سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ويريون

باب: --

صفحو :6

 

هڪ هرڻيءَ جي ڳالهه

        هيءُ ڪنهن خاص هرڻيءَ جي ڳالهه ڪانهي. هيءَ سڀني هرڻين جي آهي. جن جون سهڻيون من موهيندڙ اکيون  مشهور آهن. حقيقت ۾ هيءَ ڳالهه سڀني اکين جي آهي، جيڪي ڳالهائي ڄاڻنديون آهن ۽ هيءَ  آهي به ته هڪ ڳالهه.

        اچو ته توهان کي هرڻي جي  ڳالهه، اکين جي ڳالهه، ڳالهه  ڳالهه ۾ ٻڌائي ڇڏيا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڳالهه مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.

        ڪجهه ڏينهن ٿيا جون مان اباڻي زمين تي زمينداري ڪرڻ ويو هوس. منهنجو ننڍڙو ڏهن ورهين جو پٽ به ساڻ هيم. ڇاڪاڻ ته هي به سندس اباڻي ملڪيت هئي ۽ کيس ئي سنڀالڻي آهي. پوءِ ڀلا کيس، پاڻ کان، زمين کان ڇو الڳ رکان؟ زمين تي پهتس ته هارين جي گهرن جي ٻاهران ئي ديري تي هنڌ کٽولا وڇايل هئا ۽ ڏاڍو بالم ٿي وڃي ڪرت کي لڳس.

        ٿوري ويرم کان پوءِ ڏٺم ته مون وارو نينگر گم هو. پڇا ڪيم ته چيائون. “  سائين! علو ڪمدار کيس گهرن ڏي وٺي ويو آهي.“ دل ۾ خوش ٿيس. چيم ته هاري به سندس ۽ انهن جا ننگ به سندس،  کيس ئي سنڀارڻا آهن. ڪا مهل ٿي ته ڏسان ته هڪ ننڍڙي ٻچٽ  هرڻي نچندي اچي ۽ هو انهيءَ سان کيڏندو اچي.

        ”  اڙي بابا، هي هرڻي ڪنهن جي گهلي آيو آهين.“

         ” بابا، چاچا ڪمدار وٺِي ڏني آهي. غلامون هاري جي پٽ جي آهي. بابا، هو وري ڏئي نه پيو ۽ روئي پيو، چاچا ڪمدار دڙڪا ڏئي هرڻي کڻي آيو.“

        الائجي ڇو مونکي  ڇرڪ پئجي ويو. اٿي بيهي رهيس. ” پر پٽ، هي پرائي آهي، غلامون جي پٽ جي آهي توهان کي نه وٺي اچڻي هئي.“

        مون سندس اکين کي ڀرجندي ڏٺو، سندس اکيون التجا سان ڀريل هيون.  مون ڪمدار ڏي ڏٺو.

        ” سائين  ڪهڙي ڳالهه آهي، هي راڄ سڄو تنهنجو آهي، سڄي تنهنجي ملڪ آهي، هرڻي ڪهڙي شيءِ آهي. غلامون جا مائٽ جبل ڏي رهندا آهن. حڪم ڪيو ٻيون هرڻيون کوڙ.“

         غلامو اڳتي وڌي آيو، ” بادشاهه، ننڍڙي حاڪم تان هڪ ڇا، سئو هرڻيون قربان. منهنجي پٽ اها پالي آهي، تڌهن کيٽو  ڪيو اٿائين، کيس ٻي گهرائي ڏيندس. هرڻي ننڍڙي حاڪم جي ملڪيت آهي. منهنجا سائين.“

