سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ويريون

باب: --

صفحو :5

پيار جي ريکا

هن آهستگي سان گلن سان ڀريل مٺ کولي ۽ آڱرين کي ويڪرو ڪري ڇڏيو، پتيون هيٺ ڪرڻ لڳيون. باقي ٽي ننڍڙيون پتيون بچيون. هن انهن کي ڦوڪ ڏني. اهي به اڏامي ويون. سندس آڏو هڪ خالي تري هئي. جنهن تي ڪي آڏيون ابتيون سبتيون، ريکائون هيون. سندس اکيون وڌيڪ گهريون ٿي ويون. هوءُ انهن لڪين کي گهورڻ لڳي ۽ ليڪون  به گهريون ۽  ڳوڙهيون ٿينديون ويون. نهاريندي نهاريندي سندس اکين مان ٻه ٽي ڳوڙها ٽميا ۽ سندس انهيءَ تري تي ڦلهجي ويا. هن ٻئي هٿ سان انهن ڳوڙهن کي تريءَ تي ڦهلايو ۽ پوءِ ائين ملڻ لڳي ڄڻ ته هوءَ انهن ڳورهن سان هٿ جي ليڪن کي ته ميٽِي نه سگهيا پر ڪنهن کي سندس ويجهو اچڻ تي مجبور ڪيائون.

هن رڙ ڪئي:

” منهنجي ويجهو نه اچ، مون کي ڇڏي ڏي، منهنجي....“

هن هٿن ۾ منهن لڪائي روئڻ شروع ڪوي ۽ پوءِ اتي ڪير به ڪو نه هو. هوءَ روئندي رهي اچانڪ هن کي ماٺ اچي وئي. هن ڳوڙها اگهيا ۽ ٻاهر نڪرڻ لڳي. هن کي ائين لڳو ته پيرن سان هوءَ ڪجهه لتاڙي رهي آهي. ڪجهه نرم نرم، ڪجهه نازڪ نازڪ، هن هيٺ نهاريو. گلن جون پتيون هيون. چيڀاٽيل چيڀاٽيل. هن کي ائين محسوس ٿيڻ  لڳو ڄڻ ته هو رنيون آهن ۽ روئي پاڻ وڃايو اٿن. هوءَ هيٺ  جهڪي ۽ چيڀاٽيل پتين کي چونڊن لڳي. پر پوءِ هن اهي چونڊيل پتيون به هيٺ ڦٽيون ڪيون ۽ زور سان انهن کي لتاڙيندي ٻاهر نڪري وئي.

 

” شمع هٿ ته ڏي“

” ڇو؟“

” مان تنهنجو هٿ ڏسندس“

” اظهر، منهنجي هٿ ۾ ڇا آهي.“

”پيار جي ليڪ. پيار جي وڻندڙ ريکا“

” اظهر –“

” ڇو، تو هٿ ڇو ڇڏايو“

” پيار جي ڪا به ليڪ نه ٿيندي آهي“

” نه مان سچ ٿو چوان شمع، تون ڪيترو به ضد ڪر ته تون ڪنهن سان پيار ڪري نه ٿي سگهين. پر هيءُ هٿ، هيءَ ريکا، مون ڏانهن نهار شمع هيڏي ڏس“

” نه اظهر، پيار بڪواس آهي، امان اهو اکين ۾ نهارڻ ۽ دل ۾ نهارڻ وارو پيار ڪري نه ٿي سگهي. اسين مائٽ آهيون، اسين دوست آهيون. اهائي وڏي ڳالهه آهي.“

” شمي تون نه ٿي ڄاڻين ته تون منهنجي ڪائنات آهين. تو مون  کي خواب بخشيا آهن. مون کي زنگ بخشي وري به رنگي ته نه ڏي. شمع مان انهيءَ لاءِ تيار ن آهيان. سهارو ڏئي مون کان سهارو ته نه کس“

” اظهر اجايون ڳالهيون  نه ڪر. مان ڪمزور ڇا ڪنهن جو سهارو بڻبس. مان خود پاڻ لاءِ هڪ مونجهارو آهيان. اهو به ته نه ٿي ڄاڻان ته مان ڇا آهيان. مان صرف اهو ڄاڻان ٿي ته مون کي اڳيتي وڌڻو آهي. مان وڻن جي ڇانو ۾ ويهي پريت جا گيت ڳائي نه ٿي سگهان. مان پنهنجي لاءِ پاڻ وٽ پيدا ٿيل پريت جو موت نه ٿي آڻي سگهان.“

” پر شمع تنهنجي پيار جي ريکا توکي ضرور مجبور..“

” مان پيار جي ريکا مان نه ڄاڻان اظهر! مان انهيءَ ۾ يقين نه ٿي ڪريان. مان خود پيار ۾ يقين نه ٿي ڪريان. مان پيار جي دشمن ۽ پيار جي ريکائن جي قاتل آهيان. سمجهئيه. مون ۾ طاقت آهي ته مان انهن  کي ميٽي سگهان – پر مان ائين ڇو سوچيان. مان ته، مان ته سڌي سنواٽي ڪاليجي نينگر آهيان. اظهر مون کي ڇڏي ڏي  - اظهر مون کي ڇڏي ڏي.“

” شمع، شمع او شمع.“

”هون،“

” رٺي آهين ڇا؟“

” نه، ڇو، نظر ؟“

”ماٺ ۾ آهين“

”ماٺ ۾ هجڻ ڏوهه آهي ڇا؟“

”ڏوهه ته ڪونهي پر ڏس نه ته اسين ڪهڙي فضا ۾ آهيون  ڇا ته پيارو ماحول  آهي، هو ڏس ته پکي ڪيئن لاتيون پيا لنون. هو ڪڪرن جي راند ڏس، مٺڙي هوا جا لوڏا.“

