڪري پاڻ کي بچائي وڃي ٿو، جو شخص نادان مڇيءَ وانگر سڄي عمر غافل رهي ٿو، سو شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي تڙڦي تڙڦي مري ٿو، جو شخص هن دنيا کي وطن ڄاڻي ٿو، سو بيوقوف مڇي وانگر آهي. مومن جو اصل وطن جنت الفردوس آهي، هو هن خاڪي جسم کي به قيدخانه ڄاڻي ٿو.

عقلمند انسان کي گهرجي ته هن ”مانجهاندي جي ماڳ“ دنيا ۾ غفلت نه ڪريو.

بيت

ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري

جو تو ساڻيه ڀانيو سو مانجهاندي جو ماڳ

سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com