سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :10

وانس پامر (آسٽريليا)

 

سالگرهه

سج اُڀرڻ کان اڳ ئي ڊئرو کي جاڳايو ويو هو. سندس ٻه جاڙا ٻار سندس هنڌ ۾ گهڙي آيا هئا. هنن جي جهولين ۾ اهي سڀ سوکڙيون هيون، جيڪي ڊئرو هنن لاءِ رات جو آنديون هيون. هو ٻنهي طرفن کان سندس سوڙ کي ڇڪي رهيا هئا، ۽ سندن تيز ۽ سنهڙيون چيخون ۽ ڳالهيون هن جي دماغ ۾ داخل ٿي، هن جي ننڊ کي ڀڄائي رهيون هيون.

”مون کي خبر هئي ته توهين ايندؤ!“ ٽب چيو. ”رات آءٌ جاڳي هيس ته دريءَ جي شيشن تي ڪار جي روشني نظر آيم.“

”مون به ڏٺي هئي!“ پيٽر وچ ۾ پوندي چيو.

”هل، ڪوڙا!“ ٽب رڙ ڪئي. ”تو وري ڌوڙ ڏٺي. تون ته ان مهل ننڊ ۾ هئين.“

”آءٌ ننڊ ۾ ڪونه هوس!“ پيٽر چيو. ”پهرين دروازي کلڻ جو آواز ٻڌم، ۽ پوءِ ڪنهن جي ڳالهائڻ جو آواز...بابا هيءَ بندوق ته ڏسو! سچي بندوق آهي ۽ ڪنهن کي به هن سان ماري سگهجي ٿو.“

”منهنجي گڏيءَ جون اکيون ته بنا ڪنهن ڪَل جي پاڻيهي کُلن ۽ ٻوٽجن ٿيون.“ ٽب چيو. ”ٻيون به الاهي شيون آهن!... اڄ اسين سويل اٿيا هئاسين، ان وقت اڃا اوندهه هئي.“

”اڳ ۾ آءٌ اُٿيو هوس!“ پيٽر چيو. ”ٽب کي ته سُڌ ئي ڪانه هئي. مون پنهنجن شين جو پُڙو کوليو ته ان جي آواز تي هن کي جاڳ ٿي هئي.“

سَوڙ ۾ ليٽ پيٽ ڪندي ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪيندي ڇڪيندي، هو ان سوال تي اچي اَٽڪيا ته اول ڪير اُٿيو هو. ٽَب جي هٿن مان گُڏي ڇڏائجي وڃي ڊئرو جي منهن تي ڪري.

ڪمري جي ٻيءَ ڪنڊ کان، هنڌ تي ليٽيل سندن ماءُ جو ڳرو ۽ چڙ ڀريو آواز آيو: ”ٺهيو، هاڻي وڃي ليٽي پؤ، نه ته صبح سان ڏاڍو ٿڪ ٿيندوَ.“

”ها ٻچا، هاڻي وڃي ليٽي پئو.“ ڊئرو به ورجايو. ”مون توهان لاءِ هڪ ٻي سوکڙي به آندي آهي، جئري جاڳندي، جا توهان کي نيرن مهل ڏيندس.“

”مون کي خبر آهي!“ ٽب چيو. ”ڀولي؟“

”اون هون! ڀولي وري ڪٿان آڻيندس.“

”ڀلا، ننڍڙو اَدو؟“

ڊئرو ڪمري جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ پيل هڪ هنڌ ڏانهن نهاري مُرڪيو. ٻارڙا هن تي سوالن مٿان سوال ڪندا ويا، ۽ ٿانئس ليٽڻ لڳا. هن ليٽندي ئي پاسو ورايو ۽ آهستي آهستي ٻارن کي هنڏ تان هيٺ لاٿو.

