سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :16

الينگزينڊر پُشڪِن

نشانو

”اسان هڪ ٻئي تي پستول هلايو“- باراتينسڪي.

”مون قسم کنيو هو ته آءٌ ڊوئيل جي قانون مطابق هن کي قتل ڪندس ۽ مون هن لاءِ هڪ گولي محفوظ رکي.“- بائواڪ.

(1)

اسين هڪ ننڍڙي شهر ۾ لٿل هئاسون. هر ڪنهن کي معلوم آهي ته فوجي عملدارن جي روزمره جي حياتي ڪهڙي قسم جي هوندي آهي. صبح جو پريڊ، گهوڙيسواريءَ جي سکيا، ٻنپهرن جو ريجمينٽ جي ڪمانڊر سان يا ڪنهن يهوديءَ جي هوٽل ۾ ماني کائڻ ۽ شام جو پتن- راند يا شراب نوشي. انهيءَ ننڍڙي شهر ۾ ڪوبه اهڙو گهر نه هو، جتي وڃجي ۽ نه وري ڪا شادي ڪرڻ جهڙي ڇوڪري هئي. اسين هڪ ٻئي جي ڪوارٽرن ۾ اچي گڏ ٿيندا هئاسون، جتي پنهنجين وردين کي ڏسڻ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نظر نه ايندي هئي. اتي اسان جي سنگت ۾ هڪ شخص اهڙو به هو، جنهن جو فوج سان ڪوبه واسطو نه هو. هن جي عمر اٽڪل روءِ پنجٽيهه ورهيه کن هئي. تنهن ڪري اسين هُن کي هڪ بزرگ ڪري ليکيندا هئاسون. زندگيءَ جي تجربي سبب هن کي اسان تي برتري حاصل هئي. انهيءَ شخص جي اُداس طبيعت، کهري مزاج ۽ بدڪلاميءَ جي عادت، اسان جهڙن ڪيترن نيڪ نيت رکندڙ نوجوانن تي اثر وڌو هو. هن جي زندگيءَ سراسر اسرار هئي، ۽ جيتوڻيڪ هو ڏسڻ ۾ روسي ٿي لڳو، پر سندس نالو روسين جهڙو نه هو. ڪنهن زماني ۾ هن فوج ۾ به نوڪري ڪئي هئي، ۽ وڏي عهدي تي فائز هو. پر الائي ڪهڙي سبب ڪري هن اها نوڪري ڇڏي ڏني، ۽ انهيءَ گمنام ۽ ويران وسنديءَ ۾ گوشي نشينيءَ جي زندگي گذارڻ لڳو. ساڳئي وقت هن جي فضول خرچي به مشهور هئي. هو سدائين پنهنجيءَ جاءِ ۾ اوور ڪوٽ پايو پيرين پيادو پيو هلندو هو، پر اسان جي ريجمينٽ جي سڀني عملدارن جي آڌر ڀاءُ لاءِ سندس دسترخوان لڳو ئي پيو هوندو هو. اهو به درست آهي ته انهيءَ مهمان نوازيءَ وقت، کاڌي جا ٻه ٽي قسم موجود هوندا هئا، جيڪي هڪ پراڻُ فوجي تيار ڪندو هو. وٽس شئمپين جي به ڪا کوٽ ڪين هوندي هئي. ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هن جي آمدني ڇا آهي ۽ ڪٿان ٿي اچي، ۽ نه وري ڪنهن انهيءَ بابت کانئس ڪڏهن پڇڻ جي همت ئي ڪئي. هن وٽ ڪيترائي ڪتاب پڻ هوندا هئا، جن ۾ ڳچ ڪتاب فوجي تعليم بابت هئا، ۽ ڪي ناول هئا. هو ماڻهن کي خوشيءَ سان اهي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو، ۽ وري ڪڏهن به هنن کان واپس نه گهرندو هو. ساڳئي وقت هو به جيڪڏهن ڪنهن کا ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺندو هو، ته ان کي موٽائي اصل نه ڏيندو هو. سندس دلپسند شغل هو پستول سان نشاني بازي ڪرڻ. گهر جون سڀيئي ڀتيون گولين لڳڻ ڪري، ماکيءَ جي ماناري وانگر لڳنديون هيون. هو جنهن ننڍڙي ۽ ڪچي گهر ۾ رهندو هو، انهيءَ جي سڀ کان وڌيڪ ڏسڻ جهڙي شيءِ هئي سندس قيمتي ۽ شاندار پستول. نساني بازيءَ تي هن کي ايڏي ته مهارت حاصل هئي ۽ هن جو نشانو ايترو ته ٺيڪ هوندو هو، جو جيڪڏهن هو ڪنهن جي مٿي تي ناسپاتي رکي، ان تي گولي هلائڻ جو خيال ڪندو هو، ته انهيءَ لاءِ اسان جي ريجمينٽ جو هرهڪ عملدار پاڻ کي پيش ڪندي، خوشي محسوس ڪندو هو.

اسان جي ڳالهه ٻولهه ڦري گهري اچي ڊوئيل تي پهچندي هئي. پر سلويو (آءٌ انهيءَ شخص کي ان نالي سان سڏيندس) انهيءَ ۾ ڪوبه حصو نه وٺندو هو. جيڪڏهن ڪو کانئس پڇندو ه، ته تو به ڪڏهن وئيل لڙائي ڪئي؟ ته ڏاڍي خشڪ نموني ۾ جواب ڏيندو هو، ”هائو، آءٌ ڊوئيل وڙهيو آهيان.“ پر هو ڪڏهن به ان باري ۾ تفصيل سان ذڪر نه ڪندو هو. انهيءَ مان ظاهر هو ته ان موضوع تي سوال- جواب کيس پسند نه هو. اسين انهيءَ نتيجي تي پهتاسون، ته ضرور ڪو هن جي بي خطا نشاني جو شڪار ٿيو آهي، جنهن ڪري هن جي ذهن تي هو حاثو هڪ بار ٿي پيو آهي. اسان مان ڪنهن کي به اهو خيال نه آيو ته انهيءَ ذڪر کان پسو ڪرڻ جو سبب بزدلي ٿي سگهي ٿو. ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جو ٻاهريون ڏيک اهڙن شڪن کي ذهن ۾ اچڻ نه ڏيندو آهي. پر پوءِ اوچتو هڪ اهڙو واقعو ٿي پيو، جنهن اسان سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.