” پوءِ ڇا ٿي پيو، اهي ته سڀ هوندا آهن،  سو انهن جي ڪري ڇا ٿي پيو.“

” شمع آخر ڇو، ائين ڇو، تون اهڙي ڇو آهين.“

” مان ڇا آهيان؟“

” تون سندرتا ۽ معصوم ڪلا جو ميلاپ آهين. تون بهار جي خوشبوءَ، فضا جو سرور آهين. تون چنڊ جي چانڊوڪي، ستارن جو  نور آهين. تون خواب جي دنيا، تعبير جو روپ آهين – تون“

”نظر، توکي ڇا ٿيندو ٿو وڃي، هيءُ ڇا پيو چئين، دماغ ته ٺيڪ اٿئي، اجايو پيو بڪين.“

” ها، مان بڪان پيو. شمع تون سخت سنگدل آهين. شمع توکي مون تي رحم به نٿو اچي. شمع ايڏي تون بي رحم ڇو آهين- شمع.“

 ” مان سمجهي نه ٿي سگهان ته هيءُ ڇا آهي. هڪ ته تون مون کي هت شهر کان پري وٺي آيو آهين. ٻيو تون الائجي ڇا پيو چئين. سنگدل، بي رحم، الائجي ڇا، هل نظر، واپس هلون. تون شهر ۾  ٺيڪ هئين، هت اچي الائجي توکي ڇا ٿي ويو آهي. هل ته شهر هلون.“

”پر شمع منهنجو ڇا ٿيندو.“

”ڇا ٿيندو!“

” شمع تون منهنجي آهين. مون کي توسان پيار آهي شمع.“

” پيار! ڇا جو پيار، ڪهڙو پيار!“

”اڻ ڄاڻ نه بڻج شمع.“

        ” مان اڻ ڄاڻ نه آهيان نظر، پر اهو توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته مان پيار ۾ يقين نه ٿي رکان. پيار فلمن ۾ ٿيندو هوندو، زندگيءَ ۾ نه. سمجهيئه. پيار دوکو آهي، فريب آهي. اسين ٻئي دوست آهيون ۽ دوست ئي رهنداسين. باقي انهي پيار ۽ محبت مان مان نه ڄاڻان. پيار زندگيءَ جو وڏو فراڊ آهي. سمجهيئه وڏو فراڊ.“ ” نظر تون هيءَ موٽر ڪيئن پيو هلائين، نظر، پاڳل ته نه آهين. نظر اسپيڊ ته ڏس.“

        ” ها، مان پاڳل ئي سهي.“

        ” نظر مان ڊڄاڻ ٿي نظر، مان توکان نفرت ڪرڻ لڳان ٿي، نظر، مون کي توکان سخت نفرت آهي. نظر، گاڏي آهستي ڪر نظر- نظر، مون کي توکان نفرت آهي، نظر.“

 

        ” عزيز! مان توکي ٻڌائي چڪي آهيان، ته محبت جي ڄار ۾ ڦاسي نه ٿي سگهان.“

        ” پر، شمع محبت ڪئي نه ويندي آهي. محبت بي اختيار جذبو آهي. محبت ۾ مٺڙن جذبن سان جڏهن همڪنار ٿبو آهي  تڏهن ڏس ته اهو فريب آهي يا زندگي  جو وڏ سچ. تون پيار کي فراڊ چئه يا دوکو پر پيار پنهنجي جاءِ تي زندگي جو وڏو سچ ۽ حقيقت آهي.“

        ” عزيز-  مان ائين نه ٿي چوان  ته ڪو پيار آهي ئي ڪونه. پيار آهي پر اسان لاءِ نه، جيڪي رت، گوشت ۽ گند جا ٽڪرا آهيون. اها شيءِ  انهن روحن لاءِ آهي. جيڪي ابدي زندگي حاصل ڪن ٿا ۽  پوءِ پيار ماڻين ٿا. هيءُ جيڪو پيار  ڏيکاريو وڃي ٿو اهو سڀ دوکو  آهي، جسمن جو سودو آهي. پيار هڪ روحاني ڪيفيت آهي ۽ اسين  روح ناهيون. اسين  انسان آهيون. گند جا ٽڪرا، پيار جي حقيقت آهي ته اسين فراڊ آهيون. اسان جو پيار به فراڊ ۽ دوکو آهي.“

        ” پر شمع اسين به ته ڪنهن روح جا مالڪ آهيون. اسان وٽ به ته روح آهي جنهنڪري جسم جو گاڏو پيو گهلجي. شمع تون هن دنيا  ۾  اڪيلي رهي نه ٿي سگهين. توکي روح جو سهارو وٺڻو پوندو ۽ جسم – جسم جو تقاضائون به  پوريون ڪرڻيون پونديون. شمع تون مون ڏي نهار، رڳو هنن اکين ۾ نهار، توکي زندگيءَ جو وڏو سچ نظرايندو. تو کي هڪ مها ساگر نظرايندو. مان تو کي ان ساگر ۾ لوڙهي ڇڏڻ ٿو چاهيان. شمع – پر تون روئين ڇوٿي. شمع، شمع، تون روءُ ته نه-“

        ” عزيز، مان اهو برادشت ڪري نه ٿي سگهان ته ڪو منهنجا نظريا غلط آهن. مان صحيح آهيان عزيز! مون کي ائين نه چئه ته مان تنهنجي اکين ۾ نهاريان. مان سخت ڊڄڻي آهيان. مان انهي ساگر ۾ لڙهڻ نه ٿي چاهيان. مان ڊڄڻي آهيان. مان پار کان ڊڄان ٿي عزيز. مان پيار ڪريان ۽  پوءِ ڇا ٿيندو. پر مان پيار ڪريان ڇو.  مان پيار نه ڪنديس. مان پيار ڪري نه ٿي سگهان. مون کي پيار نه کپي، مون کي همدردي کپي. مون کي دوست کپي. مون کي ساٿي گهرجي.“