”ماٺ ڪري وڃي سمهي پئو!“ هن ٻارن کي حڪم ڏيندي چيو، ”نيرن کان اڳ آءٌ توهان کي ڪجهه به نه ٻڌائيندس.“

جڏهن هو ورانڊو ٽپي ويا ته ڊئرو هنڌ تي اٿي ويٺو. هن سگريٽ دکايو ۽ دريءَ کان ٻاهر سمنڊ جي ڦهليل ۽ زرديءَ مائل وارياسي ڪناري ڏانهن ڏسڻ لڳو. صبح ٿي رهيو هو، ۽ وڻن جون چوٽيون سونهري پئي نظر آيون. رستي جي لنگهه جي بُلڪل سامهون، هڪ ماڻهو ڊُونڍيءَ ۾ ويٺو مڇيون ماري رهيو هو ۽ ائين نظر اچي رهيو هو، ڄڻ سبز ۽ هيڊاڻ مائل پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڪو ڦوٽو اُڀريو هجي. ان کان سڄي طرف، ننڍڙن سامونڊي پکين جي قطار ويٺي هئي، ائين، ڄڻ ڪنهن پٿر جا پکي قطارن ۾ رکي ڇڏيا هجن.

”مان نيرن تي مشڪل پهچي سگهان.“ ڪمري جي ٻئي طرف کان مار گريٽ چيو، ”ٻار کي ڪجهه کارائجانءِ....توبهه، وري ڪهڙا سگريٽ پيئڻ شروع ڪيا اٿئي.؟“

”ساڳيائي، جيڪي سدائين واپرائيندو آهيان.“ هن سگريٽ جو اڌڙ دري مان ٻاهر اڇلائيندي چيو. ”ڇو، گهٽ ٿي ٿيئي ڇا؟“

”صبح تائين ته چاق ٿيڻ جي اميد ڪانهي:“ هن ورندي ڏني.

هن کي ياد آيو ته جاڙن ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ به مارگريٽ سان ائين ٿيو هو. پريشان ٿيڻ جو ڪو سبب ڪونه هو. هوءَ بلڪل ٺيڪ هئي. هن جي رڳن خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. ۽ جڏهن هو اٿي وهنجڻ ويو ۽ سندس مٺڙو آواز ڪنهن پهاڙي جهرڻي جهڙو پئي معلوم ٿيو. جاءِ جي پٺئين حصي مان جتي نوڪرياڻي ’جيسي‘ ميز تي ناشتو رکي رهي هئي. ٿانوَن جي کڙ کڙ جو مٺو آواز اچي رهيو هو. اوچتو پڌر ۾ خوشيءَ ۽ اتساهه جا آواز پڙاڏو ڪرڻ لڳا.

”اڙي ڪتو! جيرئو جاڳندو گُلر....بابا به چيو پئي ته اها شيءِ جيئري هوندي!“

ٻارڙن کي سندس راز جي اڳ ۾ ئي خبر پئجي ويئي. جڏهن هو ڪپڙا پائي ٻاهر آيو ته ان وقت پيٽر چٻر تي اگهاڙين پيرين ڊڪي رهيو هو. سندس پٺيان گُلر پئي ڦريو ۽ گُلر جي پويان وري ٽب ڊڪي رهي هئي.

”هيڏي! اڙي احمقو! گلر ڪٿان ڳولي آيا آهيو؟“

”ننڍڙيءَ پيتي ۾ پيو هو!“ ٽب جواب ڏنو. ”توهان چيو هو ته، ته اهو اسان لاءِ اندو اٿوَ.“

هو ڪُتي ۾ ايترو ته مگن ٿي ويا جو کانئن بيون سڀ وکڙيون وسري ويون. پيٽر جي هوائي بندوق ڇٻر تي ڪنهن ڪنڊ ۾ گم هئي، ته ٽب جي گڏي وري ورانڊي ۾ ڌڪا کائي رهي هئي. جيئري جاڳندي شيءِ جهڙي ڀلا ٻي ڪهڙي وِندر ٿي سگه يٿي؟ ان تي ته هو پنهنجي مالڪي هلائي سگهن ٿا! گُلر وٺي اچڻ جو دراصل هن کي ڪو به خيال ڪونه هو. صبح جو شهر وڃڻ ويل اها تجويز کيس هڪ پاڙيسريءَ ڏني هئي. هن جو سڄو وقت انهيءَ ويچار ڪرڻ ۽ ٻين سوکڙين وٺڻ ڏانهن ويو هو.

