سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: پٿر تي ليڪو ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :2

 

پٿر تي ليڪو

٭

        اڃا پاڪستاني فوج ڪو نه پهتي هئي.

        گذريل ٿورن ڏينهن اندر، هن شهر ۾ باهين، ڦرلٽ، مارڪٽ، زور زبردستي، ظلم، قتل ۽ عورتن جي آبروريزيءَ جا ڳاڻاٽي کان ٻاهر واقعا ٿيا هئا.

        اها ته خبر ڪانهي ته شروعات ڪيئن ۽ ڇو ٿي؟ هڪ رات، آڌيءَ جو، اوچتو ماڻهن جي ننڊ ڦٽي پئي. ڀر ۾ رهندڙ هڪ غير بنگالي سيٺ جو گهر، اُڀ سان ڳالهيون ڪندڙ باهه جي ڀيڙن ۾ هو. ان پاڙي ۾ ٻيو ڪو به غير بنگالي ڪو نه هو، ۽ ڪو به بنگالي هن جي واهر لاءِ نه وڌيو. باهه جي دوران مردن جون نيزاريون، عورتن جون دانهون ۽ ٻارن جون ڪيهون ٻڌڻ ۾ آيون. پوءِ ڪا گولي هلي، ڪو چاقون چمڪيو، ڪنهن لٺ جو ڦهڪو ٿيو ..... ڏينهن جو ماڻهن ڏٺو، ته ان سڙيل گهر سامهون، سڙڪ تي مردن، عورتن ۽ ٻارن جا رَتَ ۾ ٻڏل لاش پيا هئا.

        هن سيٺ جا شهر ۾ ٻه ڪپڙي جا وڏا دُڪان هئا، هڪڙو ٻڌي واپار جو ۽ ٻيو ريزڪيءَ جو. ٻئي دڪان لٽيا ويا. ڪا اڳڙي به ڪا نه ڇڏي ويئي. ان کانپوءِ بزار ۾ ٻيا به ڪجهه دڪان جلايا ويا ۽ ڦريا ويا.

        انهيءَ ڏينهن منجهند ٽاڻي، هڪ سي _ ايس _ پي آفيسر جي گهر تي حملو ٿيو. گهر وارن کي خواب خيال به ڪون هو. زالن کي ذبح ڪيو ويو. هن جي هڪ نئين ساماڻل سهڻي ڇوڪري، جا ڊاڪا ۾ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي ۽ موڪل تي آيل هئي، تنهن تي هڪٻئي پٺيان، ڏهن ٻارهن مردن وحشي نموني مجرمانو حملو ڪيو، هوءَ نستي ٿي پيئي ۽ بيهوش ٿي ويئي؛ تڏهن هن کي لٺيون هڻي چچري ماريو ويو. آفيسر جڏهن ٻڌو، تڏهن موٽر ۾ ٽي پوليس وارا ساڻ ڪري آيو. هن جي گهر وٽ گڏ ٿيل هجوم، هن تي هلان ڪري آيو. ساڻس آيل سپاهي بنگالي هئا. هنن پنهنجون بندوقون هڪ ئي وقت آفيسر جي جسم ۾ ڇوڙيون، ان جي مٿان انبوهه جي لٺين ۽ خنجرن جا حملا. ڳڀا ڳڀا ٿي ويو.

        اهڙيون ڪيتريون ئي وارداتون ٿينديون رهيون

___

هيءُ هڪ ننڍو شهر آهي. شمشير گنج جي نالي سان سڏجي ٿو. منجهس ڏهاڪو هزار ماڻهو رهن ٿا. هندستان جي سرحد جي ويجهو آهي. شهر جي آسپاس ڏاڍا دلڪش ڏيک آهن. ڀرسان ميرانجهڙي پاڻيءَ واري ندي پئي وهي. هيءُ ته اهو ديس آهي، جتي نه رڳو ماڻهن ۽ پکين جي آواز جو جادو آهي، پر هتي جون نديون به سريلا آواز ڪڍنديون وهنديون آهن، ۽ ڇوليون جهمرهڻنديون، ڇلنديون وينديون آهن. ندين جي انهن آلاپن ۽ ناچن جي درميان، جڏهن ملاح، ونجهن ۽ ڇولين جي ٿڦڪن ۽ سڙهن جي ڦڙ ڦڙ جي تانَ تي پنهنجا گيت ڳائيندا آهن، تڏهن اهي گيت هنن جي جياپي جو سهارو بڻجي پوندا آهن.