        ” ۽ اهو ساٿي جيڪو توکي پيار نه ڪري ائين نه! پاڳل. ڀلا ڪو همدرد، دوست يا ساٿي بنا پيار جي ڪئين ٿيندو. هو ضرور توکي چاهيندو توکي ڀائيندو توکي پيار ۽ محبت جي ضرورت آهي. شمي، تون فرار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر، پاڻ کي دوکو نه ڏي، توکي پيار جي ضرورت آهي.“

        ” نه  عزيز نه. ائين نه چئه. منهنجا خيال، عقيدا، منهنجا نظريا.“

        اهي سڀ انهن ڳوڙهن ۾ وهي ويندا.“

        ” ائين نه چئه.“

        ” تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي.“

        ” نه، نه، تون به مون کي يقين ڏيارڻ ٿو چاهين ته منهنجي هٿ  تي پيار جي، محبت جي ريکا آهي. ائين نه، نه ، اها ريکا ڪانهي عزيز، بنهه ڪانهي مان چوان ٿي ته اها ريکا ڪانهي.“

        ” نه مان توکي هيءُ گل ڏيڻ ٿو چاهيان.“

        ” گل، گل، تون مون کي ڪجهه به نه ڏي عزيز، تون منهنجو ڪجهه به نه آهين. مان به تنهنجي ڪجهه به ته نه – مون کي ڪنهن سان پيار ڪونهي. مان ڪنهن پيار ڪري نه ٿي سگهان. منهنجي هٿ تي چون ٿا ته ريکا آهي. پر مان چوان ٿي ته ريکا ڪانهي. پيار جي ريکا ڪانهي.پيار جي ڪا به ريکا ڪانه ٿيندي آهي.  ڪا به نه ٿيندي آهي. هي گل – هيءَ ريکا.“

 

        بند ڪمرو، کيس پنهنجي ساه کڻڻ جوآواز به  پئي ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ واپس  ڪمري ۾ موٽي آئي هئي ۽ اڃا جاڳي پي. هن جي اکين مان ننڊ نڪري رات جي ڪاراڻ ۾ رچي وئي هئي. هن دري کولي. سامهون رات هئي. ڪاري اٻاٽ رات.  هن ڏاڍيان ٿڌو ساهه ڀريو،  کيس موٽ ۾ ٿڌي ساهه جو آواز مليو ۽ آهستي آهستي هوءَ وڏا ساهه کڻڻ لڳي. کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته هوءَ هوش ۾ اچي رهي آهي.

        اچانڪ کيس لڳو ته سندس ڪمري ۾ ڪير آهي. هن کي ڳرن ٿڌن ساهن جو آواز ٻڌڻ ۾  اچڻ لڳو. هوءَ ڇرڪي وئي، هن ڳالهائڻ چاهيو. آواز سندس خشڪ نڙيءَ  ۾ گم ٿي ويو. هن ڪنهن آسري، گهوري اونداهه ۾ نهاريو، کيس ائين لڳو. ته سندس آڏو سوين ليڪون پيو ڦرن. سنهڙيون ٿلهيون عجيب ريکائون. هن فضا  ۾ هٿ هلايو. سندس عمل ٻاراڻو هو. هوءَ وري هٿ هلائيندي، ڄڻ ته ڪا ليڪ جهٽڻ جي ڪوشش ڪندي هجي. اچانڪ هن کي ڄڻ ته ڪنهن ڌڪو ڏنو، هوءَ سڄي ڏڪي وئي. رات جي چمڪندڙ اونداهي سندس پيشاني تي آيل پگهر جي ڦڙن کي پرهه ڦٽي جي ماڪ جو روپ ڏئي ڇڏيو.

        اهي ماڪ جا ڦڙا فضا ۾ چمڪيا، ڪير اٿيو. ميز ڏانهن وڌيو، وري ماڳ موٽيو. چمڪ ۾ چمڪ جو اضافو اچي ويو. سندس هٿ ۾ ڪا تيز ڌار چمڪي رهي هئي.

        هوءَ چمڪندڙ اونداهيءَ ۾ روشن ليڪ ڏسڻ لڳي. هن اها ڏٺي پوءِ وري ڏاڍي پاٻوهه سان، انهيءَ تکي ڌار سان کيس ڇلڻ لڳي.  ليڪ ڇلجي رهي هئي  ۽ان جا رت ڦڙا هيٺ ڪرندا رهيا. هوءَ سڪون سان پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئي. اچانڪ هن ٿڌو ساهه ڀريو ائين جيئن ڪو پورهيت ڪنهن پورهئي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڀريندو آهي.

        هن هٿ ڏانهن نهاريو. رت جي نڪرندڙ ڦڙن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ سندس نگاهه فرش ڏانهن کڄي وئي. کيس اتي زندگي نظر آئي. هن اڃا به گهوريو. اوندهه سندس ساٿ ڏنو. کيس گلن جون پتيون مرڪنديون نظر آيون. هوءَ  وڌيڪ  جهڪي وئي هن کي لڳو ته سندس رت جا ڦڙا انهن مرجهايل چيڀاٽيل پتين کي زندگي بخشي رهيا آهن.  گلن جون پتيون مرڪڻ لڳيون هيون.  الائجي ڇو گلن ۾ زندگي ڏسي کيس درد محسوس ٿيو. اکين مان ڳوڙها ٽمڻ لڳا، هن هٿ کڻي ورتو. سندس ڳوڙها هيٺ ٽمڻ لڳا. هوءَ روئندي رهي،روئندي رهي ايستائين، جيستائين گلن جون پتيون وري نه مرجهائجي ويون.