ٻارن ضد ڪيو ته نيرن مهل به گُلر ساڻن ڀَر ۾ ڪرسيءَ تي ويهي. پوءِ ان ڳالهه تي اٽڪيا ته ڪنهن جي ڀرسان ويهي ۽ کيس ڪير کارائي! ڊئرو به اڄ هنن کي ڍر ڏيئي ڇڏي هئي، اهو ڏينهن سندن پنهنجو ڏينهن هو. گُلر هڪ ننڍرو ۽ بدصورت جانور هو. هن جا ڪن ويڪرا ۽ زبان ڊگهي هئي، جيڪا سندس پچڪڙي وات مان ٻاهر پئي لڙڪي. پر هو جيئرو جاڳندو وجود! جڏهن نيرن بعد، هو سمنڊ جي سر تي نڪتا، ته گُلر به سندن ڪڍ لڳي پيو، ۽ سندن ٽنگن جي وچ ۾ اچ-وڃ ڪري کين ٿاٻڙائڻ لڳو. ڊئرو اهو سڀ ڪجهه سَٺو پئي.

’هيءُ گُلر هنن لاءِ مون کان به وڌيڪ حقيقت رکي ٿو.‘ هن ويچاريو. هن ڏٺو پئي ته ٻار کانئس بلڪل بيپرواهه ۽ لاتعلق ٿي چڪا هئا.

صبح جو سنهڙو ۽ سندر سمو هو. سياري جا شوقين سياح ڪناري تي ويٺا هئا. ڇوڪرين جي هڪ چلولي ٽولي، رنگارنگي ڪپڙن ۾ ملبوس، هوٽل مان ٻاهر اچي رهي هئي. اچيءَ ڳاڙهيءَ واريءَ تي کيکڙا ڦاسائيندڙ ٻار، نيرن، ڳاڙهن ۽ ساون ٽٻڪن وانگر پئي نظر آيا. وارياسي ڪناري تي آواز بلڪل صاف ۽ ڇٽا پئي ٻڌڻ ۾ آيا. ڪي ماڻهو ڪناري تي بيٺا ٻيڙين وارن کي سڏي رهيا هئا. رستي جي ٻئي ڀر تي اڌ درجن کن ماڻهو ويٺي مڇيون ماريون. انهن سڀني پننهجا پائيپ دکايا هئا.

هو هيٺ ڪناري طرف لٿا. ڪناري تي هنن ڪن ترندڙ ماڻهن جو ميڙ ڏٺو. ڪي ماڻهو، ٿوريءَ ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي پاڻيءَ ۾ بيٺا هئا. پيٽر گُلر کي واريءَ مان کيکڙا کوٽڻ سيکاري رهيو هو. هو ڊڪڻ لڳو ته واريءَ ۾ ڀريل سندس ننڍيون ننڍيون گول ٽنگون اُس ۾ چمڪڻ لڳيون.

”هلو هلو، اڳتي وڌو!“ هن ٻارن کي چيو. ”هي ترڻ جي مشق ٿا ڪن.“ جڏهن ڊئرو پويان نهاريو ته ٻار کيس گهڻو پٺتي نظر آيا. گُلر به ساڻس ٽپندو، ڊڪندو پئي آيو. ڊئرو سمجهي ويو ته پٺتي ضرور ڪونه ڪو حادثو ٿيو آهي. هر طرف کان ماڻهو ڪناري ڏانهن ڊوڙي رهيا هئا، ۽ عورتون سمنڊ جي مٿاڇري تي ڪنهن ڪاريءَ شيءِ ڏانهن اشارا ڪري، رڙيون ڪري رهيون هيون. سؤ کن وال پري سمنڊ جي لهرن ۾ ڊونڍيون لُڏي لمي رهيون هيون.

”شايد ڪو اڻڄاڻ گهڻو پري، هليو ويو آهي. ڊئرو ويچارو، ۽ اٻوجهائيءَ وچان ڪنهن ڪُن ۾ وڃي ڦاٿو آهي.“

ٻار ماڻهن جي ميڙ ۾ گم ٿي ويا، ۽ هو انهن کي هٿيڪو ڪرڻ لاءِ ان طرف ڊوڙيو. نوجوانن جو هڪ جوڙو، جن کي پٽاپٽي جرسيون پيون هيون، هن جي اڳيان تکو تکو لنگهيو.