        مان ويهي رهيس. ڪمدار، غلامو، علڻ، جانڻ ولو گلو ۽ رحيم واري واري تي ڳالهائيندا رهيا. هو ڇا ڳالهائيندا رهيا سو مان سمجهي نه سگهيس. منهنجو اکيون پنهنجي نينگر تي کتل هيون، جيڪو هرڻي سان کيڏي رهيو هو. منهنجي لاءِ ته وقت پٺڀرو هليو ويو هو ۽ ان نينگر جي جاءِ تي مان انهيءَ ئي هرڻي سان کيڏي رهيو هيس. رڳو زمان و مڪان جو فرق هو. هاڻ منهنجي سامهون ڌنڌ ۾ ويڙهيل  ڪارا ٽڪر هئا. انهن   جبلن جي هنج ۾ لس ئي لس ميدان ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، انهن گهرن کان پرڀرو سرڪاري بنگلا هئا.  ڪجه ڪوارٽر ها ۽ مان  هيس. هڪ مون وانگر ننڍڙي هرڻي جنهن جو نالو ڪونجڙي هو. مون سان ساڻ هئي. مون به پئي  ساڻنس ٺينگ ڏنا.  مون سندس ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي سندس اکين کي چميو. مون کي سندس اکيون اهڙيون وڻنديون هيون، جو جڏهن بابا جي آڏو انهن اکين جي ساراهه ڪندو هئس، ته بابا کلي منهنجي ماءُ کي چوند هو ” پٽهين ته ڪوشاعر ٿيندو!“

        هرڻي ڇانگ ڏئي ۽ سندس اکين ۾ مستي نه ڀرجي، اڻ ٿيڻي آهي. انهي مهل سندس اکيون سندس انگ انگ جي مستيءَ  کي ظاهر ڪنديون هيون. مان  انهي مستي ۾ ئي گم هيس ته بلاول ڊوڙندو آيو ۽ هرڻي کي رسي کان وٺي ڪاهڻ لڳو. ” هي هرڻي منهنجي آهي، هاڻ توکي نه ڏيندس. سڄو ڏينهن ٿو ڊوڙائينس. منهنجي هرڻي ٿڪجي پئي آهي.“

         مون وت آهر وڌي کائنس هرڻيءَ جي رسي ڦرڻ جي ڪئي، پر مان آفيسري ٻار، ڪاٿي هو جابلو نينگر هڪ ئي ٿيلهو ڏنائين مان پري وڃي پيس.

        مون روئي  اچي بابا کي دانهن ڏني. ڀلا ڪاٿي بابو منهنجو ضلع جو وڏو آفيسر، ڪاٿي هڪ پٽيوالو ۽ ان جو پٽ. ان مهل هرڻيءَ  اچي بنگلي تي ٺڪاءُ ڪيو. بلاول جو ڪوارٽر پري نه هو، سندس رڙيون سڃي رات پئي ٻڌڻ ۾ آيون، بابا منهنجي هرڻي، بابا منهنجي ڪونجڙي!“

         هيءَ ته ڳالهه ئي نه هئي جو پٽيوالو همٿ ڪري پنهنجي آفيسر کي چوي. بلاول ٻئي ڏينهن تپجي پيو. مان وٽس هرڻي کڻي ويس. چيو مانس ته گڏجي کيڏون  جيئن اڳي کيڏاندا هياسين، پر هو چوي، ” ڪونجڙي منهنجي آهي رڳو منهنجي آهي.“

        سرڪاري ضد ۾ هرڻي منهنجي هئي ۽ مان هرڻي سان وڃي کيڏڻ لڳس. شام جو اهوئي ميدان، اهي جبل ۽ ڪونجري هئي. ائين ڏٺم ته بلاول ڊوڙندو آيو.“ هاڻي هيءَ هرڻي منهنجي آهي، بيگم صاحبه چيو آهي ته ڀلي وڃي تون کڻ.  منهنجي امان مونکي  بيگم صاحبه کان هرڻي وٺي ڏني آهي.“

        مون سامهون نظر ڪئي، بنگلي جي ٻاهرئين ٿلهي تي منهنجي امان بيٺي هئي ۽ اشاري سان مون  کي سڏي رهي هئي. مون کي ياد آيو ته بابا به ٻاهر گشت ۾ ويل آهي. پاسو کڻڻ وارو به ڪونهي ۽ هرڻي به کسجي ويندي. ڏاڍي خارمان هرڻي ڪاهيندو بنگلي ڏانهن آيس. اتي پهتس ته امان پيار سان سمجهايو ۽ مان هرڻي ڏي ڏسندو رهيس. جا آرام سان ٿلهي وٽ ويهي رهي هئي.