هڪ رات اسان مان ڏهاڪو عملدار، سلويو وٽ ماني کائڻ لاءِ آيل هئا. اسان سڀني هميشه وانگر حد کان وڌيڪ شراب پيتو. ماني کائڻ کان پوءِ اسان سڀني پنهنجي ميزبان تي زور رکيو ته پتي- راند ڪرڻ وقت هو اسان جي پسئن جي سنڀال ڪري. پهرين ته هن گهڻُ ئي نٽايو، ڇاڪاڻ ته پتن جي راند هو ورلي ڪندو هو. پر پوءِ هُن پتا گهرايا ۽ ڏهن ڏهن روبلن جا پنجاهه سڪا ميز تي پکيڙي، پتا ورهائڻ شروع ڪيا. انهيءَ تي سڀئي هن کي ڦري ويا ۽ راند شروع ٿي. سلويو جي عادت هوندي ئي ته پتي- راند ڪرڻ وقت هو بلڪل ماٺ ڪر يويهدنو هو، نه ڪنهن ڳالهه کي رد ڪندو هو، نه پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه چوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن شرط رکندڙ کان ڪا غطلي ٿيني هئي ته سلويو، يا ته هڪدم پئسا ڏيندو هو، يا اُها رقم ڪاغذ جي پُرزي تي لکي ڇڏيندو هو. اين سڀئي هن جي انهن اصولن کي ڄاڻندا ۽ مڃيندا هئاسون. اتفاق سان انهيءَ ڏينهن، اتي هڪ اهڙو آفيسر به آيل هو، جيڪو ريجمينٽ ۾ نئون نئون آيو هو. راند ڪندي هن بيخياليءَ ۾ شرط جو اگهه وڌائي ڇڏيو. عادت مطابق سلويو چاڪ جي ٽُڪريءَ سان اگهه درست ڪيو. انهيءَ آفيسر ايئن سمجهيو ته هن غلطيءَ سان ائين ڪيو اهي، سو لڳو حجت ڪرڻ. پر سلويو ٻڌو اڻٻڌو ڪري، خاموشيءَ سان راند ڪندو رهيو. آفيسر کان به رهيو نه ٿيو ۽ هن سلويو جي انگن کي برش سان ڊاهي ڇڏيو. سلويو به چاڪ کڻي وري اُهي انگ لکي ڇڏيا. ٻيا آفيسر ته کايو پيو ويٺا هئا ۽ هنن لاءِ اهو رؤنشو ٿي آيو، سو وٺي ٽهڪ ڏنائون، جنهن تي اهو آفيسر ڦِڪو ٿي وڌيڪ ڪاوڙ ڪرڻ لڳو. هُن سلويو جي انهيءَ ڳالههه کي پنهنجي بيعزتي سمجهي ۽ ميز تي رکيل پتل جوشمعدان کڻي سلويو ڏانهن زور سان اڇلايو. پر سلويو ذري گهٽ بچي ويو. انهيءَ واقعي تي اسين سڀيئي حيران تي وياسون. سلويو جو منهن ڪاوڙ وچان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اکين مان اُلا نڪرڻ لڳس. وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ، هن پنهنجيءَ ڪاوڙ کي روڪيندي رڳو ايترو چيو ”مهربان! تون هينئر جو هينئر هتان هليو وڃ ۽ پنهنجي خوش قمستيءَ تي شڪر ڪر جو هيءَ حادثو منهنجي گهر ۾ ٿيو آهي.“

انهيءَ حادثي ٿيڻ کان پوءِ، اسين پنهنجي بدنصيب دوست کي بنهه مُئل سمجهندا هئاسون. ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر هئي ته انهيءَ حادثي جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو. اُهو آفيسر هڪدم ائين چوندو ٻاهر هليو ويو ته ”آءٌ هر وقت انهيءَ بيعزتيءَ جي وير وٺڻ لاءِ تيار آهيان.“ هن جي وڃڻ کان پوءِ به ٿوريءَ دير تائين راند ٿيندي رهي، پر سڀني کي محسوس پئي ٿيو ته اسان جي ميزبان جي دل راند ۾ نه پئي لڳي، تنهن ڪري هڪ هڪ ٿي اسين سڀئي موڪلائي وڃڻ لڳاسون. ڪئمپ ڏانهن وڃڻ وقت اسان رڳو اهي ڳاهيون پئي ڪيون ته ليفٽيننٽ جي موت کان پوءِ ڏسجي ته هن جي جاءِ تي ٻيو ڪير ٿو اچي؟

ٻئي ڏينهن، گهوڙيسواريءَ جي سکيا وقت اسين هڪ بئي کان ليفٽيننٽ جي خير و عافيت پڇي رهيا هئاسون، ته ايتري ۾ هو پاڻ به اچي ويو. اسان هن کان حال احوال ورتو. هن جواب ڏنو ته، ”اڃا تائين ته مون وٽ سلويو وٽان ڪو پيغام وغيره ڪونه پهتو آهي.“ انهيءَ تي سڀني کي حيرت لڳي. خير، اسين اُتان واندا ٿي سلويو جي گهر وياسون. ڏسون ته هو دروازي تي لڳل تاش جي هڪ پتي تي پستول مان گوليون پيو هلائي. هيمشه جيان هن اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. گذريل رات واري واقعي جو ته هن ذڪر به ڪونه ڪيو. اهڙيءَ طرح، ٻه ٽي ڏينهن ٻيا به لنگهي ويا. ليفٽيننٽ صحيح سلامت موجود هو. هر ڪنهن کي زبان تي اها ڳالهه هئي ته آخر معاملو ڇا آهي؟ شايد سلويو ڊوئيل وڙهڻ نٿي گهريو، ۽ ٿيو به ائين. ليفٽيننٽ ٿوري گهڻي عذر خواهي ڪئي ۽ سلويو به هن کي معاف ڪري ڇڏيو.

انهيءَ واقعي جي ڪري اسان نوجوانن جي نظرن ۾ سلويو جي عزت ڪِري پيئي، ڇاڪاڻ ته اسان جي خيال ۾ شجاعت ۽ بهادري اعليٰ صفتون هيون، جن جي ڪري ٻين سڀني خامين جي پرده پوشِ ٿي سگهي ٿي. پر پوءِ آهستي آهستي اهو واقعو اسان کان به وسري ويو ۽ سلويو لاءِ اسان جي دلين ۾ اها اڳوڻي عزت قائم ٿي ويئي.

البت، منهنجي دل انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪرڻ کان ڪيٻايو. انهيءَ جو سبب شايد هيءُ به هو ته منهنجي طبيعت رومان پسند هئي. ٻين آفيسرن جي ڀيٽ ۾ آءٌ انهيءَ شخص ۾، انهيءَ ڪري ڪشش محسوس ڪندو هوس، جو هن جي زندگي هڪ سربَستو راز هئي.  مون کي هو ڪنهن اسرار ڀريءَ ڪهاڻي4 جو هيرو لڳندو هو. هن جو به ٻين جي ڀيت ۾، مون سان وڌيڪ تعلق هو، ڇاڪاڻ ته رڳو مون سان ئي هو کِل ٺٺولي ڪرڻ بدران، ٻين ڪيترن ئي مسئلن تي سادي سودي ۽ دلنشين انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندو هو. پر انهيءَ واقعي جي ڪري، هو منهنيج نظرن ۾ ڪِري پيو هو. مون کي رکي رکي اهو ئي خيال ستائيندو هو ته هن پنهنجي بيعزتيءَ جي بدلي وٺڻ کان ڇو لَنوايو؟ تنهن ڪري هن سان نظرون ملائيندي به مون کي شرم پيو محسوس ٿيندو هو. سلويي زمانو ڏٺو هو. هو منهنجيءَ روش مان، مهنجيءَ دل جي ڳالهه کي سمجهي ويو. ائين ٿي لڳو ته اءِن ڪري هن کي دلي رنج پهتو هو. مون کي هڪ- ٻه ڀيرا اهو به محسوس ٿيو ته هو انهيءَ بابت ڪجهه چوڻ گهري ٿو. پر مون هن کي ڪوبه اهڙو موقعو نه ڏنو. انهيءَ کان سواءِ، هن سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ کان به آءٌ لَنوائڻ لڳس. سلويي به مون کي پنهنيج حال تي ڇڏي ڏنو. هاڻي آءٌ پنهنجن ساٿين جي موجودگيءَ ۾ هن سان ملندو هوس، ۽ اسان جون پهريون صاف ۽ سچيون صحبتون صفا ختم ٿي ويون هيون.