”ڇا ڳالهه آهي؟“ هن پڇيو، ”مشق ٿا ڪن ڇا؟“

پر سندس آواز هوا جي سُوساٽ ۾ دٻجي ويو. سمنڊ مان ڪنهن آلي ۽ نستي وجود کي ٻاهر پئي آندائون. هڪ ڊگهو ماڻهو گوڙ کي پٺتي هٽڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو هو. هو ميڙ جي ويجهو پهتو ته کيس ماڻهن جون ڳالهيون چٽيون ٻڌڻ ۾ آيون. هڪ عورت، جنهن کي سائي رنگ وارو ترڻ جو لباس پهريل هو، سمنڊ طرف اشارو ڪري رهي هئي-

”او....هتي!“ هن رڙ ڪئي. ”مون پاڻ ڏٺي- ڪاري ڪاري وڏي، ڀوائتي مڇي!“

ڊئرو جي ذهن ۾ فوراً خيال آيو ته پنهنجا ٻار هٿيڪا ڪري اهڙين حالتن ۾ پيدا ٿيندڙ تڪليفن جو هن کي چڱو اندازو هو. هن کي اهو ڀؤ هو ته متان ٻارڙن جي ننڍڙن ذهنن تي ان واقعي جو خراب اثر ٿئي. گوڙ کان ٻاهر، گُلر هنج ۾ جهليو ٽب بيٺي هئي، ۽ پيٽر وري ماڻهن جي وچ ۾ بيو هو. ماڻهن جي ٽنگن جي وٿين مان، هو پيٽر جي ڳاڙهي جرسي سولائيءَ سان ڏسي پئي سگهيو. حادثي جي خبر چؤطرف پکڙجي ويئي. هڪ عروت ته صدمو نه سهي، بيهوش ٿي ڪري پيئي هئي.

”پوئتي هٽو!“ ڊگهي مڙس ماڻهن کي منٿ ڪئي. ”اَسان کي ڪم ڪرڻ ڏيو. خدا جي واسطي پاسي ٿيو ته ماڻهوءَ کي تازي هوا ملي.“

ڊئرو گوڙ ۾ اندر وڃي، پيٽر کي ڪلهي کان جهلي ٻاهر وٺي آيو، هن جي اکين اڳيان ان ماڻهوءَ جي صورت ڦرڻ لڳي، جيڪو گوڙ ۽ واريءَ تي اونڌو ستو پيو هو. هن جي ڪارن وارن سندس منهن کي لڪائي ڇڏيو هو. هن سوچيو ته ڪنهن به طرح ٻارن کي ان ڀوائتيءَ ڳالهه جي خبر نه پوڻ گهرجي! اڄ ته هنن جي ڄمڻ يعني، سالگرهه جو ڏينهن هو.

”هلو هلو!“ هن ٻارن کي ڌڻ وانگر هڪليندي چيو. ”هلو ته هن ٽڪريءَ جي ٻيءَ ڀر هلي راند رهون.“

ٻار اوڏاننه وڃڻ تي راضي نه هئا، ۽ هو کين اتان هٽائي وڃڻ تي ضد ڪري رهيو هو. هن گلر کنيو، ۽ اڳتي وڌيو. هنن جي هلڻ مان هن اندازو لڳايو ته کين حادثي جو خبر پئجي چڪي هئي، پر ان جي خوف ۽ اثر کان آجا هئا.

”هڪ عورت ٻڌايو.“ ٽب چيو، ”ته انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو ڪان ڊليني آهي.“

”کيس ڄرڪي کاڌو آهي!“ پيٽر چيو. ”مون سندس ٽنگ تي رت به ڏٺو هو.“

”ڪان ڊليني هوٽل ۾ ڪم ڪندو هو.“ ٽب چيو، ”۽ صبح جو ڊونڍيءَ ۾ چڙهي سمنڊ ۾ ويو هو.“

ڊئرو ٽڪريءَ جي پويان، ڪناري جي اوٽ ۾ هڪ گرم جاءِ چونڊي، اُتي ويهي رهيو. جڏهن هن سگريٽ دکايو ته سندس هٿ ڏکڻ لڳا. هن شروع کان ئي اهو واقعو پنهنجي بدران ٻارن جي اکين سان پئي ڏٺو. ”ڪان ڊليني!“ هن جي ذهن ۾ وري ويچار آيا. اهو قداور شخص سمورو وقت هوٽل جي اڱڻ ۾ گهمندو وتندو هو. هو ان ڪراڙيءَ جو يتيم پٽ هو، جيڪا سندس انهيءَ هوٽل ۾ اچڻ وقت هڪ دڪان هلائيندي هئي.