 

*

 

دربان

        مون جڏهن  به ڪنهن شهر، ڳوٺ يا وستيءَ  تي نظر وڌي آهي ته مان ان ۾ لڪل  تاريخ کي ڳولي هٿ ڪري پوءِ ان سان ڪو ناتو ڳنڍيندو آهيان. منهنجو عقيدو آهي ته سنڌ جي هر شهر هر ڳوٺ کي پنهنجي تاريخ آهي ۽  خاص طرح جڏهن اوهان ان تي گهري نظر وجهندئو ته اها تاريخ اتان جي گهٽين رستن، باغن بستانن، گهيڙن گهٽن، گهرن، حولين،  قلعن  برجن جي ڪهاڻين تي آڌار رکندڙ هوندي. مان هر انهيءَ هنڌ جي ڪهاڻي کي تاريخ جو اهم حصو ڪري سمجهندو آهيان. ڇاڪاڻ ته اهي گهيڙ ۽ گهٽ، واٽون ۽پنڌ منهنجي وطن، منهنجي ماڻهن جي ڪردار ۽ اٿڻي وهڻيءَ  کي نمايان ڪن ٿا.  هر وڻ ٻوٽو به ڪا نه ڪا تاريخ رکي ٿو ۽ تاريخ جيڪڏهن انهن ننڍين ڪهاڻي کان خالي هجي ته تاريخ جا  ڪردار، ڪردار نه رهندا. تاريخ جا بخيا هميشه اڊڙيل رهندا جيستائين ان ، ماڻهن سان گڏ وڻ ٻوٽي، ڪليءَ ڪاٺيءَ، گهٽيءَ گهيڙ جي ڪهاڻين کي پاڻ ۾ نه سموهيو آهي.

        مثال طور منهنجو ڳوٺ آهي، ان کي وڏو تاريخي  پس منظر آهي ته اهو ڪنهن مسلمان بادشاهه ٻڌرايو هو. پر ان جي ڪهاڻي شهر بنجڻ تائين، تيستائين مڪمل نه آهي جيستائين اسين قديم اڏاوتن  جو ذڪر نه ڪنداسين، جيستائين سندس باغن ۽ بستانن جو ذڪر نه ڪنداسين، جيستائين پراڻن کوهن ۽ واهن جو ذڪر نه ڪنداسين، جن ساڻ هر دور جي ماڻهن جو  ذهني ڳانڍاپو رهيو، ڪردار جي تخليق ٿي، ڪردار سيني در سيني ذهن اندر ذهن جي پرورش ڪئي ۽ ان پرورش اسان کي ماڻهو ڏنا. مڙد مٿير ڏنا ۽  ائين ماڻهن ۽ مڙد مٿيرن جي تاريخ ٺهي، پر جي تاريخ رڳو ماڻهن جي تاريخ ليکبي ته اهو منهنجي ڳوٺ، منهنجي وستي، ان جي وستار ۽ وستوئن  سان ظلم ٿيندو. ان ظلم کي روڪڻ لاءِ مان پرچار ڪندو رهندس.  ڇاڪاڻ ته  مان هڪ اهڙي ڳوٺ جو رهواسي آهيان. جنهن جو تاريخ ۾ حصو آهي. جنهن جي ماڻهن جو  تاريخ ۾ ذڪر آهي. پر تاريخ ڪٿي به اتي جي ڪنهن به گهر، حويلي، گهٽيءَ گهيڙ، وڻ يا کوهه جو ذڪر نه ڪيو آهي، جن انهن ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻايو آهي. منهنجي سامهون اها حويلي آهي. جنهن جا هاڻ پاسا ڀريل آهن، پر اڄ به اسان اتي جي رهواسين پنهنجي عزم سان ڳنڍ ٽوپا ڏئي ان کي دائم ۽ قائم رکيو آهي. اهي گهيڙ گهٽ آهن، جن تي چوڪيون ڏيندي اسان  پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي عظمت برقرار رکي. اهي ڪپيل باغ آهن،  جن جي وڻن جوهڳاءُ اڄ به اسان جي ذهنن کي تازه دم رکندو  اچي.

        انهن ڪهاڻين کي گهڻا ڏينهن نه ٿيا آهن. منهنجي سانڀر جي ڳالهه آهي، مان پنهنجي ابي امان ۽ ادين سان گڏ  هڪ وڏي ويڙهي ۾ رهندو هوس ۽ اهو ويڙهو پنهنجي خانداني روايتن سان هڪ وڏي حويلي ۾ رهندو هو. جن به منهنجو ڳوٺ ڏٺو آهي، سي ان حويليءَ جي عظمت کان واقف هوندا. هيءُ انوقت به چڱڙو شهر هو ۽ اڄ  به چڱووڏو شهر آهي. شهر کان پاسيرو هڪ وڏي دڙي تي اها حويلي آهي. جنهن کي چوڌاري هڪ وڏي قلعي نما ڀت آهي، جيڪا سندس رهواسين کي حفاظت مهيا ڪري ٿي. جيئن ئي حويلي کان نڪربو ته هيٺ رستي تي اچڻ لاءِ هڪ سهڻوگهيڙ آهي. جيڪو آهستي لهي رستي تي اچي ٿو دنگ ڪري. ٻآرڙن جي حفاظت لاءِ گهيڙ کي اهڙو گهڙيو ويو آهي جو ڪومل پير به ان جي گهڙائي کي محسوس نه ڪري سگهندو. گهيڙ تان لهي رستي تي اچبو هو ته سامهون اسان جي وڏن جو باغ نظر ايندو هو، کجين جو باغ. رستي ۽ باغ سٻنڌ ائين هو جو اهو رستو حويليءَ ۽اوطاق جو ساٿ ڏيندو اڳتي ٿي هليو ته باغ به هڪ سائي پٽي وانگر سائو رستو ٺاهيندو ساڻس اڳڀرو ٿي ٿيو ۽ ان موڙ  تائين ٿي هليو جت رستو، رستو نه ٿي رهيو ۽ باغ اتي ئي لنگر لاهي ٿي ڇڏيو. اڳڀرو گهٽيون هيون، جن مان لنگهندي ڪنهن به بندش جو احساس نه ٿي ٿيو، ڇاڪاڻ ته ميدانن جي ڪشادائي اڳڀرو منتظر هوندي هئي.