اُحي ماڻهو جيڪي وڏن شهرن ۾ آرام ۽ آسائش جا عادي هوندا آهن. تن کي انهن احساسن جي لذت جي ڪهڙي ڄاڻ، جيڪي ڳوٺڻ ۽ ٻهراڙيءَ جي رهاڪن جي زندگيءَ ۾ اهميت رکن ٿا، مثال طور: خط جو انتظار. اڱاري ۽ جمعي جي ڏينهن، ريجمنيٽ جي هيڊ ڪوارٽر ۾ آفيسرن جو ميڙو لڳي ويندو هو. ڪنهن کي ڏسو ته پئسن اچڻ جي اميد ڪيو ويٺو آهي، ڪو خط ملڻ لاءِ بيتاب آهي، ڪنهن کي اخبارن ۽ رسالن جو انتظار آهي. آفيسرن ۾ ايتري ته بي صبري هوندي هئي، جو ڪيترائي خط اُتي کولي پڙهيا ويندا هئا، هڪ بئي کي خبرون ٻڌايون وينديون هيون. سلويو جا خط پٽ به ريجمينٽ جي ٽپال سان گڏ ايندا هئا. تنهن ڪري ٽپال وارن ڏينهن تي هو به اتي موجود هوندو هو. هڪ ڀيري هن جي نالي هڪ خط آيو. جيڪو هن کي ڏنو ويو. هن ڏاڍيءَ بي صبريءَ سان لفافي جي مهر ڀڳي. خط جي مضمون تي نظر پوندي ئي هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون. ڪي آفيسر پنهنجن پنهنجن خطن پڙهڻ ۾ اهڙا ته رُڌل هئا، جو ڪنهن جو به هن ڏانهن ڌيان وڃي نه سگهيو. ايتير ۾ هن سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي چيو، ”صاحبو! ڪن ضروري حالتن جي ڪري آءٌ جلد ئي هتان وڃڻ گهران ٿو. مون کي اُميد آهي ته اوهان سڀئي اڄ مون سان آخري ڀيرو ماني کائڻ کان انڪار نه ڪندؤ. آءٌ اوهان سڀني جو انتظار ڪندس.“ پوءِ مون ڏانهن ڏسندي، چياِن، ”تون ضرور اچجانءِ.“ ائين چئي، هو تڪڙو تڪڙو هيڊ ڪواٽر جي عمارتن مان ٻاهر هليو ويو. اسين به سلويو جي گهر هڪ ٻئي سان ملڻ جو وعدو ڪري، پنهنجن پنهنجن ڪواٽرن ڏانهن روانا ٿياسونن.

آءٌ مقرر وقت تي سلويو وٽ پهتس، ته اتي ساري ريجمينٽ موجود هئي. سلويو جو سڄو سامان ٻَڌو رکيو هو، ۽ چؤطرف گولين سان پروڻ ٿيل ڀتين کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو. اسين سمورا کاڌي جي ميز وٽ وڃي گڏ ٿياسون. اسن جي ميزبان جي طبيعت ان وت موج ۾ هئي. هن جي خوش مزاجيءَ اسان اتي به اثر ڪيو. چوڌاري ٻاٽلين جا ٻُوچ اڏامڻ لڳا، گلاسن ۾ شراب ڇلڪڻ لڳو ۽ اسين پنهنجي ٻاهر ويندڙ دوست جي سلامتيءَ ۽ ڪاميابيءَ لاءِ جام مٿان جام خالي ڪرڻ لڳاسون. اهڙيءَ طرح، رات ٿي ويئي ۽ اوندهه وڌڻ سبب اسين ٿياسون ۽ پنهنجون پنهنجون ٽوپوين پائڻ لڳاسون. سلويو هر هڪ مهامن سان هٿ ملايو. مون سان هٿ ملائڻ وقت هن منهنجي هٿ کي زور ڏيندي، آهستي چيو، ”مون کي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“ سو، آءٌ ويندي ويندي ترسي پيس.

هڪ ٻئي ڏٺيان سڀيئي مهمان موڪلائي ويا، باقي اسين ٻه ڄڻا وڃي رهاسيون. اسان پنهنجا پنهنجا پائپ دکايا. سلويو ڪنهن اندورني عذاب سبب بيقرارهو. شام جو جيڪا زندهه دلي هن ڏيکاري هئي، اها هاڻي گم ٿي ويئي هئي، ۽ ان جي بدران سندس منهن تي مايوسي هئي. البت، هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون هيون. پائيپ جي ڪاري دُونهين جي گول گول ڇَلنن جي وچ ۾ هو بلڪل ڀوائتي مخلوق پئي معلوم ٿيو. ٿورن منٽن کان پوءِ، سلويو خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو، ”ڪهڙي خبر جو اڄ کان پوءِ اسين وري پاڻ ۾ ملي سگهون يا نه! تنهن ڪري وڃڻ کان پهرين مون توسان ڪي ڳالهيون ڪرڻ گهروين ٿي. اها ته توکي اڳي ئي خبر آهي ته آءٌ ڪنهن جي راءِ جي ذري ڀَر به پرواهه نه ڪندو آهيان، پر سچ پڇين ته آءُ توکي پسند ڪندو آهيان. جيڪڏهن تون من هنجي باري ۾ ڪنهن غلط فهميءَ ۾ رهجي وئين ته مون کي رنج ٿيندو.“

هو ٿورو ترسيو ۽ پائيپ ۾ تماڪ ڀرڻ لڳو. آءٌ چپ چاپ زمين کي گهوريندو رهيس.

”توکي يقيناً تعجب ٿيو هوندو ته مون انهيءَ ڏينهن، شراب جي نشي ۾ چُور انهيءَ وات- ڳاڙهي ڇوري کان پنهنجي بيعزتيءَ جو وير ڇو نه ورتو؟ جيتوڻيڪ انهيءَ وقت هن جي حياتي منهنجي هٿ ۾ هئي ۽ جيئن ته مون کي هٿيار چونڊڻ جو حق به هو، تنهن ڪري مون کي ڪنهن قسم جو خطرو به نه هو. آءٌ جيڪڏهن گهران ته توکي انهيءَ غلط فهميءَ ۾ وجهي سگهان ٿو ته انهيءَ ڏينهن منهنجو صبر ۽ درگذر ڪرڻ منهنجي اعليٰ ظرفيءَ جو دليل هو. پر آءٌ توکي ڌوڪو ڏيڻ مناسب نٿو سمجهان. جيڪڏهن آءٌ پنهنجي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهڻ کان سواءِ، هن کي سزا ڏئي سگهان ها، ته هوند هن کي ڪڏهن به معاف نه ڪريان ها.“

سلويو جي انهيءَ اعتراف مون کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. هو اڃا به ڳالهائيندو رهيو.

