سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ

باب: --

صفحو :8

چنڊ مان ٺهيل چوڙيون

 

گهر جي آڳر ۾ راند روند ڪندي، ڊڪ ڊوڙ پائيندي، سهڪندي پاڻ کي پٽٌ تي ڦٽو ٿا ڪن . آڳر ۾ نم جي وڻ منجهان کين چنڊ ٿو نظر اچي . ٻئي ٻارڙا اکين ئي اکين ۾ چنڊ کي اشارا ڪرڻ لڳن ٿا .

” هيٺ لهي آءُ  ته بال راند ڪريون.“ پٽ تي ليٽيل ماڻڪ چنڊ کي چوي ٿو.

ننڍڙي ماڻڪ کي چنڊ  نم جي ٽارين مان مرڪندي نظر اچي ٿو. ماڻڪ هڪ لت هوا ۾ هڻي ٿو ته چنڊ خلا مان ڇڏائجي سندس ڀر ۾ پٽ تي ليٽيل موتيا جي هنج ۾ اچي پوي ٿو.

ٻئي ڄڻا پٽ تان اٿي ويهي رهن ٿا، ” موتيا اچ ته چنڊ سان راند ڪريون.“

موتيا چنڊ کي ٻڪ ۾ بند ڪري ڇڏي ٿي.

” ڏس ماڻڪ، چنڊ، ٽانڊاڻو ٿو لڳي.“

” ها موتيا، ٽانڊاڻي کان به وڌ روشني ٿو ڏئي.“

” چنڊ کي پر ناهن ڪيئن اڏندو؟“ موتيا تجسس مان چوي ٿي. ٻئي ڄڻا انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ وهلورجي پون ٿا ته چنڊ کي پر ڪٿان ايندا؟ ماڻڪ سوچ ويچار کان پوءِ چوي ٿو. ” ڀنڀوريءَ جا پر پٽي چنڊ کي هڻنداسين پوءِ ٻئي ڄڻا چنڊ تي چڙهي دنيا جو سير ڪنداسين.“

” چريا، ڀنڀوريءَ جا پر پٽبا ته اها ڀينڊي ٿي پوندي.  مون کي بک لڳي آهي مان ته ڀينڊي تري کائي ويندم.“ موتيا چئي ٿي ۽ ٻئي ڄڻا راند ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا.

” ماڻڪ اڄ چنڊ برف جو ڳنڍو ٿو لڳي ۽ چانورن جي مانيءَ جيان ٿو لڳي، مون کي بک لڳي آهي مان ته چنڊ کي کانوانءِ ٿي.“

موتيا بک کان بيحال ٿيندي چنڊ کي پنهنجي هٿن ۾ مظبوطيءَ سان پڪڙي وٺي ٿي.

” نه.. نه.. مان چنڊ سان بال راند ڪندس.“ ماڻڪ ڪاوڙ مان چويس ٿو.

ٻئي ڄڻا وڙهي پون ٿا. چنڊ سندن هٿن مان ڇڏائجي هيٺ ڪري، ڀري ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوي ٿو. ٻئي ڄڻا وائڙن جيان ٽٽل چنڊ کي ڏسندائي رهجي وڃن ٿا. موتيا جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا. ماڻڪ موتيا جي اکين ۾ تري آيل ڳوڙها پنهنجي هٿ جي تري تي کڻي ٽٽل چنڊ مٿان وجهي کيس جوڙڻ لڳي ٿو. هو ٻئي ڄڻا ٽٽل چنڊ کي ٻيهر جوڙڻ لڳن ٿا.

” اڳ چنڊ برف جي ڳنڍي جيان هونه، هاڻ چنڊ مان بنديا ٿا ٺاهيون .“

” نه نه .. مونکي بنديا نه کپي، مونکي ٽٽل چنڊ مان عاج جهڙيون چوڙيون ٺاهي ڏي .“

” ٺيڪ ائين ئي ٿا ڪريون.“ ماڻڪ رضامندي ڏيکاريندي چويس ٿو. موتيا روئيندي رهي ٿي. ماڻڪ ٽٽل چنڊ کي جوڙي ،عاج جهڙيون چوڙيون ٺاهڻ لڳي ٿو.