         الائجي ڇو ايڏي بي عزتي ڀانيم جو جلد هڪ فيصلو ڪري ورتم. مونکي ان مهل نه ته هرڻيءَ جون ڇانگون ياد آيون، نه من موهڻيون اکيون. بس چپ چاپ ٿلهي تي چڙهي ويس ۽ اک هڪ چڱي ڳري پٿر تي هيم،  اک ڇنڀ ۾ پٿر  کڻي هرڻي مٿان اڇلايم.  جيستائين امان پهچي، بلاول ڊوڙي يا هرڻي سجاڳ ٿئي. هرڻيءَ جو مٿو بنهه ڏاري وڌم، منهنجي اکين آڏو هڙڻي جون اهي اکيون ياد آهن. جن  ۾ اهڙيون التجائون صدين جون صدائون هيون. جو ائين سمجهيم ته سڄي وادي گونجي اٿي آهي. ان سان گڏ بلاول جون دانهون اڀ ڏاري رهيون هيون. مون بلاول ۾ به اهي ئي صدائون  پسيون الائجي ڇو سندس اکيون مون کي هرڻيءَ جي اکين کان مختلف نه لڳيون.

        اڄ جڏهن منهنجو پٽ اهڙي هڪ هرڻي کڻي آيو ته سچ پچ ته ڏڪي اٿيس. ۽  جيئن ڇرڪ ڀريم ته ڏسان پٽ مونکي ڪجهه چئي رهيو آهي.

        ” بابا، هو آهي غلامونءَ جو پٽ!“  ڏٺم ته هڪ نينگر ڪنڌ هيٺ ڪيو، ٻني تان  وڃي رهيو آهي. ڇانگ ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي ڪهاڙي هٿ ۾ اٿس، جا ٻوڙن تي هڻندو نڪتو پئي ويو.

        مون غلامونءَ کي چيو ته کيس سڏ ڪري. غلامونءَ جي سڏ تي هن لوڻو ورايو ۽ ڪجهه وقت اتي بيٺو رهيو ۽ پوءِ سري ويجهو آيو. سندس اکيون روئڻ ڪري ڳاڙهيون هيون.

        ” پٽ اوري آ تو کي هرڻي کپي“

        يڪدم مون واري پٽ دانهن ڪئي ” بابا مان هرڻي ڪو نه ڏيندس!“ مون ڏٺو ته سندس اکين ۾ جا جوت جاڳي ٿئي، ات مايوسي جا پاڇولا  اچي ويا هيا.

        ” نه سائين هرڻي ننڍڙي حاڪم جي آهي. اڙي هل ڇورا! وڃي ٻڪرين کي ڏس، هل“ غلامونءَ  چهڙ ڏنس.

        مون يڪدم کيس ورڪيو. ” پٽ، بيهه اسان هرڻي کڻون ٿا. پر ائين نه. اچي هيءُ وٺ. تون ٻي هرڻي وٺجانءِ.“ ڏانهنس پنجاهه جو نوٽ وڌايم. ڏٺم ته سندس اکيون ڀرجي آيون هيون. هن نوٽ وٺي هرڻيءَ ڏانهن ڏٺو جا پرڀرو وڻ سان ٻڌي بيٺي هئي. اوچتو سندس اکين ۾ مون هڪ عجيب چڻنگ ڏٺي. هن مون ڏانهن ڏٺو، هن جو اکيون ڳالهائي رهيون هيون اهڙي ڳالهه، جنهن ۾ نه التجا هئي، نه صدا هئي. ڄڀي هئي، جنهن ڀڙڪو  کاڌو هو ۽ الر ڪري هرڻيءَ ڏانهن وڌيو. مان ته پنڊ پهڻ ٿي ويو هوس. هن جي ڊوڙ، تکائي ۽ جلدائي حيرت ۾ وجهندڙ هئي.