”هائو، آءٌ پنهنجي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهڻ جو حق نٿو رکان، ڇهه سال اڳ، هڪڙي شخص منهنجي مهن تي ٿڦڙ هنيو هو، ۽ منهنجو اهو دشمن اڃا تائين جيئرو آهي. انهيءَ بيعزتيءَ جي وير وٺڻ کان اڳ، پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن خطري ۾ وجهڻ نٿو گهران.“

منهنيجءَ دل ۾ اُڻتڻ پيدا ٿيڻ لڳي ته آخر معاملو ڇا آهي. اهو سوچي مون هن کان پڇيو، ”تون ان وقت هن سان ڊوئيل نه وڙهئين؟ شايد ڪنهن سبب ڪري ڊوئيل وڙهڻ کان سواءِ توکي اتان واپس اچڻو پيو؟“

”آءٌ هن سان ڊوئيل وڙهيو هئس.“ سلويو جواب ڏنو، ”انهيءَ جو ثبوت اڃا تائين مون وٽ حفاطت سان رکيو آهي.“

هو پنهجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ دفتريءَ جي دٻي مان هڪ ڳاڙهي ڀرت واري فوجي توپي ڪڍيائين. جنهن ۾ گلنجو ڦندڻ لڳو هو. هن اها ٽوپي پنهنجي نمٿي تي رکي ۽ مون ڏٺو ته مٿي کان انچ کن مٿي، اُن ۾ گوليءَ جي آرپار نشان هو.

سلويي پنهنجي ڳالهه بيان ڪندي وڌيڪ چيو ته. ”توکي شايد ڄاڻ هجي ته آءٌ ڪنهن زماني ۾ ’ن‘ ريجمينٽ ۾ هئس. تون منهنجيءَ طبيعت مان واقف آهين ته آءٌ هر ڳالهه ۾ سڀني کان اڳيان رهڻ گهران ٿو. جوانيءَ ۾ ته منهنجي طبيعت ۾ جوش هو ۽ هر ڳالهه ۾ اڳرائي ڪرڻ جو مون کي جنون هو. انهيءَ زماني ۾هر روز ڪونه ڪو فتنو فساد ٿيندو ئي رهندو هو. ۽ مون کي فسادين جو سر مک سمجهيو ويندو هو. اسين بدمستيءَ ۽ بدهوشيءَ تي فخر ڪندا هئاسون. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀري آءٌ مسهور شڙابي، بورتسوف کي به شَهه ڏئي ويو هئس. هيءَ اهو ئي بورتسوف آهي، جنهن کي شاعر ”دنيس داويدوف“ پنهنجي ڪلام ذريعي سدا حيات ڪري ڇڏيو آحي. ان وقت اسن جي ريجمينٽ ۾ هر روز ڊوئيل وڙهيا ويندا هئا، ۽ ڪو به اهڙو ڊوئيل نه ٿيندو هو، جنهن ۾ مون کي دخل نه هجي. منهنجن يارن دوستن مون کي آسمان تي چاڙهي ڇڏيو هو. پر ريجمينٽ جي ڪمانڊر لاءِ آءُ هڪ مصيبت هوندو هئس.

”اهڙيءَ طرح، مون وڏي طمطراق سان شهرت ۽ مشهوري4 جا مزا پئي ماڻيا ته اسان جي ريجمينٽ ۾ هڪ نئون آفيسر ڀرتي ٿي آيو. هو هڪ وڏي خاندان جو فرد هو. مون اڄ تائين هن جهڙو خوش قسمت ماڻهو نه ڏٺو. جواني ۽ ذهانت، خوبصورتي ۽ جوانمردي، شهرت ۽ ناموس، مطلب ته اها ڪهڙي خوبي هئي، جيڪا هن ۾ نه هئي؟ هو رپيا پانيءَ وانگر وهائيندو هو ۽ معلوم ٿيندو هو ته وٽس قاروني خزانو آهي، تون پاڻ ويچار ڪر ته اهڙي ماڻهوءَ جو ٻين تي ڪيترو نه اثر ٿيندو هوندو. منهنجيءَ شهرت جو ستارو لهڻ لڳو. پهرين پهرين ته هن منهنجي شهرت ٻڌي، مون سان دوستي رکڻ جو خيال ڏيکاريو، پر نمون انهيءَ خيال کي اهڙيءَ بيپرواهيءَ سان نظر انداز ڪري ڇڏيو، جو ان کان پوءِ هن به مون ڏانهن ڪو ڌيان ڏيڻ مناسب نه سمجهيو. مون هُن سان سخت نفرت ۽ دشمني ٿي پيئي. ريجمينٽ جي عملادرن ۽ عورتن ۾ هن جي هر دلعزيزي ۽ ڪاميابي مون کان هرگز ڏٺي نه ٿيندي هئي. آءٌ هر هنڌ هن کي چيڙائڻ ۽ هن سان جهيڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ۽ هن تان چٿرون ڪندو هئس. پر انهيءَ تي هو ڪونه ڪو اهڙو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيندو هو، جو آءٌ پريشان ٿي ويندو هئس. هن جي جملن ۾ سنجيدگيءَ ۽ مزاج جي چاشني هوندي هئي، ۽ منهنجا جملا وري ٺٺوليءَ ۽ ضد جي زهر ۾ ٻڏل هوندا هئا. پوءِ هڪ ڏينهن هيئن ٿيو. جو اسين هڪ پولش جاگيردار وٽ ناچ جي محفل ۾ ويل هئاسون، مون ڏٺو ته اتي جيڪي به عورتون موجود هيون، سي سڀيئي انهيءَ آفيسر مٿان پروانن وانگر پئي قربان ٿيون. اهو ڏسي، منهنجيءَ دل ۾ حسد ۽ ڪيني جي باهه ڀڙڪي اوثي. گهر جي مالڪياڻي به (جيڪا پهرين منهنجي عشق ۾ ڦاٿل هئي) هن تان گهورَ پئي وئي. مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مون هن جي ڪن ۾ هڪ نهايت ڪِريل ڳالهه چئي ڏني. اها ڳالهه ٻڌي، هن جو منهن ٽامڻي ٿي ويو ۽ هن زور سان منهنيج منهن تي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو. انهيءَ تي ٻنهي طرفن کان تلوارون مياڻن مان نڪري آيون. عورتون ڊپ ۽ هراس وچان بيهوش ٿي ويون. گهڻيءَ مشڪل کان پوءِ، ماڻهن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري ڇڏيو. انهيءَ رات اسان ۾ ڊوئيل ٿيڻ جو فيصلو ٿيو.