        پري پري تائين چانهه جي فصل جا کيت آهن. اڪثر بارش به پوندي رهي ٿي. اڀرندي طرف جبل آهن، جن جي خصوصيت آهي رنگن جو بدلجڻ. صبح جو ڪارڙا هوندا، منجهند جو ساوا ۽ سانجهيءَ جو نيرا پيا. پسبا، ۽ مينهوڳيءَ ۾ چٽڪمرا،ڪي حصا ڀورا، ڪي هلڪا ڪارا، ڪي ڳوڙها ڪارا، ڪي اڇا، ڪي ساوا، ڪي واڱڻائي.

        اڄ ان نظاري ۾ هڪ رنگ جو واڌارو ٿيو هو. نديءَ جي وهڪري ۾ ڪي ڌارائون ڳاڙهيون هيون. ڪن ماڻهن کي خون ڪري نديءَ ۾ اڇلايو ويو هو. هونءَ به اڄ نديءَ ۾ غير معمولي جوش ۽ جولان هو،ڄڻ ته هوءَ به پنهنجي ديس واسين جي احساسن کي محسوس ڪري رهي هئي. عام طرح ان جي وهندڙ ڇولين ۽ ڪنڌيءَ سان پاڻ لڳڻ جو آواز هلڪي موسيقيءَ وانگر سريلو محسوس ٿيندو آهي. پر اڄ لهرن ۾ لڙ ۽ لوڏا هئا. منجهند ڌاري ان گوڙ، گجگوڙ جي صورت اختيار ڪئي .... هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو، پاڻيءَ مٿان دونهين جا ڪارا ڪڪر پکڙجي ويا ۽ فضا ۾ گندرف جي بوءِ ڦهلجي ويئي. جڏهن وايو منڊل صاف ٿيو، تڏهن ماڻهن ڏٺو ته نديءَ جي پل اڌ مان اڏامي ويئي هئي.

        هوا به جوش ۾ هئي. سو ساٽ ڪندي، سيسڙاٽ ڀريندي، سيٽيون وڄائيندي، هلڪين ۽ پيپاڙ وٿن کي هٽائيندي، هڪليندي پري گهليندي ٿي وئي. وڻ ٽڻ جهولي ايئن تڙڦي رهيا هئا، جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر ڦٿڪندي آهي، ۽ ڄڻ ته ٻڌل ڇتي مرونءَ وانگر زنجيرون ڇنائڻ لاءِ زور لڳائي رهيا هئا.   

        هڪ رات، ٻين لڳي جو وڳڙو هجي، هڪڙي گهر مان ڪو ماڻهو نڪتو. ڪي شخص ٽوليءَ جي صورت ۾، هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا وڃي رهيا هئا. هنن ان شخص کي سڃاتو. هو پوليس انسپيڪٽر هو، ۽ غير بنگالي هو. ان وقت هو نشي ۾ الوٽ هو، ۽ لڏي لمي رهيو هو. حقيقت ۾ هو ان گهر اندر شراب ۽ ڇوڪريءَ سان عيش ڪندو رهيو هو، ۽ هاڻي پنهنجي گهر ٿاڻي وڃي رهيو هو.

        ماڻهن جو ٽولو ڏسي، انهن کي هڪڙي ڪچي گار ڏئي، رڙ ڪيائين ته : ڪير آهيو. انهن ماڻهن ڏنڊن ۽ ڏاندارين جو هن تي اهڙو وسڪارو ڪيو، جو هو وري ڪو لفظ واتان ڪڍي ڪو نه سگهيو؛ ۽ اتي ئي ڍيري ٿي پيو. انهن ٽولي وارن پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ۽ بنگالي زبان ۾ هڪ تختي تي هي اکر لکيا ويا: ”اسين اهو به برداشت نه ڪنداسين، ته هن پليت ماڻهوءَ کي اسان جي سڳوري بنگالي زمين ۾ پوريو وڃي. ان ڪري هن کي دفن ڪرڻ لاءِ هن جو لاش بنگال کان ٻاهر موڪليو وڃي، نه ته جيڪي به ماڻهو هن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيندا، يا دفن ڪفن ۾ حصو وٺندا، تن کي پڻ پنهنجي حياتيءَ تان هٿ ڌئڻا پوندا.“

        لاش کي اگهاڙو ڪري، ان کي ڪافي بيعزتيءَ نموني بگاڙيو ويو. اختياريءَ وارن تائين به ان لکيل ڌمڪيءَ جي خبر پهچي چڪي هئي. پوءِ ڪنهن نه ڪنهن نموني لاش اتان کڻائي ويا، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ان شهر يا ان جي ويجهڙ ۾ ان کي دفن ڪرڻ جي ڪنهن کي همت ڪين ٿي.