        مان ننڍي هوندي پٽي کڻي، جڏهن ملان مڪتب ويندو هوس ته گهيڙ تان لهندي جي ڊوڙ پائيندو هيس ته سڌو وڃي رستي ته بيٺل دربان کجي کي ڀاڪر پائيندو هوس. هيءَ کجي  حويليءَ جي لنگهه جي منهن  تي هئي.  سندس سونهري ڇوڏا صبح ويلي جڏهن ڪرڻن  جي من مستيءَ ڪري سون ورني سونهن بخشيندا هيا ته  مان چاچي علي محمد کي چوندو هوس: ” چاچا، هي کجي ته سوني آهي،“ ۽ چاچو جيڪو روز صبح جو سوير اسان ٻارن کي کنڀي ٻاهر گهمائڻ  وٺي ويندو هو، هميشه چوندو هو: ” بابل، اسان جي ڌرتي سڄي سوني آهي، پوءِ هيءَ کجي سوني ڇو نه ٿئي.“

        مان ۽ چاچو صبح جي سير تان موٽڻ کان پوءِ کجيءَ وٽ ضرور بيهندا هياسين.  چاچي نبي بخش ۽ گل محمد وارا سير تان واپس ايندا هيا ته چوندا هئا: ”جڏهن ڏسو ته هيءُ چاچو ڀائيٽو دربان وٽ بيٺا آهن.“  ۽ چاچو  علي محمد مرڪي ڏيندو هو. مان چاچي  کان پڇندو هوس:” چاچا، هن کجيءَ کي دربان ڇو ٿا چون؟“ چاچوکجيءَ جي اوچائي ڏي ڏسندو هو ۽ چوندو هو :” بابل، مٿي نهار هيءَ کجي توکي ٻين کجين کان اوچي لڳي ٿي يا نه ؟“

        ” ها چاچا، هيءَ کجي حويلي مان به ڏسبي آهي، هيءَ حويلي جي لنگه وٽ دربان وانگر بيٺل آهي. سڌي، اوچي، اڏول ڪو ڦيڏ، ٽيڏ، ڦير يا ڦند به ته ڪونهيس. هيءَ کجي اسان جي حويلي جي دربان آهي. پٽ! تو کي خبر ڪانهي!پٽ، جڏهن به هن حويليءَ تي چورن اچڻ جو ارادو ڪيو آهي ته هن کجي هميشه کين ڊيڄاري ڀڄايو آهي. جڏهن رات جو اوندهائي ۾ هن کجيءَ جو ڏيل ڏسندا آهن ۽ هوا جي زور تي سندس آرو آرو ورندو آهي ۽ مٿن وار ڪندو آهي ته هنن کي  جتي به  هٿ نه ايندي آهي.“

        ائين چاچو علي محمد مون کي ورهين جا ورهيه دربان کجي جي ڪهاڻي ٻڌائيندو هليو ۽ ان جي عظمت ايتري ته منهنجي مٿان ڇائنجي وئي جو مان جڏهن ان کجي وٽان  لگهندو هوس ته نئڙي سلام ڪندو هوس ۽ مون کي ائين لڳندو هو ته دربان به جواب ۾ ٿورو جهڪي نئڙي آهي. مان وڏو ٿيندو ويس. منهنجو بت ڀربو مضبوط هڏ ڪاٺ وارو ٿيندو ويو. منهنجا سوٽ ماسات به مون سان گڏ قداور ۽ سهڻي هڏ ڪاٽ وارا ٿيندا ويا.  هاڻ اسين زمين جو ڪم ڪار به سنڀالڻ  لڳا هياسين،  مان جڏهن سوٽ گلڻ،  نصير، نازڻ ۽ شيرل سان واندڪائي ۾ وهندو هوس ته کين چوندو هيس.”اچو ته هلي دربان وٽ ويهون.“  هو به منهنجي ڳالهين ۽ چاچي علي محمد جي ڳالهين مان دربان کجي جي عظمت کي گهڙي پل لاءِ به هيٺ ڪرڻ لاءِ تيار نه هيا. مان به جتي چاچو علي محمد دربان جي داستان کي ڇڏيندو هو، اتان کڻندو هيس.

        ” شيرل، توکي خبر آهي ته دربان جا ڏوڪا ۽ڪتل ڇو ايڏا مٺا آهن. ڇاڪاڻ ته هن ڌرتي جي مٽي ۾ ڪراڻ جو نالو ئي ڪونهي. هتي جو پاڻي، مصريءَ مليل  پاڻي آهي، هتان جا کوهه ۽ واهه سنڌوءَ مان پاڻي کڻندا آهن. جنهن سنڌوءَ  کي ازل کان ابد تائين وڏڙن جي دعا آهي ته ان جو پاڻي ڪڏهن کارو نه ٿيندو. دربان سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ ۽ مصري هاڻي ڌرتيءَ جو ميلاپ آهي. اهڙا ڪيئي دربان اسان جي وطن ۾ پکڙيل آهن.  ڪو جيڪر انهن جو خيال ڪري  ڏسي گلڻ، ڌيان سان ٻڌ. جي اسين دربان کي ايترو نه ڀانئيون ته جيڪر اهڙو مٺو ڦل به نه ڏئي ۽ ائين اسان جو خيال به نه ڪري.“