        هن هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪهاڙيءَ سان هرڻيءَ جي منڍي لاهي وڌي. وڄ هئي جنهن وراڪو ڏنو هو. مون ڏانهنس ڏٺو، هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ سندس اکين هڪ دفعو وري ڳالهايو. مان ڇا ٻڌايانوَ ته  هن جي اکين ڇا ڳالهايو. شايد وقت اهڙو اچي جو توهان سان ائين ئي ڪي اکيون ڳالهائين ۽ سمجهو ته هو ڇا ٿيون چون. هن نوٽ ڦاڙيو، دڙها هنيا ۽ واڪا ڪندو ڊوڙند نڪري ويو. مون ڏٺو ته چوٻول پئجي ويو. مان وڌي هرڻيءَ تائين ويس. اهي اکيون اهي ئي التجائون، اهي ئي صدائون.

        هرڻيون شايد هرڻيون آهن. سڀ ساڳيون، من موهڻيون اکيون، اهي ئي اکين ۾ التجائون ۽ صدين جون صدائون پر ماڻهو! منهنجي آڏو بلاول جون اکيون، پوءِ غلاموءَ جي پٽ جون اکيون ڦري آيون. ڪيڏيون نه مختلف هيون!

        ” ڪيڏو نه زمان ومڪان جون فرق آهي!“ مون سوچيو.

        مون پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو جو هرڻيءَ مٿان رڙيون ڪري روئي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ته هو بلاول بڻجي ويو آهي.

 

*

 

سونهن ۽ سوڀيا

هوءَ ڪا گهڙي ڇهن سونين چوڙين کي تڪيندي رهي. سندس هٿ ان جي گولائي، سونهن ۽ چمڪ کي توريندا رهيا. آهستي آهستي سون جي چلڪي جا ترورا وڌي سندس اکين جي چمڪ کي  وڌائيندا ويا. هوءَ هاڻ چٽو ڏسي پئي سگهي. سندس اکين ۾ آيل ڳوڙهن جي نار ٽٽي پئي هئي. ان جو بند وقتي  جهلائو بند مثل هو. هو تڪڙو تڪڙو ڏسڻ لڳي. کيس ڊپ هو ته ڪٿي وري اهو جهلائو بند نه ٽٽي پئي ۽ سندس اکين جيڪي ڏٺو آهي سو نه  گم  ٿي وڃي. هن ڏٺو ته سندس آڏو هو بيٺو هو. سنئون سڌو ساڻس ڳالهائي رهيو هو.

”رونق!“

” جي“

” رونق، مان ايڏو تونگر ناهيان، پر جيڪو خزانو مون کي مليو آهي، ان سان  منهنجو من ايڏو ته مالا مال آهي جو سوچيندو آهيان ته سونهن جي ديويءَ  لاءِ ڪهڙو جڙاءُ؟ پر منهنجي رونق منهنجي گهر  جي روشني ئي منهنجي سونهن ۽ سوڀيا آهي رونق!“

هن ڏٺو ته سندس هٿ وڌي سندس ڳلن تي پهتا ۽ سندس پيشاني ڇهي چيائين. ” توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي. اڄ ڪهڙيون، ڳالهيون پيا ڪريو. مان ڀلا توهان کان ڪڏهن ڪجهه گهريو به آهي. مون وٽ سونو زيور ڪونهي ته ڇا ٿي پيو توهين مون لاءِ ڪنهن قيمتي زيور کان گهٽ آهيو ڇا؟“