” ڏس عاج جهڙيون چوڙيون ٺهي ويون نه!!.“ خوشيءَ مان موتيا کي چوي ٿو.

موتيا عاج جون چوڙيون پائيندي چوي ٿي،” ڪيڏيون نه ٺهن ٿيون.“

هو ٻئي ڄڻا  نم جي وڻ هيٺان چنڊ  مان ٺهيل عاج جهڙين چوڙين سان کيڏندي کلي کلي کيرا ٿي پون ٿا.

” هاڻ نئين راند ڪريون.“

ٻئي ڄڻا پٽ تان اٿندي نئين راند شروع ڪن ٿا.

 ”  Stop موتيا...“ ماڻڪ موتيا کي اسٽاپ ڪرڻ جو اشارو ڪري ٿو. موتيا ڪنهن مجسمي وانگر بيهجي وڃي ٿي، ڪجهه ساعتن کان پوءِ ماڻڪ چويس ٿو: ”Time clock موتيا .“   

موتيا واپس حرڪت ۾ اچي ٿي، ” ڪنا، يڪو بيهاري ڇڏيئي.“

موتيا حرڪت ۾ اچي ماڻڪ جي پويان ڊوڙي ٿي. موتيا، ماڻڪ پويان ڊڪندي کيس Stop  ڪرڻ لاءِ لفظ اچاري  ئي مس ٿي ته ماڻڪ جهٽ ۾ چويس ٿو:   ” موتيا ،Stop

         ماڻڪ پٺيان هرڻي جيان ڇال ڏيندڙ موتيا گهر جي آڳر ۾ نم جي وڻ هيٺان نرتڪيءَ جي مورت جيان Stop جي حالت ۾  اچي وڃي ٿي ۽ ماڻڪ گهر جي آڳر ۾ ڊڪ پائيندي، گهٽين مان ڊوڙندو، ڊڪندو پنهنجي گهر وڃي رسي ٿو.

هت موتيا نرتڪيءَ جي مورت جيان  Stopجي حالت ۾ بيٺل، ان ڳالهه کان بنهه بي خبر ته ماڻڪ کيسStop ڪري وڃي پنهنجي گهر رسيو آهي. نم جي وڻ هيٺان Stop جي حالت ۾ بيٺل موتيا جي ڪارن وارن ۾ کير ڌارا لهي اچي ٿي. سندس مٿي ۾ لهي آيل کير ڌارا  مان ٻليون ۽گلر کير پيئڻ لڳن ٿا. ڪوئل سندس پنبڻين تي ويهي گيت ڳائڻ لڳي ٿي. سندس چپڙن تي بهار جي رت  ۾  نم جو ٻور ڇڻي اچي ڪري پوي ٿو ته سالن پڄاڻان سندس در کڙڪي ٿو.

” ڪير؟“

” مان.......“ ٻاهران مرداڻو آواز آيو.

         نم جي وڻ هيٺان سالن کان اسٽاپ جي حالت ۾ بيٺل موتيا آواز سڃاڻيندي پنهنجي هٿن ۾ پاتل ٽٽل چنڊ مان ٺهيل عاج جهڙين چوڙين کي ڏسي ٿي ۽ وارن منجهه تري آيل کير ڌارا کي ڇهي ڏسي ٿي ته سندس ڪنن منجهه سالن جا آواز گونجڻ لڳن ٿا.

” موتيا اسٽاپ، موتيا اسٽاپ.. موتيا اسٽاپ.. موتيا اسٽاپ.“

    ...... ... ...

هوءَ انهن آوازن جا پڙاڏا ٻڌي سڏڪي پوي ٿي، ايتري ۾ سندس ڪنن تي قدمن جي هلڪي آهٽ پوي ٿي جا سندس  وجود سان ٽڪرائجي پڙاڏو بڻجي پوي ٿي.