ٻئي ڏينهن پِرهه ڦٽندي ئي آءٌ پنهنجن ٽن ساٿين سميت مقرر جاءِ تي پهچي ويس، ۽ پنهنجي دشمن جو انتظار ڪرڻ لڳس. بهار جي مند هئي. سج سويل ئي نڪري ظاهر ٿيو هو. جنهن ڪري ٿوري گرمي پئي ٿي. ايتري ۾ مون هن کي پري کان ايندو ڏٺو. هو پنڌ پئي آيو. سندس هٿ ۾ تلوار هئي ۽ ساڻس گڏ فقط هڪ ماڻهو هو. اسين هن سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌياسون، ته هو پنهنجي توپي هٿ ۾ جهلي. ڏاڍيءَ بيپرواهيءَ سان وڌي آيو. اسان جي دوستن، اسان ٻنهجي جي وچ ۾ ٻارهن- ٻارهن قدمن جو فاصلو ماپيو. پهرين مون کي گولي هلائڻ جو موقعو ڏنو. پر ڪاوڙ ۾ منهنجو سارو بدن اهڙو ته پئي ڏڪيو. جو آءٌ پنهنجي هٿ تي ڀروسو نه ڪري سگهيس. تنهن ڪري مون هن کي پهرين گولي هلائڻ و موقعو ڏنو. هو انهيءَ تي راضي نهج ٿيو. نيٺ پُکي وجهڻ جو فيصلو ٿيو. قدرت کي شايد هن سان ڪو پيار هو، جنهن ڪري پُکو به هن جي ئي نالي نڪتو. هن شست ٻڌي، گولي هلائي، جيڪا منهنجي ٽوپيءَ مان آرپار لنگهي ويئي. هاڻي هن جي زندگي منهنجي هٿ ۾ هئي. آءٌ هن جي اکين ۾ گهوري ڏسڻ لڳس ته جيئن هن جي چهري تي اداسيءَ ۽ مايوسيءَ کي ڏسي سگهان. پر هو ساڳيءَ بيپرواهيءَ سان منهنجي پستول ڏانهن منهن ڪيو بيٺو رهيو. انهيءَ وچ ۾ هو ميوو کائيندو رهيو ۽ ان جون کَکِڙيون مون ڏانهن اڇلائيندو رهيو.ئ مون ويچار ڪيو ته اهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ مان ڇا ملندو، جنهن کي پنهنجيءَ جان جي ڪابه پرواهه نه هجي. وري انهيءَ مهل هڪ شيطاني خيال منهنجي دل ۾ آيو. مون پستول وارو هٿ هيٺ ڪري، کيس چيو ته ’هن وقت اوهان ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ ڏسجو ٿا. اوهان جو ڌيان ڊوئيل ۾ ڪونهي. آءٌ اوهان جي دلپسند شغل، يعني، ميوي کائڻ ۾، رندڪ وجهڻ نٿو گهران.‘

’نه، نه. اوهان منهنجي ڳڻتي نه ڪريو. اوهان منهنجي شغل ۾ ڪابه رندڪ نٿا وجهو. اوهان گولي هلايو، پر جيڪڏهن هنوقت اوهان جي طبيعت نٿي چوي ته وري ڪنهن ٻئي موقعي تي. اهو اوهان جو مون تي قرض آهي، جيڪو جڏهن چوندؤ، لاهي ڇڏيندس.“ هن جواب ڏنو.

آءٌ پنهنجن ساٿين ڏانهن موٽي آيس ۽ چيم ته ’آءٌ هن وقت گولي هلائڻ نٿو گهران.‘ اهڙيءَ طرح، اهو معاملو اتي ختم ٿي ويو.

پوءِ آءٌ فوج سان استعيفا ڏيئي. هِن گمنام گوشي ۾ اچي رهيس. پر انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين ڪوبه اهڙو ڏينهن نه ٿيو آهي. جڏهن منهنجيءَ دل ۾ وير وٺڻ جي باهه اجهامي هجي. بس اهوئي هڪڙو خيال، اهو ئي هڪڙو فڪر، منهنجي زندگيءَ جو مقصد وڃي رهيو آهي. نيٺ اڄ اهو ڏينهن به اچي ويو آهي. جنهن جو مون کي ايتري عرصي کان انتظار هو.“

سلويي پنهنجي کيسي مان اهو خط ڪڍيو، جيڪو ان ڏينهن صبح جو کيس مليو هو. هن اهو خط مون کي پڙهڻ لاءِ ڏنو. شايد هن جي وڪيل اهو خط ماسڪو مان هن کي موڪليو هو. ان ۾ لکيل هو ته هڪ خاص شخص جلد ئي هڪ حسين ۽ نوجونا ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ وارو آهي.

سلويي چيو، ”اهو ته تون سمجهي ويو هوندين ته اها خبر ڪهڙي شخص بابت آهي؟ آءٌ هينئر ماسڪو وڃان ٿو. هاڻي ڏسڻُ هيءُ اهي ته اهو شخص پنهنجي شاديءَ واري رات به موت جو ائين بيپرواهي4 سان آڌر ڀاءُ ڪري ٿو، جيئن ڪنهن وقت ميوي کائيندي ڪيو هئائين.“

ائين چئي، سلويو پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو. هن پنهنجي ٽوپي مٿي تان لاهي زمين تي ڦٽِ ڪئي ۽ پنڃري ۾ بند ٿيل شينهن وانگر، هيڏانهن هوڏانهن هلڻ لڳو. آءٌ حيرت ۾ هن جون اهي ڳالهيون ٻڌندو رهيس. ۽ منهنجيءَ دل ۾ طرحين طرحين وهم ۽ گمان پيدا ٿيندا رهيا.

ايتري ۾ نوڪر اچي ٻڌايو ته گهوڙا تيار بيٺا آهن. سلويي وڏيءَ حب سان منهنجو هٿ جهلي زور ڏنو. اسين ٻيئي گلي ملياسون ۽ پوءِ هو گاڏيءَ ۾ ويٺو، جنهن ۾ ٻه ٽرينڪون رکيون هيون. انهن مان هڪ ۾ هن جا قيمتي پستول هئا ۽ ٻيءَ ۾ سندس سامان سڙو پيل هو. اسان وري هڪ ٻئي کي ’خدا حافظ‘ چيو ۽ گاڏي رواني ٿي ويئي.

انهيءَ ڳالهه کي ڪيتارئي سال لنگهي ويا. اڳتي هلي، خانگي ڪمن ڪارين سبب مون کي ضلعي ”ن“ جي هڪ بنهه پُٺتي پيل ڳوٺِڙي ۾ رهائش اختيار ڪرڻي پيئي. اتي مون کي پنهنجيءَ جائداد جو سارو انتظام پاڻ ئي ڪرڻو پيو. آءٌ هميشه پنهنجي اڳوڻيءَ آزاد ۽ بيفڪر زندگيءَ کي ياد ڪري، سچ پچ ته روئندو هئس. خاص ڪري سرءُ ۽ سياري جي مند ۾، جڏهن اڪيلائيءَ جون راتيون گذارڻ عذاب ٿي پونديون هيون. سانجهيءَ تائين ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ وقت گذري ويندو هو. ڪڏهن ڳوٺ جي پريمي مڙس سان ڳالهيون ڪندو هئس ته ڪڏهن پنهنجيءَ جاگير جو گشت ڪري ڏسندو هئس ته ڪم ڪار ڪيئن پيو هلي. يا جيڪي نوان ڪم شروع ڪرايا هئم، اهي وڃي ڏسندو هئس ته ڪٿي پهتا آهن. پر پوءِ اوندهه ٿيندي ئي دل لهي ويني هئي. گهر ۽ گدام جي المارين ۾ جيڪي به ڪتاب پيل هئا، سي ته ڪيترائي ڀيرا پڙهي چڪو هئس. پوڙهي نوڪرياڻيءَ لوونا کي جيتريون به ڳهاڻيون ياد هيون، اهي ڪئين دفعا مون کي ٻڌائي ٻڌائي ٿڪجي پيئي هئي. ڳوٺاڻين عورتن جي ڳيچن جا آواز ٻڌي، منهنجي طبيعت ويتر اُداس ٿي ويندي هئي. امڪان هو ته آءٌ شراب نوشيءَ جو عادي ٿي پوان، پر گهڻي شڙاب پيئڻ ڪري مٿي ۾ سور ٿي پوندو هو. انهيءَ کان سوا3، بيڪاريءَ ۽ ڪاهليءَ کان گهٻرائجي شراب نوشِ ڪرڻ کان مون کي سخت نفرت هئي. اسان جي علائقي ۾ اهڙن تباهه حال شرابين جي ڪمي ڪانه هئي، جيڪي زندگيءَ جي خوشين حاصل ڪرڻ لاءِ، شراب کان ڪم وٺندا هئا. منهنجا ٻه- ٽي پاڙيسري به اهڙن بدنصيبن مان هئا. انهن جي گفتگوءَ ۾ سواءِ کنگهڻ ۽ ٿڌن ساهن ڀرڻ جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو هو. اهڙن ماڻهن جي سنگت کان خدا بچائي! اهڙن شخصن جي دوستيءَ کان ته اڪيلائي غنيمت آهي.