        ” نه رونق، مون هميشه تنهنجي  ٻانهن ۾ ڪچ جون کڙڪندڙ چوڙيون ڏٺيون آهن. رنگ به سهڻا هوندا اٿن. تنهنجي سهڻين ٻانهن جي وڻندڙ وراڪن سان واڄو به وڻندڙ ڪنديون آهن پر نه مٺي! سون جي سونهن ئي ٻي آهي. تون اڄ اهي سونيون چوڙيون پاءِ ته مان تنهنجي سنگ مرمر جهڙين ٻانهن ۾ انهن جي سونهن ڏسان ۽ ٻڌان ته اهي ڪهڙو واڄو ٿيون ڪن.“

        هن چٽي طرح ڏٺو ته هن کلي، چوڙيون پاتيون ۽ وراڻيائينس: ” ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجي سلسلي ۾ شاعري نه ڪندا ڪريو.“

        ” رونق منهنجي شاعري تنهنجي دم سان قائم آهي. جنهن ڏينهن تون نه هوندينءَ ان ڏينهن مان پنهنجي شاعري جوانت  آڻي ڇڏيندس.“ هن ڏٺو ته سندس مڙس چپ ٿي ويو نهايت ئي ڳنڀير ٿي آهستگيءَ سان چيائين:”رونق، تون نه هوندينءَ ته منهنجي شاعري مري ويندي، جي منهنجي شاعري مري وئي ته مان مري ويندس. پر جي مان مري وڃان مٺي! ته پوءِ؟“

        هن چٽيءَ نهاريو ۽ ڏٺو ته هوءَ ڪا گهڙي چپ ٿي وئي ۽ نيٺ اونهاين مان آواز نڪتيس: ”ڌڻي نه ڪري، سائين! خدا توکي سلامت رکندو، رب ڪندو ته مان تنهنجي هٿن ۾ سرهي ٿينديس.“

        ” پر رونق! جي مان مري ويس ته ايترو ته ضرور ٿيندو جو هاڻ تنهنجيون ٻانهون شيشي جي چوڙين ڀڄڻ سان زخمي نه ٿينديون. ان جي سونهن کي ڪٿي به داغ نه لڳندو. توکان جي سونيون چوڙيون لهرايائون ته به تنهنجي ڏکين ڏينهن جون ضرور ساٿياڻيون ٿينديون.“

        هن جي اکين جو جهلائو بند ڀڄي پيو ۽ اهو سڄو نظارو غائب ٿي ويو. هاڻ هوءَ اڪيلي بيٺي هئي سندس هٿن ۾ اهي ئي سونيون چوڙيون هيون، جن کي سندس اکين مان اٿل کائيندڙ پاڻي اجرو ڪري رهيو هو پر هاڻي ان جي چلڪي سندس اکين ۾ ڪا به جوت ڪانه ٿي جلائي. هوءَ ڪٺٽ کان هٽي کٽ تائين آئي ۽ پاڻ ڇڏي ڏنائين. ڪي گهڙيون هوءَ روئندي رهي. اوچتو ڇڻ ڇڻ جو آواز ٻڌائين. بي خيالي ۾ چوڙيون سڀ هيٺ ڪري پيون هيون، وڳر کان وڇڙيلن وانگر ڌار ڌار پري پري پيون هيون.

        هن جيئن پهرين  چوڙيءَ کي کنيو ته هن ڏٺو ته ڪو درتي بيٺو آهي. هن سڃاتو ته هو سندس ڏير اسلم هو. هو آهستگيءَ سان وٽس آيو ۽ هن چپ چاپ هڪڙي چوڙي کڻي هن کي ڏني. هو ڪا گهڙي ڄميو بيٺو رهيو پوءِ چيائين :” ڀاڄائي! سونهين ته نٿو نه توکي چوان پر توکي خبر آهي ته منهنجي ڪهڙي حالت آهي.  مهمانن جا لڏا لٿا پيا آهن. ٽيجهي جو خرچ به جهڙو تهڙو نه ٿيندو. منهنجي خيال ۾......“

        هن سڀ چوڙيون ميڙي ڏير آڏو جهليون. ڏيرس ان مان هڪ چوڙي ٻي کنئي ۽ چپ چاپ هليو ويو.