        ائين نه هو ته ڪو دربان کجي رڳو اسان جي هئي پر ڳوٺ وارا به سندس ڏنگ ڏونڪا،  ڪتل کائڻ  لاءِ حيران هوندا هيا.  چاچو علي محمد دربان کي پنهنجي سنڀال هيٺ رکندو هو. وقت اچڻ تي ان جي ڀريل ڇڳن تي  تڏهن چاڙهائيندو هيو ۽ جڏهن ڪتل لهندي هئي ته تبرڪ طور حويلي جي هر گهر ۾ ويندي هئي  ۽ وڏڙيون خاص طرح  چاهه سان کائينديون، کارائينديون ۽ چونديون هيون:” ابا، دربان وڏڙن جي پوکيل آهي. جيڪو هن جي رس ڀريل ڪتل کائيندو. اهو وڏڙن جي دعا به ماڻيندو.“

         جڏهن به عيد جو چنڊ ڏسبو هو ته وڌڙيونن چونديون هيون : ” ابا دربان جي مٿان نهاريو ۽ کجي جي مٿين شاخ اڀي ٿي ضرور ان ڏانهن اشارو ڪندي. جي چنڊ نه هوندو ته شاخ اڀي ٿي نه ورندي.“

        پر چوندا آهن ته هر بقا جي فنا آهي. حويلي ۾ رهندڙ ڪٽنب وڌندا ويا. نينگر وڏا ٿيندا ويا. جاءِ سوڙهي ٿيندي وئي ۽ پٽن جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. وڏڙا ويٺا ورهاستون ٿيون. حويليءَ  جا حصا ٿيا ته باغ  به وراهيو. اڃا ورهاست کي ڏينهن ئي نه ٿيا ته چيائون باغ وڍايو ته پٽ ٺهن ۽ جايون جڙن. مان اها گهڙي ڪيئن وساريندس. جڏهن چاچو علي محمد جنهن جو هاڻ پيريءَ ڏانهن پير هيو. پڙ ڪڍي بيٺو. چائين: ” اڙي. ڇو ڇتا ٿيا آهيو. اول چار ڏوڪڙ جوڙيو پوءِ ڪيو خيال جاين جوڙائڻ جو. اهو ته ٺهيو، هليا آهيو باغ ڪپائڻ.  چار پيسا ملنو ٿا.  اهي به ٿا وڃايو، اها ڪا ڪيو جو مينهن وسندي ڪم اچيو.“

        پر، سائين شل نه گهر ڦٽي، ڀائر اچي ڦٽا، سوٽن ۾ سيٽ گهڻي ماساتن ميسڻي نموني سان وار ڪيو ۽باغ ڪپجي ويو. اسين ته ننڍا نينگر هياسين چاچو علي محمد پنهجي پراڻي ڏڦي هوندي به هنن سان وڙهي نه سگهيو.

        اها منجهند به عجيب هئي، چاچو علي محمد ڪاٺيرن تي وريون وريو پي ويو ته دربان کي جيڪو هٿ لائيندو سو مئو پيو هوندو. سندس هٿ ۾ ڏڦلو چمڪيو پي، منهن ٽامڻي هنيل هوس. اسين ٽي چار ڀائيٽا سندس ڀر ۾ هياسين. اتي چاچو گل  محمد، نبي بخش ۽ سندس سوٽن مان نواز علي ۽ غلام علي پڻ آيا، جن ڏاڍي رمز سان کيس گهر آندو ۽ پڪ ڏياري ته باغ ڀلي پيو سڄو وڍجي پر دربان کجي نه وڍبي.

        منهنجي وڏي پڦي ۽ چاچي پڻ روئينديون آيون  ۽ اچي کين چيائيون. ” هيءُ ڪهڙو قهر ٿا ڪريو. دربان اسان جي سالن جي کجي آهي. اسين ٻارڙيون هن کجيءَ هيٺ پليون آهيون، هن  جي ڪتل تي ويلا ٽاريا اٿئون. ڏکين ڏينهن جي ڀرجهلائو کي ائين ڪپيندي ڪو قياس  نه ٿو اچيو.“ ماسي جنان ته دانهن ڪري چيو :” اڙي رحمت جي فرشتي کي ٿا هٿئون وڃايو. دربان آهي ته حويلي به آهي.“

        پوءِ ته اچي حويلي ۾ ٽاڪوڙا پيو ۽ سڄي ويڙهي ۾ دانهن هئي ته دربان ٿي ڪپجي. مون ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ ته ڪو جاندار ٿي  ڪٺو، ڪو عزيز ٿي رٺو، ڪو دلدار ٿي ڇنو. نيٺ چاچي علي محمد ۽ ڀائرن گڏجي سوٽن، نواز علي ۽ پناهه علي کي مڃايو ته دربان نه وڍبي، ڇاڪاڻ ته دربان سندن حصي ۾  ٿي آئي ۽ دربان وڍڻ سان سندن پٽ سنئون ٿي ٿيو.

        منجهند خير جي گذري، چاچو علي محمد  ساڻو ٿيو پيو هو. مونکي چيائين: ” بابل، تون وڃي ٻاهران چڪر ٻڪر ڏئي آ، اڄ پڪي رستي تي گهمڻ  ڪو نه ٿا هلون.“

        شام وري آئي هئي. مان جيئن ئي حويليءَ جي ورانڊي مان  نڪري اڱڻ ۾ آيس ۽ سامهون نظر ڪيم ته حويلي جي وڏي ڀت ٻسي ڀانيم.  اڄ ات دربان جا پاڇولا نه هيا.  دربان ايڏي وڏي عالم پناهه کان به مٿي چڙهي حويليءَ اندر ليئا پائيندي هئي. ويڙهي جا ڀاتي سندس شاخن کي ۽ ڦرن کي ڏسي هوا جو رخ پرکيندا هيا.  اڄ ڪا هوا ئي اهڙي لڳي هئي جو سڀ رخ ڌرتي  ڏانهن هيا. اڀا به سنئين چوٽيءَ فرش تي هيا. مون کان بي اختيار دانهن نڪري وئي ” چاچا،  دربان!.“ چاچي وٽ دانهن ڄڻ ڀتيون  ڏاري اندر ڪوٺيءَ ۾ پهتي ۽ هو اتان پيرين اگهاڙين  ٻاهر ڀڄندو آيو ۽ ڀت جا خالي ٻنا، پسي وسامي ويو. بي اختيار نڪتس.