        هڪ لڱا، هڪڙي ڊپٽي ڪليڪٽر جي گهر تي گهيرو ڪيو ويو. هو هڪ رشوتي ڪامورو هو، وڏيون وڏيون ملڪيتون ٺاهيون هئائين، ۽ ڪيتري ئي زمين جو مالڪ ٿي ويو هو، جيتوڻيڪ اتي اچڻ وقت هڪ رواجي ڪلارڪ هو، ۽ معمولي مسواڙي جاءِ ۾ رهندو هو.

        ڊپٽي مٿي ماڙيءَ تي چڙهي، ماڻهن کي ڏاڍيون منٿون ايلاز ڪرڻ لڳو ته: ”خدا جي واسطي، رسول جي واسطي، چئن يارن جي صدقي، توهين اسين مسلمان آهيون، پاڪستاني آهيون، اسان کي جيئدان ڏيو ۽ ڇڏيو ته اسان هن ملڪ مان ئي هليا وينداسين، وري ڀلجي به هيڏي ڪو نه اينداسين.“

        پر هو معاف ڪرڻ وارا ڪين هئا، ۽ هن جي رت جا پياسي هئا. پوءِ هن کي پنهنجا ڪي پاڙيسري نظر آيا. انهن ڏي منهن ڪري چيائين ته: ”ٻيو نه ته من پاڙي جو ننگ پئيوَ، پاڙي جو واسطو ٿو وجهانوَ، ويهه ورهيه گڏ گذاريا اٿئون، پاڙي جي واسطي اسان کي وڃڻ ڏيو.“

        خبر ناهي ان ڳالهه تي پاڙي وارا ڪيئن ڪجهه نرم ٿيا، ۽ هجوم کي ان تي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته هو هي ديس هينئر ئي ڇڏيندا، ۽ پاڻ سان ڪاري ڪوڏي به نه کڻي ويندا، ايتري قدر جو هندستان جي سرحدن تي پهچڻ وقت بدن تي پيل ڪپڙا به لاهي ڏيندا ۽ الف ننگا ٿي پنهنجي اصلوڪي پرڳڻي ۾ داخل ٿيندا، ڇو ته اهي سڀ شيون اسان جو رت ست مان بڻايل آهن.

        ڊپٽي وارن لاءِ ٻيو ڪو به چارو ڪو نه هو. ڏهاڪو کن ماڻهو هن سڄي خاندان کي پنهنجي نظرداريءَ هيٺ سرحد تي پهچائڻ ويا. اتي جڏهن مڙني مردن، عورتن ڇوڪرين ۽ ٻارن پنهنجا سمورا لٽا لاهي، هنن جي حوالي ڪيا، تڏهن هنن کي هڪ دفعو وري به چتاءُ ڏيئي سرحد پار وڃڻ ڏنو ويو.

        ملاح ۽ مانجهي به انهيءَ وهڪري ۾ وهي رهيا هئا. جڏهن نديءَ واري پل تباهه ڪئي ويئي، تڏهن شهر تائين اچ وڃ ٻيڙين رستي ٿيڻ لڳي. ملاح بنگالين کي مفت ۾ پار پهچائيندا هئا، پر غير بنگالين کي وچ درياهه ۾ آڻي ٻوڙي ڇڏيندا هئا. هو پاڻ ۾ چوندا هئا، ته بنگال جي زمين ۽ هر چيز تي اسان بنگالين جو حق آهي. هي زمينون، هي کيت، هي باغ، هي نديون، هي ڪارخانا،  هتي جو واپار، مزوري ۽ نوڪريون پهرين اسان کي ملڻ کپن. پناهگير ۽ ٻيا پرديسي، جي هتي رهڻ چاهين ٿا، تن کي اسان جو ٿورائتو ۽ محتاج ٿي رهڻ کپي، ۽ اسان جي سڀيتا ۽ ٻولي قبولڻ هنن جو پهريون فرض آهي.

