سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ٽالسٽاءِ جون اخلاقي آکاڻيون

باب: --

صفحو :7

 

توبهه تائب گنهگار

 

شاهه صاحب چيو آهي ته

پاڻهي ملندو هوت، پر ڪجهه تون به ٿجانءِ اڳڀري متان چوي ٻروچ ته ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو.

ان موجب اڳڀرو ٿيڻ انسان لاءِ لازمي آهي. همٿ مردان، مدد خدا، ايشور انهن کي مدد ڏئي ٿو، جي پهريائين پاڻ کي پاڻ مدد ڪن ٿا. انهيءَ خود يا وريءَ جي راه ۾ اورچائي پڻ ضروري آهي. انجيل ۾ چيل آهي، ”کڙڪاءِ ته کولي ڏيندءِ.“ کلڻ ۾ دير ڪانهي پر ادا، کڙڪائڻ جو بار ته توتي آهي. خودياوريءَ ۽ اورچائيءَ سان گڏ دلي محبت به مکيه وصف آهي. ۽

محبت جن جي من سي اڻ پڇا ئي اگهيا.

محبت ايندي نماڻائيءَ مان ۽ نماڻائي حاصل ٿيندي ٻين جي عيبن ڏانهن نهارڻ جي بدران پنهنجين گهٽتاين کي سڌارڻ ڏانهن رجوع ٿيڻ مان. پنهنجيون اوڻايون پسي جڏهن پڇتاءَ جا ڳوڙها ڳاڙبا تڏهن انهيءَ پاڪ پاڻيءَ سان من جي ميل ڌوپي ويندي ۽ قلب جي ڪس لهي ويندي. مطلب ته سوڌ- بتي Searchlight جنهن کي اسان ٻين جي عيب جوئيءَ ۾ ڪم آندو آهي، ان جو منهن پاڻ ڏانهن ڦيرڻ اسان جو پهريون فرض آهي. پنهنجا عيب ڏسي جڏهن لڄائمان ٿينداسون، تڏهن ” دوس اسان جي در، پيهي ايندو پاڻهي.“ ڇو ته

پيٺوتن درانءُ، جي ڏسي پاڻ لڄائيون(شاه)

تات پرج ته ٻاهران ڌيان ڇڪي، پنهجين ناقصاين ڏانهن نهاري، سچو پڇتآءٌ ڪري وڃي در کڙڪائبو ته مالڪ مهربان سنڀورو سيڻاه سين هڪيو تڪيو روبرو نظر ايندو.

*      *      *      *      *      *      *

رحم سون آهي پر محبت ماڻڪن جي مٽ آهي. رحم انساني وصف آهي، ته محبت مولائي لڇڻ آهي. رحم ڪندڙ ويچار ڪري ٿو ته اڳلو ڪيتري قدر رحم جي لائق آهي پر محبت وارو بڇن سان به ڀلايون ٿو ڪري. رحم ڪندڙ ٻئي جي چڱائي ۽ برائي خيال ۾ رکي ٿو پر پريمي يار جي ياريءَ سان نينهن نباهي ان جي وصفن سان واسطو نه ٿو رکي. هن جي محبت جي ڀاڪر اندر ويڇي ۽ وچاندر جو ويچار ئي ڪونهي.

*      *      *      *      *      *      *

ايشور آهي پريم. جنهن کي پريم ڪونهي تنهن کي پرميشور جي ڄاڻ ڪانهي.

*      *      *      *      *      *      *

ڪنهن سمي ڪو انسان دنيا ۾ ستر سال رهيو ۽ ستر ئي گناهن ۾ گذاريائين. ور ور ڪري پي بيماريءَ گهٽيس ۽ دک درد پسيائين پر نڪي سندس جيون ۾ ڪو ڦيرو آيو ۽ نڪي وري ڪو اندر واري جو چڪ پيس. نيٺ جڏهن ڪال اچي ڪنڌ تي ڪڙڪيس، يار دوستار عزيز خويش کيس ڇڏائڻ جي طاقت نه ساري ڏانهنس بيوسيءَ ۾ نهارڻ لڳا، جن سان گڏ کاڌو ۽ پيتو هوائين سي ساڻس الوداعيءَ جو سر آلاپڻ لڳا، سمورو عيش عشرت جو سامان خواب ٿي ويو، مفت جي ميڙيل مڏي هٿن مان زوريءَ کسڪي ويئي ۽ پنهنجا ڪڌا ڪرتوت ڀيانڪ صورت ۾ اکين اَڳيان ڀوت ٿي ڦرڻ لڳس، تڏهن سندس هٿن مان ڄڻ ته ڪي ڪري پيو. سنسار سارو سپني جيان ڏسي اندر دهلجي ويس ۽ ڌڙن ڏڪڻ لڳس. ڪڪر نوبهار جيئن ڳوڙها ڳڙڻ لڳس ۽ انهيءَ بيڪسي ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ درد ڀري دانهن ڪري آخرين لفظ اچاريائين: ”هي منهنجا مالڪ، معاف ڪر جيئن تو چور کي ڦاسيءَ چڙهندي معافي ڏني.“ بس، گهٽ ته گهٽجي ويا، جوت گم ٿي ويئي، رڳون بيهجي ويون ۽ پران پکي پرواز ڪري ويو.