” موتيا، مو..تي.........يا.“

موتيا اکيون کڻي ماڻڪ کي ڏٺو. ان کان اڳ جو ماڻڪ ڪجهه چوي، هوءَ چويس ٿي.  ” ها مان موتيا، تنهنجي موتيا ، اڃان به ان حالت ۾ بيٺل آهيان. شايد تو کان وسري ويو هو ته توکي ڪنهن کي Time Clock به چوڻو هو. مان ان ٽائيم ڪلاڪ جي انتظار ۾ کير ڌارا ۾ وهنجي رهي آهيان.“  هوءَ خاموش ٿي وڃي ٿي.

ماڻڪ وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. هو موتيا جي مٿي ۾ تري آيل کير ڌارا ۾ وهنجڻ چاهي ٿو ۽ سندس ڀرون جي گهاٽي جهنگ ۾ گم ٿي وڃڻ چاهي ٿو. هو موتيا جي رڃ ڀرين اکين کي چمي سمونڊ بنائڻ چاهي ٿو. پر هو ڪجهه به نٿو ڪڇي سگهي. طويل خاموشيءَ کان پوءِ چويس ٿو.

” چڱو وري ڪنهن ٻي ڀيري ملاقاتي ٿينداسين.“

ماڻڪ ، موتيا تي آخري نگاهه وجهي واپس وري ئي مس ٿو ته بهار جي پهرين بسنت رت ۾ خزان ڊوڙي اچي ٿي . نم جي وڻ هيٺان اسٽاپ جي حالت ۾ بيٺل موتيا خزان جي پنن ۾ دفن ٿيڻ لڳي ٿي.

ماڻڪ ڊگهي سفر جي ٿڪ کان پوءِ ننڊاکڙو ٿي وڃي ٿو، موتيا جي شهر کان سوين ميل ڏور جڏهن جاڳ ٿئيس ٿي ته ياد پويس ٿو ته کانئس موتيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر Time Clock چوڻ وسري ويو آهي.

*
 

هڪ شخص جيڪو چنڊ بڻجي نه سگهيو

 

مان ئي اهو شخص آهيان، جو چنڊ بڻجي ناهيان سگهيو.

” ..........؟“

” ...........“

ٻاهر چوڏهين جو چنڊ پوري جوڀن سان چانڊوڪي پکيڙي رهيو آهي ۽ مان ڪنهن اونداهي ڪمري ۾ منهن مونن ۾ وجهي لوچ ۾ آهيان، اوچتو منهنجي ڪمري جو در چيڪاٽ ڪري کلي پوي ٿو ته چانڊوڪي ڪمري ۾، ٽهڪ ڏيئي پکڙجي وڃي ٿي ۽ مان هراسجي اکيون پوري ٿو ڇڏيان. ڪنهن جي پيرن جو گيهو ٿو ٻڌان جو منهنجي نزديڪ ايندو ٿو اچي.

” اکيون ڇو پوري ڇڏيئي؟“ هن ايندي ئي گوليءَ جيان وار ڪيو. منهن مونن مان ڪڍي کيس ڏٺم هوءَ سفيد ڪپڙن ۾ چانڊوڪي جيان جرڪي رهي هئي. هن جي شبنمي شبنمي چهري تي جواني مهڪندي نظر آئي.

” توکي ڪيئي ڀيرا چيو اٿم نه، سفيد ڪپڙا پائي مون آڏو نه ايندي ڪر... ان سفيد ڪپڙن ۾ تون چوڏهين جي چنڊ جيان نکري پوندي آهين ۽ مان چانڊوڪي کان ڇرڪيل شخص آهيان.“

”  تون بزدل آهين ٻيو ڪجهه به نه...“  هن طنز ڪندي چيو.