        جيئي ٽوليون لٺين، خنجرن، بندوقن ۽ باٺن سان هٿياربند ٿي، رستن ۽ راهن تي ٿي بيٺيون. جو به لنگهيو ٿي، اهو جي بنگالي نٿي لڳو، يا بنگاليءَ ۾ پڇيل سوال جو جواب بنگاليءَ ۾ نه ڏيئي ٿي سگهيو، ته هن کي ٿڏي تي قتل ٿي ڪيو ويو.

        غير بنگالين به حملن جي ڪوشش ڪئي. ٻن واٽ ويندڙ اڪيلن بنگالي هندو ڇوڪرن کي بندوق سان ماريو ويو. هڪ ڇوڪر جي عمر پنج سال هئي ۽ ٻئي جي ٻارهن سال. جيئن اها خبر شهر ۾ پهتي، تيئن هزارين بنگالي انهن ڇوڪرن جي قاتلن جي گهر ۽ ان سان گڏ ٻن ٻين غير بنگالين جي گهرن کي گهيرو ڪري ويا. گهرن تي پٿر بازي ڪئي، ۽ گاسليٽ جا دٻا هاري، باهه ڏني ويئي. مرد، زالون ۽ ٻار منٿون، خدا جا واسطا، دانهون، ڪوڪون، فرياد ڪندا رهيا، پر ٻاهر وارن جي اندر جي آگ ٿڌي ڪين ٿي سگهي، ۽ انبوهه ايستائين اتان نه هٽيو، جيستائين ٽيئي گهر، سڀني رهندڙن سميت سڙي خاڪ نه ٿي ويا.

        باهيون بلند ٿينديون رهيون، چاقو چمڪندا رهيا، بمن جا ٺڪاءَ فضا کي چيريندا رهيا، چيخون ڪندي ڪندي عورتن جا جسم ٺرندا رهيا، رت سان راند ٿيندي رهي.

        هڪ ڀيري، شهر جو هڪ چڱو مڙس، جو غير بنگالين کي آٿت ڏيڻ لاءِ هڪ غير بنگالي پاڙي ۾ ويو هو، ان کي اتي خنجر هڻي خون ڪيو ويو.

        هن واقعي ٻرندڙ باهه تي پيٽرول جو ڪم ڪيو. واقعن ۾ تيزي اچي ويئي، ۽ اهڙيون وارداتون ٿيون، جو ٻڌائڻ سان وار ڪانڊارجي وڃن. ماڻهن لاءِ لڪڻ ۽ ڀڄڻ جي جاءِ ڪا نه بچي هئي. سڄو پرڳڻو ان آگ ۾ وڪوڙجي ويو هو. ڪا به واهر ڪا نه ٿي پهتي.

        بنگالي، غير بنگالين جي آزين ۽ منٿن جو پهرين ته ڪو جواب ئي ڪو نه ڏيندا هئا، پر جي ڏيندا هئا، ته اهو هنن لفظن ۾ هوندو هو: ”توهان اسان تي ڪهڙو رحم ڪيو آهي، جو اسان اوهان تي ڪريون. توهان اسان جي ملڪ جي ساري دولت پاڻ وٽ سميٽي، اسان کي روزگار کان محروم ڪيو آهي، اسان جون نوڪريون توهان ماڻهن کي آهن، هتي جا ڪارخانا، کيت، جايون، زمينون سڀني تي توهان جو قبضو آهي. اسان واسطي رڳو غربت ڇڏي اٿوَ . ....... ۽ اهو توهان سڀ پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ ڪيو آهي. هاڻي وري توهان پنهنجي جان جي سلامتي لاءِ به پاڪستان ۽ اسلام جا واسطا ڏيئي رهيا آهيو، اسين هاڻي ان فريب ۾ ڪو نه اينداسين.“

        غير بنگالين کي پنهنجي حياتي بچائڻ جو ڪو آسرو نظر ڪو نه ٿي آيو. ڪن ماڻهن هنن کي همدردي ڏيکاري چيو: توهان کي پنهنجي حفاظت لاءِ هڪ هنڌ هلي رهڻ کپي. پوءِ جدا جدا پاڙن وارن لاءِ ٽي جدا جڳهيون مقرر ڪيون ويون، هڪ سئنيما ۽ ٻه اسڪول. اتي هنن کي وڏن صُفن ۾ واڙيو ويو.