”زخمي ڪيئن آهي؟“ هن هڪ واٽهڙوءَ کان پڇيو، ”ٺيڪ آهي نه؟“

”نه، اڃا ته حالت خراب اٿس.“ واٽهڙوءَ جواب ڏنو. ”هوٽل ڏانهن کڻي ويا اٿس، ۽ ائمبولنس لاءِ اسپتال ۾ فون به ڪيو اٿن.“

ڪناري تي ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو هو. پيٽر ۽ ٽب واريءَ تي پئي راند ڪئي. هو ٻڏل ماڻهوءَ کي بچائڻ واري راند ڪري رهيا هئا. ٽب واريءَ تي پٺيءَ ڀر ليٽي پئي هئي، ۽ پيٽر کيس ٽنگن ۽ ٻانهن کان وٺي پئي ڌُونڌاڙيو، اهڙيءَ طرح، جئين ڪناري تي ٻڏل ماڻهوءَ کي ڌونڌاڙيندي ڏٺو هئائون. هو اهو سڀ ڪجهه تمام سنجيدگيءَ سان ڪري رهيا هئا. گُلر سندن ڀرسان ويٺو کين انتظار ۽ اچرج سان ڏسي رهيو هو. ان جي ڊگهي زبان وات مان نڪري، هڪ طرف پئي لڙڪي.

واپس ايندي وقت، ڊئرو ٻارن کي ڪناري جي بدران ٽڪرين مٿان ڦيرائيندو گهر وٺي آيو.

”هي سڀ ڄرڪا ٿا ڦاسائين.“ پيٽر سمنڊ ۾ لڏندڙ هڪ ڊونڍيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”گذريل هفتي ڪراڙي ڪارنيءَ به هڪ ڄرڪو جهليو هو. هن چيو پئي ته اهو آدمخور ڄرڪو هو!“

”ڪان ڊليني، اسان جي گهر جيسيءَ سان ملڻ ايندو هو.“ ٽب چيو. ”هو ان کي چاچي ڪارنيءَ جي ڊونڍيءَ تي به وڍي ويندو هو. جيسي چوندي آهي ته ناتال جي موڪلن کان پوءِ، هوءَ پنهجي ڳوٺ هلي ويندي.“

دڪان ۽ پوسٽ آفيس جي ٻاهران ماڻهن جا ٽولا بيٺا ڀڻ ڀڻ ڪري رهيا هئا. ڊئرو کي اوچتو خيال يو ته مارگريٽ کي ٻارن کان به وڌيڪ صدمو رسندو- خاص ڪري مووده حالت ۾. جاڙن ٻارن جي پيٽ ۾ هجڻ وقت، هوءَ ورانڊيءَ ۾ نانگ ڏسي ڏندنجھي ويئي هئي.

منجهند جي مانيءَ وقت جڏهن پاڻ ۾ ڊونڍيءَ واري واقعي بابت اجايو ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ته ڊئرو مارگريٽ کي ڪن خيالن ۾ ٻڏل ڏٺو. هوءَ خيالن جي دنيا ۾ گم هئي. گذريل پندرهن ڏينهن کان هن پير ۾ گهر کان ٻاهر نه ڪڍيو هو.

”ڪان ڊليني!“ هن منهن ۾ گهنڊ وجهندي چيو، ”آءٌ سمجهان ٿي ته کيس ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو. ڪيترن هفتن کان هو بيڪار پاڻيءَ ۾ وقت وڃائي رهيو آهي.“ هوءَ پيٽر کي دڙڪا ڏيڻ لڳي ته وڏا وڏا گرهه نه کڻي.

ڊئرو محسوس ڪيو ته مارگريٽ ڪان ڊلينيءَ خلاف ڪا سخت شڪايت هئي. ٽپهريءَ بعد جڏهن سڀئي ٻاهر باغيچي ۾ اچي ويٺا، ته هن نموني سان هوريان هوريان سندس ان شڪايت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کي خبر پيئي ته ڊليني هڪ بدچال ۽ رولاڪ ڇوڪرو هو. هن ڪيترين نوجوان ڇوڪرين کي بدنام ڪيو هو، ۽ گذريل ڪيترن ڏينهن کان هو جيسيءَ جي پٺيان هو. شام جو اسڪول بند ٿيڻ کان پوءِ، هو جيسيءَ جو دڳ جهلي بيهي رهندو هو.