اڄ نه اوطاقن ۾  طلب تنوارين،

آديسي اٿي ويا،  مڙهيون مون مارين،

هو جي جيءَ کي جيارين، سي  لاهوتي لڏي ويا.

         هو جهڪيو ۽ ويهي رهيو. جيئن چاچو ڌرتي ڏانهن جهڪيو ۽ وڃي فرش  کنيائين. تيئن وري نه اٿيو. ٻن ٽن ڏينهن اندر مٽيءَ واءُ ٿي ويو.

        جنهن شام جو دربان کجي وڍي، ان رات حويلي جي ڪيترن گهرن ۾ ڪنونه چڙهيو ۽ ڪنهن ڪٽنب شايد ڪو ڪڻو چکيو هوندو. سڄي رات ٻڪرين جي جاءِ  ۾ ٻڪريون ٻاڪارينديون رهيون. صبح جو ڪنهن نه ڪنهن جو ننگ کٽل هو. گهڻيون پٽ پيو هيون. خاموش ائين جيئن دربان وڍجي خاموش پٽ پئي هئي.

        بابي ۽ چاچي علي محمد جي ماساتن نواز علي وارن کي ارهائي نه هئي هت سرهائي به نه ئي. ڪيو ته ڪڌو ڪم هئائون، پر چين ڪنهن به ڪو نه، ڇاڪاڻ ته پٽ هنن جوهيو،  مالڪ هو هيا پر انهي صدمي سڄي  حويلي  ۾ روڻ وجهي ڇڏي هئي. اهي قرب ۽ مٺ محبت جون  ڳالهيون، اهي اڱڻ ۾ چهچٽا ۽ چوٻول، هڪ ٻئي جو ڏيڻ وٺڻ، ماني گڏ کائڻ سڀ ائين ختم ٿي ويو. جيئن دربان ۽ چاچي علي محمد وڃي پٽ کنيو هو. ڪو ڌرتي تي ائين بي ڪفنيو پيو هو ۽ ڪو  ڌرتي هيٺ وهنجي سنهجي ڪفن سوڌو آرامي هو.

         اڃا اهي صدما نوان هيا ته هڪ رات حويلي ۾ چور گهڙيا.اسين ننڍا نينگر سڀ اوطاقن تي سمهندا هياسين ۽  حويلي ۾ ڪجهه وڏڙا سمهندا هيا. جنهن رات چور گهڙيا، اسان اڃان اوطاق تي ڳالهيون پي ڪيون ۽  ائين اسان رڙيون ٻڌيون، سڀ ڀڳاسين ڪي حويلي  جي وڏي دروازي ڏانهن جيڪو بند هيو. مان ۽ شيرل حويلي جي صفا پٺيان،جتان حويلي جي ڀت ڪجهه دڙن جي ڪري هيٺ ڀرو هئي.اتي پهچڻ کان اڳ اسان دٻڪي جو آواز ٻڌو ۽ اوندهه ۾ ڪجهه پاڇن کي گم ٿيندو ڏٺوسين. حويلي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چور آيا هيا، پر ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي مايوس ٿي هليا ويا. حويليءَ  جي رهواسين لاءِ اهو هڪ اهڙو ٽڪو ۽ نشان هو، جنهن کين مجبور ڪيو ته ڪنڌ هيٺ جهڪائي هلن، متان پيشاني تي آيل ٽڪو ڪنهن کي نظر نه اچي وڃي.

        مان هاڻ ان دربان جي ٿڙ وٽ  وهڻ لڳس، جت ويهي سوچڻ لڳندو هوس ته ڇا دربان سچ پچ اسان جي محافظ هئي. هن جي سمهي پوڻ سان اسان جو تحفظ، اسان جي عزت سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ تي آهي. ڇا واقعي حويلي دربان جي دم سان آهي؟

        آهستي آهستي سوٽ گلڻ، شيرل، نصير، نازڻ ۽ ولي محمد سڀ اتي دربان وٽ شام جو گڏجڻ لڳاسين. ڪي ٿڙ تي ڪي کجي جي بنڊ تي  ويهي رهندا هيا. هاڻ آهستي آهستي اسان دربان کجي جي چوڌاري ويهي هڪ سجاڳ منڊلي قائم ڪئي. ڪچهريون هلڻ لڳيون. سجاڳيءَ جون ڳالهيون ماحول جي سڌاري جون ڳالهيون ۽ ائين اسان محسوس ڪيو ته دربان ستل هوندي به اسان کي آهستي آهستي اهڙي قوت بخشي رهي آهي. جيڪا اسان کي نه رڳو جسماني طرح پر ذهني طرح به پختو بڻائي رهي آهي. ائين آهستي آهستي جوانن  جو ميڙ روشن ذهن سان اڳتي وڌي رهيو هيو. ڪي وري پڙهڻ لڳا، ڪي محنت سان ڪم ڪرڻ  لڳا. ڪن ڳوٺ کي ٺاهڻ جو پروگرام ٺاهيو. ته ڪن کوهن کي ٿي صاف ڪيو ۽ ڪن ناليون ٿي ڌوئرايون. اسين سڀ جڏهن چاچي علي محمد جي نڪتي کان قصي کي کڻي دربا تائين پهچائيندا هئاسين ۽ دربان وڍجڻ کان موجوده وقت تائين غور ڪندا هياسين ته اسان کي ائين لڳنندو هو ته اهي ڪي اهم نڪتا آهن، جن  جو ڳانڍاپو ڪو موڙ پيدا ڪري سگهي ٿو.