اسان جي ڳوٺ کان چار ميل کن پري، ڪاؤنٽيس ”ب“ جي جاگر هئي، جتي رڳو سندس جاگير جو سنڀاليندڙ رهندو هو. ڪاؤنٽيس پنهنجي شادي4 ٿيڻ کان پوءِ اتي رڳو هڪ ڀيرو ائي هئي. انهي4 ڳوٺ ۾ رهندي، مون کي به هڪ سال کن ٿي ويو هو. اوچتو ٻڌڻ ۾ آيو ته گرمين ۾ ڪاؤنٽيس پنهنجي مڙس سميت پنهنجيءَ جاگير تي ايندي. هوءَ جون مهيني جي شروعات ۾ ئي اتي پهچي ويئي.

ڳوٺن جي رهاڪن لاءِ، ڪنهن رئيس ۽ دولتمند ماڻهوءَ جو پاڙيسري ٿيڻ، هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. اهڙن موقعن تي اوسي پاسي جي ماڻهن ۾ ڪافي وقت اڳ ۾ ئي چو پچو شروع ٿي ويندي آهي ۽ جيڪا ساٿين تائين هلندي رهدني آهي. پاڙي ۾ هڪ خوبصورت ۽ نوجوان عورت جي اچڻ جي خوشخبريءَ، مون تي به ڏاڍو اثر ڪيو. مون کي هن جي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. هنن کي ڳوٺ ۾ ائي هفتو کن ٿيو هوندو. آءٌ، آچر جو ڏينهن هجي. ماني کائڻ کان پوءِ، پنهنجي معزز پاڙيسرين سان ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ ”س“ ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيس.

نوڪر مون کي وٺي وڃي ڪاؤنٽ جي پڙهڻ واري ڪمري ۾ ويهاريو ۽ پاڻ منهنجي اچڻ جي اطلاع ڏيڻ لاءِ اندر هليو ويو. اهو ڪشادو ڪمرو وڏيءَ صفائيءَ، سٺائيءَ ۽ بيحد قيمتي سامان سان سينگاريل هو. ڪتابن سان ڀريل الماريون، ڀتين سان لڳيون رکيون هيون. انهن مان هرهڪ جي مٿان جست جا مجسما رکي هئا. سنگ مرمر جي بخاري تي آدم- قد آئينو لڳل هو، ۽ فرش تي سائو ڪپڙو وڇايل هو، جنهن جي مٿان وري غاليچو پيو هو. پنهنجي غريباڻي گهر ۾ گهڻي وقت تائين رهڻ کان پوءِ، هن مح:ات جي سجاوت ۽ سينگار کي ڏسي، مون تي ڏاڍو رعب پيو. آءٌ ڪاؤنٽ جو انتظار اهڙيءَ ته بيقراريءَ سان ڪرڻ لڳس، جيئن ڪو ڳوٺاڻو عرضدار، شهر ۾ وزير جي اچڻ جو منتظر هوندو آهي. ايتري ۾ دروازو کليو ۽ هڪ ٻٽيهن ورهين جي عمر جو سهڻو شخص، ڪمري ۾ داخل ٿيو. هن جي شخصيت ۾ وڏي سادگي ڏسڻ ۾ آئي. مون پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجو تجعارف ڪرائڻ گهريو، پر ڪاؤنٽ اڳرائي ڪري پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ اسين ويهي رهياسون. اڪيلائيءَ ۾ رهندي منهنجيءَ طبيعت ۾ ٿوري گهٻراهٽ اچي ويئي هئي. پر هن جي سنجيده ۽ دوستاڻي طريقي جي ڳالهه ٻولهه، ٿوريءَ دير ۾ ئي اها گهٻراهٽ غائب ٿي ويئي. عين انهي4 وقت، ڪاؤنٽيس ڪمري ۾ آئي ۽ مون تي پريشانيءَ جو دؤر پوڻ لڳو. هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي. ڪاؤنٽ هن سان منهنجو تعارف ڪرايو. مون پنهنجي بدحواسيءَ کي لڪائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر آءٌ ڪامياب ڪين ٿيس. منهنجي اها حالت ڏسي، هنن پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح گفتگو ڪئي، ڄڻ آءٌ سندن پراڻُ واقفڪار هئس، جنهن جي اڳيان رسمي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ضروري نه هئي. آءٌ پنهنجن حواسن ۾ اچڻ خاطر ڪمري ۾، هيڏانهن هوڏانهن گمڻ ۽ ڀتين تي لڳل تصويرون ڏسڻ لڳس. هوئن ته تصويرن بابت منهنجي ڄاڻ تمام ٿوري آهي، پر هڪريءَ تصوير ۾ ته منهنجون اکيون ڏسندي ئي کُپي ويون. اها تصوير، سئزرلئنڊ جي هڪ خوبصورت نظاري جي هئي ۽ هٿ سان نڪلتل هئي. انهيءَ تصوير ۾ مون کي ڪا فني سُونهن ته نظر ڪانه آئي، البت منهنجو سمورو يڌان گوليءَ جي انهن ٻن نشانن ۾ لڳل هو، جيڪي هڪ بئي جي سڌائي4 ۾ هيٺ مٿي هئا. مون ڪاؤنٽ ڏانهن من هن ڪري چيو، ”واهه! ڪهڙو نه زبردست نشانو آهي! بيشڪ ڪمال جو نشانو آهي!“ هن مون سان اتفاق ڪندي، پڇيو ته ”اوهان جو نشانو ڪيئن آهي؟“ پهريون نمبر!“ مون جواب ڏنومانس. آءٌ خوش هئس ته منهنجي دلپسند شغل تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي هئي. ”آءٌ ٽيهن قدمن جي فاصلي تان تاس جي پتي تي نشانو چُٽي سگهان ٿو. پر شرط هيءُ آهي ته پستول منهنجو پنهنجو هجي.