ڪهڙو به گنهگار هو ته به ڇاڪاڻ ته سندس آتما ايشور کي پيار ٿي ڪيو ۽ ان جي امر رحم تي آسرو ٿي رکيو، تنهن ڪري کيس نرڪ جي عذابن کان ڇوٽڪارو مليو ۽ هو سرڳ جي سڙڪ وٺي اچي جنت جي دروازي تي سهڙيو. ڪڙو کڙڪايائين ۽ اندر گهڙڻ جي اجازت پنڻ لڳو. اندران آواز آيو:”در تي بيٺل منش ڪهڙي قسم جو آهي ۽ پنهنجي دنيوي زندگيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا اٿس.“

پاسي کان آواز جواب ۾ هڪ هڪ ڪري سندس سڀ گندا ڪرتوت کولي ٻڌايا ۽ چڱو هڪ نه ٻڌايو.

عيب ته هن جي انگ ۾ هئا ميرائي ميرا. اندرين آواز فرمايو: ”گنهگارن لاءِ بهشت جي بادشاهيءَ اندر جاءِ ڪانهي. هليو وڃي هتان.“

پاپيءَ پرارٿنا ڪئي ته او پاڪ منصف! تنهنجو آواز منهنجن ڪنن تي پوي ٿو، پر تنهنجو روپ مان نه ٿو پسان ۽ نڪي تنهنجي نالي جي گم اٿم.

آواز وراڻيو” آءٌ نبي پيٽر آهيان.“  پاپيءَ ٻاڏائي چيو: ” اي پيغمبر پيٽر، مون تي رحم ڪر. انسان جي هيڻائي ۽ ناقصائيءَ کي ڏسي ڌڻي ٻاجهاري جي بي انت مهر جو ويچار ڪر.

عدل ڇٽان نه آءٌ، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.

تون پاڻ انهيءَ محبت جي مورت ۽ الفت جي اوتار حضرت عيسى جو شش هئين، سندس واتان تو پريم جا پيغام ٻڌا ۽ سندس شخصي جيون ۾ اکٽ قياس ۽ اڻ مئي محبت جو نظارو اکين پسيئه. اي سهڻا سردار، ياد ڪر ته ڪيئن تنهنجي غفلت حضرت جن جي دل کي سخت چوٽ رسائي ۽ هن بلڪل دک وچان توکي ٽي دفعا پڪاري چيو ته ڀائي، ڇو سج کي ڀتر هڻي ساجهريئي وڃي ستو آهين ۽ ڇو نه ٿو اٿي الله سان اور اورين. انهيءَ هوندي به ڇاڪاڻ ته تنهنجي اکين تي ننڊ جو خمار هو، تنهن ڪري تون ستوئي رهين. هو سڏيندو ئي رهيو ۽ تون غفلت جا کونگهرا هڻندو ئي رهين. ياد ڪر اي مرد خدا جا، ته تو پياري ڪرست سان واعدو ڪيو ته يا عمر سندس رهبريءَ کان منڪر نه ٿيندين ۽ هر ڪنهن حالت ۾ سر جي سٽ ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندين پر انهيءَ انجام جي خلاف تو پنهنجي حياتيءَ ۾ ٽي دفعا هن کان منهن موڙيو ۽ هن کي رسول ڪري مڃڻ کان انڪار ڪيو. اي درويش، منهنجو پڻ ساڳيو حال پي ٿيو آهي. ياد ڪر منهنجا سردار ته جڏهن ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تڏهن تو ٻاهر اچي پڇتاءَ جا ڳوڙها ڳاڙيا ۽ زار زار رنو. مون سان به ساڳي ڪار ٿي آهي. جي الله تعالى تنهنجن عيبن ڏانهن نه ڏسي توکي سوري هنج ۾ وهاريو ۽ پيار جا هٿڙا ڌريا ته تون وري مان ٻاڏائيندڙ مسڪين کي ڪيئن ٿو ٿڏين؟“

هن جي پڪار جو جواب صرف خاموشي ئي مليو. ڪجهه پلڪ پهر رکي وري ٻيو در کڙڪايائين ۽ ليلائڻ لڳو، ڇو ته اِهو سبق ياد هوس ته:

”جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائيج،

آسرو م لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.“

اندران نئين آواز ساڳيا سوال پڇيا ۽ پاسي واري آواز ساڳيو سندس گناهن جو وستار ڪيو. آخرين فرمان به ساڳيو سندس نيڪاليءَ جو ئي نڪتو.

ويچاري وري پڪاري پڇيو ته سائين ڀلائي ڪري پنهنجي نالي کان ته آگاه ڪر.