        مان اهو موڙ ڪيئن وساريندس جڏهن هڪ رات  ڳوٺ تي ڌاڙيلن حملو ڪيو. رئيس شاهنواز جي بنگلي تي پهريون ڌڪ هنيائون.  دانهون ٿيون ۽  اسين اٿياسين. هوڪر ٿي سڀ سوٽ ۽ اسان جي ٽولي جا جوان اوطاقن مان نڪري پيا.  ڪي حويلي کي ويڙهي ويا ۽ ڪن اڳڀرو  وک وڌائي هوڪرن تي ۽ شاهنواز خان جي بندوق جي ٺڪائن تي ڌاڙيل ڦيرو ڏئي  ٽٽا سڌو حويلي ڏانهن جيڪو ڳوٺ جو اهم نشان هيو. مون ڪارا پاڇا ڏٺا، مان دربان جي وڍيل ٿڙ تي چڙهيو بيٺو هيس. جوان ڦهليل هيا. مون وٽ هڪ ڪهاڙي هئي. اسان کي پنهنجين ڪوتاهين جو احساس هو. پر همٿ هئي جنهن اسان کي اڳڀرو ٿي ڪيو. ڌاڙيل مٿين گهٽي ٽپي، حويلي جي دروازي تي آيا هيا.  اسان رستي واري پاسي کان گهيڙ وٽ بيٺا هياسين.  اسان کين حويلي وٽ جمع ٿيندي ڏٺو. هن هڪلون ٿي ڏنيون  ته دورازو کوليو. کين شايد خبر هئي ته حويلي وارا صدين کان حفاظت جي اثر هيٺ هيا. هنن وٽ ته مڏو هيٿار به ڪونهي. کين اها به خبر هئي ته  ڪي نوجوان ڳٿو جلهيو بيٺا آهن. مون گلڻ ۽ نصير کي گهيڙ تان مٿي چڙهندي ۽ وڌنڌي ڏٺو. مون دانهن  ڪري کين چيو ” گهيڙ نه چڙهو، هو سامهون آهن، توهان لڪل رهو.“ مون هڪل ڏئي کين چيو ” نه ويندا آهيو، چور، چور جا پٽ“ هنن اوندهه ۾ نهاريو.  هنن کي مٿان ڏسڻ ۾ آيا. هو هٽڪيا پر دورازي وٽ جهڪي جاءِ سنڀاليئون.  ائين شيرل سهڪندو، شاهنواز خان جي بندوق کڻي اچي پهتو. مون سٽ ڏئي بندوق کانئس ورتي، دربان  جي  ٿڙ جي اوٽ وٺي آ ڪرايو مان ”نه ويندا آهيو.“ هنن جوابي فائرنگ ڪرڻ جي ڪئي. مقابلو شروع  هو. شيرل ڪهاڙيءَ سان دربان جا ڳپل لاهڻ  شروع ڪيا. مون  گهڙي پلڪ لاءِ ڏانهن  نهاريو  پر فائرنگ تي توجه ڏيڻي پيم. پر هر هڪ ڌڪ هنيانءَ ۾ پي ڀانيم.  ائين ڏٺم ته گلڻ، نصير ۽  پاڙي جا جوان گهيڙ جي آڙ وٺي سري آيا ۽ اچي کجي جا ٽڪر کنيائون. هنن انهن کي تيزي سان ڏانهن اڇلڻ شروع  ڪيو. ڪنهن جوان کجي جي بجن کي باهه  ڏئي ٽڪر اڇلڻ شروع ڪيا. اوچتو حويلي مٿان ڪوٺي تان سرن ۽ پراڻن دٻن ۽ ٽينن جو ٽڙڪو شروع ٿي ويو. شيرل وري ڪک پن گڏ ڪري دربان جي هڪ حصي مٿان رکي باهه ڏئي ڇڏي.  هاڻ ته ڏينهن هو. اوچتو مون محسوس ڪيو ته نصير ڪريو. جيئن مان ڏانهنس وڌيس ته مون سمجهيو ته ڪنهن پگهاريل سيهو منهن جي ٽنگن ۾ ڀري ڇڏيو آهي. ڪي جوان ڪريا ڪي جوان وڌيا. رئيس شاهنواز جي ماڻهن ڌاڙيلن جو پريون ڳٿ بند ڪيو.  جڏهن مان هوش ۾ آيس ته ماڻهن جا ميڙ هيا. ڌاڙيلن مان ڪي مئا، ڪي ڌڪيا ۽ جيئرا جاڳندا جلهيا.

        مون دربان ڏانهن نهاريو جيڪا سڙي رک ٿي  چڪي هئي. سندس ٿڙ قائم هو ۽ قائم آهي. اهي گهيڙ گهٽ اها حويلي، اهو ڳوٺ اڄ به موجود آهي. نوجوانن جو عزم ۽  حوصلو اڄ به بلند آهي. پوءِ به ائين نه چوان ته تاريخ جي صفحن تي جي ماڻهو اڪريل آهن ته اهي وستيون.  اهي واٽون  ۽  پنڌ، اهي گهيڙ ۽ گهٽ، اهي وڻ ۽ ٽڻ، اهي کوهه ۽ واهه به اڪريل هجن جن جو انهن ماڻهن  کي تاريخ بنائڻ ۾ وڏو هٿ آهي ته دربان جو نالو ان کان به اڳڀرو اچڻ کپي. اسين سڀ ڳوٺ جا رهواسي اڄ به دربان  کي ياد ڪريون ٿا ۽ اسان انهيءَ دربان جي ڀرسان نئين کجي به پوکي آهي، جنهن جو نالو به دربان آهي.

 

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com