” ڇا به هجي مان توکي سفيد ڪپڙن ۾ ڏسڻ نه ٿو چاهيان.“

” تون اذيت پسند آهين، اونداهين مان لست وٺندو آهين.“

” جي اونداهي به لست آهي پوءِ هيءَ چانڊوڪي به ته...“

” نه.... چانڊوڪي سونهن آهي، سونهن ڪنهن به طرح لست جو

شڪار ٿيل ناهي هوندي، تون اذيتن جو هيراڪ ٿي ويو آهين، اوندهه تولاءِ  پهريون ۽ آخري پيار بڻجي پئي آهي.“

”  تون مون تي طنز پئي ڪرين.“

” نه مان حقيقت کي واضح پئي ڪريان.“  هن چڙ مان چيو.

” اسان مان هر ڪو اذيت پسنديءَ جي دائري ۾ ڦاٿل آهي. جيئن ڪنهن چرچ جي راهبا(Nunn) سڄي عمر ڪنواري بڻجي پنهنجي ڪنوارن جذبن کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي. پوءِ سڄي ڄمار ڪنوارپڻي منجهان لذت وٺندي رهندي آهي... ائين ئي اسان مان هرڪو.“

” ڪنوارپڻو پوءِ به زندگي آهي، پر اوندهه ڪا زندگي ته ناهي؟“ هن جو جوابي جملو ٻڌي مان دنگ رهجي ويس.

مون وٽان دليل کٽي وڃن ٿا. هوءَ مون کان ذهين آهي. مان هن کان ڪنهن به طرح بحث ۾ کٽي نه ٿو سگهان. هن کان نظر هٽائيندي ڏسان ٿو ته منهنجو ڪمرو جو ڪجهه گهڙيون اڳ گهگهه اوندهه ۾ ٻڏل هو. هاڻ چاندوڪيءَ سان مهڪي رهيو آهي. ڏسان ٿو چانڊوڪي منهنجا ويچارا ڪڍي رهي آهي ۽ مون تي کلي رهي آهي.

هوءَ نه ٿي سمجهي سگهي چانڊوڪي به ٺٺوليون ڪندي آهي، نه ئي مان کيس سمجهائي سگهان ٿو ته چانڊوڪي ڪنهن جي روح کي گهايل ڪري سگهي ٿي. مان اداس ٿي ٿو وڃان ۽ ماضيءَ ۾ وڃائجي وڃان ٿو.

” امان، هي چنڊ ڪنهنجو آهي.“

” پٽ ،چنڊ تنهنجو آهي.“

” پوءِ امان، چنڊ هيٺ لهي ڇو نه ٿو اچي. کيس روز پڪڙڻ لاءِ ڊڪندو آهيان، ٿاٻڙجي ڪري پوندو آهيان.“

” پٽ، چنڊ هيٺ ناهي لهندو ۽ جي هيٺ لٿو ته پوءِ تنهنجي هٿن مان ڪري ڀڄي پوندو.“

” امان، چنڊ کي شوڪيس ۾ رکندس، پوءِ ڀڄي به نه پوندو.“

امان جو ٽهڪ. مان وائڙن جيان کيس تڪيندو رهجي ويو هوس.

”  امان ڀلا چنڊ جي آکاڻي ٻڌاءِ نه.“

”  پٽ، هي چنڊ آهي نه...“

ائين چوندي امڙ خاموش ٿي وئي هئي، سندس اکين ۾ جهاتي پائي ڏٺم ته اکين منجهه اداسي ڊوڙي آئي هيس ۽ اکين منجهه پاڻي ڇلڪي پيو هيس.

”  امان، تون روز روز نٽائي ويندين آهين، اڄ ننڊ به ڪانه ڪندس، جيستائين چنڊ جي آکاڻي نه ٿي ٻڌائين.“

جهٽ جي خاموشي کانپوءِ امڙ کان پڇيو هيم،

”  امان اڄ چوڏهين جو چنڊ آهي نه....؟“

” ها پٽ اڄ چوڏهين جو چنڊ آهي.“

”  امان،  مون کي چڪور ڏيکار، چوندين آهين نه چڪور چنڊ ڏانهن چانڊوڪي ۾ اڏرندو آهي.“

”  چڪور ڏسندين؟“

”  ها، امان....“

” پوءِ ڀلا جهٽ کن اکيون بند ڪر ته توکي چڪور ڏيکاريان.“

امڙ جي چوڻ تي اکيون پوري کٽ تي ويٺو رهيس.