“ مون وڌيڪ وضاحت لاءِ چيو. ”سچ؟“ ڪاؤنٽيس حيرت ۾ پوندي مون کان پڇيو. ان کان پوءِ هن پنهنجي مڙس کان پياري انداز ۾ پڇيو، ”ڇا، اوهان ۾ به ٽيهن قدمن جي فاصلي تان نشانو چٽي سگهو ٿا؟“ ”ڪنهن ڏينهن آزمائش ڪرڻ گهرجي.“ ڪاؤنٽ جواب ڏنو. ”ڪنهن زماني ۾ منهنجو نشانو خراب نه هو. پر چار سال کن ٿيندا ته مون پستول کي هٿ به نه لاتو آهي.“ ”پوءِ ته آءٌ شرط رکان ٿو ته اوهان ويهن قدمن جي فاصلي تان به تاس جي پت تي نشانو چٽي نٿا سگهو. صحيح نشاني باز سمجهيو وينود هو. هڪ ڀيري مون کي پنهنجيءَ ريجمينٽ جو بهترين نشاني باز سمجهيو ويندو هو. هڪ ڀيري مان پنهنجا پستول مرمت لاءِ موڪليا هئا ۽ هڪ مهيني تائين مشق ڪري نه سگهيس. نتيجو هيءُ نڪتو جو جڏهن پستول مرمت ٿي آيا ۽ مون پن جويهين قدمن جي فاصلي تي رکيل شراب جي ٻاٽليءَ جي سست وٺي، گولي هلائي ته نشانو خطا ٿي ويو. اسان جو ڪپتان جيڪو ڏاڍو چرچائي ۽ گهڻ- ڳالهائو هو، چوڻ لڳو ته ”آڙي يار! ڇڏ کڻي، تون شراب جي ٻاٽليءَ کي نشانو بڻائڻ جي بدمذاقي نٿو ڪري سگهيسن.‘ سائينجن کي انهيءَ معاملي ۾ غفلت نه ڪرڻ گهرجي، نه ته ٻيهر مشق ڪرڻي پوندو. مون ته رڳو هڪ شخص جو نشانو سؤ فيصد بي خطا ڏٺو آهي ۽ هو هر روز نشاني چٽڻ جي مشق ڪندو هو. کاڌي کائڻ کان پهرين گهٽ ۾ گهٽ هن لاءِ ٽي دفعا نشانيبازي ايتري ئي ضروري هئي، جهڙو کاڌي کائڻ کان پهرين ووڊڪا جو گلس.“ ڪاؤنٽ ۽ ڪاؤنٽيس خوش هئا ته منهنجي زبان مس مس کُلي هئي. ڪاؤنٽ چيو: ”انهيءَ شخص جي نشاني بازيءَ بابت توکي جيڪي ڪجهه معلوم هجي، ٻڌاءِ.“ ”سائين ڇا ٻڌايان! ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو هُو ڀت تي ڪا مک ويٺل ڏسندو هو، ته ..... اوهان کِلو ٿيو بيگم صاحبه! پر آءٌ جيڪي چوان ٿو، سو بلڪل سچ آهي. آءٌ قسم سان چوان ٿو.... هائو، هو مک کي ڏسي چوندو هو: ‘ڪزڪا، منهنجو پستول ته آڻجانءِ!‘ ڪزڪا ڀريل پستول آڻيندو هو. ٺاآآآ! ۽ ويچاري مک، ڀت تي چپجي ناس ٿي ويندي هئي.“ ”اهو ته ڪمال چئبو! ڇا نالو هو انهيءَ شخص جو؟“ ڪاؤنٽ مون کان پڇيو. ”سلويو.“ ”سلويو!“ ڪا‏ؤنٽ عجب وچان ڇرڪ ڀريو، ”ڇا تون سلويو کي سڃاڻين ٿو؟“ ”هائو، ڇو نه سڃاڻان. اسين ٻيئي گهرا دوست هئاسون. اسان جي ريجمنيٽ ۾ هرڪو هن سان اهڙيءَ طرح ملندو هو، ڄڻ هو به اسان مان ئي هو. پر پنج ورهيه کن ٿيندا جو مون کي هن بابت ڪابه خبر نه پهتي آهي. ڇا، سائينجن به سلويو کي سڃاڻن ٿا؟“ ”آءٌ؟ هائو، آءٌ هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هئس- ڇا، هن ڪڏهن توکي..... پر اها ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي جو هو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ غير معمولي واقعي جو ڪنهن ٻئي سان ذڪر ڪري.“ ”ڇا سائينجن جو انهيءَ واقعي ڏانهن ته اشارو ڪونهي، جڏهن هڪ سر ڦريل نوجوان هن کي چمات هنئي هئي.؟“، ”ڇا، هن توکي انهيءَ نوجوان جو نالو ڪونه ٻڌايو؟“ ”نه سائين.“ ۽ اوچتو مون کي سڄي حقيقت معلوم ٿي ويئي. مون هٻڪندي چيو، ”او! معاف ڪندا.... منهنجو مطلب هو..... مون کي بلڪل خبر نه هئي.... اُهي اوهان هئا ڇا؟“ ”هائو،“ ڪاؤنٽ جي منهن تي ٿوري سختي اچي ويئي هئي. ”هيءَ تصوير منهنجي ۽ سلويو جي آخري ملاقات جي يادگار آهي.“ انهيءَ تي ڪاؤنٽيس چيو، ”هاءِ، هاءِ! انهيءَ حادثي جي ڳالهه منهنجي سامهون ته نه ڪريو. اوهان کي خبر آهي ته انهيءَ جي ڪري مون کي ڪيتري تڪليف ٿي ٿئي.“ ”پر آءٌ ته ضرور ٻڌائيندس. جيڪڏهن هيءُ سمجهي ٿو ته مون هن جي دوست جي بيعزتي ڪئي هئي، ته هن کي اهو ڄاڻن گهرجي ته سلويي ڪهڙيءَ طرح مون کان پنهنجو وير ورتو.“ هن منهنجي لاءِ هڪ آرام ڪرسي ويجهي ڪري رکي ۽ آءٌ اهو قصو غور سان ٻڌڻ لڳس.