        هن شهر ۾ غير بنگالين جي آدمشاري ڇهه ست سئو کن هئي، جن مان ڪيترائي مارجي ويا هئا.

        ان وقت ڳچ هندستاني ڇاڙتا، پاڪستان جي سرحدن اندر ڪاهي پيا هئا، ۽ پاڪستانين ۾ ڏڦيڙ وجهڻ جي ڪوشش ۾ هئا. اهڙن سپاهين جو هڪڙو ويهن پنجويهن سپاهين جو جٿو، شمشير گنج ۾ اچي پهتو.

        هن شهر وارن ان وقت واڙيل غير بنگالين کي ختم ڪرڻ جون سٽون پئي سوچيون. هندستاني ڇاڙتن پهچڻ سان هنن کي پنهنجي پوري سهڪار جو يقين ڏياريو.

        شهر وارن وٽ اهڙا هٿيار يا بم ۽ بارود ڪو نه هئا، جو سئنيما ۽ اسڪولن جي عمارتن کي اندر واڙيلن سميت ختم ڪري سگهن. اهڙيون شيون هندستاني سپاهين وٽ هيون.

        منصوبو ٺاهي، پهرين سئنيما واري جاءِ وٽ ويا. بندوقن، مشين گنن ۽ هَٿ بمن سان درن ۽ درين مان ماڻهن کي ماريو  ويو.  واڙيلن ۾ وائويلا مچي ويئي. هنن گهڻيئي خدا ۽ رسول جا واسطا وڌا، معصوم ٻارن ۽ نياڻين تي رحم کائڻ جون اپيلون ڪيون، توبهون زاريون ڪيون، ملڪ ڇڏي وڃڻ جا قسم کنيا؛ پر ڪنهن کي به رحم ڪين آيو، نه بنگالين کي ۽ نه هندستاني سپاهين کي. پڇاڙيءَ ۾، ان سئنيما کي آتش جو نذر ڪيو ويو. هيءَ سئنيما ڪنهن غير بنگاليءَ جي هئي.

        پوءِ هڪ اسڪول ۾ واڙيلن سان به ساڳي ڪار ڪئي وئي. هڪ به جيئرو نه ڇڏيائيون. ان اسڪول کي به بمن سان اڏايو ويو. ان ۾ اردو پڙهائي ويندي هئي.

        باقي هڪڙي اسڪول ۾ رهيل ماڻهو بچيا. هيءُ ٽولو اوڏانهن روانو ٿيو. درين ۽ ڳڙکين، روشندانن ۽ درن جي چيرن مان ڪيترائي چهرا جهاتيون پائي رهيا هئا. سڀني جي چهرن تي موت جا پاڇولا هئا.

        ٻيا ماڻهو ڪجهه پوئتي ٿي بيٺا، ۽ ڀارتي سپاهي بندوقون ۽ مشين گنون تاڻي، اڳتي وڌڻ لڳا. واڙيلن جا چهرا خوف ۽ هراس کان پيلا پئجي ويا. هنن ٻانهون ٻڌي نيزاريون شروع ڪيون، ۽ حياتيءَ جي بيک پنڻ لڳا:

        ”رب جي واسطي، پيران پير جي واسطي، داتا گنج جي واسطي....“

        وڌندڙ سپاهي جڏهن ويجهو آيا ۽ آوازن جا لفظ ۽ لهجو سمجهه ۾ آين، تڏهن اوچتو ئي اوچتو هنن جا پير هڪ هنڌ کُپي ويا ۽ هو بيهي رهيا. آوازن کي وري به چٽيءَ طرح ٻڌائون. پوءِ هڪٻئي ڏانهن نهاريائون، ۽ نظرن ئي نظرن ۾ نياپا ڏنائون ورتائون، ۽ هنن کي فيصلي ڪرڻ ۾ دير ئي ڪو نه لڳي، هٿيار موٽي مياڻن ۾ پئجي ويا. هنن موت سان کيڏندڙن ۽ قاتلن جون پٿر دليون موم جون بڻجي ويون. واڙيلن جي لفظن ۾ ڪهڙي ڪرامت هئي، هنن جي لهجي ۾ ڪهڙو جادو هو؟ گذريل ٻن جڳهين تي ته ماڻهن جي آزين نيزارين هنن تي ڪو اثر ڪو نه ڪيو هو! هتي ڪهڙو ڦيرو آيو؟