” مبين پٽ،  اکيون کول چڪور ڏس.“

اکيون کولي جو ڏٺم امڙ کٽ تي ليٽي ٻئي ٻانهون هوا ۾ پکين جيان پکيڙي ۽ لهرائي رهي هئي ۽ سندس مک چوڏهين جي چنڊ ڏانهن هيو.

”  امان هي ڇا پئي ڪرين، چڪور ڪٿي آهي؟“

”  چريا، مان ئي ته تنهنجي چڪوري آهيان ۽ تون چنڊ.“

پوءِ امڙ ٻئي ٻانهون هوا ۾ پکيءَ جيان لهرائيندي اچي، مون کي ٻک هنيون.

”  اڙي، مون به ته چڪور ناهي ڏٺو، مان چڪوري، تون منهنجو چنڊ.“

”  نه، مونکي چڪور نه کپي چنڊ جي آکاڻي ٻڌاءِ.“

” چڱو، پنهنجي ٻچي کي چنڊ جي آکاڻي ٿي ٻڌايان، پر جي ننڊ ڪيئي ته پوءِ چنڊ جي آکاڻي ڪڏهن به نه ٻڌائيندي سانءِ.“

”  امان واعدو، اڄ پوري آکاڻي ٻڌندس، ننڊ نه ڪندس.“

” چڱو پهرين پهرين پنهنجي پٽ کي سج جي آکاڻي ٿي ٻڌايان؟“

”  پهرين سج جي آکاڻي پوءِ چنڊ جي.“  امڙ سان رضامندي ڏيکاريندي چيو هيم.

امڙ آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي.

هڪ پوڙهيءَ کي ٻه پٽ هئا. هڪ ڏاڍو ڏنگو، اڍنگو، شرارتي، نڪمو، ڪنهن ڪم نه ڪار جو، ڪنهن جو ادب ڪندو ئي ڪونه هو ۽ پوڙهي جو ٻيو پٽ ادب وارو هو ۽ هميشه پنهنجي امڙ جي ادب ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري ڇا ٿيو جو پوڙهي کي رات جو اگهور، ننڊ اچي ويئي، ننڊ ۾ کيس ڏاڍي اڃ لڳي سو ننڊ ۾ ئي پٽ کي چيائين.

” ابا پاڻي ڍڪ ته پيار.“

ائين چئي پوڙهيءَ وري کونگهرا هڻندي اگهور ننڊ ۾ پئجي وئي. ايتري ۾ پوڙهي جو وڏو پٽ جيڪو بي ڍنگو، نڪمو هو، سو گلاس پاڻيءَ جو ڀري آيو، پر جڏهن پوڙهي ماءُ کي اگهور ننڊ ۾ ڏٺائين ته هن ڇا ڪيو جو ماءُ کي ڪلهن کان لوڏي ڌوڏي چيو:

” پوڙهي امان، پاڻي وٺ.“

پوڙهي لوڏن ۽ ڌوڏن تي ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهي، کيس ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه آيو ته هوءَ ڇرڪ ڀري ڇو اٿي آهي؟ جيستائين پوڙهي هوش ۽ سامت ۾ اچي تيستائين پٽهنس تنگ ٿيندي چيو:

” امان اچي پاڻي وٺ.“

” ڪنهن گهريئه پاڻي؟“ ماڻهنس پڇيس.