”وءَ ويچاري ته ڏاڍي اٻوجهه آهي.“ مارگريٽ چيو، ”مون کي ته ماءُ وانگر سندس سار لهڻي پوندي آهي. هوءَ سُندر سپنا ڏسني آهي، پر پلئه ڪجهه نه ڪونه پوندس.“

هاڻي ڊئرو جي سوچڻ جو وارو هو. هن جي اکين اڳيان وري اها صورت ڦري آئي-پاڻيءَ ۾ ڀنل جسم ۽ ڪارن گهنڊيدار وارن سان ڍڪيل منهن، ڇا، سچ پچ هن کي ڄرڪي چڪ پاتو هو؟ هن فيصلو ڪيو ته پاڻ وڃي سڄي معاملي جي جاچ ڪري. هن اهو به نه ٿي چاهيو ته ٻار پنهنجي سالگرهه واري ڏينهن کي اهڙو نڀاڳو سمجهن. شام جو هن ٻارن کي ڇٻر تي ورهندي ڏٺو.”هن جو نالو سيلاني ٿا رکون.“

”نه نه! مرداڻو نالو آهي ۽ جيسيءَ چيو پئي ته هيءَ مادي آهي.“

جيسيءَ کي ڪتن جي ڪهڙي خبر؟ ڪتن جو نالو ٿوروئي نر يا مادي ٿيندو آهي؟“

هو گاهه تي ليٿڙيون پائي رهيا هئا، ۽ گُلر سندن هٿ چٽي رهيو هو. هنن جا اواز کان سواءِ، هر طرف سانت هئي. جيسي ٻاهر هلي ويئي هئي ۽ مارگريٽ اندر سمهي پيئي هئي. چانهه تيار ٿي چڪي هئي ۽ ميڻ بتين سان سينگاريل، سالگرهه جو ڪيڪ به پهچي چڪو هو. پوءِ سالگرهه جي رسمن کان واندو ٿي، هو پنهنجو لڪڻ کڻي هوٽل طرف روانو ٿي ويو.

هوٽل ۾ هر طرف خاموشي هئي. هن محسوس ڪيو ته هو ڪنهن خوابن جي دنيا ۾ گهمي رهيو هو. هوٽل جي ڪمرن پٺيان ٻاهر ڪي ماڻهو ٽينس کيڏي رهيا هئا. هڪ ڇوڪري سنجها جي اوندهه ۾، کينهو ڳولي رهي هئي. سمنڊ جي ڪناري وارن ننڍڙن گهروتڙن ۾ بتيون ٻرڻ شروع ٿي چڪيون هيون. هن جي خيال ۾ وري سمنڊ مان ڪڍيل جوان ۽ ٻارن جي ترت علاج واري راند ڦري آئي. ”ڇا سچ پچ ڪان ڊلينيءَ ۽ جيسيءَ جا پاڻ ۾ تعلقات هئا؟ جي ها، ته ڇا، کين جيسيءَ کي اهو سڀ ڪجهه اوچتو ٻڌائڻ گهربو هو؟“

هوٽل پهچي، هن هڪ جوان کان پڇا ڪئي، جو پنهنجيءَ ڪار جي مشن تي جهڪيو بيٺو هو.

”اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي مري ويو!“ هن ورندي ڏني.

ڊئرو صدمي کان موڳو ٿي ويو.

”ڀلا کيس ڌڪ ڏاڍا لڳا هئا ڇا؟“

”نه، پر رت ڪافي نڪتو هوس.“ نوجوان وراڻيو. ”هن جي سٿر ۽ پٺيءَ ۾ چڪ پيل هئا. ٽي لانچون ڄرڪي پٺيان ويون آهن.“

ڊئرو ٿوري دير ٽڪريءَ تي ترسيو، ۽ پاڻيءَ جي مٿاڇري مان نڪرندڙ چنڊ کي تڪيندو رهيو. هن کي گهر وڃڻ جي تڪڙ ڪانه هئي. گهر پهچڻ سان ئي مٿس سوالن جو وسڪارو ٿي ويندو. هن نه پئي چاهيو ته ڪو ٻارن يا مارگريٽ کي به اهو صدمو پهچي، جيڪو سندن ذهن تي تيزيءَ سان اثر ڪري رهيو هو. زرد ۽ ٿڪل چانڊوڪيءَ ۾ بتيلن جون بتيون لڏي لمي رهيون هيون. ڪل ٽي ڊُونڍيون هيون، جيڪي ڪناري کان پري، ڪٿي لڪل ڄرڪي جي تلاش ۾ ويل هيون.