        هن وري چوڙين ڏانهن ڏٺو. اچتو در وري کليو کيس پنهنجي ننڍڙي نينگر حورنظر آئي.  هوءَ بيٺي رهي ۽ حور پدمڙا پير کڻي اچي کيس ڀاڪر پاتو. جيئن هن حور کي کنيو، حور چوڙين ۾ هٿ وڌس، هوءَ ڪا گهڙي ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي.

        “ حور به ته سونو زيور گهرندي، اڄ ننڍي آهي، سڀاڻي وڏي، جي هيءُ باقي چار چوڙيون به کڻي ويا ته پوءِ ڇا ٿيندو!“

 

* * *

چون ٿا ته وقت جو بادشاهه پرن واري گهوڙي تي سوار، اڏامندو رهي ٿو. رونق وقت جي رفتار کي تڪيندي رهي.  سندس تريءَ تي رکيل باقي چار چوڙيون به اڏامي زماني جي نرالي دستور ۽ رسمن جو بک ٿي ويون. ماڻهو به ان گهر جو مري ۽ گهر به انجو ئي لٽجي، شايد موت وانگي قدرت جو اهو به اٽل قانون آهي.

        ٽيجهو ٿيو، چاليهو ٿيو، ائين هن گهر جا ٻيا تپڙ به ڪڍي ڏنا. مهمان، عزيز قريب، همدرديءَ جا انبار کنيو سندس آڏو ڦيريون پائيندا رهيا. سندس مانيون کائيندا رهيا. پر ڪنهن کيس ائين ڪونه چيو ته هيءُ ٻه چار ڏوڪڙ اٿئي. توکي به ضرورت هوندي. رونق جڏهن هٿين خالي ٿي هڪ ڏينهن سندس فضا ۾ تڪيندڙ خالي خالي نظرون وڃي ڏيرس اسلم تي کتيون جيڪو ميسڻي شڪل ٺاهيو بيٺو هو.

         ڪا گهڙي خاموشي هئي، نيٺ اسلم ڪڇيو : ” ڀاڄائي، ڀاڄائي.“ هوءَ خاموش رهي. ائين جيئن هميشه رهي هئي. ائين جئين سندس گهر خاموش ٿي ويو هو. ڀريل وسيل گهر اڄ ويران هو، جنهن جي ڪا شئي نه بچي هئي. هن جي نظرن کي ڏسي اسلم تڪڙو چيو : ” ڀاڄائي، مان تولاءِ فڪرمند آهيان، آخر تنهنجو ڇا ٿيندو. مان هڪ غيرت مند ڀاءُ آهيان. مان نه ٿو چاهيان ته تون ڪوڪم ڪر ۽ خاندان تي ڪو بدنامي جو داغ اچي. مان اهو به نٿو چاهيان ته  تون ڪو نڪاح ڪرين. هونئن ته مان توکي اجازت به ڏيان پر حور  جو ٻئي گهر ۾ پلجڻ جوان ٿيڻ ۽ انهي خاندان ۾ وڃڻ مون کي پسند نه آهي. مان اهو به  نٿو چاهيان ته تون اوڙي پاڙي کان مدد وٺين ۽ ڌاريا مرد تنهنجي در تي روز بيٺا هجن.“

        هوءَ ڏانهنس انهن تي نظرن سان تڪيندي رهي. اسلم چوندو ويو.