” امان توئي ته گهريو هونه، پوءِ وري کونگهرن ۾ ٻوٽجي وئينءَ.“

” اڙي ابا، هن مڙهي مئي کي لوڏي ننڊ مان اٿاريو اٿئي، پٽ، جي پاڻي ئي گهريو هيم ته پوءِ گلاس کٽ سيرانديءَ مٿان رکي هليو وڃين ها، جاڳ ٿيم ها ته گلاس پاڻي ڏوگهي وٺان ها. ابا پوڙهيءَ جي ائين ننڊ ڦٽائبي آهي. ايڏي ساري پهاڙ جيڏي رات پئي آهي. هاڻ ننڊ وري ڪٿان ايندي. ابا حيف اٿئي اهڙيءَ جوانيءَ تي ڪو لحظو ترسين ها، پاڻ ئي سجاڳ ٿي توکان پاڻي گهري وٺان ها. ابا الهه ڪندو سج جيان جلندو رهندين.“

امڙ آکاڻي ٻڌائي خاموش ٿي وئي هئي.

” امان، پوءِ ڇا ٿيو؟“

”پوءِ  پٽ ٌ ڇا ٿيو جو،  پوڙهيءَ  جي بد دعا سان سندس پٽ ٌ سج بڻجي  پيو ۽ اڄ  به سج  بڻجي جلي  رهيو آهي.“

پوءِ مون کي ننڊ اچي وئي هئي. امان سڏيندي چيو هو.

”  پٽ، مبين ٻڌين ٿو نه ؟“

مان وڃي ننڊ جي ديس ۾ پهتو هوس، امڙ پنهنجي ٻانهه تان اٿاري کٽ تي سمهاريو هو.

” ڪهڙين يادن ۾ کوئجي ويو آهين؟“

مان چپ، هن کي تڪيندو ئي رهجي وڃان ٿو. هوءَ ٻارن جيان سمجهائيندي چوي ٿي.

” تون هرون ڀرون پاڻ تي ڪي شيون طاري ڪري ڇڏيون آهن. مان چاهيان ٿي تون جن شين کان ڇرڪيل آهين، مون کي ٻڌائي، پنهنجي دل هلڪي ڪر، ڏس پهاڙ جيڏي زندگي هن اونداهي ڪمري ۾ ڪيئن گذاري سگهندين؟“

مان کيس گهوريندو ئي رهجي وڃان ٿو. کيس ڪائي ورندي نه ٿو ڏيان، جهٽ جي خاموشيءَ کانپوءَ چوي ٿي:

” ڏس نه، توکي ڪيڏو نه ڀانيان ٿي، تولاءِ هر شيءِ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جي تون منهنجي چانڊوڪين جو همسفر بڻجين.“

      ” ڏس تون خواهه مخواهه چنڊ جو ذڪر ڪري، منهنجا ڦٽ اکيلي رهي آهين. توکي خبر ناهي ته مان اهو شخص آهيان، جو چنڊ بڻجي ناهي سگهيو.“

هوءَ منهنجا لفظ ٻڌي سراپجي مون ڏانهن گهوريندي هٻڪندي چوي ٿي:

” اونداهين ۾ تون....“ جملو پورو نه ٿي ڪري سگهي.

” ها، مان اونداهين جو مسافر آهيان ، ان ڪري توسان هر اوڻٽيهينءَ جي رات ملندو آهيان، جيئن چنڊ مون کي پسي مون تي ٺٺوليون ڪري نه سگهي.“

مان چپ ٿي وڃان ٿو. هوءَ جا اڳ چنڊ جو ڏيک ڏيئي رهي هئي، هاڻ اوڻٽيهينءَ جي اوندهه بڻجي پوي ٿي.

” ڏس، منهنجي ڪمري ۾ چانڊوڪي مون تي ڪيئن نه ٺٺوليون پئي ڪري.“

” ٺٺوليون؟“  هن عجب مان پڇيو.

” ها، چنڊ مون تي ٺٺوليون ڪندو آهي. مون تي کلندو آهي ۽ مان چنڊ کان ڇپر ڪندو آهيان.“

محسوس ڪيان ٿو چنڊ نيري آڪاش ۾ چمڪندي مون تي کلي رهيو آهي. مون کان درڙي نڪري وڃي ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي هن جي هنج ۾ لڪائي سڏڪي ٿو پوان، پنهنجي ڀڳل ٽٽل وجود کي سميٽڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل ٿو رهان، منهنجي ڪنن تي امڙ جو آواز پوي ٿو. جا پنهنجن پوٽن کي آکاڻي ٻڌائي رهي آهي.