        هڪ سپاهيءَ چيو، ”هي ته اسان جي پنهنجي ٻولي ٿا ڳالهائين، اهي ته اسان جي پنهنجي اصلي ديس جا رهاڪو آهن، هي ته اسان جي ابن ڏاڏن جي ڏيهه جا ماڻهو آهن.“

        ٻين چيو، ”هائو يار هائو.“

        هو اڃا به اڳتي وڌيا. درين مان چڱيءَ ريت باندين جي چڪاس ڪيائون .... گوڏين ۽ ڊگهن ڍلن چولن واريون ضاعفون، هي قداور قداور ڪڻڪ رنگا مرد، هي ويڪرن سينن وارا ڳڀرو جوان.... هتي جي ڪارن ڪارن، ڏٻرن، ٻُچين ۽ بندرن باشندن کان بلڪل نرالا ......

        هڪڙي سپاهيءَ پنهنجي اباڻي زبان ۾ هنن کان پڇيو، ”ڪٿي جا آهيو؟“

        گهڻن ئي هڪ آواز ٿي جواب ڏنو، ”گجرات پنجاب جا.“

        سپاهين هڪ ٻئي ڏي نهاريو. هو به ته اصل گجرات ۽ ان جي آسپاس جا رهاڪو هئا. اهو گجرات جو شهر، جو جهلم ۽ چناب ندين جي وچ واري واديءَ ۾ آهي، جتي سايون سايون ٻنيون، ڊگها ڊگها وڻ ۽ خوبصورت باغ هوندا هئا، جتي هنن ٻالڪپڻ ۾ کيڏيو ۽ ڪڏيو هو......

        پوءِ ته قيدي ۽ قاتل پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا، ۽ هڪٻئي جون خبرون وٺڻ ۾ ايترو محو ٿي ويا، جو اها سمڪ به ڪو نه رهين ته پٺيان ماڻهو بيقرار ٿي رهيا آهن ۽ شڪي نگاهن سان ڏسڻ شروع ڪيو اٿن. آخر انهن مان ٽي ڄڻا وڌي آيا. پڇيائون ”دير ڇاجي آهي؟“

سپاهين جي اڳواڻ ڦڙتائي، ترشي ۽ تيزيءَ سان وراڻيو، ”اسين هنن کي نه مارينداسين، اسان کي هيڏي پاڪستاني فوج سان وڙهڻ واسطي موڪليو ويو آهي ۽ نه شهري ماڻهو مارڻ لاءِ.“

        بنگالين جون اکيون ڦاٽي ويون، هو ڪو جواب ڏئي ڪو نه سگهيا.

        ساڳئي سپاهيءَ وري ڪڙڪو ڪري چيو ”۽ ها، سڀ ماڻهو هتان هٽي پنهنجي پنهنجي گهر وڃو. اسين هنن کي هتان صحيح سلامت وٺي وڃڻ ٿا چاهيون. جي توهان مان ڪنهن به ڪا شرارت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هي گوليون توهان جا سينا پار ڪنديون. سمجهيوَ، چڱو هاڻي وڃو!“

        بنگالي هيسجي ويا، ۽ پوئتي وڃي پنهنجي هجوم کي حال جي حقيقت ٻڌايائون، ۽ پوءِ هو ٽڙي پکڙي ويا.

        اسڪول جي ڪلاسن ۾ ڏيڍ سو کن ننڍا وڏا واڙيل هئا. هي خاندان هڪ چانهه جي کيت ۾ ڪم ڪندا هئا. اهو کيت، جو اڳي هڪ انگريز جو هو، سو پنجاب جي هڪ چوڌريءَ کي مليو هو. هن ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ هاري ۽ پورهيت به پنهنجي ڳوٺان آندا هئا. هي سڀ هتي پندرهن سالن کان رهيل هئا.

        سپاهين هنن کي چيو ته : اسين توهان کي ڪنهن ويجهي ٽيشڻ تي حفاظت سان هلي ٿا پهچايون، اڳتي توهان جا ڀاڳ کٽن.

        هو سڄي واٽ، سڄو وقت، کلندي خوش ٿيندي پنجاب جي ديس جون هڪٻئي کي خبرون چارون ڪندا رهيا.