جواب آيو: ”مان پيغمبر بادشاه دائود آهيان.“

پاپيءَ پير نه چوريو ۽ نماڻي آواز ۾ چيائين:”او بادشاه دائود، مون تي ترس ڪر. ياد ڪر اي منهنجا سائين، ته انسان خطا جو گهر آهي ۽ پرم آتما لطف جو ساگر آهي. ڌڻيءَ توکي پيارو گهريو ۽ تو کي ٻين انسانن کان اوچو درجو عطا ڪيو. توکي ڀڳوان جي ڀلائيءَ سان بادشاهي هئي، شان شوڪت هئي، مال ملڪيت هئي، سلڇڻي ناري ۽ ٻچا ٻار هئا ۽ ڏڌ پٽ خواه عيش عشرت جي تو وٽ ڪمي ڪا نه هئي، انهيءَ هوندي به هڪڙي ڏينهن تو پنهنجي کڏ تان غريب پاڙيسريءَ جي زال تي بريءَ نظر سان نهاريو، پاپ تنهنجي پنڊي ۾ پيهي ويو. تو پرائي زال زوريءَ کنئين ۽ ان جي مڙس کي بي رحميءَ سان مارائي ڇڏيو.  تون شاهوڪار هئين، مال متاع جي تو وٽ ڪمي ڪا نه هئي ۽ هزارين نوڪر تنهنجي پگهار تي ٿي پليا، ته به هڪڙي غريب ماڻهوءَ کان تو گهيٽي کسي ۽ بيگناهه انهيءَ مسڪين کي ڦاسيءَ چاڙهيو. ايترين خطائن ڪرڻ بعد به جڏهن تو پڇتآءٌ ڪري پرارٿنا ڪئي ته مان پنهنجي عيب قبول ٿو ڪريان ۽ منهنجي پاپن جو نقش اکين اڳيان چٽو پيو ڦري، تڏهن ڪيئن نه سرشٽيءَ جي سائينءَ توتي رحم ڪيو. اي درويش! مون سان به ائين ئي ٿيو آهي. مان برابر ڪچ ئي ڪچ پي سوديو آهي، پر انت سمي منهنجي دل کي به ڌڪو آيو ۽ ٻڌو هوم ته پرماتما جي رحمت مان اميد لاهيندڙ ڪافر ۽ شيطان جو مريد آهي، تنهنڪري پڇاڙيءَ جي پرارٿنا ڪري چولو ڇڏيم ۽ آسن اميدن ڀريو ٿي اچي هت پهتو آهيان. اي سٻاجها سائين، ڇا تون مون کي لوڌي ڪڍندين؟“

چوڌاري سناٽو ڇانئجي ويو. منٿ ماٺ ۾ ملي ويئي. اندريون آواز خاموش ٿي ويو. نا اميدي هائوءَ وارو وات ڦاڙيو ٿي ڳرڪائڻ آئي پر

”مورم مرد منجهن مٿي آر اوڙاه جي.“

سهڻي سائينءَ جو سبق پڪو هوس ته

”ووءِ ووءِ ڪندي وت، جم ورچي ڇڏيئين؛“

سو گهڙي پهر گهاري، وري وڃي ٽيون درڪ کڙڪاياءِ،

وري به اندران آواز، ساڳيا سوال ۽ ساڳيا جواب. واقفيت ڏيندي آواز وراڻيو:”مان ديوتا جان آهيان ۽ ڪرست جو شش آهيان جنهن کي هن پيارو ٿي گهريو.“

گنهگار جي دل ۾ سرهائي اچي ويئي ۽ وڏي هيج مان چيائين: ”تون مون کي ڪيئن نه ٿو اندر اچڻ ڏين؟ پيٽر ۽ دائود کي انسان جي خطائي تميز ۽ ايشور جي اجهاڳ رحمت جي خيال کان مون کي اندر اچڻ جي اجازت ڏيڻ کپندي هئي، پر تون مون کي اچڻ ڏي، ڇاڪاڻ ته تنهنجي پوتر دل ۾ پريم ساگر جون لهرون پيئون اٿن.س اي ديوتا سروپ جان! ڇا، تو پنهنجي پاڪ پستڪ ۾ هٿن سان نه لکيو آهي ته ’ايشور آهي پيار، جنهن کي قلب اندر قرب ڪونهي سو ايشور کي نٿو سڃاڻي.‘ ڇا، تون پنهنجيءَ پوئينءَ عمر ۾ ماڻهن کي اِها سکيا نه ڏيندو رهين ته ڀائرو، هڪ ٻي کي پيار ڪريو. انهيءَ سکيا جا سائين! پوءِ مون کي تون ڪيئن ٿو ڌڪاري يا هڪالي ڪڍين؟ يا ته مون کي جهوليءَ ۾ جهل ۽ پيار ڪر يا وري پنهنجي ڏنل سکيا کان عاري ۽ انڪاري ٿيءُ.“

بهشت جا دروازا يڪدم کلي ويا، جان اڳڀرو اچي گنهگار منش کي ڇاتيءَ لاتو ۽ هٿ کان وٺي بهشت جي آنند محل ۾ داخل ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com