” هڪ هئي پوڙهي، ان کي هئا ٻه پٽ.......“

مان امڙ جون آکاڻيون ٻڌي، جوان ٿيو آهيان ۽ هاڻ امڙ ساڳيون ئي آکاڻيون پنهنجن ڏوهٽن ۽ پوٽن کي ٻڌائي جوانيءَ جو سيڪ ڏيئي رهي آهي. امڙ جي هيئين ۾ اڃان اهو پور سمايل آهي ته هوءَ چنڊ جي آکاڻي ڪنهن کي ٻڌائي؟ ٻارڙا هميشه سندس سج جي آکاڻي  ٻڌي، ننڊ جي هندوري ۾ هليا ويندا آهن ۽ امڙ جي چنڊ جي آکاڻي هميشه اڻ پوري رهجي ويندي آهي.

امڙ ٻاهر اڱڻ ۾، چانڊوڪيءَ ۾، پوٽن کي آکاڻي ٻڌائي رهي آهي. مان امڙ جي هر لفظ ۽ جملي تي جهڄي ۽ جهري ٿو پوان، مان پاڻ کي هن جي هنج ۾ منهن هڻي مڪتي ڳوليان ٿو. پر اشانت من ۾ ڊوڙي اچي ٿي، ياد هڪ چاندوڪي رات جي. امڙ کي چاندوڪيءَ ۾ ننڊ جا کيپ اچي ويا هئا. اگهور ننڊ ۾  چيو هئائين:

” پٽ مبين،  پاڻي پيار.“

       سندس ڀر ۾ ستل، اٿي وڃي گلاس پاڻي جو ڀري اچي امڙ جي مٿن کان بيٺو رهيس، امان کي کونگهرا هڻندو ڏسي امڙ کي لوڏيندي ۽ ڌوڏيندي چيم:

” امان،  پاڻي وٺ.“

امان ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهي ٿي، کيس ڪا ڪل ئي نه رهي، هوءَ ڇرڪ ڀري ڇو اٿي آهي؟

” ڇا ٿيو پٽ، ڇو اٿاريو اٿئي؟“

” امان ، پاڻي جو گهريئي!“

امان منهنجا لفظ ٻڌي ڦهڪو ڪري وهاڻي تي ڪري پوي ٿي،

سندس اکيون ڦوٽارجي ويون . چوڏهين جو چنڊ جو اڳ سندس مک مٿان بيٺي چمڪي رهيو هو، اک ڇنڀ ۾ گم ٿي ويو آهي. امڙ چنڊ نه پسي وهلورجي وئي هئي ۽ مان جو پاڻيءَ جو گلاس جهليو بيٺو هيس ان منجهان کيس سج ڪني ڪڍندي نظر آيو هو ۽ هوءَ ڦوٽاڙيل اکين سان مون کي ڏسندي ئي رهجي وئي هئي.

مان هن جي هنج ۾ جلي پوان ٿو. هوءَ مون کي هنج مان اٿاري ڀاڪرن ۾ وجهندي منهنجي چپن تي چميون پائيندي هڪ جهٽڪي سان پاڻ کي مون کان ڌار ڪندي سهڪندي چوي ٿي:

” تون سج جيان جلي رهيو آهين.“  هوءَ پنهنجن سڙيل چپن تي هٿ ڦيريندي چوي ٿي.

” ته تون اهو شخص آهين، جو چنڊ بڻجي ناهين سگهيو؟“

ائين چئي هوءَ منهنجي ڪمري مان ڊڪ پائيندي ٻاهر ويندي دروازي کي زور سان بند ڪري هلي وڃي ٿي. منهنجو ڪمرو جو اڳ ۾ چانڊوڪي سان مهڪي رهيو هو. هاڻ گهگهه اوندهه ۾ ٻڏي ويو آهي. مان گهگهه اونداهي ڪمري ۾ جون جي سج جيان جلي رهيو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com