        ٽيشڻ تي پهچي، پورهيتن مان هڪڙي پوڙهي، سپاهين ڏي مهڙ ڪري، احسانمند نگاهن سان نهاريندي چيو، ”منهنجا پيارا ٻچڙو، اڄ اسان کي خبر پئي آهي ته انسانن جي وچ ۾ وڏي ۾ وڏو ۽ پائدار ناتو ڪهڙو آهي.“

 

٭

        حيدرآباد،  ١١ – نومبر 1971ع

        سهڻي :               اپريل  1972

 

 

ڇوٽڪاري جي واٽ

٭

        هو خيالن جي طوفان کان پيڇو ڇڏائي نه ٿي سگهيو. هن اٿي ريڊيو کوليو، ۽ ان جو آواز بلند ڪري ڇڏيائين. مگر هن جا ڪن، ٻاهرين آواز ڏانهن متوجهه نه ٿيا. اهي اندر جي آنڌ مانڌ جي سس پس سڻي رهيا هئا.

        هو اخبار کڻي تازي اگهوتري پڙهڻ لڳو، پر هن جون نطرون اخبار تي هوندي به، پري تمام پري تمام پري جو نظارو پسي رهيون هيون، جتي هن جي ماضيءَ جا سوين داستان پکڙيل هئا.

        بي آراميءَ هن کي پلنگ تي سمهڻ نه ڏنو، ۽ هو اٿي، وڃي دريءَ جي ڀرسان بيهي ٻاهر نهارڻ لڳو. سامهون پنهنجي دوست جو بنگلو ڏسي، وري گذريل واقعا ۽ پراڻيون يادگيريون، هن جي ذهن تي اڀرڻ لڳيون.

        اڃا گذريل رات ئي ته هن جي مرهيات دوست، انهيءَ بنگلي ۾ هڪ سهڻي ناچڻي گهرائي هئي، ۽ اڌ رات تائين عيش ڪيو هو، ۽ صبح جو هن کي اطلاع مليو ته هن جو اهو پيارو دوست، موٽر جي حادثي ۾ مري ويو. ڏک ۽ غم کان، هن جي اکين مان ٽم ٽم ڳوڙها وهڻ لڳا.

        دوست جي موت ڪري، هن کي اهو خيال اچي پيدا ٿيو ته هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترا نه گناهه ڪيا آهن. هن جي سڄي عمر جو سرمايو فقط ظلم ۽ دوکيبازي آهي ..... ۽ جي هو ان حالت ۾ مري وڃي (ڇو ته حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو آهي) ته هو ڪهڙي منهن سان خدا جي سامهون ويندو؟ آخرت جو هن وٽ ڪهڙ ثمر آهي؟ هو ته پڇا ڳاڇا جي دوزخ ۾ ويندو. اهي ويچار ڪري، هو ڏڪي رهيو هو. هو اڄ حياتيءَ ۾ پهريون گهمرو خدا جي خوف کان لرزيو هو. هن کان اڳ، موت ڪڏهن به اهڙو ڀيانڪ ويس پائي هن جي ويچارن ۾ وارد نه ٿيو هو.

        هن پنهنجي گذريل زندگيءَ تي نگاهه وڌي .... هو وڏو گنهگار هو .... ڪي خاص واقعا، هن جي ذهن تي تري آيا:-

        هن لکين رپين جا چانور ۽ اناج ڌارين ملڪن ڏي سمگل ڪيا هئا، ۽ هن ڏٺو هو ته ان ڪري پنهنجي ڏيهه ۾ ڏڪار پيو هو، اڪيچار غريب ماڻهو ماني ٽڪر لاءِ محتاج ٿيا هئا، ۽ مهانگائي وڌي هئي.

        سعيد جي خون ۾ هن جا هٿ رنڱيل هئا، اهو ويچار، ذهن ۾ اڀرندي ئي، هن جا هٿ پاڻمرادو اکين آڏو اچي ويا، ۽ هن جون نگاهون بي اختيار انهن ڏانهن کڄي ويون، ڄڻ ته سچ پچ انهن تي اهو رت لڳل اٿس ۽ ان کي ڏسي پيو.

        سعيد، سندس ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو، ۽ مزورن جي يونين جو عهديدار هو. مزورن هڙتال ڪئي ۽ ڪم بند ڪيائون. هن سمجهيو ٿي ته اهو سڀ، سعيد جي چرچ تي ٿيو آهي. هن کي رستي تان هٽائڻ لاءِ، هزارين رپيا ڏئي، هن ٻه ڀاڙيتا بدمعاش هن پٺيان بڇيا انهن هن کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ ان جو ڪو به داد فرياد ڪو نه ٿيو.