        ” توکي خبر آهي، پاڻ وارو سئوٽ جان محمد ڪيڏو نه ڀلو ماڻهو آهي. هو مون وٽ آيو هو ته حور سندس پٽ گل محمد لاءِ کيس ڏيون. هن نه رڳو ڇوڪري کي پالڻ جو پر توکي به پالڻ جو سرٺو کنيو آهي. مان ته انهيءَ مهل ئي ها ڪرڻ وارو هيس پر چيم ته توکان ڀڇان. توکان پڇڻ ضروري ته نه هو ڇاڪاڻ ته آخر ڇوڪري جو وارث مان به ته آهيان.“

        اسلم، رونق ڏانهن ڏٺو. هاڻ کيس خالي نظرن ۾ هزارين  طوفان نظر آيا. هوءَ ڏانهنس انهن نظرن سان تڪي رهي هئي. جنهن ۾ هزارين شڪايتون هزارين ڏک، باهه جي شعلن  وانگر ڄڀيون بڻجي ڀڙڪي رهيا هئا. هو وڌيڪ انهن نظرن آڏو بيهي نه سگهيو. کيس هزارن ارمانن ۽ خواهشن جي اتت ۽ تاءُ محسوس ٿي رهيو هو. انهي گرمي ۾ گهٽ ۾ صرف ايترو چئي سگهيو :”چڱو مان هلان ٿو  ڀلي تون سوچ، مان ادي جان محمد کي توڏانهن موڪليان ٿو.“

        هويڪدم ٻاهر نڪري ويو. رونق جي زبان تي اهو ايندي ايندي رهجي ويو ته : ” توهان مائٽ ڪهڙي حساب سان منهنجي ڇوڪريءَ تي حق ڄمايو ٿا. جڏهن  ٽن ورهين ۾ منهنجو الهه تلهه  پورو ٿيو ته توهان مان ڪنهن به خبر نه لڌي. اڄ مون بي وسيلي کان توهان اهو وسيلو به کسڻ چاهيو ٿا. مون پنهنجي گهوٽ جون نشانيون قربان ڪيون. چوڙيون  وڪيم. انجا ٽپڙ وڪيم، سڀ ڪجهه وڪيم پراڄ اوهان منهنجي نياڻي به وڪڻڻ چاهيو ٿا. سو به انهي عيوض ته توهان منهنجي خبر گيري ڪندو ۽ منهنجي نياڻيءَ  کي کارائيندئو پياريندئو.“

        هن گهڻو ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. هن چتيون لڳل وڳو ڏيکارڻ ٿي چاهيو، هن ليڙون ٿيل رئو ڏيکارڻ ٿي چاهيو. جيڪي هن کي خاندان جي عزت سانڍڻ جي عيوض ۾ مليا هئا. هن هڏا ٿيل جسم  ڏيکارڻ ٿي چاهيو. هن بک ۾ پاهه ٿيل حور کي ڏيکارڻ ٿي چاهيو. هن خاندان جي اها عزت ۽ آبرو ڏيکارڻ ٿي چاهي جنهن جي مٿان هڪ ڦاٽل ڳوڻ پئي هئي. پلئه  کڻڻ جي دير هئي ۽ ننگ ناموس ننگو ٿي سامهون اچيس ها. پر سڀ حسرتون دل ۾ سانڍي هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي، سڄي رات سڏڪندي رهي.

        صبح جو ماڻهن رونق جي گهر تي تالو ڏٺو. ماڻهن ۾ چوپچو هئي، اسلم جي خاندان جي عزت لٽجي وئي هئي. پاڙي جي عزت هلي وئي هئي چون ٿا ته رونق ڀڄي  وڃي ڪو مڙس ڪيو هو ۽ حور کي وڪڻي ڇڏيو هيائين.

        مون کي اعتبار نه آيو، ڇاڪاڻ ته مان به سندس پاڙي جو رهاڪو هئس ۽ مان کيس چڱي طرح سڃاڻيندو هئس. چڱي طرح، اهڙيءَ طرح جهڙي طرح سندس مڙس کي سڃاڻيندو هوس.

        هڪ ڏينهن مون کيس سنڌ جي هڪ ٻئي ڏورانهين شهر ۾ ڏٺو.

        جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه کي ورهيه گذريا هئا پر مون کيس سڃاڻي ورتو. مان سندس ڪڍ لڳس. سندس گهر تائين پهتس.  مون ساڻس ملڻ نٿي چاهيو متان سندس چاڪ چڪي پون. شايد، شايد انهيءَ ڪري جو مان سندس مڙس جو گهاٽو سگنتي به هوس ۽ مان زماني  وارن سان گڏجي پيو هوس ۽ مون سندس هڪ ڪوڏيءَ جي به مدد نه ڪئي هئي. مان اهو دستوري سنگتي هوس جيڪو وقت جي حالتن ڪري پيدا ٿيندو آهي. جيڪو صرف شاعر سان گڏ واهه واهه لاءِ هوندو آهي. جيڪو سندس مال کائيندو آهي ۽ وقت تي اوڏو نه ويندو آهي، جيڪو کائڻ ڄاڻيندو آهي، پر کارائڻ نه. جيڪو وٺڻ ڄاڻيندو آهي پر ڏيڻ نه، جيڪو مارڻ ڄاڻيندو آهي پرجيارڻ نه،

        مان ڪا گهڙي در تي بيٺو رهيس ۽ ائين گهر مان اڇن ڪپڙن سان هڪ نينگر هٿ ۾ اسٽيٿاسڪوپ ۽ اڇو جبو کنيو ٻاهر نڪتو. مون سڃاتو هوءَ حور هئي. اها حور جنهن جي ماءُ ڇهه سونيون چوڙيون ڏئي کيس ورتو هو. ننڍڙي حور اڄ وقت جي مسيحا هئي. مون هٻڪندي سندس مٿي تي هٿ رکيو ۽ تڪڙو ٿي ٽپڙي کڻي گهر ۾ داخل ٿي ويس.

        رونق منهنجي سامهون وڏيون هڙون کوليون، ڪپڙا ماپي ۽ ڪڇي رهي هئي. سامهون هڪ سبڻ جي مشين به پئي هئي. اوچتو سندس نظر مون تي پئي، هن ڪا گهڙي چتائي نهاريو. سندس  اکين تي عينڪ چڙهيل هئي. هن هميشه وانگي ڪجهه ڪو نه ڪڇيو ۽چپ چاپ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي.  چوڻ لاءِ به وٽس ڇا رکيو هو. سڀ ڪجهه سامهون هو هڪ کليل ڪتاب وانگيان. اوچتو پويان کڙڪو ٿيو ڏٺم ته حور اتي جو اتي موٽِي آئي هئي ۽ تکي تکي ماءُ ڏانهن وڌي. هن رئي سان ماءُ جا ڳوڙها اگهيا ۽ پيار مان چيو : ” نه امي، نه رو، هاڻي ته  نه رو، مان جو ويٺي آهيان. مون کي ڏس نه، منهنجي ڪري نه رو.“

        حور تکين نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو، سندس اکين ۾ هزارين طوفان، هزارين شڪايتون هيون. انهي سان گڏ زماني جي خلاف بغاوت جا شعلا پي  ڀڙڪيا جو ان جي تپش ۽ گرمي ۾ دم گهٽجڻ لڳو. منهنجي پيشاني پگهرجي وئي، مون رونق ڏانهن ڏٺو اتي هاڻ مامتا ۽ قرب جا ٿڌا وهندڙ جهرڻا هئا. ٿڌي ڇانو ۽ تڌڪار هو مون چاهيو ته وڌي انهيءَ ٿڌڪار ۾ ڪا گهڙي وهان پر بيهڻ جي سگهه ساري نه سگهيس ۽ ويندي ويندي رونق ڏانهن نهاريم.

        همشيه وانگي رونق ڪجهه نه ڪڇيو، ڪجهه نه چيو، پر اڄ مون کي سندس خاموشي ڳڀيرتا انهيءَ ديويءَ  جي مجسمي وانگر لڳي جو خاموش ضرور هوندي آهي پر ان جي سونهن ۽ سوڀيا ذهني دنيا ۾ گهڻو انقلاب آڻي ڇڏيندي آهي.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com