”اهي ڊونڍيون اسان کي مصيبت کان بچائڻ لاءِ نڪتيون آهن.“ ڊئرو ويچاريو. هن جي ذهن ۾ سندس ننڍڙا ٻار اچي ويا، جيڪي سمهڻ مهل دعا گهري رهيا هئا.

جڏهن ه گهر پهتو ته در وٽ مارگريٽ کي پنهنجو منتظر ڏٺائين. اڇيءَ پوشاڪ ۾ هوءَ هڪ پريءَ وانگر پئي نظر آئي، هوءَ ڪافي منجهيل هئي.

”تون ڪيڏانهن نڪري ويو هئين؟ منهنجو ته ساهه سُڪي ويو هو! ٽب ته هٿن مان نڪتي پئي ويئي!“

مارگريٽ سندس ڀاڪر ۾ ڪري پيئي. هن محسوس ڪيو ته هوءَ سڄي ڪنبي رهي هئي.

”ٽب!“ هن وائڙو ٿي پڇيو، ”ڇو ڇا ٿيس؟“

”ٻيئي ٻارڙا ملول آهن،“ مارگريٽ چيو. ”سخت اداس! اهو سڀ ڪجهه گلر جي ڪري ٿيو. هو ان سان رستي تي راند ڪڏي رهيا هئا ته ان مٿان موٽر ڪار لنگهي ويئي. سڄي شام روئي روئي اکيون کڻي سڄايون اٿن.“ وري هنن کي ڪا جيئري شيءِ نه ڏجان، ”ڪڏهن به نه!“

هوءَ ڪافي پريشان ۽ گهٻرايل هئي. جڏهن هو ڏاڪڻ چڙهي رهيا هئا ته ڊئرو هن جو سمورو بار پاڻ تي محسوس ڪيو. گهر ۾ خاموشِ ۽ اُٻاڻڪائي پسجي رهي هئي. ٻآرن جي ڪمري ۾ بتي ٻري. هو ٻيئي هڪڙي ئي هنڌ تي سُتا پيا هئا- ڄڻ ته همدرديءَ وچان هڪ ٻئي ڏانهن ڇڪجي آيا هئا. هو ننڊ ۾ هئا، پر سندن چڇهرن تي ڏک جون ريکائون ظاهر هيون. پيٽر جو هٿ کليو، سَوڙ جي مٿان رکيو هو. ٽب جي ڳلن تي ڳوڙهن جي آلاڻ اڃا تائين ظاهر هئي. جيئن ئي ڊئرو منهن ڦيرايو، ته ٽب ننڊ ۾ هڪ هلڪو سڏڪو ڀريو، ۽ سندس اک مان هڪ ڳوڙهو وهي، نڪ تان لنگهي، هيٺ ڪِري پيو.

”ٺيڪ آهي.“ هن مارگريٽ کي چيو، ”ڳڻتي نه ڪر، صبح تائين سڀ ڪجهه وسري ويندن.“

رات جو جڏهن هو باغيچي ۾ سگريٽ ڇڪي پسار ڪري رهيو هو، ته سندس نظر در جي ٻاهران هڪ ڪاري چِٽَي تي وڃي پيئي. هن گهوري نهاريو. اهو گلر جو جسم هو، چچريل ۽ بدصورت. ’بهتر ٿيندو ته ان کي پوري ڇڏجي.‘ اهو سوچي، هن مئل ڪتو کنيو ۽ جاءِ جي پٺيان ويو. هو ڪجهه اڳتي وڌي، اوچتو بيهي رهيو. ويجهو ئي، هن ڪو سايو ڏٺو. اها جيسي هئي جا پاسي ڀر ليٽي پيئي هئي. سندس منهن ٻانهن ۾ لڪل هو، ۽ سڄو جسم پٿر وانگر ساڪت هوس. ڊئرو پنهنجي اندر ۾ جذبات جي هڪ گرم وهڪ محسوس ڪئي، جا سندس دماغ کي ٽچڪائي، ڦلوڪڻا پيدا ڪري رهي هئي، جيڪي وڌي آخر ڦاٽي پيا هئا.

”زندگي...!“ اوندهه ۾ ڪوڏر لاءِ هٿوراڙيون هڻندي، سندس ذهن ۾ هڪ جهڪو ۽ مبهم خيال آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com