”منهنجي شاديءَ کي پنج سال ٿيا آهن. شادي ٿيڻ کان پوءِ، سڄو سارو مهينو اسان هن ڳوٺ ۾ گذاريو. منهنجي زندگيءَ جا تمام سٺا ڏينهن هن ئي ڳوٺ ۾ گذريا آهن. ۽ منهنجي زندگيءَ جو المناڪ حادثو به هن ئي ڳوٺ ۾ ٿيو آهي.

هڪ شام اسين ٻيئي زال مڙس گهوڙن تي سوار ٿي گهمڻ پئي وياسون. رستي ۾ منهنجي زال جو گهوڙو ٽَهڻ لڳو. هوءَ ڊڄي ويئي ۽ گهوڙي جي واڳ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي، پاڻ پيرين پيادو گهر ڏانهن ويئي هلي. آءٌ گهوڙي تي سوار ٿي ٿورو اڳتي نڪري وس. گهر جي ويجهو پهچي ڏٺم ته دروازي جي اڳيان هڪ گاڏي بيٺي هئي. نوڪر ٻڌايو ته ڪو شخص مون سان ملڻ لاءِ پڙهڻ واري ڪمري ۾ انتظار پيو ڪري. پر هن پنهنجي نالي ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو آهي. رڳو ايترو چيو اٿس ته ڪو ضروري ڪم اٿم. آءٌ اندر ويس ته شام جي لُڙاٽيل سوجهري ۾ ڪو ماڻهو نظر آيو. هو مسافريءَ ڪري سارو مٽيءَ ۾ ڀَڀوت هو ۽ سندس سنوارت وڌيل هئي. هو بخاري جي سامهون بلڪل هن جاءِ تي بيٺيو هو. آءُ ويجهووڃي هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. ”ڇا تو مون کي ڪونه سڃاتو، ڪاؤنٽ؟“ هن ڏڪندڙ اواز ۾ پڇيو. ”سلويو!“ مون کان دانهن ڪري ويئي. يقين ڪريو ته هن کي سڃاڻندي ئي منهنجي جسم جا وار اُڀا ٿي ويا هئا. ”هائو، تو بلڪل صحيح سڃاتو. هاڻي منهنجو وارو آيو آهي ته آءٌ گولي هلايان. آءٌ هِت پنهنجو پستول خالي ڪرڻ آيو آهيان. چؤ، تيار آهين؟“ هن جي مٿئين کيسي مان پستول جي نالي ڏسڻ ۾ پئي آئي. مون ٻارهن قدم ماپيا ۽ هن ڪند ۾ ٿي بيٺس. مون هن کي چيو ته جلدي گولي هلاءِ، جيئن منهنيج زال جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي معاملو ختم ٿي وڃي. پر هو دير ڪندو رهيو. پهرين هن بتي آڻڻ لاءِ چيو. خير شمعون آڻي ٻاريون ويون. مون ڪمري جي اندران ڪلف هڻي ڇڏيو. جيئن ڪجهه به ٿئي ته ڪو اندر نه اچي سگهي. پوءِ مون هن کي گولي هڪلائڻ لا3 چيو. هن پستول ڪڍي شست ٻڌي........آءٌ پل پل ڳڻڻ لڳس. زال جو خيال مون کي تڙپائي رهيو هو. توبهه، خوف ۽ هراس جو اُهو هڪڙو پل ڪهڙو نه خوفناڪ هو...... سلويو جو هٿ هيٺ ڪري پيو ۽ هن چيو، ’افسوس جو منهنجي پستول ۾ ميوي جون ککڙيون ڪين آهن، هن جون گوليون ڏاڍيون ڳريون آهن. مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ته آءٌ ڊوئيل ڪونه ٿو وڙهان. پر قتل ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته خالي هٿين ماڻهوءَ تي گولي هلائڻ منهنجو شان ڪونهي. تنهن ڪري انهي4 کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي. ته وري نئين سر ڊوئيل وڙهجي ۽ پُکا وجهجن ته پهرين ڪير گولي هلائي.“ منهنجو ته مٿو پئي ڦريو. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته مون هن جي انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. پر پوءِ خبر نه آهي ته ڪهڙيءَ طرح هڪ بئي جي پستول ۾ به گوليون ڀريون ويون. ڪاغذ جي ٻن پرزن تي ڪجهه لکي، انهن کي ويڙهي سيڙهي انهيءَ ٽوپيءَ ۾ وڌو ويو. جنهن کي هڪ ڏينهن مون نشانو بنايو هو. هن ڀيري به پُکو منهنجي نالي نڪتو. هن هڪڙي اهڙي زهر ڀاريل مرڪ سان، جيڪا آءٌ ڪڏهن به واري نٿو سگهان. چيو، ”ڪاؤنٽ! تنهنجو ڀاڳ ته شيطان کان به سٺو آهي.“ ”اڄ تائين منهنجي سمجهه ۾ ڪونه آيو ته هن مون کي ڪهڙيءَ طرح ان لاءِ تيار ڪيو، ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو جو مون پهرين گولي هلائي، جيڪا هن تصوير تي وڃي لڳي.“ ڪاؤنٽ گوليءَ جي نشانن واريءَ تصوير ڏانهن اشارو ڪندي چيو، هن جو منهن تپي سُرخ ٿي ويو هو. ڪائونتيس جو مُنهن هن جي شال کان به وڌيڪ اڇو هو. منهنجي مُنهن مان رڙ نڪري ويئي.

”مون پنهنجي گولي هلائي.“ ڪاؤنٽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو، ”شڪر آهي جو منهنجو نشانو خطا ٿي ويو. هاڻي سلويو شست ٻڏي.“ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سبب هن جو منهن ڳاڙهو ٽانڊا ٿي ويو. بنهه انهيءَ وقت دروازو کليو ۽ ماشا اندر گهڙي آئي ۽ رَڙيون ڪندي مون سان چنبڙي پئي. هن کي ڏسندي ئي منهنجو مائوف دماغ وري ڪم ڪرڻ لڳو. مون ڏاڍيءَ سانت سان هن کي چيو، ’مٺڙي! تون ڏسين نٿي ته اسين چرچو پيا ڪريون. ڏس ته تو پنهنجي هيءَ ڪهڙي حالت ڪئي آهي. وڃ وڃي پاڻي ٻاڻي پيءُ، پوءِ هِت اچ. آءٌ توکي پنهنجي پراڻي ۽ عزيز دوست سان ملائڻ گهران ٿو.‘ ماشا کي منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار نه آيو.

’ڇا، منهنجو مڙس سچ چوي ٿو؟‘ ماشا همت ڪري سلويو کان پڇيو. ’ڇا اوهان ٻيئي سچ پچ چرچو ٿا ڪريو؟‘ ’هيءُ ته سدائين چرچا ڪندو رهيو آهي، ڪاؤنٽيس! هڪ ڀيري هن چرچي چرچي ۾، منهنجي منهن تي ٿڦڙ هڻي ڪڍيو هو. وري هن چرچي چرچي ۾ پستول جي گوليءَ سان منهنجي ٽوپيءَ کي نشانو بنايو ۽ هينئر به چرچو ڪندي هن گولي هلائي، پر نشان خطا ٿي ويس. هاڻي ته منهجي دل چوي ٿي ته آءٌ چرچو ڪريان.‘ ائين چئي، هن ماشا جي اڳيان مون تي شست ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. ماشا هن جي پيرن تي ڪري پئي. مون کان رَڙ نڪري ويئي. ’ماشا! هيءُ ڇا ٿي ڪرين. اُٿ، توکي شرم نٿو اچي. مهربان! هڪ بيوس ۽ بدنصيب عورت تان ٺٺولي ڪرڻ ڪٿي جي مردانگي آهي؟ اوهان گولي هلائيندا يا نه؟‘ ’نه‘، سلويو جواب ڏنو، ’مون تنهنجي منهن تي خوف ۽ هراس جو پاڇولو ڏسي ورتو. تو مون تي ٻيو ڀيرو به گولي هلائي. هاڻي مون کي اطمينان ملي ويو. منهنجي لاءِ ايترو ئي بس آهي. هاڻي تون مون کي ڪڏهن به وسار ينه سگهندين. آءٌ تنهنجو فيصلو تنهنجي ضمير تي ڇڏيان ٿو.‘ ائين چئي، هو ٻاهر وڃڻ لاءِ در ڏانهن ويو، پر دروازي وٽ بيهي هن انهيءَ تصوير ڏانهن ڏٺو، جنهن تي منهنجي گولي لڳي هئي ۽ سواءِ ڪنهن شست وٺڻ جي هن پستول مان گولي هلائي ۽ گم ٿي ويو. گوليءَ جو آواز ٻڌي، منهنجي زال ته بيهوش ٿي ويئي. انهيءَ واقعي سبب اسان جو نوڪر ايترو ته حيران هو جو سلويو کي روڪڻ جي همت ئي نه ساري سگهيو. سلويو ڪمري مان نڪري، پننهجي سائيس کي سڏ ڪيو. ۽ انهيءَ کان پهرين جو آءٌ پنهنجن حواسن ۾ اچان، هو وڃي چڪو هو.“

ڪاؤنٽ خاموش ٿي ويو ۽ اهڙيءَ طرح مون کي هن عجب جهڙيءَ ڪهاڻيءَ جي خبر پيئي، جنهن جي شروعات مون تي ايتير قدر اثر ڪيو هو. هن ڪهاڻيءَ جي هيرو سان منهنجي وري ڪڏهن به ملاقات نه ٿي سگهي. پر چون ٿا ته ’اليڪساندر اپسلانتيءَ‘ جي بغاوت وقت، سلويو هڪ فوجي دستي جي اڳواڻي ڪئي ۽ اسڪوليانيءَ جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com