        ولي محمد سان جيڪي جٺيون ڪيون هئائين، اهي پڻ هن کي ذري پرزي ياد اچي ويون. ولي محمد هن کان ڪنهن لاچاري حالت ۾ 2 سئو رپيا وياج تي اڌارا ورتا هئا؛ ۽ اهو وياج، سيٺ اهڙي نموني مقرر ڪيو، جو ولي محمد ٻن سون جا ٻه هزار روڪ ڏئي چڪو هو، پنهنجو گهر به سيٺ جي حوالي ڪيائين، تڏهن به قرض ڪين لٿو. جڏهن هن ۾ ٻي اميد ڪا نه ڏٺائين، تڏهن ولي محمد تي ڪيس ڪري، هن کي قيد ۾ وجهرايائين. پٺيان هن جا ٻار ٻچا دربدر ٿي ويا. ٻيو ڪو ڪمائڻ ڪرتڻ وارو ڪو نه هون، پني پنهنجو گذران ڪندا هئا.

        عزيزان واري گهٽنا ته تازي هئي. هوءَ هنجي ننڍي نيٽي نوڪرياڻي هئي، جوڀن ۽ امنگن سان ڀرپور. هن بدناميءَ کان بچڻ واسطي، زهر کائي، پاڻ ماريو هو؛ ڇو جو هوءَ ماءُ بڻجڻ واري هئي، سيٺ جي ٻار جي ماءُ.

        اڄ اهي واقعا ڇپون بڻجي، سيٺ جي دل ۽ دماغ کي چيڀاٽي رهيا هئا. هو حد کان وڌيڪ پريشان ٿي رهيو هو. انهن خيالن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ٿي چاهيائين، پر اهي جيئن پوءِ تيئن وڪوڙيندا ٿي ويس. دوست جي حادثي، هن کي نئون احساس ڏنو هو. موت، دوزخ ۽ خدا جي ڊپ هن جا حوصلا پست ڪري ڇڏيا هئا.

        هن کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪتاب جي ورقن تي رڳو دوکيبازيون، ٺڳيون، بي ايمانيون، چور بازاري، ظلم ۽ زيادتين جا ئي عنوان ٿي نظر آيا. هو وڏو شرابي هو، هو وڏو سمگلر هو، هو وڏو جواري هو، ۽ انهن سڀني ڪار گذارين ۾ سندس اهو دوست، ساٿي ۽ صلاحڪار ٿي رهيو هو.

        هو سوچڻ لڳو ته نيڪ ڪم ته مون ڀلجي به ڪو نه ڪيو هوندو. عبادت سان به ساري ڄمار وير رهيو اٿم ...... انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته مان دوزخي آهيان .... دوزخ جو لفظ، هن جي ڪنن ۾ پگهريل شيهي وارو ڪم ڪري رهيو هو. هو سوچي رهيو هو ته ”منهنجي آخرت ڪاري رات جهڙي اونداهي آهي، رڻ پٽ وانگر ويران، ۽ آفريڪا جي جهنگلن کان وڌيڪ ڀيانڪ!“

        هو جذبن جي شدت کان ڏڪي رهيو هو. هن جي پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا نڪري آيا هئا. هن جي دل ڌڙڪي رهي هئي.

        ”مون ساري عمر عيش ڪيو آهي، منهنجي جيون جي هڪ هڪ گهڙي گناهه ۾ گذري آهي. اهو ڪهڙو مزو آهي،  جو مون نه ماڻيو هجي. مون وٽ دولت جا ڍير آهن، ۽ دولت سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي .... مگر هي موت، هي دوزخ ...... هاڻي مان ڇا ڪريان....... ڇا ڪو رستو ئيڪونهي!“

        اوچتو هن جي رنگ روپ ۾ ڦيرو اچي ويو. هن ۾ نئين جان پئجي وئي. هن جي چهري تي مرڪ جا اهڃاڻ ظاهر ٿيا، ۽ هن فيصلو ڪري ورتو ته ”مان هن سال حج تي ويندس. منهنجا سڀ گناهه ۽ برايون ڌوپي وينديون، ۽ مان ماءُ پيٽان ڄاول ٻار جهڙو معصوم ٿي موٽندس!“

٭

        راڻي پور، ١٥ – مارچ 1975ع

        نئين زندگي:    جون 1959ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com